سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :23

مدح (بادشاهه پير رحه)[1]

(چيل نواب جان محمد لغاري)

[نواب جان محمد (اول ) بن نواب غلام الله لغاري تاجپوري، سنڌ تي انگريزن جي قبضي بعد نئين حڪومت م مختيار ڪار ٿيو. تاريخ 27-محرم 1278هه/ 1861ع ۾ وفات ڪيائين. سندس اولاد مان پٽس فقير الله (ثاني) توڙي سندس پوٽو فقير جان محمد (ثاني ) وڏا درويش ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. بادشاهه پير رحه جي شان ۾ نواب جان محمد جي چيل مدح هيٺ ڏجي ٿي.]

نامِ خدا بهرِ خدا، مون سين وسين هر دم سدا،

توهوءن مڱان هر مدعا، مون کي چون تنهنجو گدا،

يا پير پيران بادشاهه!

 

منهنجي مڙوئي حال جو، واقف آهين احوال جو،

ڪر ڪو ڪرم ڪمال جو، واريو ڪو ورق وصل جو،

يا پير پيران بادشاهه!

 

بيحد ڪيم بڇڙيون بديون، ميڙي ٻڌم موڙيون مديون،

سر بار غفلت جون گنديون، ليکن لکين باري بديون،

يا پير پيران بادشاهه!

هن  نفس ناقص سان ملي، ويهي وڃان ڏينهن ولهي،

ڪر ڪا ڀَلاين سان ڀَلي، تو ريءَ نه تڪيو آڳَلي،

يا پير پيران بادشاهه!

 

مون اصل کان تو پير جي، دامن جهلي دستگير جي،

مدد ٿيءُ حقير جي، قادر قطب ڪبير جي،

يا پير پيران بادشاهه!

 

ايام طفلي کان عمر، نافع ٿيو تنهنجو نطر،

ڪيو بيڪسن کي بهرور، جڳ ۾ رهي ٿي جلوهه گر،

يا پير پيران بادشاهه!

 

معلوم مشڪل مون سندا، ظاهر ڪريان کولي کنڌا،

آهن اڃا راهوءن زندا، ڇا دين دنيائي ڌنڌا،

يا پير پيران بادشاهه!

 

رک معاف مون کي مرض کؤن، اولاد سوڌو قرض کؤن،

فائض رکو هر فرض کؤن، مقبول پنهنجي غرض کؤن،

يا پير پيران بادشاهه!

 

ميران مدد مون سان ڪريو، سڏڙا سڻي وَهلا وَرو،

تنهنجي سڏئي سڀڪي سريو، هادي! هدايت هٿ ڌريو،

يا پير پيران بادشاهه!

 

احسان جو امداد ڪر، احتياج کان آزاد ڪر،

فرياد جو تون داد ڪر، غمناڪ دل کي شاد ڪر،

يا پير پيران بادشاهه!

 

اولاد جو امداد ڪيو، خانو سندم آباد ڪيو،

غمناڪ سعي دلشاد ڪيو، يا دين داور داد ڪيو،

يا پير پيران بادشاهه!

 

محتاج ڪنهن جو ڪيم ڪر، ڏي رزق غيبوءن سر بسر،

تنهنجي نظر اسان سيم زر، اي شاهه شاهان بهرور،

يا پير پيران بادشاهه!

 

هي سوال منهنجا صالحا، هر وقت هر احوال ها،

معلوم منهنجا حال ها، مقبول ٿيا سڀ سوال ها،

يا پير پيران بادشاهه!

 

طامع نه آهيان طمع جو، جامع نه آهيان جمع جو،

نافع نظر هن نفع جو، درد و بلا هر دفع جو،

يا پير پيران بادشاهه!

 

حامي ٿيو هر حال ۾، خامي نه پئي ڪنهن خيال ۾،

سرور رکو سنڀال ۾، ثابت رهون هر سال ۾،

يا پير پيران بادشاهه!

 

انسان و جناني ملڪ، ديو و پريون خادم خلق،

تحت الثرى عرش و فلڪ، ارض و سما تيرنهن طبق،

يا پير پيران بادشاهه!

 

نَوَ کنڊ تو کي ٿا نمن، ديهه ديس ڪيرت ۾ رهن،

سڀ امر ۾ ثابت رهن، ڏاتيون ڏهاڙي لک لهن،

يا پير پيران بادشاهه!

 

هر دم وسين ٿو موج ۾، درِ سخاوت اوج ۾،

حاتم گداگر فوج ۾، عارف امامت اوج ۾،

يا پير پيران بادشاهه!

 

اي قبلهء ڪون و مڪان، تن تڪيه گاهه عارفان،

حاجت روائي عاصيان، مقبول قول مُقبلان،

يا پير پيران بادشاهه!

 

ٻانهي ٻڏي ٿي ٻار ۾، اولي اچي ٿي آر ۾،

توريءَ نه تڪيو تار ۾، سوالي سندُءِ سرڪار ۾،

يا پير پيران بادشاهه!

 

ثابت لنگهائين سير تون، مرشد محي الدي مير تون،

داتا دلئون ڏي ڌير تون، آجا ڪرين هي اسير تون،

يا پير پيران بادشاهه!

 

هر حال ۾ همراهه ٿيءُ، واهر ولهن جي واهه ٿيءُ،

هيڻن حمايت شاهه ٿيءُ، هر ڪار ۾ آگاهه ٿيءُ،

يا پير پيران بادشاهه!

 

منهنجا جي مطلب معنوي، معلوم مقصد دينوي،

در راهه حق با بندگي، ڏي قوتون قادر قوي،

يا پير پيران بادشاهه!

 

مون کي ڏسي ميرو مندو، غافل گناهن ۾ گندو،

تنهنجي ڪرم ريءَ ڪيئن ڪندو، اورڳ آهي تو در سندو،

يا پير پيران بادشاهه!

 

ڪيڏهن ڀڄي تو در ڇڏي، بيڪس ڀڳو تو ڏي ڀڄي،

هٿڙا کنيون آن ڏي اچي، تنهنجي رحم سان هي رچي،

يا پير پيران بادشاهه!

 

سائل سوالي تو سندو، ڪر غور جلدي تنهن سندو،

سوالي نه خالي تو سندو، ٿئي بهرور بيڪس بندو،

يا پير پيران بادشاهه!

 

تن کي تقاضا قرض کان، رک معاف مون کي مرض کان،

ڪر غور پنهنجر غرض سان، مقبول سڀ هن عرض کان،

يا پير پيران بادشاهه!

 

معلى ڪيئي مختار تون، هر امر ۾ هر بار تون،

دائم رهين دربار تون، هر دم مون کي درڪار تون،

يا پير پيران بادشاهه!

 

محبوب حقاني تون هين، معشوق سبحاني تون هين،

اسرار رباني تون هين، ڪر مشڪل آساني تون هين،

يا پير پيران بادشاهه!

 

تنهنجي ڪلهي عالي قدم، قادر ڪيو تو سان ڪرم،

سختيون دليون ڪر تون نرم، رک شاهه منهنجو تو شرم،

يا پير پيران بادشاهه!

 

تنهنجو قدم هر اولياء، سر بر مڃيو از انبياء،

يا نورِ چشم مصطفى، تون وارث دين مرتضى،

يا پير پيران بادشاهه!

 

تون آلِ اولادِ علي، تون راحتِ عينِ نبي،

توهئون ڦريا سي ويا رلي، جَڙيون تني جون ويون جلي،

يا پير پيران بادشاهه!

 

غمناڪ جو غمخوار ٿيءُ، مشڪل ڪٽي مهندار ٿيءُ،

حامي همه هر ڪار ٿيءُ، تنهنجي مدد درڪار ٿي،

يا پير پيران بادشاهه!

 

شب روز ٿو توکان گهران، راهه رندي تنهنجي سُران،

توپير جي هٿ نت پُران، ڏي ڏات ڏاتر مون ڌران،

يا پير پيران بادشاهه!

 

تو در وٺي ويٺو گدا، گدا نه خالي هوءِ سدا،

منهنجي صدا آهي سدا، ڏي ڏات مون با مُدعا،

يا پير پيران بادشاهه!

 

سر پير پيران پير تون، عالي نسب امير تون،

ڪامل قطب ڪبير تون، درماندگان دلڌير تون،

يا پير پيران بادشاهه!

