سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :8

مدح (چار يار)[1]

(2)

دم دم هردم حمد هزار، رب سچي جا سَور صد بار،

مير محمد ٿيو مختار، پنجتن پاڪ پيارا يار.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي ياور چارئي يار، چارئي نُور ٿيا نروار،

چارئي عالم جا آڌار، چئني دُرس ٻَڌي دستار.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي مير مُصلي صاحب، چارئي نيڪ نبيءَ جا نائب،

روشن تن تي حاضر غائب، مومن سو جو تن جو تائب.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي ياور ساڻ يقين، چارئي عادل عدل اَمين،

چارئي صاحب سَر زمين، چئني دُرست اُجايو دين.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي يار نبيءَ جا ياور، چارئي دين دنيا جا داور،

چارئي دانا دل دلاور، چارئي جابر جُنگ جَنگاور.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي دين اُجارا دائم، چارئي منجهه ڪچهري قائم،

هئا منجهه صوم سدائين صائم، نوَم نه ڪيائون نا ها نائم.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

اول يار ’صديق‘ سچار، جنهن ڪيو دين اول اختيار،

گڏ نبي سان هو منجهه غار، تنهن تي رحمت رب غفار.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

ٽيون تان يار امير ’عثمان‘، عالِمُ، اَڪمل، عاليشان،

ڪامل جنهن ڪيو گڏ قرآن، نُقطو تنهن ۾ نا نقصان.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چوٿون ياور يار ’علي‘، تَرڪي وارث وير وَلي،

جزو نبيءَ جو، نور جَلي، تنهن گهر بيبي پاڪ ڀلي.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي پاڪ نبيءَ جا پيارا، چارئي دلبر دين منارا،

بغض رکن جي هَنيا هَچارا، محشر ڏينهن هوندن منهن ڪارا.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي صاحب سُرت سُجان، چارئي عالم عالي شان،

شڪ رکي سو آهه شيطان، بيشڪ آهي بي ايمان.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي صاحب پاڪ صَحاب، نيڪ نبيءَ جا نيڪ نواب،

ڪفر ڪنبايو تن جي تاب، سارهه تن جي ڪرڻ ثواب.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي عارف منجهه عبادت، هئي عبادت اُن جي عادت،

اول آخر ٿين سعادت، چارئي رَسيا شير شهادت.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي عالم علم اڪابرَ، چارئي جوان جنگاور جابر،

سختي گرمي تي ها صابر، رب رضا ۾ نا ها نابر.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي راهه هدايت هادي، چارئي ويٺا گوهر گادي،

بغض رکن جي بي بنيادي، قيامت ٿيندي تن سان تعدي.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي منور چارئي ماهه، چارئي واهر چارئي واهه،

چارئي پاکر پشت پناهه، چئني تئون ڪر صدقو ساهه.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي واهر چارئي ويرَ، چارئي مالڪ ماهه مُنير،

چارئي سالڪ سُرت سُڌير، چئني جو ٿيءُ دامنگير.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي يار صحاب سڳورا، چارئي هر هڪ حق جا گهورا،

چئنِي بُت ڀڃي ڪيا ڀورا، بُغض رکين ڇو نَحس نِدورا.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي عارف يار عجيب، چارئي نوري نيڪ نَجيب،

چارئي حضرت وٽ حبيب، چئني کي ٿيو نيڪ نصيب.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي يار صَحابِ ڪرام، چارئي وارث ويرَ وريام،

چئني ڪافر ڪيا قتلام، بغض رکين ڇو خارج خام؟

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي هڪ دل چارئي هڪ، چئني جي رک دل ۾ سِڪَ،

وچ وِجهن جي ڦِڪا ڦِڪ، ڏينهن قيامت ٿيندن ڌِڪ.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي عابد چارئي زاهد، چارئي مسجد منجهه مجاهد،

ڪِئي واکاڻ تنهين جي واحد، شان اُتي قرآن آ شاهد.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي هادي راهه هدايت، چئني سان ڪئي رب رعايت،

چئني سان ٿي عين عنايت، شُوم ڪري ٿو ڪوهه شڪايت؟

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي خاص خليل خدائي، چئني ۾ ناجَوُ جدائي،

چئني جي رک سڪ سدائي، چئني جي رک اَدب اَدائي.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي صاحب سيف سخاوت، چئني دين سندي ڪئي دعوت،

چئني ۾ ناتِر تفاوت، تن سان اَنڌا! ڪرين عداوت.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

چارئي هئا کنڊ کير مٺائي، هڪڙي ڏنهُ جنهن حب گهٽائي،

جي ڪنه هڪ ڏنه دل مَٽائي، تنهن ڪر پنهنجي پاڙ پٽائي.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

”حمل“ هردم حمد هزار، چُست مڃياسون چارئي يار،

چارئي يار اکين جا ٺار، پڙهه ڪلمو تان پهچن پار.

چارئي يار نبيءَ جا نُور،

چارئي هردم منجهه حضور.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات (نبي ﷺ)

(فقير غلام حيدر شر جي چيل)

[فقير غلام حيدر ولد قائم خان شر بلوچ 24- رمضان 1215 هجري/ 1800ع ڳوٺ مينگهو شر تعلقي ميرواهه ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. قرآن شريف پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهيو ۽ پارسي گلستان تائين هڱورن جي ڳوٺ ۾ پڙهيو. اڳڙ تعلقي گنبٽ ۾ رهندڙ فقير محمد يوسف (جو سچل سرمست جي خاص خليفن مان هو) جو مريد ٿيو ۽ ان جي صحبت ۾ شعر چوڻ لڳو. صوفي طريقي جو پيرو هو. خير محمد هيسباڻي، عثمان سانگي، ڇتو فقير سانگي ۽ لونگ فقير مهيسر سندس همعصر هئا، جن سان ڪچهريون ۽ معرڪا ڪندو هو، سندس ڪلام تي ”سچل سرمست“ جي ڪلام جو رنگ چڙهيل آهي. سندس ٻه مشهور مدحون هتي ڏجن ٿيون. فقير غلام حيدر سنه 1278 هجري/ 1861ع ۾ وفات ڪئي.]

(1)

بهرِ خدا فرياد رس يا مُمحمد مصطفى!

ناهه توريءَ ٻيو تڪيو رس يا رسولِ رهنما!

 

سڀ نبي مرسل سچا سردار تو پيرين پون،

سو لک صلواتان سرورا ڪامل توتي ڪلمو ڪهن،

سڀ ڇٽا تنهنجي هٿان سرتاج تون ڪل سرورن،

واهر وسيلو وير مون، فرياد رس يا احمدا!

 

ناهه ڪو مُورؤن مٿو منهنجي مداين پاند ڪو،

عاجزن اٻوجهڙن ۽ بيڪسن جو ڀرجهلو،

احمدا عربي! سڻي فرياد تن واهر ورو،

دلبرا دامن لڳيءَ جو داد ڪر هردو سرا.

 

دم دم صلواتان سرورا! ماڻهو م!لڪ توتي پڙهن،

ڇا زمين و آسمان لوح و قلم ڪوڏئون ڪهن،

عيبؤن اڇوڪر احمدا! هي ڏک ڏولارا سڀ وڃن،

آهون سڻي مون احمدا! سيد سڻي منهنجي صدا.

 

تون خدا جو نور نرمل مختار ٿئين عالم امير،

هر دوا سرا جي حاڪمي شمس الضحى روشن ضمير،

تون اجهو آن عاصين جو وحده واحد وزير،

غور ڪر غم لاهه تون، فرياد سڻ يا احمدا!

 

توکي سنڀاريان سيدا! وارث توڏي واجهائيان،

اهنج اوکيءَ ۾ اوهان ري ڪو نه ڪو ٻيو ڀانئيان،

ڪامل! اکيون توڏي ڏسن ٻانهون ٻڌيون ٻاڏائيان،

سڻ سگهو سڏ سيدا! رس يا رسولِ رهنما!

 

يا نبي! تون نور نرمل پاڪ سيد مرسلين،

غور ڪر  غم لاهه تون اي رحم خواهم راحمين،

تنهنجو عالم ۾ سُڄي جو يا شفيع المذنبين،

مدد خواهم مصطفى، عاصي آهيان مون انوارا!

 

عشق وارن کي اوراتو مير تنهنجو ٿيو مدام،

تون شفاعت ڪارڻي توتي صلوات و لک سلام،

”غلام حيدر“ گولڙو تنهنجو مداحي صبح و شام،

ڪلمو پڙهو ڪل مومنو، مير مرسل تي سدا.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات

(2)

اول ڪيان ٿو ياد الله، مير محمد منور ماهه،

چارئي يار حامي همراهه، ’حسن حسين‘ جي ڏاهن ڏاهه،

معاف ڪندا اچي مون تقصير، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

’زين العابد‘ سڻ سوال، ’مهدي‘ مقبل قرب ڪمال،

برحق ’باقر‘ نور نهال، ’موسى‘ منور ماهه مثال،

دک ڪٽيو اچي مون دلگير، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

’جعفر‘ جاني ڪر واهر، ’موسى ڪاظم‘ لهندم سار،

’عسڪر‘ عاصين جي آڌار، دواز دهه داور چارئي يار،

اچي حامي ٿيندا هن فقير، مدد ڪندين تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

طلب ’تقي‘ جِي اٿم تمام، نيڪ ’نقي‘ جو آهيان غلام،

پرين پيارج ڪوثر جام، حامي ٿيندو ڏينهن حشام،

عرض مڃيندا قرب ڪثير، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

نانڪ شاهه نگاهون نوري، هردم يوسف يار حضوري

دم نه دلبر کان دوري، آس ڪيو اچي مون من پوري،

مربي ڪامل ماهه منير!، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

طالب توڙون تو در آهيان، پاند ڳچيءَ ڳل ڳاري پايان،

دم دم پيرن تي سر نايان، درد منجهارون دانهن سڻايان،

ڪاهي ڪامل آءٌ امير!، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

عاشق عارف سڻ سوال، هن زماني ههڙو حال،

مدعي مارج چور چنڊال، سهڻا! ڪر ڀلايون ڀال،

آهي هيڻو حال حقير، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

دوست دلاور توئي مڪان، لعل لاهوتي سرت سُجان،

جَنهَرَ جايون ملڪ مڪان، آءٌ منگان تو مِهر امان،

وهلو ور تون واهر وير، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

وقت زبون زمانو آيو، سهڻا! گُهرجي تُنهنجو سايو

رب سچي تو سِر رايو، مشڪل منهنجو معاف ڪرايو،

محب ڏيو ڪا مون من ڌير، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

ماڙ ڪيو ڪا مون مسڪين، بهرو بخش دنيا ۽ دين،

نائب نبيءَ جا مرد مبين، جلوو تنهنجو روءِ زمين،

قطب قلندر تون اڪسير، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

توڙؤن تنهنجو سگ سڏايان، گولن جِي آءٌ گولِي آهيان،

هردم هادي مرشد ڀانيان، آءُ مل جاني! ڪانگ اُڏايان،

دلبر تنهنجي دامنگير، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

مدح چوان ٿو مير مدام، ڪامل تو سر ڪل ڪِمام،

حامي هادي منجهه هشام، دامن تنهنجي سهڻا سام،

تار لنگهائين تون تڙڀيڙ، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

دلبر دلڙي ڪر مون شاد، ڪامل مرشد تون استاد،

مدعي منهنجو ڪر تون ماد، حرس و هوا کي ڪر برباد،

وحدت واچي نينهن نظير، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

مڃ مداحي سوال سندو، واهر وسيلو ور ڪجو،

ڪڍ گمراهي ڏيل ڏَچو، معلوم توکي حال سڀو،

محب ڏيو اچي مون من ڌير، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

عاشق رس تون اوکيءَ ويل، مير! مريدن سان ٿي ٻيلهه،

واهر ڪر اچي ويل سويل، ترت لنگهائج تار طفيل،

سڪ اوهان جي منجهه سرير، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

سهوان مون منجهه سهس هزار، ڏوهه گناهن ڏاڍو ڏار،

ڪافن ۾ اچي رس ڪوهيار، وير ڪندين تون ور وهار،

ڏوهن ڪيڙس زور زهير، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

عزم اعلى ڪر مون اولاد، پير پڄائج من مراد،

دلبر دانهينءَ جو ڪرداد، عشق الله جو ٿئي امداد،

تون مرشد روشن روءِ ضمير، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

”غلام حيدر“ گل گلزار، مير محمد جو ديدار،

پرين پسايو سو سردار، جنهن لئه جُڙيو هيءُ جنسار،

ڪلمو ڪامل من مصير، مدد ڪندي تون مرشد مير!

عاشق مولى قطب ڪبير!

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ

مدح (نبي ﷺ)

(شاهه محمد ديدڙ جي چيل)

[شاهه محمد ديدڙ، ميرن جي آخري دور ۾ ڳوٺ ديدڙ تعلقي قمبر، ضلعي لاڙڪاڻي (موجوده ضلعي قمبر-شهدادڪوٽ) ۾ ڄائو. ديدڙن جي خاندان ۾ مشهور شاعر ”حسين فقير ديدڙ“ سندس نانو هو، ان جي صحبت ۽ تربيت ئي شاهه محمد ديدڙ کي پخته ڪلام شاعرن جي صف ۾ بيهاريو، سندس ڪلام تي گهڻو ڪري ”حسين فقير ديدڙ“ جو رنگ چڙهيل نظر ايندو. هُن وقت جي ضرورت مطابق علم پرايو. سمورو عرصو درس تدريس ۾ مصروف رهيو. هن جو ڪلام بي انادز آهي، جنهن ۾ مولود، مداحون، خطبا، معجزا، حڪايتون ۽ جنگ نامو وغيره مشهور آهن. ”سينگار“ تي سندس ڪيترو ئي ڪلام قلمي نسخي جي صورت ۾ هو، جو سندس پوين کان گم ٿي ويو. شاهه محمد ديدڙ جي مسجد جي ڀت تي ”محمد حسن“ نالي سندس هڪ شاگرد جو ڪتبو لکيل آهي، جنهن مان سندس وفات جي تاريخ 16- رمضان المبارڪ 1309هه/ 1891ع ملي ٿي.]

 (1)

سهسين ثنا ستار جي، غالب غني غفار جي،

جامع جبار جي، حنان هزده هزار جي،

جوڙي بَنا جنسار جي،

تنهنجي سدا تعريف ڪر.

رب بيمثل بيچون آهه، بيشڪ احمد بي گون آهه،

جنهن قول ’ڪن فيڪون‘ آهه، دل جو ڪفر هت دُون آهه،

اونهو عجائب اُونِ آهه،

ناقص عقل جي هت نظر.

جنهن ڪيو پرين پيدا ڀلو، ڀُلڪار کؤن آهه ڀرجهلو،

واهر پرين ويرينِ ولو، بُوجهل خارج کي کلو،

ٺڳ ٿيو ٺڪر ٺُولهو ٺَلهو،

منڪر نه جنهن سمجهو مگر.

اسلام ۾ عجمي عرب، ٿيا تُرڪ، طوسي ۾ طرب،

زنگي غزا ڪن منجهه غرب، سڀ زير زانو ڪيا ضرب،

هندي حڪم سان ڪن حرب،

رومن ڪشي قابو ڪمر.

يعني يقينن ٿي لَڙيا، عدني نه ڪجهه اوري اَڙيا،

ڪفار بصره ٿي ڪَڙيا، چيني دِڳا ڪيون ٿي دڙيا،

هئا مسقطي چُغدا چِڙيا،

افغان، ايراني اگر.

احد ڪيو سِر کي سٽن، ڪُوپا ڪلهن کون ڪنڌ ڪٽن،

ڪنهن دم نه مانجهي منهن مٽن، جُنگ جَنگ ۾ جانيون ڦٽن،

سي مر طهورا چش چٽن،

حوران وڳا زربفت زر.

هرجا حڪم حضرت هليو، مرسل مٺو مربي ملهو،

ويو ڪفر جذبي سان جليو، ديني پڙهو چَلتو چليو،

سڀ ملڪ اسلامن مِليو،

هوڪا گهميا ٿي هر شهر.

لک معجزا تنهن جا مڃان، سرور صغيريءَ هو اڃان،

ڪوڙين قطب خالص گڃان، محبوب بتخانه ڀڃيان،

سيد مٿان صدقي وڃان،

ڪامل مٿئون ڪئي ڇانو ڪڪر.

ڪيا نانگ نياز ٿي، روئي نخل ڪيا راز ٿي،

ڪئي ڳالهه ڳيري باز ٿي، آهو ڪيا اعجاز ٿي،

اُٺ جا ٻڌي آواز ٿي،

ڪاهي مٿس ويو مفتخر.

ختم الرسل جا ڪُون ٿيون، آجو جهان با ڪون ٿيو،

چنڊ چيرجي ڦاڪون ٿيو، روشن تنهِين لاڪُون ٿيو،

ڏس تاب ۾ تاڪُون ٿيو،

جان ڪيو شفيع شق القمر.

’آدم‘ ڪيا تنهن جا ادب، ’موسى‘ مٿس آندا عجب،

لَک ’لوط‘ لِکيس ٿي لقب، ’هارون‘ هو حامل حَتب،

سرور سچي سان ٿيا سبب،

خالق چيس خير البشر.

’عيسى‘ فِدا اقدام تي، ’يحى‘ اُڀو احڪام تي،

مفتون ’يوسف‘ مام تي، ’شمعون‘ شائق نام تي،

خود ’خضر‘ گاهيو گام تي،

’الياس‘ تنهنجو آب وَر.

واهر گهُوري ’ابليس‘ ٿي، رحمت ڪرايس ريس ٿي،

خود ’نوح‘ ۽ ’ادريس‘ ٿي، ’صالح‘، ’سليمان‘، ’شَيث‘ ٿي،

جوڙي جُتي ’جرجيس‘ ٿي،

تنهنجي ثَنا ڪئي سربسر.

حُليو ٿو جانب جو چوان، چئي پاڪ پُورن ۾ پوان،

ڪيان درد دل کؤن سڀ دوان، دم دم مزا ماڻيان نوان،

ڇا سرو مَٽ جي سنوان،

شمشاد ٿيو شائق شجر.

اسمر بياضي لَون تن، تنگ محب گندم گون وَن،

خوبي پسي سج ٿا نِسن، لک ڪر نشون قَمَرين ڪن،

عنبر عرق سردار جن،

ڇا مُشڪ مَٽ پِرَ جي پگهر!

لِک! لَمعته الجبهَتهِ لقب، مُنهن محب جو عُلوئي عجب،

چمڪي بدر ٿيو با ادب، لک شمس شرمايا شَهب،

ٿيا برق بجلي ڪَ الحَطب،

ڪيا خاڪ نرمل جي نظر.

پڙهه ’مجتمع لِيته‘ حرف، سُرهي سونهاريءَ جو شرف،

هئي چاپُئِين چهري طرف، سا عمر پنهنجي سڀ صرف،

تو صيف ۾ تم ڪيان تلف،

پوري نه ٿئي عِشر العشر.

پرين پويان سورهَن چون، ظاهر اُتان سَتَرهَن سَوَن،

هيءُ راءِ عالم ٿا رون، سڻندي سُڌيون پوريون پَوَ،

مون کي انهن ڍايو دَرَنِ،

بيشڪ ڇُٽي ٿيس بي خطر.

باعشق اَفق الانف سَل (؟) دندان دلبر دُر مِثل،

وَٿِ سان هئا ڪي بلقبل، ڪُنگرن مثل گردون محل،

کلندي پسائي شاهه شل!

سو دُرج معنى جو دَهر.

معنى مفاتيح السان، ڪامل ڪُشادي هئي زبان،

بيشڪ فصاحت جو بيان، شيرين سُخن فرحت ڪنان

دائود جو ٻوٽيو دهان،

گفتي نه مٽ شهد وشڪر.

آءُ بنده ازالحاجبين، جاڙا ڀرون جانب جَبين،

مٽ ڪهڪشان خنجر همين، ماچين موهيس چين بچين،

ڀيرو ڏٺِي جيڪر جَنهين،

ککولي پڇو تنهن کون خبر.

وهه! قائم القامت هو قد، سهڻو سئون قد هو به حد،

توڙي هجن ٻيا سَر وَقد، آڏو عجيبن روُپ رَد،

شمشاد ٿيو بيڪار بد،

طوبى پسي شرميو شجر.

وهه اَسود العينين ها، ڳُوڙها ننگيءَ جا نين هئا،

ري ڪجل ڪارا عين ها، سي دُرس گڏ دن رين ها،

بي شبه حق قمرين ها،

ڪجلا قريبن جا ڪڪر.

هٿ جون تريون هو تن طويل، جانب سنديون جوڙيون جليل،

مرسل مِٺو ڪوجهن ڪفيل، دلدار دلگيرن دليل،

جنهن جي هٿئون آجا عليل،

ياوَر يتيمن واههَ وَر.

اَنورَ آنامل هُيون رقيق، جي آڱريون رهبر رفيق، سهڻيون سَنيُون سنهڙيون صديق، نَهرون بهشتي باطريق،

جن آب ٿي آندو عميق،

هيءُ معجزو مرسل مَشَرُ.

سهڻو سخي سردار هو، في بَدنِ لَيس الشِعار هو،

وارث نه جسمي وار هو، خَط ري نه مون منٺار هو،

جو ناف سر نر وار هو،

سِره اِليه وَ من صدر.

ري پاڇوي پِر پاڪ هو، جبريل بافتراق هو،

سر شاهه ڇٽ لولاڪ هو، خادم زمين افلاڪ هو،

خود عرش پيرن خاڪ هو،

شاهد نَبُوت تي شجر.

منهن مُحب جي ويٺي نه مک، ڪنهن سان مٽي انور نه اک،

جوٺن سوين ڪيا جهل جک، لاهيا قريبن ڪنهن نه ڪک،

توڙي اچن پيا بار لک،

تان ڀي نه ڏاتر ڪيو ڏمر.

اَربع عجيبن يار چَئو، رحمت مٿن صد بار چَئو،

’صديق‘ کي سردار چَئو، شمل ڀلو باغار چَئو.

اڪبر لقب دلدار چئو،

باصدق دل جا بوبڪر.

’فاروق‘ فڪرا تون نِيون، جانب پسي دمدم جِيون،

سُورهيه مٿئون صدقي ٿيون، پيرن پڻي سرمون ڪيون،

ڏسندي ٺري منهنجو هنيون،

جيءَ جو سڄڻ جانب جگر.

’عثمان‘ ۾ آسان ٿئون، لک فيض هن هاديءَ هٿئون

ڇٽ ڇانو ڇورن جي مٿئون، وسواس خطرو ڪو نه ٿئون،

ورثو سڀئي سرسان وَٿُون،

گوريان زمين زَن، ٻار زَر.

مولى ’علي‘ جو مان ٿيو، شيرِ خدا تنهن شان ٿيو،

قاتل قلعي ڪفران ٿيو، اڙين سندو درمان ٿيو،

مانجهي محب مردان ٿيو،

صِف ۾ هَنيا نيزا ٿي نَر.

ڪر تون امامن جي مدح، مون تي ڪندا مشفق مَرهه،

چيٺيا جنين جگري جَرح، هادي ’حسن‘ ڪئي دل فرح،

شَههِ ڪربلا چَو شرح،

اِسمش حُسيني خوب تر.

بِنت نبي چوَ فاطمَه، شيطان جي حق شاتمه،

ڪردار قابل ڪاتمه، هئي منجهه اوامر عاتقه،

اَههِ هِر زحِصِن الحاطِمه،

خير النساء صائم دهر.

چاچا چڱا سرور سچي، تن سام پيل بيشڪ بچي،

رمزان پسي عاشق رَچي، ميٽيان وَهَمُ حمزه اچي،

عباس ڪرمؤن سِر ڪچي،

ڪئي ٻاجهه سان نَنگِيَن نظر.

اصحاب عينن سان پسان، شل روبرو تن جي رسان،

ڪٽ قلب جو ڪوريو ڪَسان، ويجهو وڃي ساڻن وَسان،

اميد پوري ٿئي اسان،

هُئان ”شاهه محمد“ شرف ور.

پورو همه حُليو ٺهيو، مون ڏيپ اَڄ ڍَوَ ت ڍَيو،

غم وهم رَتِي نا رهيو، جو مون ارادو ٿي پَهيو،

ٿيو سچ جنهن ڪلمو چيو.

تنهن کي نه ساڙيندي سقر.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات (نبي ﷺ)

(2)

اسم اي احمد ٿئي الله جو،

داد ڪر بهرِ خدا بيواهه جو،

در ڇڏي ٻيا در ورتم درگاهه جو،

التجا ٻڌ عرض ڏاتر! ڏڌاهه جو.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

بيڪسيءَ بدڪار پِيَڙو پيش جان،

درد مون دانهون ڪري دلريش جان،

جي ڪميني فعل ڪيا ڪم و بيش جان،

معاف ڪر يا دلبرا! درويش جان.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

زندگاني صرف ٿي لهو و لعب ۾،

ويئي خجل ٿي واءِ! خوردن خواب ۾،

هَي! اجائي عمر وئي اسباب ۾،

من فُتان خيزان و رنج و تاب ۾.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

سُڏڪيو سُڏڪا ڀري پروش پِني،

لاڳ جي لالچ ڌري دامن ڳِني،

ٿئي نوازش قرب جي ڪوجهي ڪني،

اِي عطا امداد ٿئي ڇوري ڇني.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

منگتو مادح، پرين! پرتو اٿئي،

واءِ! وهمن ۾ وِلهو ورتو اٿئي،

داد لئه دانهين سڄڻ در تو اٿئي،

منجهه سخا ثاني نه ڪو سَرتو اٿئي.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

گر گُنهه منهنجا گهڻا،ڪُل عدم ڪر،

حال هيڻي جو ڏسي ڪو ڪرم ڪر،

سنگدل کي با نوازش نرم ڪر،

شاهه شاهن جا شفيع تون شرم ڌر.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

عمر عصياني اندر اَفراد وئِي،

زندگاني بر غلط برباد وئِي،

هي عمارت عمر بي بنياد وئِي،

ڇا چوان فرياد بر فرياد چئِي؟

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

حال سرگردان يا سردار ڏس،

غم گران، بارِ گران، غمخوار ڏس

من يتِيمَم، يا يتيمن يار ڏس،

دوست دلگيرن سندا دلدار ڏس.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

ور وسيلا واهر ور وير ٿئي،

ننگ توتي يا شهنشاهه! شير ٿئي،

عرض ۾ عاجز اُبو ڀر پير ٿئي،

هر عدو تحت حڪم ڪر زير ٿئي.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

هر زمان هردم بچاءِ بد قوم کون،

جنهن ايذايو آهه صلوات و صَوم کون،

وقت ضايع وياز غفلت نوم کون،

دل ڪنبي ڪڙڪي حشر جي يوم کون.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

دردَ جُرمن دل ڪئي درماندگي،

وئي تلاوت ۽ وظائف خواندگي

بدقمن ڪئي منجهه بدن نيشاندگي،

تنهن سبب خاطر زخُون افشاندگي.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

درد جو دارون دوا تُنهنجو پَسڻ،

مرض جو معجون ٿيم تُنهنجو هَسڻ،

مرهمون مشتاق جون تُنهنجو ملڻ،

لوهه کي پارس ڪري تنهنجو گسڻ.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

جي سڏين مادح ڪري قدمين وٽ،

تا ڪري نئڙي ثنا نعلين وٽ،

حضرتا! مَرهجان حسنين وٽ،

دم پُڄن منهنجا هلي حَرمين وٽ.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

مون ڪميني سڀ ڪميون، ڪيان ڪِيرتوُن،

ڪين سالم سيدا! ٿم سِيرتُون،

پاڪ ڪر پيغمبرن جا پِير تون!

ميٽ يا مرسل محمد مير تون!

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

هنر حيلو هيءُ نه ڄاڻي هاج ڪيا،

گنج پِنهان مون اچي من آجڪا،

سام پئي جي سار لهه سرتاج ڪا،

يا نبي! ٻانهي مٿون ڪر ٻاجهه ڪا.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

انورا! ٻڌ التجا ارشاد ڪر،

احمدا! عاصي مٿون امداد ڪر،

پُشت قائم ۽ قَوي بنياد ڪر،

نيڪ عالم يا نبي! اولاد ڪر.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

شرم ۽ لڄ شاهه شاهن جا رکين،

رزق پِنهان پاڪ ڏي ڪامل ڪَکين،

فيض مؤن فرزند ڏيکاريو اکين،

تان ڀلي ڪن عبرتان عالم لکين.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

ڪين عالم نيڪ نحو و صرف ۾،

تان ادا آداب ڪيان هر حرف ۾،

ٿم تڳاءَ توشو تڪيو تو طرف ۾،

”شاهه محمد“ شاهه ڪندئي شرف ۾.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

 

وقت آخر ۾ وسيلا تون ورين،

سائلن تي سيگهه مان هٿڙا ڌرين،

گوڙ محشر ۾ سڀا تون ئي سرين،

سرزبان جاري مٿون ڪلمو ڪرين.

يا رسول الله مشفق مُستغاث!

الغياث والغياث والغياث!

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مدح (چار يار)[2]

(3)

بيحد حمد چوان بسيار، جو آهي جَل جليل جبار،

غافر، غالب، غني، غفار، واحد، والي دشت دير،

فَلڪ زمين فرمانبردار، مَلڪ، خلق جو خلقڻهار،

تحت حڪم جي هزده هزار، اَمَر اُنهيءَ جي ۾ اَشجار،

ساتر سامع آهه ستار، قدرت جو ڇا شرح شمار،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

آهه مُنزه سو مَعبُود، جنهن ڪيو مُرسل کي موجود،

مير محمد آهه محمود، جنهن سر دَمدَم پڙهان درود

صفت سڄڻ جي چوندي سُود، ڪو و مڪان جو آ مقصود

عرق عجيبن فرح فزُود، مشق نه مٽ ڪيان عَنبر عُود،

خاص کٿوري واهه وجود، سَروَ سڄڻ کي ڪن سجوُد،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

لِکي لِکي مر لَک چَوان، شان شفيع جا نت نَوان،

پڙهي پڙهي منجهه پُورَ پَوان، سبق سڄڻ جا ساهه سَنوان،

حرف هجي جا رمز روان، ٺرن اکيون ٿين درد دَوان،

لات لبيبن سَندي لَنوان، پلڪ پرينءَ ري هت نه هئان،

اَٿم اُميدون منجهه اوهان، موٽ محمد! طلب توهان،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

تون آن ڀيڻي، تون آن ڀَر، توريءَ دلبر ڪنهن جي در،

وڃان وَٺي هي عجز اَپر، گولي گهاري ساڻن گهر،

قرب ڪميني سان هي ڪر، ڌيان ڌڻي لڳ تنهن ڏي ڌر،

ٿورو لائي ٿيلهه نه ٿر، ڏينهان ڏينهن سڄڻ ڪر بسر،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

چارئي مِهر چارئي ماهه، چار سَتُودا منجهه ساراهه،

چار وسيلا چارئي واهه، چارئي پُشتون چار پناهه

چار ديانت چار درياهه، چار شفاعت چارئي شاهه

چارئي هردم هِن همراهه، بَداَلائي ڇو بَد خواهه،

رَڪ رُليا هِن روءِ سياهه، غرق گرا سي ٿيا گمراهه،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

صدق ’صديق‘ سچي ڏنهن آڻ، مشفق کي مڃ موجان ماڻ،

ڪوڙا ڪاهل! وجهه نه ڪاڻ، لاهه ڀَوَڻ جي ڀورا ڀاڻ،

تون ته رلئين پر ٻيا نا راڻ، ڇڏ ڪبر هي ٽيڪو ٽاڻ،

اَحمق اُبتي وجهه نا آڻ، نڪ ڀر وجهندئي تڪبر تاڻ،

کُهيا کسايئي زر جي کاڻ، چار وسيلا چار وَرياڻ،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

مَڃ ’عمر‘ جو عدل اُمور، نيڪ نهايت نُوري نُور،

مير مديني ۾ مشهور، مير معارف مُوڙي مُور،

مُرسل مشفق ڪيو منظور، پَوئي ڪمينا! ڪوپ ڪلور

ساڻ سڄڻ پيئي ڪهڙو سور؟ مرين منافق ٿي مقهور،

ووءِ ولها وئين ووءِ وهلور، تخم تبه ٿيو تنهنجو تُور،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

ابر عنايت جو ’عثمان‘، باري بخشش جو باران،

ڪامل ڪيو جنهن جمع قرآن، عابد، عالم، علم عيان،

صادق، سالم، صدق لسان، ظاهري ذي النورين ضمان،

تف تف، طائن تي تالان، ساڻ سچي تو گوز گمان،

ڪيو ڪتا تو بد بي شان، حيف حرامي هوئي حيوان!،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

مير ’علي‘ جو عُلوو اعلى، هَڻي ڪفارن بڙڇُون ڀالا،

ٽڪي ٽڪين کي ڪاري ٽالا، هادي تيغ ڏنيس حق تعالى،

لقب لڏڻ جا نوان نرالا، بلڪ بهادر بلاشڪ بالا، رهبر ڪيا رد رڪ ريزلا، ساڻي حرب ۾ حيدر حالا،

خارج! تُوءَ ٿو بس بد چالا، نحس مَٺائي ڇڏ بيتالا،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

چارئي معنى چار سُلوڪ، چارئي معارف چار ملوڪ،

ملڪ اڳيان سي ٿيا ملوڪ، شمر شڪايت جي ڇڏ شوڪ،

ڀنگ پيئن ڇو ڀڙوا ڀوڪ، خوار خجل ٿي خارج خوڪ،

ڦٺ ڦٺ ڦوڪيا فاسد ڦُوڪ، ڪوڏ ڪتا تو ڪوڙي ڪوڪ،

چغل چنڊا پيئي چهڙا چوڪ، مئي منافق ٿئين مشروڪ،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

لُنب هئي لعنت لَک لَک تو، جاهل مارِي جَک جَک تو،

اَحمق! ٻوٽي اک اک تو، چاٽوُ چهڙا! چَک چَک تو،

ٻنگ شريڪ ڇ ٻک ٻک تو، راهه چوڌاري رک رک ٿو،

لٿي ڪمينا کک کک تو، منهن تي مانند مک مک تو،

ڪُڙهه ڪُڙهه ڪوڙا ڪمبختو! تِرڪي تخت وي تختو،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

مرد مؤنث ناهين مگر، گڏهه گلاجي چاڙهين گَرُو،

هيءَ حقارت ڇڏ هر هر، ڪر نه هماون جي چٻ! چُر،

بُوم برن جي آءُ نه بر، لاهه ٽٽيهر هيءَ ٽر ٽر،

ٻٽي! ٻڏي مر منجهه ٻر ٻر، ڪَرُ اڳيان نيئي دوستن ڌر،

سڙين سڙيا! ڇو منجهه سقر، هر هڪ ڏينهن ڪر نيڪ نظر،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

طرف امامن آڻ اُڪير، صاف سچن ڏنهن ثابت سير،

’حَسن‘ امانت حسن امير، حَسن بصارت حسن بصير،

حَسن نزاڪت حسن نظيِر، حَسن ڪرامت حسن ڪبير

شاهه ’حسين‘ شجاع شير، شير شهيد مڃان منير،

مشفق ’مهدي‘ پاڪ پذير، دين ديانت دوست دبير،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

بنت نبيءَ جي اُم اثنين، مادر حضرت ’حسن حسين‘،

صائم دائم قائم رَين، شان شرف ڪيس رب عالمين،

سَتِي سَتُودي منجهه ثقلين، نه ڪيان نِمائون مٽ نعلين،

عارف، عابد، زاهد، زين، حرم ’عليءَ‘ جي بانو بَين،

نيڪ نبيءَ جي نور العين، زيب ضياءُ حُسن حرمين،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

عَم نبيءَ جا ۽ اصحاب، جگر جياپا جان جناب،

نيڪ ننگي ۽ نصرت ياب، رڙهان تني جي ساڻ رڪاب،

فائق، فاضل، فيض ماب، موران قبلا سي مهتاب،

باغ بهشتي گل گلاب، عجب عجيبن جا القاب،

ڪيان ڪروڙين قرب ڪتاب، پڄان نه هڪڙي حرس حساب،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

تون مڃ تابع تن جو ٿيءُ، گهور مٿان تون جانب جيءُ،

ڪڙم قبيلو، مٽ، ماءُ پيءُ، ”شاهه محمد“، شاهه شفيع،

ولهن وسيلو واهه وصي، نيٺ نماڻن ننگ نبي،

قرب قريشي ڪرم قوي، ڀو نه ڀندا ڪر هُل نه هيءُ،

ظاهر ضامن زور ذڪي، ڪو نه اُمت کي سيانڊو سيءُ،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

آهه اجل جي مهل عجيب، لورِي لَنؤ لَنؤ لڏڻ لبيب،

توريءَ تاتي ڪو نه قريب، ڀڄي پري ٿين ترت طبيب،

تون ڪج حيلو نيڪ نصيب، موٽ مران ٿي محب مجيب!

قبر حشر ۾ هوت حبيب! توريءَ ڪونهي غور غريب،

رهبر رڃ ۾ رس رقيب، ڪلمو ڪشتي امن اَنيب،

چار چڱي جا چيدا مَڃ،

شاهن ڏنهن شڪ ڀورا ڀڃ.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مدح (بادشاهه پير جيلاني رحه)

(مينگهي فقير شر جو چيل)

[مينگهو فقير پٽ غلام حيدر شر بلوچ، ڳوٺ مينگهو شر تعلقي ميرواهه ضلعي خيرپور، 27- رجب 1233 هجري/ 1817ع ۾ ڄائو. سندس اصل نالو حبيب الله هو، پر پوءِ پڻس هن کي درويش ”مينگهي ڏنگراج“ جي نالي سان سڏيو ۽ پوءِ انهي نالي سان مشهور ٿيو. اڻ پڙهيل هو، قرآن شريف جون فقط ڪي آيتون ياد هئس، جي پيو اچاريندو هو. شعر چوڻ پيءُ جي صحبت ۾ سکيو، سندس چيل هڪ مدح ۽ هڪ مناجات هتي ڏجن ٿيون. 12- ربيع الاول 1313 هجري/ 1895ع ۾ وفات ڪيائين.]

اول حمد الله ڪَهان ذوالجلال،

مدد ٿيءُ ميران! سڻي مون سوال،

سوالي جا سيد ڪيو ڪم بحال،

نوازين تون ناقص توڙي بد افعال،

پيش پيش تنهنجي تون قدرت ڪمال،

ڏيو مون ڏوهاريءَ کي آڌار امير،

مدد ڪر محي الدين دليؤن دستگير!

رَسي تون رحم ڪر يا پيارن پير!

 

سندئي شاهه آ ٿيو ڪُل تي قدم،

سدا دين جو تنهنجي هٿ ۾ عَلم،

ڪريو غور غمگين تي ڪو ڪرم،

سخي پير وڃائج وهم،

ڪيان ساهه صدقي سندم ماههُ چَم،

اچي منهنجو ميران! ڪريو من سُڌير، ،

مدد ڪر محي الدين دليؤن دستگير!

رَسي تون رحم ڪر يا پيارن پير!

 

هلي ٿو طبل تنهنجو ’تمان‘ تي،

زمين ڇا زَمَن جِن و اِنسان تي،

سندئي حڪم آ ڪُل حيوان تي،

’عرب‘ ۽ ’عجم‘ جُنگ ’جيلان‘ تي،

ڇا ’بغداد‘ ’بصري‘ ۽ ’ڪرمان‘ تي،

’هندستان‘، ’هالار‘ ۾ تو نظير، ،

مدد ڪر محي الدين دليؤن دستگير!

رَسي تون رحم ڪر يا پيارن پير!

 

پرين تنهنجي ’پنجاب‘ ۾ ٿي پچار،

’بخارا‘ ’سمرقند‘ ’سنڌ‘ ’هند‘ سار،

سنڀارن تو سيد! لَکين لَک هزار،

رسين روز تن جي هڪل تي هيڪار

مڱان مهر توکان مون سيد! سڌار،

رسين روز تن جي هڪل تي هيڪار،

مڱان مهر توکان مون سيد! سڌار،

رسين روز تن جي هڪل تي هيڪار

مڱان مهر توکان مون سيد! سڌار،

ڪرم ڪر اسان تي تون قربئون ڪثير،

مدد ڪر محي الدين دليؤن دستگير!

رَسي تون رحم ڪر يا پيارن پير!

 

ٿيو جلوو ۽ عزم ’ايران‘، تي،

ڇا ’دهلي‘ ’دکن‘ قرب ’ڪرمان‘ تي،

هلي هڪل هرجا، عرش آسمان تي،

تنهنجو شان ’شام‘ و ’تُوران‘ تي،

سندئي باڪ بحر و بيابان تي،

ٿي واهر وسيلو تون قطب الڪبير! ،

مدد ڪر محي الدين دليؤن دستگير!

رَسي تون رحم ڪر يا پيارن پير!

 

مڃن توکي محبوب ’مڪران‘ ۾،

ڇا ’گجرات‘ ’گرنار‘ ’چوگان‘ ۾،

تلنگ تاب ٿيو تنهنجو ’يونان‘ ۾،

طبل تاب ٿيو تنهنجو ’ڪنعان‘ ۾،

ڇا ’اجمير‘ ’نانگور‘ ’سريان‘ ۾،

ٻڏا ٻيڙا تاريئي بحر مان بهير،

مدد ڪر محي الدين دليؤن دستگير!

رَسي تون رحم ڪر يا پيارن پير!

 

پرين تو پشوري ٿيا تابع تمام،

عجمي، عراقي سندئي ڪن سلام،

’مِصرَ‘ ماڳ ماڻهو ڪهن تو ڪلام،

مڃن منجهه ’قنڌار‘ ’ڪاشان‘ مدام،

زماني مڃيو توکي پنهنجو امام،

تون درگاهه ايزد جو واحد وزير،

مدد ڪر محي الدين دليؤن دستگير!

رَسي تون رحم ڪر يا پيارن پير!


[1]   ’ڪليات حمل‘ مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ تان ورتل.

[2]   اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان پهتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org