سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :9

مناجات (بادشاهه پير جيلاني رحه)

(2)

مدح چوان ٿو محي الدين، آءُ وسيلا دنيا دين،

ٻيو در ڄاڻان ڪنهن جو ڪين، جلوو تنهنجو عرش زمين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

اعلى تنهنجو ٿيو اقبال، قادر ڪيو آ قرب ڪمال

نادر نوري نور نهال، مون کي تنهنجو خاص خيال

ماڙ ڪيو اچي هن مسڪين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

حسن، حسين جو تون اولاد، خارج تو ڏنهن خام خراب،

کُوريءَ کانيو هاويءَ هاب، ڪڏهن نه ٿيندو سو آزاد

غور ڪيو اچي هن غمگين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

قطب الندر تون اقطاب، چوڏهن طبقن تنهنجو تاب،

ٻيڙا تاريئي شاهه! شتاب، سر اوليائن تون سرتاج،

توکي قادر ڏني ڪمي نه،

مدد ڪندين تون محي الدين.

سيد! سائل سڻ سوال، هن زماني ههڙو حال،

جانب لاهيو جيءَ جنجال، مدعي ماريو چور چنڊال،

نُور نبيءَ جا مرد مبين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

نور نبيءَ جو تون نروار، ’حسن‘ ’حسين‘ جو توتي پيار،

ساقي ڪوثر تون سردار، دوازده دداور چارئي يار،

طبل توهان جو روءِ زمين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

’زين العابد‘ ’باقر‘ وِير، ’جعفر صادق‘ ساهه سڌير،

’موسى ڪاظم‘ ماهه منير، ’علي رضا‘ آهه واهر وير،

داور آهين دنيا دين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

’علي تقي‘ جو حق حضور، نور ’نقيءَ‘ جو آهي نُور،

’عسڪري مهدي‘ کي منظور، پيارو پرور جو مشهور،

جانب ڏيو ديدار جبين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

طلب توهان جي آهه تمام، پرين پيارج ڪوثر جام،

سائل سيد تو در سام، واهر ڪر تون وِير وريام،

بهرو بخش دنيا منجهه دين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

هردم هادي ٿي همراهه، پير مُغان تو پُشت پناهه

توري وارث! ڪانهي واهه، احمد لڳ سڻ عاجز آهه،

صورت ثاني ’حسن‘ ’حسين‘،

مدد ڪندين تون محي الدين.

’حيدر‘ هادي حرب هوشيار، قادر ڪيو آ قرب قرار،

صاحب دُلدل شهسوار، طلب توهان جي آهه تڪرار،

مدعي ماريو هن مسڪين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

سيد تون سڀ سپهه سالار، ڪل پيرن جو تون پڳدار،

حيدر هادي قرب قرار، نور انهي جو تون نروار،

ساقي ڪوثر آهين قَسيم،

مدد ڪندين تون محي الدين

شاهي تنهنجو آهي شان، ’نادر نوُوري نُور نشان،

عرش زمين تي توئي مڪان، تنهنجي ڪئي تعريف قرآن،

قادر قدرت ساڻ ڪريم،

مدد ڪندين تون محي الدين.