 

حضرت رکيو تو تي قدم، قادر ڪيو تو سام ڪرم،

هر ديس ۾ تنهنجو حڪم، تنهنجا عدو ٿا سڀ عدم،

يا پير پيران بادشاهه!

 

مون بارها تڪرار ڪيو، گستاخ ٿي اظهار ڪيو،

اظهار جو اقرار ڪيو، ناقص عرض نروار ڪيو

يا پير پيران بادشاهه!

 

مون سان مدد تو ماهه جي، توفيق تقوى تاهه جي،

مون ناهه قوت ڪاهه جي، هيڻن حمايت شاهه جي،

يا پير پيران بادشاهه!

 

بغداد ۾ تون ٿو وسين، هيءُ حال منهنجو تون پسين،

هر حال ۾ ڏورئون ڏسين، لک ڪوٽ لحظي ۾ رسين،

يا پير پيران بادشاهه!

 

آءُ پير منهنجي پاس ڪر، نامِ خدا ڪم راس ڪر،

مقصود عام و خاص ڪر، دشمن قوي ڪل ناس ڪر،

يا پير پيران بادشاهه!

 

تون پير منهنجي پت رکين، ثابت سچو هي ست  رکين،

مرشد ميران مت رکين، پنهنجي مڪرمي نت رکين،

يا پير پيران بادشاهه!

 

لڄ پال لائق لاڏلا، درگاهه حق جا دادلا،

بر صف بهادر بادلا، هادي هدايت حاصلا،

يا پير پيران بادشاهه!

 

تون موج سانوڻ مينهن جي، هردم وسين شب ڏينهن جي،

تون شهسواري شينهن جي، تون بحر بوندي نينهن جي،

يا پير پيران بادشاهه!

 

تو معرفت مشهور ڪئي، خلقِ خدا مشڪور ڪئي،

طاعت طلب منشور ڪئي، تو مخلصي پير نور ڪئي،

يا پير پيران بادشاهه!

 

هادي هدايت جو ڌڻي، والي ولايت جو ڌڻي،

ساقي سخاوت جو ڌڻي، ڪامل قناعت جو ڌڻي،

يا پير پيران بادشاهه!

 

حاتم م همه حيران ٿيا، ڪُرنش ڪري قربان ٿيا،

بنده زاد در فرمان ٿيا، دربار جا دربان ٿيا،

يا پير پيران بادشاهه!

 

چارڻ چئي جيڪو چيو، ان عرض جو تون غرض ڪيو،

ايڏو ڪرم ان سان ڪيو، مشهور  ملڪن م رهيو،

يا پير پيران بادشاهه!

 

مون ناهه طاقت تا ڪريان، تو شاهه شير جو بيان،

ايڏا لطف تو سان ڪيان، قربان ٿئي جڳ ۾ جيان،

يا پير پيران بادشاهه!

 

جيڪر زبانن لک هيم، تنهنجي ثنا ۾ صرف ڪيم،

پوري نه هئي بل ڪم ڪيم، توڙي لکين ليکا لکيم،

يا پير پيران بادشاهه!

 

ڪشتي مردم مالها، غرق آب بود در سالها،

پيدا شده في الحالها، مشهور اين احوالها،

يا پير پيران بادشاهه!

 

ايڏي ڪرامت تو ڪئي، فوقي جيئا ثابت سڀئي،

جڳ ۾ چيو چارڻ چئي، مشهور ملڪن ۾ رهي،

يا پير پيران بادشاهه!

 

تو کان قطب ڪامل ٿيا، ڪي غوث ڪي عامل ٿيا،

ڪي فتح ۾ فاضل ٿيا، ڪي شوق سان شامل ٿيا،

يا پير پيران بادشاهه!

 

ڪي اولياء اسرار ۾، ڪي ڪيميا جي ڪار ۾،

ڪي دائمي ديدار ۾، هر دم رهن دربار ۾،

يا پير پيران بادشاهه!

 

تو هوءن پنان صحت و شفا، رک امن ۾ از هر جفا،

تنهنجي نظر سان ٿيا نفعا، تون  عارف اهل صفا،

يا پير پيران بادشاهه!

 

تو شو تسلى تو سندو، توفيق تقوى تو سندو،

فائض مون فيض آ تو  سندو، مقصود مدعا تو سندو،

يا پير پيران بادشاهه!

 

عالي شرف جو شان ڪو، هر درد جو درمان ڪو،

آغا! ڪريو احسان ڪو، داتا! دليون ڏي مان ڪو،

يا پير پيران بادشاهه!

 

سڪرات ويلي موت جي، تلخي نه هوئي فوت جي،

ڪلمو ڪرين مون ڪوٽ جي، اطهر! اڙين جي واٽ ٿي،

يا پير پيران بادشاهه!

 

قادر! قبر جي باب جو، ناهي مون طاقت تاب جو،

ڪڙڪي ڪپر گرداب جو، ضامن تنهين جي جواب جو،

يا پير پيران بادشاهه!

 

منڪر نڪير پڇندا خبر، سر هيڪلي اندر قبر،

سربار دوزانو سفر، ڪلمو ٿئي مون سان ثمر،

يا پير پيران بادشاهه!

 

مون کي خدا خلقيو جڏهن، منهنجو نينهن ٿيو تو سان تڏهن،

روزِ ازل جان ڪي ڪڏهن، مون تان م لاهج هٿ ڪڏهن،

يا پير پيران بادشاهه!

 

هرگز نه هوءِ مون کان پري، تنهنجي لطف سن ٿو ڀري،

صاحب! نه توري مون سري، توهان امن ايمان گهري،

يا پير پيران بادشاهه!

 

مون کي نه مٽ يا پير! تون، دلگير جي دلڌير تون،

عالي نصب امير تون، سردار سرور پير تون،

يا پير پيران بادشاهه!

 

 

هر وقت هردم ياد تون، فرياد جو ڪر دد تون،

غمناڪ کي رک شاد تون،        ڏي عرض جو امداد تون،

يا پير پيران بادشاهه!

 

گوهر علي دلشاد سان، رک امن ۾ اولاد سان،

هردم هوئي نت ياد سان، تنهنجي ڪرم امداد سان،

يا پير پيران بادشاهه!

 

گورهر علي تنهنجو غلام، پرتو اٿئي اي نيڪ نام!

فرزند ان کي ٿئي انعام، تنهنجي غلامن جو غلام،

يا پير پيران بادشاهه!

 

فرزند نر امداد ڪنر، غمناڪ جي دلشاڪ ڪر،

خانو سندس آباد ڪر، هن عرض جو تون داد ڪر،

يا پير پيران بادشاهه!

 

گور علي کي شاد رک، خانو سندس آباد رک،

ڪل مرض کان آزاد رک، ڪل فرض کان آزاد رک،

يا پير پيران بادشاهه!

 

پرتو آهي تو کي پريل، رک امن ۾ تون نت مڱيل،

دلشاد از خوف و خلل، تو  در سندو آهي اصل،

يا پير پيران بادشاهه!

 

اولاد ۽ اطفال سان، اَهل و عيال و آل سان،

هر دم رهون خوش هال سان، تنهنجي ڪرم ڪمال سان،

يا پير پيران بادشاهه!

 

هي وقت آخر آهي اڄ، لائق رکو سڀڪائي لڄ،

منهنجي مدي ڪامل تون ڪڄ، نامِ خدا هي عرض مڄ،

يا پير پيران بادشاهه!

 

آخر زمانو پيو اچي، تنهن ۾ نه هوئي ڪنهن جي ڪچي،

رک ساعت مون ثابت سچي، لحظي بچون تنهن ۾ بچي،

يا پير پيران بادشاهه!

 

هي وقت آخر آهه ٿيو، تيرهين صدي جو پهر پيو،

شرم و حيا باقي،         صدقؤن صفا برڪت تريو،

يا پير پيران بادشاهه!

 

جان سين جِيان جهان ۾، رُخنو نه پئي ايمان ۾،

وجهه دير نه منهنجي دان ۾، اهو شرف تنهنجي شان ۾،

يا پير پيران بادشاهه!

 

منهنجو عرض پرڀات جو، پرڀات بل دن رات جو،

پردو رکين مستورات جو، آهيان حقيقي ذات جو،

يا پير پيران بادشاهه!

 

بنِگر بحال زار ما، لطف بود درڪا ما،

درڪار در اقرار ما، اقرار مان اظهار ما،

يا پير پيران بادشاهه!

 

اي صاحبِ مهر وفا!، اي دُر دريائي سخا!

حاجت  روانِ هرکه را، اي گمرهان را رهنما!

يا پير پيران بادشاهه!

 

”جان محمد“ در جهان، هردم ثنا خوانِ شما،

خواهد ز تو امن و امان، مقصود حاصل بيگمان،

يا پير پيران بادشاهه!

 

79-       مقصود مطلب مُدعا، توهؤن پني هردم دعا،

تنهنجو جو رکين شرم و حيا، تنهنجي مريدن سان وفا،

يا پير پيران بادشاهه!

لااِلہٰ اِلاَ الله مُحمد رسول اللهِ.

مناجات[2]

(نواب الهداد خان لغاري ”صوفي“ جي چيل)

[الهداد خان، نواب ولي محمد خان لغاريءَ جو فرزند هو، نواب صاحب جي ڪري مير صاحبن وٽ الهداد خان جي به وڏي عزت هئي ۽ کيس جاگير عطا ٿي. الهداد خان خود به علم وارو هو ۽ وڏو سخندان ۽ شاعر هو، ان سان گڏ هو وڏو درويش صفت انسان به هو. سندس تخلص ”صوفي“ هو. فارسيءَ ۾ سندس ”ديوان صوفي“ موجود آهي. فارسيءَ کان سواءِ اردو ۾ به شعر چيائين ۽ سنڌي ۾ پڻ مناجاتون، مولود توڙي ڪافيون ۽ ڪلام چيائين. هن تاجپور جي بدران ڪوٽ لاشاري تعلقي سيوهڻ ۾ سڪونت اختيار ڪئي جتي، سنه 1300هه / 29-نومبر 1882ع ۾ وفات ڪيائين. سندس چيل مناجات ۽ مدح هيٺ ڏجن ٿيون.]

 (1)

يا خد! آءٌ آهيان آجز، مون تي ڪر مهرئون نگاهه،

لطف لائق تو سندو، تون آهين  عالم بادشاهه ،

ڪو سوالي ڪنه سندو آ ڪنه جي در تي داد خواهه،

آءٌ سوالي تنهنجو، تنهنجي در، نه ڪا ٻي مون کي واهه،

واهه هن بيواهه جي ڪر، پاڪ پرور! ٿي پناهه،

تنهنجي هٿ سڀ درد جو درمان نه تنهن ۾ اشتباهه،

ڪو چوي: ”منهنجي پڄائج پير! آءٌ تنهنجو مريد،

نذر ڏيندس، ڏن ڀريندس، منهنجي سولي ڪج سعيد“،

پر ڀُليا ڀانئن نٿا تا ڪنهنب جي هٿ امرِ مزيد،

تنهنجي هٿ سڀ حاج تون هاجت روا رب الرشيد،

واهه هن بيواهه جي ڪر، پاڪ پرور! ٿي پناهه،

تنهنجي هٿ سڀ درد جو درمان نه تنهن ۾ اشتباهه،

 

ڪير ڪوٺائي سخي، هٿ دم زني جي جاءِ ناهه!

ڪيئن ته دعوى بادشاهي جي ڪري ڪو بادشاهه!

ڪير بخشي فيض ڪنهن کي سڀڪو ئي محتاج آهه!

تون سخي، تون بادشاهه، تون فيض بخشيندڙ الله،

واهه هن بيواهه جي ڪر، پاڪ پرور! ٿي پناهه،

تنهنجي هٿ سڀ درد جو درمان نه تنهن ۾ اشتباهه،

 

انتَ مولى، اَنت ربي، اَنتَ غَفار الذُنُوب،

اَنتَ فاتِح بابَ خير، اَنتَ کَشافُ القُلوب،

اَنت غافر کُل صوت، اَنتَ عَلاَم الغيوب،

واهه هن بيواهه جي ڪر، پاڪ پرور! ٿي پناهه،

تنهنجي هٿ سڀ درد جو درمان نه تنهن ۾ اشتباهه،

 

ڇا سمنڊ، ڇا بحر، ڇا ڪجهه بارش باران آهه!

تنهنجي فطري فضل جي دريا سندو پايان نه آهه،

بَر رھُخِ انبار فيضت چرخ دانه درنگاهه،

ڇا چوي ساري صفت هِت ڪنه بشر جي بات ناهه،

واهه هن بيواهه جي ڪر، پاڪ پرور! ٿي پناهه،

تنهنجي هٿ سڀ درد جو درمان نه تنهن ۾ اشتباهه،

 

مون ته پنهنجي عمر ۾ ڪي حاج سڀڪا نا صواب

تنهنجو ڇا تفصيل، روشن تو کي مثلِ آفتب،

مون ته عصيانن ۽ عيبن کوءن ۽ عيبن کؤن ڪيو ڪارو ڪتاب،

لطف تنهنجو بي حساب آهي نه ڪج مون سين حساب،

واهه هن بيواهه جي ڪر، پاڪ پرور! ٿي پناهه،

تنهنجي هٿ سڀ درد جو درمان نه تنهن ۾ اشتباهه،

 

”نَحنُ اَقرَبُ“ آهين نيڙي، ڏور آءٌ ڪيڏي وڃان؟

سڀڪو تنهنجي در سوالي سِر کني، ڪيڏي سَڃان؟

عافيت منهنجي بدن کي عاقبت ناهي اڃان،

تندرستي بخش تا پرهيز بيماري ڀڃان،

واهه هن بيواهه جي ڪر، پاڪ پرور! ٿي پناهه،

تنهنجي هٿ سڀ درد جو درمان نه تنهن ۾ اشتباهه،

 

جنہ دوا کي ناهه تنهنجي در ڪنان حڪم شفا؟

تن ۾ ڪنه جي ڪيئن ڪري تاثير حڪمت سا دوا؟

توڙي افلاطون، جالينوس، لقمان توڙي ٻيا،

عقل سڀ برعڪس تن جو تنهنجي رحمت جي بنا،

واهه هن بيواهه جي ڪر، پاڪ پرور! ٿي پناهه،

تنهنجي هٿ سڀ درد جو درمان نه تنهن ۾ اشتباهه،

 

فضل تنهنجو نيم ساعت ۾ ڪٿي سالن جو مرض،

جي گهڻو چوندس ته پڻ محتاج مقبولي سندو.

هي چوڻ ٿورو قبولج منهنجو، آءٌ تنهنجو بندو،

حرف هڪڙي تي نه ٿي بخشش، ته دفتر ڇا ڪندو؟

ٿو پني خيرات سائين کئون، بندو سائين سندو،

واهه هن بيواهه جي ڪر، پاڪ پرور! ٿي پناهه،

تنهنجي هٿ سڀ درد جو درمان نه تنهن ۾ اشتباهه،

 

جي گهڻو چوندس ته پڻ محتاج مقبولي سندو،

هي چوڻ ٿورو قبولج منهنجو، آءٌ تنهنجو بندو،

حرف هڪڙي تي نه ٿي بخشش، ته دفتر ڇا ڪندو؟

ٿو پني خيرات سائين کئون، بندو سائين سندو.

واهه هن بيواهه جي ڪر، پاڪ پرور! ٿي پناهه،

تنهنجي هٿ سڀ درد جو درمان نه تنهن ۾ اشتباهه.

 

دين ۽ ايمان عزت عمر اعلى ٿو گهران،

پنهنجي، آءٌ اولاد پنهنجي ڪاڻ مولى ٿو گهران،

مصطفى ڪارڻ چڱي آءٌ تو کئون سڀڪا ٿو گهران،

ڏي تون هن ”صوفي“ کي سائين ڏات جيڪا ٿو گهران،

واهه هن بيواهه جي ڪر، پاڪ پرور! ٿي پناهه،

تنهنجي هٿ سڀ درد جو درمان نه تنهن ۾ اشتباهه،


[1]   تاجپوري نوابن جي قلمي نسخي تان ورتل.

[2]   تاجپوري نوابن جي قلمي مواد تان اُتاريل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org