سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :10

مدح (نبي ﷺ ۽ صحابه ڪرام)[1]

(الله بخش لغاريءَ جي چيل)

[الله بخش پٽ غلام علي ڪُر ڪلي لغاري، ڳوٺ جعفر لغاري تعلقي سنجهوري ضلعي سنگهڙ جو ويٺل هو. هو هڪ سگهڙ فقير هو، سندس بيت ۽ ظرافت جا نڪتا مقامي طور مشهور آهن، فقير جي هيءَ مدح ڳوٺ جعفر خان لغاري جي مسجد ۾ ڪيترائي سال ثنائيه خطبه طور پڙهي ويندي هئي. فقير الله بخش گذريل عيسوي صديءَ جي آخر ڌاري وفات ڪئي.]

الله آهي هيڪڙو ٻي سڀ جوڙ جبار،

قادر  پنهنجي ڪم ۾ مولو آهي مختيار،

وٽي جا واحد کي سا ٿئي ترت تيار،

ڪوڙين قومون ڪيتريون خلقيون خلقڻهار،

اچي ڪِين امتحان ۾ ليکو تن شمار،

روز رساڻي سڀ کي ڏيهاڻي ڏاتار،

ڪو نه وساري ڪٿهين صاحب رب ستار،

ڪريان مدح محبوب جي گوش ڏيو گفتار،

نرمل پنهنجي نُور مان ڪيو احمد کي اظهار،

موٽائي ’محمد‘ ڪيائين نانءُ سندس نروار،

ڪلمو راس رسول تي ٿيو توڙائين تڪرار،

ٿيو ترهو تار ۾ عاصين جو اُڪار،

ضامن ضعيفن جو اَڪامل قربدار،

صفت تنهن سردار، اچي ڪين عقل ۾.

 

اچي ڪين عقل ۾ تنهن شفيع سندو شان،

مدحون محبوب جون ڪيون قادر منجهه قرآن،

ڏاتر ڏيو ٻاريو هڪ جوڙي منجهه جهان،

ٿيو آڀين ڀُونئين سوجهرو ٻيو شمع نه تنهنجو شان،

ڪِري پيو قدم تي قمر ٿي قربان،

مقابلو محبوب سان نه ڪري شمس شعان،

پَريُون پسڻ پِرَ لئي حورون ٿيون حيران،

بهشت باغ بهاريان سڀ سڄڻ لئي سامان،

واديون وَهن کير جون ماکيءَ منڌ مڪان،

سڀئي ڪوڏ ڪريم کي سينگاريا سبحان،

محل ماڙيون بنگلا ٻيا طرحين طول طومان،

جِنين پاڙو پِرَ سان تنين عيش امان،

جن ڇڏي راهه رسول جي آ دوزخ تن دُخان،

آخر وَئي ان جي ڪونهنِ جس جهان،

چارئي يار رسول جا سونهارا سلطان،

اُڀا هئا ادب ۾ فائق جي فرمان،

داور داڙو دين هوا جنگي جوڌ جوان،

جن ماري مجوسين کي ڪنبايا ڪفران.

سچي صِدق ’صديق‘ هو جو غار گهِڙيو غفران،

سرور سُتو ننڊ ۾ رکي سر سبحان،

دانَهه دريون پُوريون مَدا سڀ مڪان،

باقي بچي هيڪڙي اُتي پير ڏنو پهلوان،

سپ سِرڪي آئيو منجهان تنهن مروان،

وڌائين وات وريام کي جذب وڏي جولان،

پانَهه پير نه چوريو توڙي ڪِيسَ جناور زيان.

ارڏو ’عمر‘ ڄام هو جابر زور جوان،

واحد واريو تنهن کي جڏهن آيو مجهه ايمان،

چڙهيو مير منبر تي هڻي نغارو نيشان،

ڪافر سڀ ڪنبي ويا ٿي حيرت ۾ حيران،

سڀئي مرد مڃائيا جن آندو نا ايمان.

ياور يا ر نبيءَ جو هو عين ولي ’عثمان‘،

جنهن جوڙي جام جمع ڪيو فهميدو فرقان.

’علي‘ آل رسول جي هو سيفي صاف زبان،

واگهه وڙهيو ٿي ويرئين مَلهه وڏي ميدان،

لُوهي لِبيسِن کي سَٽي جئن سيچان،

هڪل حيدرشاهه جي سان ڪوٽ ڪِريا ڪفران،

دانه داٻ دماغ هو مرد مٿاهون مان.

’حسن‘ ’حسين‘ ٻئي گل چمن ۾ هئا عليءَ جا اخوان،

شير شريعت، تن طريقت، حال حقيقت، هون معرفت منجهه مڪان

ڳڻي ڳڻيا ڪيترا شير تني جا شان؟

امت احمد ڄام جي تنهن جا زور ضمان،

الله بخشين بوڇ بُڇايون مون عاصي جا عصيان،

مون تان ڪوڙ ڪمائيو تون رحم ڪرين رحمان،

وجهي ترازي توريان تان کڄي نا ميزان،

ڇُٽان توهه تُراري تنهنجي ساڻ وڏي احسان،

ڪر پاڙو احمد ڄام سان آخر منجهه جهان،

هادي! ويل هلڻ جي زاري ڏيج زبان،

پڙهي ڪلمُو ڪوڏ مؤن اچان ساڻ ايمان.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مدح (نبي ﷺ)[2]

(حاجي خان محمد چنجڻيءَ جي چيل)

[حاجي خان محمد عرف حاجي خانڻ چنجڻي، ڳوٺ ميانداد چنجڻي تعلقي وارهه جو ويٺل هو، سندس وفات کي اٽڪل سٺ سال ٿيندا، وفات وقت سندس عمر اٽڪل 75 ورهيه هئي، انهيءَ حساب سان سندس ڄم 1830ع ڌاري ٿيو هوندو. حاجي خان محمد جي ڪلام جو وڏو حصو مدحن، ڪافين، ڏوهيڙن ۽ سهرن تي مشتمل آهي. هتي سندس ٽي مشهور مداحون ڏجن ٿيون. سنه 1900ع ڌاري ڪنهن ميلي ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ زخمي ٿي پيو ۽ انهي وگهي وفات ڪيائين.]

اسم اول چو ادا حق پاڪ جو، اَبر مُرسل تو اُٺو لولاڪ جو،

ٿيو اَجهو ۽ آسرو غمناڪ جو، ور وسيلو واهرو مشتاق جو.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

هڪ سچو ’صديق اڪبر‘ يار تو، منجهه ڪچهري مصطفى گلزار تو،

هر صبح در گه سندو مختار تو، عشق پنهنجي ۾ ڪيو اظهار تو.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

دوست دلبر دلربا ’عمر امير‘، منجهه محبت سو مثل آ شڪر شير،

ڪين داور ٿي ريو دم دلگير، مون اصل کون آسرو آ دستگير.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

عظم عظمت ’حضرت عثمان‘ جو، حفظ ٿيس حلم و علم سبحان جو،

ڪيئن ڪريان احوال نام و شان جو، راز مخفي ٿيو اٿس رحمان جو.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

شہ ’علي حيدر‘ همت مشهور ٿيو، ڪل ڪفارن کي ڪٽي مشهور ٿيو،

منجهه شرعيت شه ’علي‘ مغفور ٿيو، مخمور ٿيو، مخمور ٿيو، مخمور ٿيو.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

چئن جي جيڪو مڃيندو هيءَ رضا، ڏينهن محشر جي ماڻيندو ڪُل مزا،

رافضي رهزن اتي کائن جفا، جاءِ جهنم جي تنين لئه ٿي صفا.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

چئن جي جيڪو ڪري تعريف ٿو، ’جنت البقيه‘ ماڻيندو مدد سو،

هت هُتي آهي اهيءَ کي ڀؤ نه ڪو، مرڪندو مرسل اڳيان ٿيندس نه ڀؤ،.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

چئن جي جيڪو ڪري ساراهه ٿو، هر صبح تنهن جا ڪري ڪم شاهه ٿو،

مار ويريءَ کي وڳي مان ڏانهن ٿو، هاشمي حضرت! هجي آگاهه ٿو.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

حُب هردم جو رکي ’حسنين‘ جي، سو حُجاجن سان هلي حرمين جي،

سو ته چکيندو چاشني ڪونين جي، ٿي منارن کي ڏسي سِڪ چئن جي.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

ماڻڪي مرسل مديني جي ڏيکار، حرم حضرت پانهنجي ٻاهر نه مار،

چائٺ چشمين سان چمان هيڪر جيار، معاف ڪر مديون اسان ۾ لک هزار.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

احمدا سڻ عرض عاصيءَ جو نياز، عشق پنهنجو ڏي سدا دلڙي گداز،

صفت تنهنجي سو ڪري جوڙي بياض، تو وٽان ٿيا فيض وارا فيضياب.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

