سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :21

مدح (نبي ﷺ)[1]

(2)

آيو امام امت، ارشاد ٿيو الاهي،

عالم تي اڀريو سج، آخر لٿي اونداهي،

سيد ڪيو سهائو، سڀ تان ويئي سياهي،

جنهن نُور سان نوازيا نوکنڊ ۽ نواحي،

آهي نبي اسان جو سو مصطفى محمد ﷺ.

 

جملي جهان ۾ هئا، جنهن وقت جنگ جهيڙا،

پاڙو نه ساڻ پاڙي، ڀائر نه ڀاءُ ڀيڙا،

مدت مديد تن جا موٽي ٿيا نه ميڙا،

ڀائر سي بنايا، جنهن بند ڪري بکيڙا،

آهي نبي اسان جو سو مصطفى محمد ﷺ.

 

اڳ ڳالهه اَوسُ، خَزرَج ڄاڻي خدا ته هيءَ هئي،

هڪ خون تان خصومت، تن پاڻ ۾ پهي هئي،

ٽي سئو ورهيه سڻو ٿا رت ڇاڻ ٿي رهي هئي،

سر چائي پوءِ سندين، جنهن صلح ڪئي صحي هئي،

آهي نبي اسان جو سو مصطفى محمد ﷺ.

 

هو شرڪ روءِ زمين تي ظاهر زمان ڪنهن ۾،

ڪنهن جو گمان ڪنهن ۾، ڪنهن جو گمان ڪنهن ۾،

اُتري تڏهن امانت کوءن آسمان ڪنهن ۾،

آهي نبي اسان جو سو مصطفى محمد ﷺ.

 

تَوريت ترڪ ويو ٿي انجيل ويو سو آخر،

ڪابل، قنوج منجهه ڪفر قيد آخر،

گهر گهر بتن جو باتيون، بند ٿيو ڀيد آخر،

تان آفتاب اڀريو، ٿئي اميد آخر،

آهي نبي اسان جو سو مصطفى محمد ﷺ.

 

هڪ ڏينهن حِرا جبل جي چوٽيءَ کان نُور چڙهيو،

ڪل علم ٿيا عطا تنهن، جو ”الف بي“ نه پڙهيو،

جيڪي جناب چيو سو جوهر مثال جَڙيو،

ٻولي ڪتاب ڪنهن ۾ جو اڻ پڙهيو نه اڙيو،

آهي نبي اسان جو سو مصطفى محمد ﷺ.

 

حاڪم رسيا حڪومت، حڪمت ڏنئين حڪيمن،

لاٿائين غم غريبن، ياري ٿئي يتيمن،

سڀ سان سلوڪ سهڻو سارون لڌيون سقيمن،

ڪنهن سان ڪڙو نه ڪڇيا، هو قرب ڪم ڪريمن،

آهي نبي اسان جو سو مصطفى محمد ﷺ.

 

سرور، ثواب حاڪم ساري صحي سيکاريا،

هٺ حاڪمن جي من مان ارشاد سان اُٿاريا،

ٻانها، رئيس ٻاجهون ورنهه گڏي وهاريا،

صدقي وڃان! صدين جا اڻ سڌريل سڌاريا،

آهي نبي اسان جو سو مصطفى محمد ﷺ.

 

منصف مزاج موٽي ظالم جنهين بنايا،

اوٺا ڏيهه عرب جا عالم جنهين بنايا،

بدوي برن پٽن جا بالم جنهين بنايا،

سرڪش سوين سڌاري سالم جنهين بنايا،

آهي نبي اسان جو سو مصطفى محمد ﷺ.

 

ويرين جون ورهيه تيرنهن سختيون سٺيون ٿي صابر،

بلڪل نه بد دعا ڪئي، ڪنهن عدو کي اڪابر،

رب! بخش هن بندن کي، آهن ڀليا برابر،

اهڙو رسول رهبر، نرمي ڪري نشانبر،

آهي نبي اسان جو سو مصطفى محمد ﷺ.

 

 منجهه هند، ويد هوندي مورت ٿي مست مهتا،

اسلام تانڪ آيو پيغام دين پهتا،

نازڪ هنيو نقارو توحيد طرف تهتا،

پُهتا پٿر پوڄارين، ايءُ فيض جنهن جي جهتا،

آهي نبي اسان جو سو مصطفى محمد ﷺ.

 

 اڄ سين هلن هندن ۾، ذاتين تي ضد اَجايا،

اسلام ڏانهن ان مان جيڪي اچي ڪي آيا،

بيشڪ برابريءَ جا تن حق حقوق پايا،

ناڻي نسب تي نخرا جنهن قوم مان ڪڍايا،

آهي نبي اسان جو سو مصطفى محمد ﷺ.

 

 ٻانها ڇڏي ٻين، ٿيا پنهنجي خدا سين پُورا،

سڀ ملڪ ۾ سڌارا سيد ڪيا سمورا،

جنهن کان اڳي نه جڳ ۾ نالو نشان ’شُورى‘،[2]

اي حق هدايَتون ٿيا حاصل جنهين حضورا،

آهي نبي اسان جو سو مصطفيٰ محمد ﷺ.

 

ڪئين سين ’عمر‘ عرب مان پيدا ڪيا پيغمبر،

روشن رهيا جنهين سان محراب، مهت، منبر،

منجهه لسٽ عارفن جي اول نبي جو نمبر،

گوهر جتي گذاريو سي ماڳ مشڪ عنبر.

آهي نبي اسان جو سو مصطفيٰ محمد ﷺ.

 

اسلام آهي برحق، الله ڏي سڏي ٿو

شاهه و گدا کي سرکو پنهنجو پناهه ڏي ٿو،

ورهين جا وير وانڌا وهلو وڍي ڇڏي ٿو،

اَڀرن جا وير اونڌا وهلو وڍي ڇڏي ٿو،

آهي نبي اسان جو سو مصطفيٰ محمد ﷺ.

 

رستو رسول جو وٺ اي مرد! ويهه نه منجهي.

فيضان جنهين جي هليو جملي جهان گُنجي،

ٿي خاص هڪ خدا جو، ڏئي راءِ ٻيءَ کي ٻُنجي،

ٿيو ڪل ڪماليت جو ڪلمو ڪريم ڪُنجي.

آهي نبي اسان جو سو مصطفيٰ محمد ﷺ.

لااِلہٰ اِلاَ الله مُحمد رسول اللهِ.

مناجات[3]

نبي ﷺ جي بارگاهه ۾

(لالڻ خان لغاري جي چيل)

[لالڻ ولد علي بخش ولد جيئندو خان، پاڙو سنجراڻي لغاري، ويٺل ڳوٺ گل محمد لغاري (لڳ اسٽيشن سرهاري) تعلقو شهدادپور. هڪ سگهڙ شاعر هو. لالڻ جي شعر جو وڏو حصو سرائڪيءَ ۾ آهي، جو حمل فقير جي تتبع تي پر نهايت سهڻي رنگ ۾ چيو اٿس. ”يوسف زليخا“ ۽ ”هير“ جا قصا پڻ ٺاهيا اٿس، هنر، ڏور ۽ ڳجهارتن جي فن جو به وڏو ڄاڻو ۽ ڳوٺاڻين ڪچهرين جو مور هو.]

ساراهيان صاحب سچو قدرت جنهين ڪُل ۾ ڌري،

ڪل نبين ۾ ڪثر مرسل زمان ٿيو محشري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

آهي عرض توکي علي! دامن دليان تنهنجي جهلي،

واهر ويچارن ٿي ولي! مشڪل منهنجي کي هڻ تري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

عاجز آهيان عيبن ڀريو، دل سان مٿو تو در ڌريو،

پيس پلئي پنهنجو ڪريو، دردن سندي لاهيو دري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

دردي بيٺو دانهون ڪري، ٻانهون ٻڌي آهون ڪري،

تنهن کان نه ٿي پارس! پري، هڻ ڪو نعرو حيدري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

حسنين ٻئي حامي ٿيو، پاڙي اوهان جي هيءُ پيو،

ڪو ڏڍ ڏکويل کي ڏيو، ٺپڙا وڃن تنهن دم ٺري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

آهن اميدون شاهه ۾، رويو ڏسان رند راهه ۾،

بيوس آهيان بند راهه ۾، آلاهه گوندر گوهري!،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

سائل بيٺو تو لئي سڪي، هي چاڪ پيو جگري چڪي،

تنهن کي ڪڍو ڇوهون ڇڪي، مونجهون وڃن دل جون مري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

آهين نسورو نُور تون، دکڙا ڪڍي ڪر دور تون،

معافي ڪرائي تون، جئن فتح ڪيئي خيبري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

ڪوڙي آهيان قولين ڪچي، سڏ پئي ڪريان دلڙي سچي،

تنهن کي اشارو ڏيو اچي، تنهن دم وