سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :12

مدح (نبي ﷺ)[1]

(مير حسن علي ’حسن‘ جي چيل)

[هزهائينس مير حسن علي خان ”حسن“ سنڌ جي آخرين تاجدار مير نصير خان. جو وڏو فرزند هو. 1240 هجري/ 1824ع ۾ ڄائو هو. 1842ع ۾ انگريزن جي فتح بعد پيءُ ۽ ٻين ٽالپرن سان گڏ نظربند ٿي ڪلڪتي ڏانهن ويو، جتان ويهه سال نظربنديءَ ۾ گذارڻ بعد 1863ع تي سنڌ ۾ آيو. مير صاحب عربي ۽ فارسيءَ ۾ يگانو عالم هو، تنهن ڪري حيدرآباد شهر جا سڀ شاعر ۽ علم دوست سندس مجلسي هوندا هئا. مير صاحب نه رڳو بهترين شاعر هو، پر انشا پردازي تي به عبور حاصل هئس. سنڌي نظم ۾ سندس تصنيفات ”شهنشاهه نامه يا حملهء حيدري، مختيار نامه، مناقب، سلام ۽ مرثيه“ ڪتابي صورت ۾ موجود آهن. 15- ذوالحج 1324 هجري/ 1909ع ۾ وفات ڪيائين.]

نامِ خدائي قادرِ ستار يا رسول!

لهه سار منهنجي سيد سردار يا رسول!

 

آدم کان پيشتر ڪيو سندءِ نور هو ظهور،

معبوث گر به دير ٿئين نروار يا رسول!

 

جنهن ۾ رضا ٿي تنهنجي سا آهي رضا ئي حق،

آهين خدا جي ملڪ جو مختار يا رسول!

 

بيشڪ تون آهين باعثِ ايجاد ممڪنات،

تولئي خدا ڪيا هي سڀ سنسار يا رسول!

 

شاهن کي تنهنجي درجي غلاميءَ جو افتخار،

پيغمبرن سڀن جو تون سالار يا رسول!

 

5- غالب خدا ڪيو دين سندءِ جڳ جي دين تي،

هاڻي ته ڏس هي غلبئه ڪفار يا رسول!

 

”بعد از خدا بزرگ توئي قصهء مختصر“،

آهين خدا جو خاصهء ابرار يا رسول!

 

ڪعبي جو حج ڪراءِ، مون کي پنهنجي در سڏاءِ،

حاجي ٿيان ۽ تنهنجو ٿيان زو ار يا رسول!

 

معلوم ناهي ڪڏ ٿيان راهي سُو ئي عدم،

مون کي سڏاءِ در تي تون يڪبار يا رسول!

 

سڀ شئي جي حد، منهنجي گناهن جي ناهه حد،

حد کان زيادهه آهيان گنهگار يا رسول!

 

آهيان گهڻوئي عاجز و حيران و مضطرف،

تو کانسوا ڪو ناهي مدد گار يا رسول!

 

منهنجي خطا نه ڏس ۽ خطائون تون معاف ڪر،

آهيان گهڻو ئي عاجز و لاچار يا رسول!

 

ڪنهن کان نه ٿيندي منهنجي شفاعت اوهان سوا،

اسين اُمتي تون اُمت جو آڌار يا رسول!

 

سڪرات ۾ ۽ قبر ۾ محشر ۾ ڪج مدد،

اي عاصين جا آسرا آڌار يا رسول!

 

جي تون گهُرين ته بخشي خدا خلق جا گناهه،

آهي ”حسن“ ته هڪڙو گنهگار يا رسول!

مدح (بادشاهه پير رحه)[2]

(مرزا دوست محمد ’دوست‘ جي چيل)

[مرزا دوست محمد ”دوست“ ولد مرزا علي بخش سنه 1278 هجري/ 12- مئي 1862ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. سنڌي تعليم سان گڏ فارسي ۽ عربي پڻ پڙهيائين. 1880ع ۾ سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو. نوڪريءَ جي زماني ۾ ڪيترن انگريز آفيسرن کي سنڌي ۽ فارسي جي تعليم ڏنائين. مرزا دوست محمد جي خاندان ۾ شعر و شاعري جو ذوق عروج تي هو، تنهن ڪري پاڻ ه شعر چوڻ شروع ڪيائين. سنڌي شعر ۾ ”غلام محمد شاهه گدا“ ۽ فارسي شعر ۾ ”مولانا ابوالحسن لکنوي“ کان اصلاح ورتائين. اردو ۽ سرائڪيءَ ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي اٿس. مير عبدالحسين خان ”سانگي“ جو خاص مصاحب هو. جيئن سانگي جي هن شعر مان معلوم ٿئي ٿو:

        10 _ محرم 1339 هجري/ 24- سيپٽمبر 1920ع ۾ وفات ڪيائين، ٽنڊي آغا (حيدرآباد شهر) ۾ مدفون آهي.]