شه! منارن کي ڏسي جيئري جيان، پاڪ پاڻي پرت مَون زمزم پيان،

آءٌ صَدَق صد بار سيد! تو ٿيان، عرض مون گوليءَ سندو آهي اوهان.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

منجهه مديني مير مرسل مون رساءِ، پاڪ پيراندي پيغمبر مون پساءِ،

ڏور مون بيواهه کؤن نا ڏساءِ، اَبر رحمت جو اسان تي پيو وساءِ.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

پاڪ پڃري مُون وري ديدار ٿئي، باب رحماني ڏسِي دل بهار ٿئي،

شعاع قنديلن ڏسي قرار ٿئي، باب جبرئيل جي جنسار ٿئي.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

ڪئين قنديلن جا ڪيان ڪوڙين بيان، ٿي شبا شب روشنائي بي پايان،

گلم گيالن جا کليا گل گلستان، لک جواهر لال هيرا ۽ مرجان.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

آب زمزم عاصين احسان ٿئي، اهل يثرب سان اصل گذران ٿئي،

مون ڪميڻيءَ جو تڏهن ڪومان ٿئي، دين ٿئي، ايمان ٿئي، قربان ٿئي.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

نخل نرمل نُور! نئڙن حرم جا، مون ڏيکاريو معجزا شه! شرم جا،

آءٌ منگان ٿو دان دهرا ڀرم جا، تون وسائين ڪڪر رحمت ڪرم جا.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

بيت ربي جو ڪيان تو هون طواف، لک مدايون عيب ڪيم ڪرئين معاف،

مديون ميرايون اگهائي ڪر تون صاف، ڏوهه واري ڪهڙي هڻندي لاف ڪاف؟ .

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

سيد! مون ڏوهه ڪيا بي ڏوهه تون، ٿي پيادي جو وسيلو روهه تون،

ڪَل لهج ڪمزور جي بي ڏوهه تون، معاف ڪر! توڙي لکيا مون توهه تون.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

مون پياديءَ کي سجهي پاهڻ پٿر، تون لنگهائين سڀ لڪيون پڻ ڏين ثمر،

سير سختي سمنڊ جي باري بحر، مهر تنهنجي اصل کؤن آهي ڪثر.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

مان تري ڄاڻان نٿو ڪچ تار مون، سار سگهڙي ڪا لهج سردار مون،

ڪار منهنجي ڪا ڏسڻ درڪار مون، ڌار در تي سيدا! نه وسار مون.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

لک ڀلايون ڀاليون ليکو نه ڪو، ساڻ هلندو ڪو نه ڪنهن سان ڪوسڪو،

هلي حضرت عاصين ايندو هڪو، جن پيغمبر ماڻيو تن ڀؤ نه ڪو.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

خوف ۽ اُميد ۾ رهه، جوان ٿي، تو مٿي تقصير ڪائي ڪان ٿي،

ٿي سياڻو، نا منجهي نادان ٿي، بيڪسن ٿي شاهه جا احسان ٿي.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

سيدا! سردار تنهنجي ٿئي پناهه، آءٌ سوالي تنهنجو آهيان سنجهه صباح،

ترت اُميدان پڄائين شهنشاهه، لاهه مشڪل ڪل اسان جا ڪرنگاهه.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

”حاجي خانڻ“ کي هميشه پال تون، غم و هم وسواس دل جا ٽاهه تون،

لهه سڪاين جي سگهو سنڀال تون، ساڻ ڪلمي جي هلون ڪر ڀال تون.

تون سچو سردار مدني مير آن،

اڪسير آن، اڪسير آن، بصير آن.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات (نبي ﷺ)[3]

(2)

ساراهه ڪيان سبحان جي جوئي سميع ستار آهه،

بي مثل بيچون بي نياز جي شرح جو نه شمار آهه،

 

خلقيائين محمد مصطفى جو گلشن چمن گلزار آهه،

جنهن جي اجهي عالم ڇٽو مرسل مٺو مهندار آهه،

لائق لطف لک وار ٿيا ڇا ليکيان لسان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافي ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

تون مديني جو ٿئين مالڪ مٺو مهندار ڀي،

منجهه نبين نور نرمل تون سچو سردار ڀي،

سير توئي سڀ ڪيو معراج جو مختار ڀي،

گڏ ويهي گوڏي ڪيئي گوهر ڳجهي گفتار ڀي،

ڪو نه تو جهڙو سائينءَ ساراهيو قرآن ۾.