سائل تنهنجي سام سڏايان، آءٌ اصل کان تنهنجو آهيان،

ڳڻ لکين آءٌ تنهنجا ڳايان، پاند ڳچيءَ، سِر پيرين نايان،

داور ٿي منجهه دنيا دين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

ڏوهن ڪيا آهن ڏاڍا ڏار، ڪچ ڪمايم سڀ ڄمار،

اچي وسيلا ڏي آڌار، سيد! لهجان منهنجي سار،

اڱڻ اچين مون، ڪيان آمين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

عزم اعلى ڪر مون اولاد، دنيا دين ۾ ڪر آباد،

علم ادب جو ٿئي امداد، شوق خدائي شائق شاد،

طالب تنهنجو ڪر تلقين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

قبر، محشر ماڳ رسو، هيڻن کي هٿ هوت ڏيو،

ڪڍ گمراهي ڏيل ڏَچو، توري مون کي ناهه تڪيو،

ساريان توکي ساڻ يقين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

تو در سيد! سائل آيو، مشڪل منهنجو معاف ڪرايو،

رب سچي جو تو سر رايو، پير پيشاني پاڪ پسايو،

بخش بديون اچي هن مسڪين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

قول ڪريمي تنهنجو آهي، جيڪو تنهنجو سڱ سڏائي،

مير! مريدن تي اچ ڪاهي، ڇڏ حساب حشر جا لاهي،

سيد صاحب عرض زمين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

”مينگهو“ مادحي تنهنجو آهي، درد منجهارون دانهن سُڻائي،

واهر وسيلي تنهنجي آهي، قادر لڳ اچ ڪامل ڪاهي،

عشق امانت ڌڏي امين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

سيد! ويلي منجهه سڪرات، طلب توهان جي هجي تات،

ڪلمو قلبي وائي وات، باري ڏني تو برڪات،

هر دو جهان ۾ حمايت دين،

مدد ڪندين تون محي الدين.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مدح (بادشاهه پير رحه)[1]

(حاجي محمد ڪاتب سمي جي چيل)

للهِ وَ باِلمُصطَفى، يا شاهه ميران محي الدين!

نامِ خدائي ڪِبريا، يا شاهه ميران محي الدين!

تون آهين سڳورو اوليا، يا شاهه ميران محي الدين!

مقبول ٿئي منهنجي دعا، يا شاهه ميران محي الدين!

 

آگي ڪَيئي غوث الورى، هادي اندر هر دوسرى،

پَرور نوازيئي، پَرورا! سردار ڪِئين تون سرورى،

يا شاهه ميران محي الدين!

پوٽو پيغمبر پير جو، مُرسل مُحمد مير جو،

اولاد علي اَمير جو، شهزاد شَبر شبير جو،

يا شاهه ميران محي الدين!

اَرباب ڪُل اَرباب جو، ۽ محب ڪل اَصحاب جو،

عالي اُولُو الالباب جو، سردار سڀ اَنجاب جو،

يا شاهه ميران محي الدين!

عالم سندو آهين عُلوم، رافق تون آهين ڪُل رسوم،

نوري آهيو نرمل نجوم، هادي اُتي ڪارئا هُجو،

يا شاهه ميران محي الدين!

آهين قُطب اَقطاب جو، موليٰ کڻي مهتاب ڪيو،

پِرتوو سندوَ پُر تاب ٿيو، اعلى سريو اَلقاب تو.

يا شاهه ميران محي الدين!

آگي ڪڻئي اڪسير ڪيو، مولى ڪڻئي مير ڪيو،

واحد ڪڻئي وِير ڪيو، شَڪر اندر جيئن کير پيو.

يا شاهه ميران محي الدين!

عارف سندو عِلمن عليم، سيد سٻاجهو دل سليم،

هادي ڏنئي حِلم اِي حليم! مون کي نه ڪر ڪنهن جو مَليم.

يا شاهه ميران محي الدين!

ميران محي الدين مير تون، درماند گان دستگير تون،

واحد وڏو ڪِئين پير تون، اصلئون آهين اڪسير تون.

يا شاهه ميران محي الدين!

تون محبوب، ب العالمين، قطبِ زمان زينت زمين،

تو وٽ نه ڪا هر گز ڪمين، ڪر زير منهنجا ظالمين.

يا شاهه ميران محي الدين!

تون محبوب، ب العالمين، قطبِ زمان زينت زمين،

تو وٽ نه ڪا هر گز ڪمين، ڪر زير منهنجا ظالمين.

يا شاهه ميران محي الدين!

هاديءَ ڪيو آهين حليم، سيد آهين ٿيو دل سَليم،

قادر ڪيو آهين ڪريم، اعلى سريئي لطف وعميم.

يا شاهه ميران محي الدين!

قائم ڪيا تو قاعدا، جي دين جا هئا فائدا،

مولى وَڌايئي مائدا، درجا سندا تو زائد.

يا شاهه ميران محي الدين! 

صاحب تون شرف و شان جو، عالي عُلوا اِمڪان جو،

قامع آهين ڪُفران جو، راضي يل رحمان جو.

يا شاهه ميران محي الدين!