’دوست‘ ۽ ’حيدري‘ جي جواني،

’اسان‘ ۽ ’گدا‘ سا وساري عزيزو!

 

اي نور چشم مصطفى! اي نورِ عينِ مرتضى!

اي ابنِ حسن المجتبى! يا پير پيران بادشاهه!

 

اي عارفِ ذاتِ خدا! اي قدوهء اهل صفا!

اي قطب ڪامل مقتدا! يا پير پيران بادشاهه!

 

پيرن سندو تون پيشوا، مرشد مِٺو تون مقتدا،

سردار جملي اوليا. يا پير پيران بادشاهه!

 

4- عالم سندو آڌار تون، غمگين جو غمخوار تون،

آهين ڏڏن ڏاتار تون. يا پير پيران بادشاهه!

 

تون بيڪسن جو ڀرجهلو، تون عاصين جو آسرو،

۽ عاجزن جو تون اجهو. يا پير پيران بادشاهه!

 

تون ئي ولهين واهر شها! تون ئي سندم واهر ۽ واهه،

دارُوئي دردِ لادوا. يا پير پيران بادشاهه!

 

تون ئي سندم پشت و پناهه، تون ئي سندم واهر ۽ واهه،

ڪرڪا نوازش جي نگاهه. يا پير پيران بادشاهه!

 

مفلس جو تون مونس معين، ساٿي سقيمن جو يقين،

حامي حمايت مؤمنين. يا پير پيران بادشاهه!

 

تون منهنجي سڻ هيءَ التجا: عزت سان رک جڳ ۾ سدا،

بهرِ خدا سيد سچا! يا پير پيران بادشاهه!

 

ڪر ڀلايون ڀال تون، لڄ پت رکج لڄ پال تون،

منهنجي ’حسن‘ جا لال تون. يا پير پيران بادشاهه!

 

الله لڳ دلگير جو، عاصيءَ پُر تقصير جو،

وٺ دست دامنگير جو. يا پير پيران بادشاهه!

 

هي ”دوست“ تنهنجو مدح خوان، توکان گهري امن و امان،

۽ آبروئي دو جهان. يا پير پيران بادشاهه!

مدح (نبي ﷺ)[3]

(تورپيو مسڻ جي چيل)

[تور پيو مسڻ، ڳوٺ حاڪم ڏيپر (تعلقي وارهه) جي ڀرسان ڪنهن ڳوٺڙي جو رهاڪو هو. ننڍي هوندي ٻڪريون چاريندو هو. هڪ ڏينهن وڻ هيٺان ستو پيو هو، ته خواب ۾ ڪنهن بزرگ چيس: ”اٿي بيت چئو!“. اهڙي طرح هن جي شاعريءَ جي ابتدا ٿي. سندس ٽيهه اکريون، ڪافيون، مدحون، مولود ڏوهيڙا مشهور آهن. اندازن 1927ع ۾ وفات ڪيائين.]

مولى سندي يا مصطفى! صلوات تو سر سيدا!

ساعت بساعت جابجا، صلوات تو سر سيدا!

آدم صفي الله سندي، صلوات تو سر سيدا!

پڻ لوط ۽ يحى سندي، صلوات تو سر سيدا!

 

پڻ خضر ۽ خليل جي، الياس، اسماعيل جي،

اليسع، اسرائيل جي. صلوات تو سر سيدا!

 

هارون، يوشع، هود، جي، صالح نبي ثمود جي،

پڻ دوست رب دائود جي. صلوات تو سر سيدا!

 

 

يعقوب، يوسف، شيث جي، ايوب ۽ ادريس جي،

ذوالنون ۽ جرجيس جي. صلوات تو سر سيدا!

 

ارمياهه عاليجاهه جي، موسى ڪليم الله جي،

اسحاق حق آگاهه جي. صلوات تو سر سيدا!