تون اُچو ڪل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

هر ولايت هاشمي حضرت اوهان جو نور آهه،

لاهوت ۽ جبروت ۾ مشهور ۽ منظور آهه،

تنهنجي امر ارض و سما گڏ غار منجهه غفور آهه،

هر جا فتح في الحال ڪئي مالڪ تو ڏنه مسرور آهه،

تنهنجي ثنا ساراهه ٿي جن و مَلَڪَ انسان ۾.

تون اُچو ڪل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

والي ولايت جا ڌڻي تنهنجو وڏو اقبال ٿيو،

محبوب جو توکي لقب لکهان نبين ۾ لال ڪيو،

مربي تون محشر ڏينهن جو باري توکي برحال ڪيو،

اوجر اونداهي ۾ اچي روشن ڪري نهال ڪيو،

ڪهڙي ڏجي تمثيل تو بيمثل جي بيان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو ان شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

ناهه ڪا تنهنجي نهايت بينظير اڪسير آن،

’احمد‘ ’احمد‘ جي وچون وٿ ناهه ڪابه بصيرآن،

دارون ڏيندڙ دلگير جو اي دلربا دلڌير آن،

جيئن شڪر پئي شير ۾ پيرن ۾ تيئن سو پيرن آن،

امتين اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

چار تنهنجا يار چيدا ٿيا نيڻن جا ٺار مون،

ڏس نه ڏوهن ڏي اسان جي سي صحيح ڏيکار مون،

هيءَ ٻُڏي ميهار سن ڪڍ تار مون سردار تون،

ديدار جو اڄ وارو آ بيمار ڪڍ آزار مون،

تو لئي سڪان، باسيم سُکان صورت ڏٺم سبحان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

تو لئي رڙان ريهون ڪريان رهبر رسول الله رس،

بيهوش مان بيڪار مان باري سگهو با الله رس،

ٻِين پَريَن ٻيو ڪو نه ڀايان شاه تون ناگاهه رس،

بي واهه جي نا واهه ڪا خورشيد مانند ماهه رس،

ڪڍ ڪنهن طرح ڪنهن پرعيان تونهين چمن چوگان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

ڏس نه افعالن ڏي منهنجي ڏوهه ڪيم ڪوڙين ڪچا،

تون سخي ثقلين جو تنهنجا سخن آهن سچا،

اوجهڙ پيس ائين نا ڇڏي بيڪار کي ڪنهن پر بچا،

مچ مون بچايا ٻاجهه سان ٻلڙي سندا توئي ٻچا،

تنهنجي حمايت سان تريو نت نوح هو طوفان ۾..

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

توريءَ چوان ڪنهن کي ڳجهيءَ آءٌ ڳجهه اندر جي ڳالهڙي،

ڪَن مون ڪڍي ڪوري ڇڏيان سرتين سڀني جي والڙي،

سينگار سڀ بيڪار ٿيا موتي جواهر لالڙي،

روئندي هسايو حضرتا! نت نت رهي رک آلڙي،

دانهون ٻڌي دلگير جون دم دير نا ڪر دان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

سڪ سچا سردار تنهنجي پار جي ڏيکارجو،

ماڻڪي منبر ڏسڻ بن مير اڳ نا مارجو،

باب جنت کي ڏسان سان ڪا گهڙي دم جيارجو،

اهڙي ارادي سان اچي يوسف ٿيو ڪنعان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

روضو ڏسي رويو ڪرن عاشق پون احوال ۾،

جايون ڏي تنهنجون جيان جئري نه ڪر جنجال ۾،

وڇڙيل ويڳاڻو آهيان ڪج دير ڪانه وصال ۾،

فرزند وٺي هٿ سان اچان هادي ڏيو هن سال ۾،

ڏي ڏاڻ تان ڏيکاريان جيڪر وٺي جهان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

تنهنجي پيغمبر پار جي آهي اُڪيرن ۾ اُڪير،

آيو پنڻ پينار ٿي ڏيو دان در تي جو فقير،

تنهنجي سخا سيد! سڻي عاصين بلو آهي اڪير،

جن جو اجهو تون آهين سي ڪيئن ٿيندا دلگير،

بي ثمر بيڪار عاصي ڪيئن ڇڏين بيبان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

توهَون گهران تنهنجي همت مون تانگهه آهي توڙ کون،

ضامن ضعيفن جو ٿئين، مرسل! اڳي جڳ جوڙ کون،

تيرهين صدي تَم ٿي وئين اوکيءَ بچايو اوڙ کون،

’مهدي‘ ڏسي شل پوءِ مران، مرسل! رکو ان مان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