اُستاد تون عِرفان جو، حافظ آهين قُرآن جو،

اَرباب تون اتفاق جو، صاحب وڏيري شان جو.

يا شاهه ميران محي الدين!

عالم سونهارو تون اَريب، هادي سندو آهين حبيب،

اعلى نسب ۽ تون عجيب، مرشد مٺو نوري نجيب.

يا شاهه ميران محي الدين!

عنبر عطر کان تون مَلِيح، سائين ڪيئي پيدا صبيح،

سڀ کي سچائي جو صريح، رحمت وسي تنهنجي ضريح.

يا شاهه ميران محي الدين!

توتي قدم حضرت ڌريا، درجا وڏا توکي سريا،

تنهنجا قدم ڪُل تي چڙهيا، تو وٽ اچن ماڻهو پريا.

يا شاهه ميران محي الدين!

آهين علم جو تون عَلام، توکي ڪري سڀڪو سلام،

آءُ سندوءِ اَڀرو غلام، بس ٿيو ڪڻم تنهنجو ڪلام.

يا شاهه ميران محي الدين!

مولى گهڻو منظر ڪِئين، توکي ڪري سڀڪو سلام،

ملڪن اندر مشهور ٿئين، بس ٿيو ڪڻم تنهنجو ڪلام.

يا شاهه ميران محي الدين!

مولى کڻي منظور ڪيو، حاصل توکي حضور ٿيو،

سڀ ملڪ تو معمور ڪيو، پرتوو سندو پُر نور ٿيو.

يا شاهه ميران محي الدين!

مولى وڏو ڪيو مان تو، شوڪت وڏي ۽ شان تو،

جذبو سريو جولان تو، راضي ڪيو رحمان تو.

يا شاهه ميران محي الدين!

آگي ڪيو تو عُلُوُ شان، توکي سريو بر تر مَڪان،

تنهن جي وصف آءٌ ڇا چوان، هردم مڱان اَمن وامان.

يا شاهه ميران محي الدين! 

آهين سڳورو اَتقِياء، سردار سڀني اولياء،

ڪامل! ڏيارينم ڪِيميا، سينو سندم ڪر سِيميِا.

يا شاهه ميران محي الدين!

تون آهين ولي الله جو، رهبر خدا جو راهه جو،

رستي ڪندڙ گمراهه جو، مون واهه ٿي بيواهه جو.

يا شاهه ميران محي الدين!

توکي خدا خُور سَند ڪئو، پَرور سندوَ پسند ٿئو،

درجو سندو بُلند ٿئو، رافض اچي تو بند ڪئو.

يا شاهه ميران محي الدين!

آهين نسورو تون نجيب، آگي ڪيو توکي عجيب،

سڀ نعمتون توکي نصيب، قادر ڪيئي پنهنجو قريب.

يا شاهه ميران محي الدين!

مولي سندو مرغوب ٿئين، مالڪ پنهنجو محبوب ڪئين،

سڀ ۾ خدا تون خوب ڪئين، سڀ ملڪ ۾ مطلوب ٿئين.

يا شاهه ميران محي الدين!

عزت وڏي سان ٿئين اَمير، محبوب حق جو بينظير،

تون ڪُل پيرن ۾ ڪَبير، توکي سندم ساري سَرير.

يا شاهه ميران محي الدين!

عارف آهين اَسرار جو، صادق سدا اِقرار جو،

تون شاهه سڀ اَبرار جو، ۽ خير تون اَخيار جو.

يا شاهه ميران محي الدين 

مولى ڏني تو مِهتَري، عالم اندر تون اَنوري،

بيحد سري تو بهتري، سڀني قبوليئي قَنبري.

يا شاهه ميران محي الدين!

خالق ڪَڻئِي خوشتَر ڪيو، ڪونهي ٻيو ڪو تو جِهو،

تو ري نه ٻيو ساريان سِهو، مطلب مڙئي مون کي ڏيو.

يا شاهه ميران محي الدين!

اولاد تون حَسنين جو، مقبول تون دارين جو،

تون شاهه تِنه ثقلين جو، ڪعبو آهين ڪونين جو.

يا شاهه ميران محي الدين!