 

صاحب سفينهء نوح جي، اِبنِ مريم روح جي،

دائم سنجهه صبوح جي. صلوات تو سر سيدا!

 

مهتر شعيب منير جي، مهتر سليمان مير جي،

دانيال دلپذير جي. صلوات تو سر سيدا!

 

جِهتان سدا جبرئيل جي، عشقون اسرافيل جي،

ميڪائيل، عزرائيل جي. صلوات تو سر سيدا!

 

سڀ انبيا ۽ مرسلين، جملي ملائڪ مقربين،

مڙني دعائون دلنشين. صلوات تو سر سيدا!

 

ملڪن ۽ ملڪوت جي، جبروت ۽ ناسوت جي،

پڻ لامڪان لاهوت جي. صلوات تو سر سيدا!

 

ڇا ارض ڇا افلاڪ جي، ڇا عرش ايوان پاڪ جي،

ڇا اهل خاڪي خاڪ جي. صلوات تو سر سيدا!

 

هر شهر جي ديهات جي، هر نوع ذاتي ذات جي.

هر چيز باتون بات جي. صلوات تو سر سيدا!

 

هر طور هر طيار جي، هر سير هر سيارجي،

هر دهر هر ديار جي. صلوات تو سر سيدا!

 

حرڪات ۾، سڪنات ۾، ڇا ڏينهن ۾، ڇا رات ۾،

سانجهي، صبح، پرڀات ۾. صلوات تو سر سيدا!

 

هرحين هر هنگام ۾، هر قدم ۽ هر ڪام ۾،

جنبش اندر آرام ۾. صلوات تو سر سيدا!

 

هر سال ۾ هر ماهه ۾، ويٺي ۽ اٿئي راهه ۾،

ڇا گاهه ڇا بيگاهه ۾. صلوات تو سر سيدا!

 

ڇا ننڊ ۾ ڇا جاڳ ۾، هر مهل ۽ هر ماڳ ۾،

هر ڪنهن ورائڻ واڳ ۾. صلوات تو سر سيدا!

 

پاڻيءَ اندر ڪُم ڪيترا، تنهن ۾ ڪڻا ڪي ڪيترا،

هر ڀيرا ڀيرا تيترا. صلوات تو سر سيدا!

 

بارش قدر باران جي، هر مُوءِ هر حيوان جي،

ريتيءَ ريگستان جي. صلوات تو سر سيدا!

 

 

بوندن برابر بحر جي، شخصن برابر شهر جي،

دورن برابر دهر جي. صلوات تو سر سيدا!

 

ڪوڙين ڪتابن جا بجا، تن ۾ حرف جي تن سندا،

هر ڪنهن حرف جا مقابلا. صلوات تو سر سيدا!

 

پن پن پٽاندر ٿڙ بجد، پک وار جي پڻ بي عدد،

هر ڳوٺ ۽ پڻ هر بلد. صلوات تو سر سيدا!

 

تارا اپارا انبرين، ماهيون ٻهون جنبش جرين،

آهي انهيءَ کان اڪثرين. صلوات تو سر سيدا!

 

خود خاص خرمن صد مڻ، ڳڻجي نه ڳاڻاٽي جي ڪڻ،

تنهن کان گهڻن کؤن ڀي گهڻ. صلوات تو سر سيدا!

 

وڌن ڪوهه قاف کان، روشن گهڻو سج صاف کان،

خوشبوءِ ناقه ناف کان. صلوات تو سر سيدا!

 

جنهن سين جفا نابود ٿئي، مقصود دل موجود ٿئي،

سعيو سڀوئي سُود ٿئي. صلوات تو سر سيدا!

 

جنهن سين جڏي دلجاءِ ٿئي، پِيَڙو جُسو برپاءِ ٿئي،

وڻواند تي ورکاءِ ٿئي. صلوات تو سر سيدا!

 

جنهن سين ڇڏي ڏک ڏاهه کي، جنهن سين صحت ٿئي ساهه کي،

جنهن سين رسيو ٿي راهه کي. صلوات تو سر سيدا!

 

جنهن سين هدى حاصل ٿئي، وحدت خدا واصل ٿئي،

فاسد سدا فاضل ٿئي. صلوات تو سر سيدا!

 

جنهن سين ڪلام قبول ٿئي، مطلب دلي موصول ٿئي،

من مدعا محصول ٿئي. صلوات تو سر سيدا!