چئين ماهه کون پوءِ چوڏهون آيو چون سن سال ڀي،

اوکو اڙانگو ٿو ٻجهي تنهنجو گهُران اُت ڀال ڀي،

هادي! هدايت تون ڏئين هيڻو اسان جو حال ڀي،

عاصي اوهان جي آسري تون ئي ننگي ننگپال ڀي،

ڏاتار لڳ ڏي دلبريون رويو چوان رمضان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

آهيان اوهان جي آسري مون آسري ٻيا لاهيا،

سهنجي سيد! سڪرات ڪر ويهون ويٺا ات واهيا،

هَي هَي! عمر ساري سڄي بَيبان مون بُٺ ڪاهيا،

تنهنجي نظر نيڪ ٿئي تو ري گهمن گس گاهيا،

ٻاجهه سان سا ٻار ٿئي دربار جي ميدان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

چوڏهن طبق روشن ٿيا تو لئي جڏهن رحمان کون،

واقف ولين کي ڪيو فائق ڏسي فرقن کون،

تنهنجو علم جنهن کي نه آهه اوکو اهو ارڪان کون،

ماڻي جزا مُدعي مُٺو اهو سوال آهي سبحان کون،

خامي خجل سو خوار ٿئي غافل گتو غرقان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

هي گناهن ۾ گتو تنهن جو ڪيو ڪو غور ڀي،

حال هيڻو حضرتا! تون آن ضعيفن زور ڀي،

هر جاءِ ۾ تنهنجي همت اهڙو پايان نا اور ڀي،

سِر جان تون سيد مٿئون صدبار ڪريان گور ڀي،

دارون دوا ديدار تو دلبر! وسين دل جان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

هن ڏوهاريءَ ڏوهه ڏوڙا ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڪيا،

تون بچائين بار توتي پُور مون دل کي پيا،

مون جهڙا تنهنجي هٿون سَوَ لک هزارين ٿي جيا،

هن ويچاريءَ جا اوهان ريءَ ٻيا وسيلا سڀ ويا،

هَي هَي رڙي ريهون ڪري، حضرت! نه ڇڏ حيران ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

دربان ٿي دانهون ڪري دامن لڳيءَ جو داد ڪر،

شاهه! تو ريءَ واهه ناهي تون شفيع! دل شاد ڪر،

هيءَ وئي گناهن ۾ گچي ڪنهن اِذن سان آزاد ڪر،

ويران اڱڻ ورهين کان جو تنهن کي اچي آباد ڪر،

جياري ٻچو ڳريءَ سندو آڻي ڏنو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان.

 

حضرت! هلي هيڻن مٿي هٿڙا رکين تو کون سري،

تو  لئي پَچِي پنڌڙا پُڇي ۽ ڪست مون ڪيهون ڪري،

سيد! ٻُڌي سڏ موٽ تون پنڌ پيش پياري کون پري،

ننگ نانءُ جو ٿي ڀال تون محبت اوهان جي ۾ مري،

ڪر ڪميڻي سان رب ڪنهن پر رهي ڪنهن مان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

هيڪر ’مديني‘ ملڪ جون ماڙيون محل ڏيکاريو،

يا مصطفى! نالي ڌڻي جي پوءِ مُئيءَ کي ماريو،

روضو رسول الله جن جو مون ٿي دم دم ساريو،

جايون جنت جيتر ڏسان تيتر جڏيءَ کي جياريو،

ڏي تون الله لڳ آسرو عاصي آهي ارمان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

سيد سردار! سڏڙا تون نماڻن جا سُڻي،

آهي قسم حق پاڪ جو توکي کنيم چشمين چُڻي،

”انا احمد“ جو اشارو تو کنيو ڌڻين ڌُڻي،

جو کَهي ٿو خارجي تنهن کي وجهو لاهي لُڻي.

ڇا ڀلا تعريف تنهنجي آءٌ ڪيان امڪان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

 

تنهنجا سوالي توڙ کون سهسين لکين سامائيا،

جي ڄائيا سي آئيا تن جا نه هٿ خالي ٿيا،

ٻاڏائيان ڳڻ ڳائيان مون پاند ڳل ۾ پائيا،

ساڻ ڪلمي جي هلائج بار توئي چائيا،

ڪوٽ ڪلمي جو گهران ٿئي قبر جي ايوان ۾.

تون اُچو ڪُل کون ڪثر شافع ٿيو آن شان ۾،

عاصين کي آهي آسرو عربي تنهنجي احسان ۾.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مدح (چار يار رضه)[4]

(3)

اول تعريف رباني، صفت ساراهه سبحاني،

پيغمبر جو نڪو ثاني، سيد سرتاج سلطاني،

ڪندا سجدا ستارا هئا، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

 

چارئي چيدا اڪابر هئا، زوراور زور زابر هئا،

شرعيت تي نشانبر هئا، پيغمبر پيش صابر هئا،

گهڻو بيشڪ ڀلارا هئا، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

 

چارئي درياء رحمت جا، اڪابر عظم عظمت جا،

هئا وريام حشمت جا، لڌائون بهرا محبت جا،

مدامي سي متارا هئا، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

 

چارئي هئا نور مان ظاهر، ڪُٽي ڪافر ڪڍيئون ٻاهر،

مٿن هو مصطفى واهر، ڪندا جنگ هئا الله آهر،

سچا هردم سوڀارا هئا، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

 

چارئي برڪت ۾ باري چئو، سيد جي ستاري چئو،

ڪٽڪ ڪافر جا ماري چئو، علم قادر جا قاري چئو،

نزاڪت جا نظارا هئا، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

 

چارئي هئا نُور نوراني، نبيءَ جي پاڪ پيشاني،

سڀئي اصحاب هئا ڏاني، نڪو ٻيو تن جو ڪو ثاني،

صفت تن جي سيپارا هئا، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

 

خليفا چار خود چيائين، تني کي قرب ۾ ڪيائين،

ڀلايون ڇو نه ڀانئين، ڪوٺيون ٿي ڏات ڏنائين،

امت جا بخت بارا هئا، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

 

خليفا چار چؤن خاصا، تني جي آهه مون آسا،

ڏيو دل روز دلاسا، سچي سردار ڀرواسا،

اصل تَن من اُتارا هئا، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

 

سچو ’صديق‘ سوڀارو، هنيائين نِينهَن جو نعرو،

هئو منجهه قرب قرارو، ڪيان قربان سِر سارو،

ڏسان جي جيءَ جيارا هئا، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

 

مڃو حضرت ’عمر‘ امر، ٻَڌن شرعيت اُتي ڪمر،

ٿيندو تنهن تي نه ڪو ڏمر، سيد جو آسرو ثمر،

پَسو تن سان پسارا هئا، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

 

عجب هئي شاهه کي شاهي، هئا هر مُلڪ تي واهي،

نڪو رهبر کڻي راهي، ڪٽڪ ڪفار جو ڪاهي،

کٽيائون حد نصارا هئا، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

 

’ابوبڪر‘ هئو بستان، ’عمر‘ هو گل گلستان،

هئو حيران مدمستان، هئا شهه نُور ۾ شُستان،

شمع روشن سينگارا هئا، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

 

عزم ’عثمان‘ جو اعلى، عجب گل باغ ۾ لالا،

لهي تن شاهه سنڀالا، ڏيکاري شال حق تعالى،

نڌر جا غمخوارا هئا، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

 

مديني ۾ سدا آهن، ڏسڻ لئي جوان جي ڪاهن،

لاڳاپا لوڪ جا لاهن، سنجهيئِي ثمر کي ٺاهن،

ٻُڌو جي لک اشارا هئا، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

 

”حاجي خانڻ“ گهڻي سڪ مؤن، تاريندو مصطفى تک مؤن،

چاڙهيند پاڻيهي چِڪ مؤن، آهي واجب وجهڻ وک مُون،

ڏهاڙي گُڻ دُبارا هئا، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

 

”حاجي خانڻ“ همت ڪرڪا، هتان ويندي هلي هرڪا،

ڇڏي سڀ مال ۽ ترڪا، ڪندو مرسل واهر ڪا،

اُمت جا ڇوٽڪارا هئا، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

 

خدا جي راضپي ۾ هؤ، ٻيو توکي سُجهي نا ڀؤ،

اَڻائِي لات ٻي نا لَنؤ، پيو ڪلمو قلب سين چؤ،

ڪاڏي ويا شاهه دارا هئا؟ ، چارئي رب کي پيارا هئا.

ڪامل قدرت قرارا هئا.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.


[1]   مرحوم لعل بخش خان لغاري، ڳوٺ جعفر خان لغاري (تعلقي سنجهوري) جي روايت.

[2]   اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان پهتل.

[3]   اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان پهتل.

[4]   اتر  (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان پهتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org