توکي خدا پيدا ڪيو، عاشق مَٿئِي الله ٿيو،

هادي سندءِ همراهه ٿيو، دُشمن سندءِ گمراهه ٿيو.

يا شاهه ميران محي الدين!

مولى وڌايئي مرتبا، آگي ڪيو تو اِجتِبا،

ڏاڏو ’علي المرتضى‘، نانو ’محمد مصطفى‘.

يا شاهه ميران محي الدين!

تون خاصو خليل الله جو، ڏهٽو نبي الله جو،

پوٽو ولي الله جو، رهبر رباني راهه جو.

يا شاهه ميران محي الدين!

تون عارف آهين عَلام جو، صاحب وڏي اِڪرام جو،

فرزند تنه وريام جو، صالح سچي خوش نام جو.

يا شاهه ميران محي الدين!

صاحب تون شرف و شان جو، عالي عُلوُو اِحسان جو،

سارهه ڪيل سُبحان جو، صاحب جَذب جَولان جو.

يا شاهه ميران محي الدين!

سڀ جڳ ڪِئو تو سوجهرو، عالم منجهان ويو اوجهرو،

پرور ڪيو تو پيشِ رو، سردار! سِر تنهنجي طُرو.

يا شاهه ميران محي الدين!

تون بادشاهه جيلان جو، تون گل آهين گيلان جو.

محبوب تون رحمان جو، تون مرد آن ميدان جو.

يا شاهه ميران محي الدين!

خالق ڪيو تو خوشتَري، مشهور تون جئن مُشتري،

باري گهڻو ڪئين بهتري، ڪُل جي صاحبي ڪڻئي سري.

يا شاهه ميران محي الدين!

آهين نبيءَ جو آل تون، لاڏلو ۽ لال تون،

درگه خدا جو دال تون، ”محمد“ سين ڪر ڪو ڀال تون.

يا شاهه ميران محي الدين!

آهين سڳورو شاهه تون، اعلى ڪِئين الله تون،

ولين اندر سڀ واهه تون، دودو سندو درگاهه تون.

يا شاهه ميران محي الدين! 

سيد سچو سادات تون، عارف سندو افادات تون،

عاشق چڱي عادات تون، آئي ٽارئين آفات تون.

يا شاهه ميران محي الدين!

معشوق تون الله جو، جامع آهين ذي جاهه جو،

مقبول تون درگاهه جو، مُرشد آهين سج ماهه جو.

يا شاهه ميران محي الدين!

پارس آهين خود پير تون، آگي ڪِئين اڪسير تون،

ميران! سُونهارو مير تون، واليءَ خَلقئين وير تون.

يا شاهه ميران محي الدين!

توتي سدا رَبي رحم، توتي ڌريو ڪامل قدم،

خاوند ڏنئي جاهه و خَدم، ڪافر ڪَيُئي ڪُل مُنعدم.

يا شاهه ميران محي الدين!

تون سين ڪيو قادر ڪرم، دولهه! سدا تون دل نرم،

معلوم اٿئي دل جو مرم، منهنجو ڀلارا رک ڀرم.

يا شاهه ميران محي الدين!

عاشق سندءِ تان ذوالجلال، واحد ڏنو ڪڻئي وصال،

ڪامل سريو توکي ڪمال، جلوو ڪرئيم پنهنجو جمال.

يا شاهه ميران محي الدين!

سڀ عارفن جو تون امير، آهين مڙني پيرن جو پير،

سلطان تون سَرِير، تو جَڳ نمايو جم غَفِير.

يا شاهه ميران محي الدين!

تون دين جو بنياد ٿئين، عالم سندو اَسناد ٿئين،

بيداد جو امداد ٿئين، اَزمانَ جو اُستاد ٿئين.

يا شاهه ميران محي الدين!

دين جو تو داد ڪئو، حضرت نبيءَ تو شاد ڪئو،

بي دين تو برباد ڪئو، عالم کي تو ارشاد ڪئو.

يا شاهه ميران محي الدين!

مُئي تو جياريو دين کي، زينت رسائي دين کي،

مدد ڏئي مسڪين کي، کاري ڇڏيئي خود بين کي.

يا شاهه ميران محي الدين!

آگي ڪَئين اَفضل تون ئي، ظاهر باطن اڪمل تون ئي،

سڀ علم ۾ اجمل تون ئي، اصلؤن آهين اَ مثل تون ئي.

يا شاهه ميران محي الدين!

آگي گهڻي عظمت ڏنئي، جابر گهڻي جرات ڏنئي،

باري گهڻي برڪت ڏنئي، صاحب گهڻي شوڪت ڏنئي.

يا شاهه ميران محي الدين!

آهين وڏيرو تون ولي، ڏاڏو سندئي حضرت علي،

جابر ڪئو توکي جَلي، منهنجي عَدُو جي ڀڃ نلي.

يا شاهه ميران محي الدين!

مولى گهڻئي معمور ڪيو، ڀَلاين منجهان ڀرپور ڪيو،

حاصل ڪڻئي حضور ٿيو، مومن آهين مشهور ٿيو.

يا شاهه ميران محي الدين!

عاشق سندو آهي الله، واليءَ ڪئين تون واهواهه!

تون ئي مريدن داد خواهه، منور ٿئين از مهر و ماهه.

يا شاهه ميران محي الدين!

ٿئين غوث تون دارين جو، ۽ قطب تون بحرين جو،

مُرشد ٿئين زُمرين جو، تون شاهه ٿئين شهرين جو.

يا شاهه ميران محي الدين!

آهين آل تون يٰسين جو، تون مير ٿئين ميرن سندو،

تون ڌير دلگيرن سندو، غمخوار غمگيرن سندو.

يا شاهه ميران محي الدين!

آهين نسورو نُور تون، مولى سندو منظور تون،

مالڪ ڪئين مسرور تون، مذڪور ٿئين مشهور ٿون.

يا شاهه ميران محي الدين!

مومن آهين مشڪور تون، ملڪن اندر مظهور تون،

مولى ڪئين معمور تون، محبت اندر مخمور تون.

يا شاهه ميران محي الدين!

گوهر سدا گلزار تون، هادي ڪئين هموار تون،

عارف آهين اسرار تون، محمد سندو منٺار تون.

يا شاهه ميران محي الدين!

توسين ڪرم قادر ڪيا، ورهن سندا واريڻي ويا،

پاتار ۾ هئا جي پيا، هڏچم ڳري جن جا پيا.

يا شاهه ميران محي الدين!

عزت سندئي درگاهه ۾، رهبر رسين تون راهه ۾،

ساريان ڪڻئي ٿو ساهه ۾، طامع آهيان تو شاهه ۾.

يا شاهه ميران محي الدين!

سبحان جو سايو اٿئي، رحمان جو رايو اٿئي،

پيغمبر سچو پايو اٿئي، ڪونين کي نايو اٿئي.

يا شاهه ميران محي الدين!

تون پير پيران بادشاهه، آهين مريدن داد خواهه،

سوالي آهيان شام و پگاهه، مون کي تون ڏي پنهنجي پناهه.

يا شاهه ميران محي الدين!

سائين! سدا سچار تون، مرشد مٺا موچار تون،

منهنجو سدا منٺار تون، ٻيڙو سندم ڪر پار تون.

يا شاهه ميران محي الدين!

ماڙ ٿو گهران تو مير جي، پُشتي سدا تون پير جي،

معافي مڱان تقصير جي، اَهيم طمع تَو قِير جي.

يا شاهه ميران محي الدين!

توکي سنڀاريو شہ! جِني، مَطلب ٿيا پُورا تني،

اي غوث! ڪر مون کي غني، پرور ڪنان پنهنجي پِني.

يا شاهه ميران محي الدين!

هيڻن مٿي هٿ تون ڌرين، پالوٽ ٿو پُر ڪرين،

”مُحمد“ مٿي مهرون ڪرين، غني! تنهن جو گنج ڀرين.

يا شاهه ميران محي الدين!

دلبر! سندم ٿي داد رس، غازي! سُنهائينم نيڪ گس،

جڳ ۾ ڏيارينم پِير! جَس، فائق! سندم فرياد رس.

يا شاهه ميران محي الدين!

يا غوث منهنجو غور ڪر، ڪمزور کي بازور ڪر،

دشمن سندم پُر هَور ڪر، مون کي سدا خوش طور ڪر.

يا شاهه ميران محي الدين!

تون سين عداوت ڪي جَني، ڪارا سدائين منهن تي تَني،

شيطان جي سيئي مَني، ويئي ٻُڏي تن جي ٻَني.

يا شاهه ميران محي الدين!

آءٌ ٿو ڪريان اهڙو عرض، غازي! سُڻو دل جو غرض،

آجو ٿيان آءٌ از قرض، سڀ مَحو ٿين منهنجا مرض.

يا شاهه ميران محي الدين!

يا پير بغدادي ڀَلا! بخرو ڏيارينم بَر مَلا،

منهنجي عَدُوَ تي وجهه بلا، تون ساڙ سڙيل جا سَلا.

يا شاهه ميران محي الدين!

مَداح کي تون مان ڏي، دُهرا مڱي ٿو دان ڏي،

جذبي سندا جولان ڏي، پارس سندا پروان ڏي.

يا شاهه ميران محي الدين!

مون چئي مدح تو پير جي، ميران سڳوري مير جي،

سڻ دانهن مون دلگير جي، مون ٿئي عطا اڪسير جي.

يا شاهه ميران محي الدين!

جو گُڏيل ڪري منهنجي گلا، ڪنجوس تنهن کي هڻ کَلا،

کاڻئي مَٿان خلقون کِلاءِ، مٽيءَ اندر مُوذي ملاءِ.

يا شاهه ميران محي الدين!

بغداد جو تون بادشاهه، ”محمد“ مٿان مهرون مَ لاهه،

تو در سوا جنهن ٻي نه واهه، دشمن تون ڪر تنهن جا تباهه.

يا شاهه ميران محي الدين!

مون سين رکي جو دشمني، رليل ڪري جو رهزني،

تنهنجي ڪُٽي ڪڍ تون پني، موذيءَ کي ڏي تون مُردني.

يا شاهه ميران محي الدين!

جيڪو مدح هيءَ ذوق سين، شائق پڙهي ٿو شوق سين،

محتاج نه رهي سو لوڪ سين، مطلب ڏسي سو موڪ سين.

يا شاهه ميران محي الدين!

هيءَ مدح جو مومن پڙهي، مشڪل منجهان پڻ سو چڙهي،

هر گز نه منجهه اُهکيءَ اَڙي، دشمن سندس روئي رڙي.

يا شاهه ميران محي الدين!

منهنجي مدح مقبول ڪر، هر فرد جي مسئول ڪر،

سڀ ملڪ ڏانهن محمول ڪر، مطلب مڙئي محصول ڪر.

يا شاهه ميران محي الدين!

مقبل ڪر منهنجا دعا، حاصل ٿئي مون کي حيا،

دلڙي ٿئي منهنجي ضِيا، مشڪل ٿئي منهنجي ڪُشا.

يا شاهه ميران محي الدين!

جيڪو ورد ڪلمو ڪري، حاجت سڀئي ان جي سَري،

حضرت مٿس هٿڙا ڌري، ايمان سين مومن مري.

يا شاهه ميران محي الدين! 

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات (نبي ﷺ)[2]

(حاجي احمد بن حاجي محمد سمي جي چيل)

هاءِ! ڇا تقدير ۾ منهنجي ٿيو جاري قلم،

ڏور ٿي، مون کي چون ٿا هاڻ سڀ عرب و عجم،

ڪو نه ٻيو آن ري وسيلو هاڻ يا شاهه اُمم!

يا شفيع اُلمُذنبين! مون تي ڪريو پنهنجو ڪرم،

يا رسول الله! عرض منهنجو اهوئي دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

هاءِ هاءِ! ويئي عمر منهنجي سڀني عصيان ۾،

۽ گرفتار آهيان هن نفس جي فرمان ۾،

ڪانه ڪئي حق جي عبادت مون آهيان حيران ۾،

هاءِ! ڪهڙو حال ٿيندو حشر جي ميدان ۾؟،

يا رسول الله! عرض منهنجو اهوئي دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

آءٌ عاصِي آهيان گڏيل گناهن ۾ بيشمار،

۽ سڀن مخلوقن کان ناقص گهڻو ۽ نابڪار،

هيءُ جنابِ پاڪ ۾ رويو چوي ٿو زار زار،

حشر ۾ مون کي ڇڏايو از طفلِ چار يار،

يا رسول الله! عرض منهنجو اهوئي دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

ڇا قيامت ۾ ڪندو مون ساڻ رب العالمين؟

مون کي اچي اَنئِين ڇڏايو يا شفيع المذنبين!

آءٌ گولو آهيان اَنهنجو گهڻو اَڀرو ڪمين،

يا رسول الله! عرض منهنجو اهوئي دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

اَي صبا! وڃ تون نبي صاحب کي چؤ منهنجا سلام،

خدمت عاليءَ ۾ چئو حضرت جي هي منهنجا پيام،

قصَد دل ۾ ٿو رکي هيءُ اَنهنجو اَڀرو غلام،

مون کي ڪوٺايو مَديني ۾ شِه خيرالانام! ،

يا رسول الله! عرض منهنجو اهوئي دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

يا محمد مصطفى يا سيدِ آخر زمان!

آرزو هيءَ مون سندي روضي مُنور کي ڏسان،

آءٌ ڇڏي هن هنڌ کي ساڪن مديني ۾ ٿيان،

۽ مديني ۾ اچي اَنهنجو ڏسان آءُ بوستان،

يا رسول الله! عرض منهنجو اهوئي دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

يا محمد مصطفى! آهيو اوهين بدرِ منير،

آهيان آءٌ عاصي گهڻو نالو سندم ”احمد فقير“،

آءٌ فرقت ۾ اوهان جي ٿو روئان هاڻي ڪثير،

ڪو ڪريو مون تي ڪرم يا شاهه عالم بينظير،

يا رسول الله! عرض منهنجو اهوئي دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

مناجات (غوث اعظم)[3]

(حافظ حاجي حامد جي چيل)

[حافظ حاجي حامد، ٽکڙ (ملوڪ شاهه جي وسي) تعلقي گوني ضلعي حيدرآباد جو ويٺل هو. ٽن ورهين جي عمر ۾ ماتا جي بيماري ۾ نابين ٿيو. قرآن شريف جا صرف 8 سيپارا سنڌ ۾ حفظ ڪري باقي 22 سيپارا مديني شريف ۾ صرف 8 مهينن ۾ ياد ڪيائين، اتي رهي ٻه حج پڙهي وطن ڏانهن وريو. عربيءَ جي تعليم ’ملاڪاتيار‘ ۾ ولي محمد درس وٽان حاصل ڪيائين. آخر شادي ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪپڙي جو واپار شروع ڪيائين. سندس ديوان ”ارمغان حامد“ مشهور آهي. حافظ حامد 1315 هجري/ 1896ع ۾ جوڌپور علائقي جي ڄاريلي مڪان ۾ وفات ڪئي.]

قطب ڪامل ڪارڻي، سرتاج! سڻ منهنجي صدا،

منهنجي مشڪل ۾ مدد ٿي تون ڀلا بهرِ خدا.

 

اي خدا جا خاص پيغمبر پيارا پاڪ پير!

برگزيده بارگه جا با ڪرامت بينظير،

هر ڪنهين جي لاءِ حاجت تون ٿئين مختار ماير!

دسترس درگاهه ۾ توکي مُيَسر مُقتدا.

قطب ڪامل ڪارڻي، سرتاج! سڻ منهنجي صدا،

منهنجي مشڪل ۾ مدد ٿي تون ڀلا بهرِ خدا.

 

سڀ ٿيو سبحان کان امداد توکي اي عجيب!

آهه قرب ڪبريا حاصل همه توکي حبيب!

رشد تنهنجي کان رهيا ٿي بغض وارا بدنصيب،

معتقد مومن جو ٿيو مقصود سڀ با مدعا.

قطب ڪامل ڪارڻي، سرتاج! سڻ منهنجي صدا،

منهنجي مشڪل ۾ مدد ٿي تون ڀلا بهرِ خدا.

 

3- تون ولايت ۾ ولي مسند محي الدين جي،

تو هميشه ڪئي هدايت در داتا دين جي،

ٿي عنايت سين عجم سڀ تو سندي تلقين جي،

في الحقيقت فيض اِي اُٿيو عرب کان اوليا.

قطب ڪامل ڪارڻي، سرتاج! سڻ منهنجي صدا،

منهنجي مشڪل ۾ مدد ٿي تون ڀلا بهرِ خدا.

 

جامع جُنيدي فيض حاصل مند،

معنوي معروف کان مليا اٿئي بَهرا بلند،

پير! تون پڌرو ٿئين کان ’ترڪ‘ تائين ’تاشقند‘،

آرزو تنهنجي ۾ آهن سڀ سمرقندي سدا.

قطب ڪامل ڪارڻي، سرتاج! سڻ منهنجي صدا،

منهنجي مشڪل ۾ مدد ٿي تون ڀلا بهرِ خدا.

 

تنهنجي خادم خلق آهي، تنهنجا ڏاني ڏيهه هزار،

’سنڌ‘ ساري ٿي سلامي ’هِند‘ توڻي هر ديار،

در مٿي تنهنجي ٿا ڏسجن سَوَ پيادا ۽ سوار،

غوث ڪرين غرض ٿو مڙني جا موجب مقتضا.

قطب ڪامل ڪارڻي، سرتاج! سڻ منهنجي صدا،

منهنجي مشڪل ۾ مدد ٿي تون ڀلا بهرِ خدا.

 

سفلوي، علوي سندئي ماڻهو، مَلڪ مقبل مريد،

تو نمايا سِين نگه سڀ شوم، سرڪش ۽ شديد،

ٿيو زمانو تنهنجو ظاهر لاءِ عالم ساري عيد،

ٿيو مخالف مدعي جي لاءِ سو محشر نما.

قطب ڪامل ڪارڻي، سرتاج! سڻ منهنجي صدا،

منهنجي مشڪل ۾ مدد ٿي تون ڀلا بهرِ خدا.

 

سيف سيني ۾ سٽي منهنجو مخالف مار تون.

ڪيم پهچائينس ڪشتي پير منهنجا پار تون،

وَههَ تکي واهڙ ۾ نيئي گانڊو جي ٻيڙي گار تون.

قطب ڪامل ڪارڻي، سرتاج! سڻ منهنجي صدا،

منهنجي مشڪل ۾ مدد ٿي تون ڀلا بهرِ خدا.

 

سو نڀاڳو، نحس، ناڪس منهنجي نت نقصان ۾،

ٿو رهان آءٌ روز شب اِن اوليا ارمان ۾،

ڪر تَوائي تَنهن جو تُرهو تون تکي طوفان ۾،

مَرلُڏي سو لهرين ۾ ڪج ڪنڌي تنهن جي نه ڪا.

قطب ڪامل ڪارڻي، سرتاج! سڻ منهنجي صدا،

منهنجي مشڪل ۾ مدد ٿي تون ڀلا بهرِ خدا.

 

ظالمن ڪيو زهر مون کي اي ونهيان وارث وطن!

ويو اِنهيءَ اَندوهه ۾ وڄري سندم سڀ جان تن،

ڪيا فنا فڪرات مون کي ڏيل ڏاريو سڀ ڏکن،

ڪو نه منهنجي غم سندو غمخوار سائين! تو سوا.

قطب ڪامل ڪارڻي، سرتاج! سڻ منهنجي صدا،

منهنجي مشڪل ۾ مدد ٿي تون ڀلا بهرِ خدا.

 

سڻ خدا جي واسطي هي منهنجو دانهون دستگير!

منزل مقصود تي سا آهه تون پهچاءِ پير!

قادري! تون قصد مان هڻ ترت تنهين تڙيل کي تير،

هر گهڙي ”حامد“ جي اهڙي آهه توکي التجا.

قطب ڪامل ڪارڻي، سرتاج! سڻ منهنجي صدا،

منهنجي مشڪل ۾ مدد ٿي تون ڀلا بهرِ خدا.


[1]   مجموعہ مدحيات (بمبئي ڇاپو) تان ورتل.

[2]   ”مجموعہ مدحيات“ (بمبئي ڇاپو) تان ورتل.

[3]   ارمغان حامد (مطبوعه حيدرآباد) تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org