 

جنهن سين وسيلو واهه ٿئي، آگي سين دل آگاهه ٿئي،

اوکي اندر اوباهه ٿئي. صلوات تو سر سيدا!

 

جيءَ جا وسيلا وارثا، مون جهڙي درمانديءَ سندا،

سڏڙا سڻين تون سرورا. صلوات تو سر سيدا!

 

بهرو جني جو بيڪسان، همت جني جي حق رسان،

آهر جو اولو آ اسان. صلوات تو سر سيدا!

 

الاستغاثه يا نبي! الاستغاثه يا شفيع!

الاستمالت يا ولي! . صلوات تو سر سيدا!

 

اي غم تراش غمگين جا، اي مهربان مسڪين جا،

آڌر اندوهگيرن جا. صلوات تو سر سيدا!

 

 

محبوب مدني ماهه مان، هر حال ٿي همراهه مان،

سڪ سيخ ٿي سڌ ساهه مان. صلوات تو سر سيدا!

 

تون ڏنهن توجهه ”تور“ ٿئي، غافل سندو ڪو غور ٿئي،

ڪو غور في الفور ٿئي. صلوات تو سر سيدا!

 

دوران کاڌو دور جي، تنهن دور جهوريو زور جي،

تُرهان پسو هن ”تور“ ٿئي. صلوات تو سر سيدا!

 

ٻانهي مٿان ٻاجهائجي، وهلو وري واجهائجي،

آزار سڀ اوجهائجي. صلوات تو سر سيدا!

 

ڪنهن خاص جي ڪنهن عام جي، ڪنهن کي همت حڪام جي،

مون سيدا! تو سام جي. صلوات تو سر سيدا!

 

سڀ رنج راحت سان مٽيو، قلبي مرض قلبان ڪٽيو،

بدني علت بدنان پٽيو. صلوات تو سر سيدا!

 

آمن! امن تون ڪارئين، آيون بلائون ٽارئين،

تُرهو غريبان تارئين. صلوات تو سر سيدا!

 

ايمان اڪمل ٿو گهُران، ايمان افضل ٿو گهُران،

اعمال اجمل ٿو گهُران. صلوات تو سر سيدا!

 

دشمن رکيو جو تاب جي، تنهن تاب ڪيو بيتاب جي،

ڏي مون امن ان باب جي. صلوات تو سر سيدا!

 

تون ڏي ملت ۽ مال مان، احباب، آل عيال مان،

سرور سڻج سڀ سوال مان. صلوات تو سر سيدا!

 

صالح ٿئي اولاد مان، بهتر ٿئي بنياد مان،

دل ٿئي هميشه شاد مان. صلوات تو سر سيدا!

 

خواهم به تو امن و امان، هم غم رَوَد من بي گمان،

ڪلمهء برانم بر زبان. صلوات تو سر سيدا!

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مدح (نبي ﷺ)[4]

(عبدالرحمان چانڊئي جي چيل)

[عبدالرحمان چانڊيو، نواب غيبي خان چانڊئي جي جاگير (باغ جاگير، تعلقي قمبر) جو رهاڪو هو. سندس ولادت سنه 74- 1272هه/ 57-1855ع ڌاري ٿي. عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ شاگردن کي پڙهائيندو هو. شعر جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هئس. هنر ۽ سينگار جا بيت، ٽيهه اکريون ۽ ڪانگل جا بيت ’شاهه محمد‘ جي تتبع تي چيا اٿس، هتي سندس ٻه مدحون ڏجن ٿيون. شعر ۾ پاڻ لاءِ ”چانڊيو“، ”ٻروچ“ ۽ ”فقير“ تخلص استعمال ڪيا اٿس. ”ڏهس“ جا بيت پڻ چيا اٿس. سندس ڄم ۽ وفات جا سن معلوم ٿي نه سگهيا آهن، پر مختلف روايتن موجب سندس وفات کي اٽڪل 25- 30 سال ٿيندا، انهيءَ حساب سان اٽڪل روءِ 1927ع ڌاري وفات ڪئي هوندائين.]

(1)

اول اندر ۾ نام الله جو صاحب رب سبحان چوان،

محمد صه مير مِٺو مرسل باري بخت بيان چوان،

صفت سچي سردار سندي چؤ، ناهي زور زبان چوان،

لقب سندس لولاڪ ۾ لائق، ضعيفن زور زمان چوان،

الله کانپوءِ ’احمد‘ جيهو شرف نه ڪنهنجو شان چوان،

خالق خلقيا نبي ڪاڻ، اُڀ زمين آسمان چوان،

آدم، شيث، شعيب شفيع لاءِ حضرت حيران چوان،

عيسى، موسى، نوح، سڀئي پتنگ اُتي پروان چوان،

لوط، سليمان، صالح سارو قدمن تؤن قربان چوان،

يحى ياد ڪري پيو يونس، بوند مثل باران چوان،

يعقوب مثل عشاق يوسف جي گهُري احمد کان امان چوان،

 

ابراهيم فهيم فڪر ۾ ڪو نه ڪَڇي ٻيو ڪمان چوان،

دائود دما دم دلبر جي محبت ۾ سو مستان چوان،

ظاهر زور زبير، ذڪريا شائق ٿيا شڪران چوان،

هود، سدا هارون، سڪندر لام لڳو لقمان چوان،

شمعون شغل ۾ شائق شافع گهُري دلبر کان دان چوان،

محشر مهل منجهي سڀ رهندا ’محمد‘ هڪ ميدان چوان،

احمد جا ٿو الله انگل سهي اعلى اٿس ارڪان چوان،

ميٽي محب مِٺو ٻيو مرسل عاصين جا عصيان چوان،

ساري ساڻ سنڀالي کڻ تون اتي ”عبدالرحمان“ چوان،

آهه هميشه حُب ۾ تنهنجي دانَهه سو دربان چوان،

’محمد‘ پاڪ ملاڪي پارس، ڪلمو راس قران چوان،

ڪو نه بشر ٻيو بڻيو بيشڪ غيرت ڪر نه گمان چوان،

سندس ڪو نه سخا ۾ ثاني ضعيفن زور ضمان چوان.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مدح (چار يار)[5]

(2)

اول اندر ۾ نام الله جو ’محمد‘ ٻيو مختار چوان،

خاص خليفا خلقيا خالق ياد هميشه يار چوان،

چارئي چيدا چُست چِٽا سي بلڪل باغ بهار چوان،

سچ ’صديق‘ سدا لاثاني گوهر جي گفتار چوان،

’عمر‘ عمر انصاف ۾ آندي تنهن عادل جي اخبار چوان،

علم وڏي ’عثمان‘ الله ڪيو تنهن اڪمل جي آڌار چوان،

اَسد الله ’علي‘ سو اعلى جنهن جا حاڪم دست هٿيار چوان،

قتل ڪفارن تي هئو قائم جنگ سندو جهونجهار چوان،

چارئي سرڪش سدا سوڀارا محب مِٺا منٺار چوان،

چارئي صالح ساهه سيباڻم گوهر سي غمٽار چوان،

چارئي بهشت جا ميوا بيشڪ آهن عجيب اَنار چوان،

حضرت سان هر حال ۾ حاضر خوب گهڻي کيڪار چوان،

قوت ڪيهر کان هئن ڪرِڙي ههڙا همتدار چوان،

جلوو زور جمال جني جو سَپڙ سخي سالار چوان،

’محمد‘ کانپوءِ مُصلي مالڪ مڙني جو مهندار چوان،

تَم نه ٿئي تعريف تني جي ڪهڙو شرف شمار چوان،

ڳاڻو حرف ڳڻيندي ڪهڙا؟ ههڙا لقب هزارين چوان،

نُور منجهان ٿيا نائب نافع سهڻا ساهه سينگار چوان،

قلب مٿئون ڪٽ ميٽي مرسل اڪمل ڪُن آڌار چوان،

گردن منجهه ٻڌي سي گوهر منهنجي دست مهار چوان،

آهيان هميشه هٿ ۾ تني جي ڪندم منجهه قطار چوان،

اعلى اُتم عقيدو منهنجو بخت وڏو بسيار چوان،

”عبدالرحمٰن“ لٿئي سي اُلڪا ديک وڃي دربار چوان،

ڪونري جو شل ڪم ڏسيندو بيشڪ ٿيان بردار چوان،

شال! ڇنڊي ڏيان شاهن کي پيرن جي پيزار چوان،

چُم چم چاهه منجهون ڪيان چشمي لهندم غم غُبار چوان،

اهڙا مطلب حاصل ٿين مون من اگهي اوڇنگار چوان،

قلب ڌوئي ڪيان ڪلمو قائم وهم نه اٿم ويچار چوان.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات (نبي ﷺ)[6]

(حاجي عبدالله ڊکڻ جي چيل)

[حاجي عبدالله ولد محمد فقير سومرو ڊکڻ، ڳوٺ الهرکئي جلباڻي تعلقي نصيرآباد ضلعي لاڙڪاڻي (موجوده ضلعي قمبر-شهدادڪوٽ) جو رهاڪو هو. سندس جنم اٽڪل روءِ سنه 1287 هجري/1870ع ۾ ٿيو. روهڙي ۾ تعليم حاصل ڪيائين. سنڌي، عربي ۽ پارسي کان واقف هو. راڳ جو به چڱو ڄاڻو هو. سندس ڪلام جو گهڻو حصو مدحون ۽ ٽيهه اکريون آهن، هتي سندس (7) مدحون ۽ مناجاتون ڏجن ٿيون. حاجي عبدالله اٽڪل سنه 49- 1347هه/ 30- 1928ع ڌاري وفات ڪئي.]

(1)

حمد بيحد رب سائينءَ جو چوان،

مصطفى مهندار آيو عيد ٿي.

 

خلق ۾ خَتم الُرسُل خيرالورى،

سَوَ ڪري سينگار آيو عيد ٿي.

 

رَب پنهنجي مهربانيءَ سان مُڪو،

مُلڪ مختار آيو عيد ٿي.

سَيدُ الڪَونَينِ راحت روح جي،

بيشتر اَبرار آيو عيد ٿي.

 

ٿيو لقب لولاڪ جنهن جي شان ۾،

تاج خلعت دار آيو عيد ٿي.

 

جنهن مٿئون نازل ڪلام الله ٿيو،

سو مِٺو مهندار آيو عيد ٿي.

 

هر طرف اسلام جو وارو وَريو،

دين جو اوجار آيو عيد ٿي.

 

حمد ٿيا، ويرانيون وسندون ٿيون،

ڏيهه جو ڏاتار آيو عيد ٿي.

 

جهر جهنگل وڻ ٽڻ سڀيئي واسيا.

مشڪ عطرن هار آيو عيد ٿي.

 

ويا ڏجها ڏک ڏُ رت ڏولاوا ڏُڪر،

ور يتيمن يار آيو عيد ٿي.

 

رب آندو ماهه تارن جي اندر،

گلبدن گلزار آيو عيد ٿي.

 

 

ڪوٽ ڪُفارن ڪَٽِيلن جا ڪِريا،

هڪل جو هاڪار آيو عيد ٿي.

 

ٿيا پَڻي، جي دين جا دشمن ديوث،

دُرس دهشت دار آيو عيد ٿي.

 

سڀ گنهگار سندا بارا کڻي،

ذوالڪَرم انصار آيو عيد ٿي.

 

جو اَٻوجهن عاجزن جو آسرو،

سو سڀن سالار آيو عيد ٿي.

 

ڏڍ ڏکوين بيڪسن جو ڀرجهلو،

سو  سچو سردار آيو عيد ٿي.

 

ماڙ محتاجن مساڪينن مدام،

مجتبى موچار آيو عيد ٿي.

 

واهه ويچارن جي، اڙين جو اَجهو،

عاصين آڌار آيو عيد ٿي.

 

دَڙ دلاسو درد وارن جي دوا،

نامور نگدار آيو عيد ٿي.

 

 

اوٽ اڙين ڇانو ڇورن جي ڇپر،

دُر ٻَڌي دَستار آيو عيد ٿي.

 

شير شاهنشاهه شفاعت جو ڌڻي،

نيڪ تر انوار آيو عيد ٿي.

 

22، وهم سڀ خطرا خام خيال،

غم ويا، غمخوار آيو عيد ٿي.

 

”حاجي عبدالله“ تون دلشاد ڪر،

دلربا دلدار آيو عيد ٿي.

 

ٿي خوشي آرام ڪلمي سان قرار،

جان جو جنسار آيو عيد ٿي.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات (نبي ﷺ)[7]

(2)

سوال ڪيان سردار سڻ نامِ خدا نرمل نبي!

شاهه شفقت جا ڌڻي، سرور سچا سالار ڀي،

قرب جي ڪوشش ڪيو عاصين اجها آڌار ڀي،

تو کؤن سوا خيرالبشر! ڪنهن کي ڪيان ڪُوڪار ڀي.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

بي وسيلن جا وسيلا بيڪسن جي واهه ور،

عجز مؤن آهون ڪيان منهنجي محمد ماڙ ڪر،

دان ڏيو دارين ۾ تان شاد ٿيان شام و سحر،

پينام کي پيغمبر! پهراءِ خلعت خوبتر.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

نفس نافرمان سان آهي اڙيل اهنجو اسير،

ڪارجي بيڪار مان ڪرتيون ڪچو ڪاهل ڪثير،

ڇا چئي مان ڇا چوان هر حال ۾ هيڻو حقير،

عصيان برسر بيشتر بدتر بدفعل مون بينظير.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

هردم هوائن حرص ۾ ٿي صرف ساري زندگي،

ڪو وقت سستيءَ سان پڙهان ٻي ڪانه ڪيڙم بندگي،

 

يا نبي يوم الحشر ٿيندي اڳيون شرمندگي،

ٻاجهه ٻانهي سان ڪري ڏيو دين سان پيوندگي.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

ارمان انديشو آ اهو ضايع عمر ٿيڙم سڄي،

ڪيئن کڻان اکڙيون مٿي تنهن جي سبب آهيان لڄي،

ڏوهه پايو پاند ۾ ڪاهي اچان تو در ڀڄي،

دست دامنگير کي ڏي ڪاهه ۾ پرور پڄي.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

احمدا، احقر سندو هي حال پس سردار تون،

دور دل جا بار ڪر غم ڪٽ اچي غمخوار تون،

پشت پئي جي ٿي مدد ياور يتيمن يار تون،

هيڻن مٿي هٿڙا رکج مرسل مٺا منٺار تون.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

هَي هَنجُون نت هاريان روئي گذاريان رات جو،

جهولي جهلي بخشش سندو بهرو گهُران پرڀات جو،

دلبرا درگاهه مؤن حاصل ڪيو ڪمذات جو،

مطلب مداحيءَ جا ٿين مشڪلڪشا حاجات جو.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

هٿ کنيون هڪلان ڪري سڏيان توکي صاحب سدا،

يا محمد مصطفى نافع نبي نُور الهدى!

ڪر ڪناري پانهنجي ڇڏ ڪين تون تنهن کي تون جدا،

مهڙ مڙني تون ٿئين ٻيا تو سندا بيشڪ بندا.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

لام لائق تو لڳس آهان اوهان جي آسري،

لهر لوڏا سِير جا طالب توڪل سان تري،

محتاج ڪنهن جو ڪين ڪر پاجي نه ڪر پاڻؤن پري،

حاضر وڃي حرمين جي مرجان اڱڻ آڏو ڪري.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

لاڳ جي لالچ اٿم انعام سان دل شاد ڪر،

شفقت ڪيو ڇوري ڇني اسلام سان آباد ڪر،

غافل گناهن کان ڪڍي عيبن منجهان آزاد ڪر،

قلبي نه ڪر محبت ڳجهي ثابت سچو اعتقاد ڪر.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

مير مقصد لئي سدا سوالي آهيان درگاهه جو،

رات ڏينهان روح ۾ تو ڏي آ ڪانڍو ساهه جو،

سائما تن کي توقع دوست تو دلخواهه جو،

لڳ ڌڻيءَ جي ڪر عدالت غور ڪر بيواهه جو.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

رد ڪر رب پاڪ تن کي جي کريل ٿا کؤنس ڪن،

تڙ تنهين کي تيغ سان هاويءَ اندر حاسد هڄن،

ڏي پَنهه بدقوم کؤن جي دين کان ٻاهر گهُمن،

رهه ڇڏي پيغمبر جي گمراهه غفلت ۾ رهن.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

جي ڦِريا اسلام کان سي شومتي شيطان ٿيا،

نت نمازن کا ڀڄي بدبخت بي ايمان ٿيا،

جن گڏيو منهن جهل سان بد بي پليا بي شان ٿيا،

ملحد منافق محض سي وڃي غرق منجهه گهمسان ٿيا.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

تون نبي الله جو ’لولاڪ‘ تنهنجي شان ۾،

ڪامل قرب قوسين جو قادر ڏنئي قران ۾،

واکاڻ سان ’ولسوف‘ جي فائق چيو فرقان ۾،

حوران پريون جن و ملڪ تنهنجي سدا فرمان ۾.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

ماندي ملڻ لئي مصطفى بيحد بلاشڪ بيقرار،

راهون ڏسي ريهون ڪري نروار ٿي تنهن ڏي نهار

آڌر اجها اڙين سندا وارث وصل جي واڳ وار،

خام خطرا خوف خارج تون توجهه سان وسار.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

گهوريا جدائيءَ ڏينهڙا نزديڪ ٿيان تنهنجي تڏي،

قسمت ڪڍي هن قيد مؤن ني پاڻ سان گولي گڏي،

سرچاءِ سرور سيدا! سائين سڪايل کي سڏي،

در وتم درگاهه جو ڪاڏي وڃان، تو در ڇڏي؟ .

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

عشق جي ارشاد لئي ڪُنڊ گلم جي تهدل و تيم،

ورنهه ٻُڌي ورناءِ تون جي وينتيون واڪا ڪيم،

ميٽ مرسل مهر مُؤن جيڪي ڪُپيرا ڪم ٿيم،

فضل سان في الحال ڪٽ سهوون خطائون جي پيم.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

سڏ سُڻي سردار رس اوکي مهل عربي امام!

ڪڍ قريشي تار مؤن مرسل محمد مير ڄام!

هٿ وٺي همراهه ٿي خيرالورى خيرالانام!

مهر مؤن منظور ڪر هي عجز آزيون هن غلام.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

دمبدم دل کي ڪشش هر وقت حضرت جو خيال،

سال ساعت ڀانئيان جالڻ جدائي جو جنجال،

ڪر قبولت ۾ قريشي سام سائل جو سوال،

ٿو پِنان پروش پرين ڏي رزق روزينو حلال.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

سوز سيني سِڪ سچئي تانگهه تن من ۾ تنوار،

جڙ جڙي جند جان ۾ لاشڪ لڳي لؤن لؤن لغار،

تو سواءِ ڪَل ڪير لهندو؟ محب مسڪين مدار،

توهه تُنهنجي سان ڇُٽن عاصي مڙئي اميدوار.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان سر ساڻ ويري ٿو وڳي،

ڪيئن موذي ٿو مُڙي احمق هئون اڳرو اڳي،

زود ظالم کي ڪڍي ڪر دُور دشمن کي دِڳي،

صاف ٿيان ڏنهن سون جي جيئن لوهه کي پارس لڳي.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

جو جِيان دَم دين ۾ سو شه شرعيت محڪم بيهار،

تن طريقت ساڻ مرسل مصطفى محڪم بيهار،

منجهه حقيقت حضرتا! تون هي جسم فاني هوڪار،

پُر پيالو معرفت ميخاني مؤن پرتئون پيار.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

حرف باقي چار سي سُڻ مصطفى منظور ڪر،

سيدا! سڪرات جو سو دلبرا ڏک دور ڪر،

ٿو گهُران ايمان ڪامل غم وهم وهلور ڪر،

قبر قيامت ڪارڻي پيغمبرا! پُر نُور ڪر.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

يڪدليءَ سان هيءَ مدح هر ويل جو پڙهندو رهي.

سو سدا خوشنود خالص تنهن سندو مُشڪل لهي،

ڏک بک زماني جا سڄڻ ڪَڏ ڪين سو هرگز سهي،

مهربانيءَ ساڻ تنهن جي جاءِ جنت ۾ ٺهي.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

 

هوت! هالاڻي مهل نزديڪ ٿج نرمل نديم،

”حاجي عبدالله“ عاصي پير پرتو بي فهيم،

ڪج تنهن سان تون ڀلائي احمدا عربي عميم،

وقت ويل وفات جي ڪوڏئون پڙهان ڪلمو ڪريم.

يا رسول الله! منهنجي عرض جو امداد ٿِئي،

رهبرا، راحم رسج ڏيان دانهن منهنجو داد ٿِئي.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.


[1]   وچولي (شهر حيدرآباد) مان محترم احسن ڪربلائي کان پهتل.

[2]   وچولي (حيدرآباد شهر) مان محترم احسن ڪربلائي کان پهتل.

[3]   اُتر (تعلقي وارهه) مان ماستر غلام رسول جتوئيءَ کان پهتل.

[4]   اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئيءَ کان پهتل.

[5]   اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئيءَ کان پهتل.

[6]   اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان پهتل.

[7]   اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئيءَ کان پهتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org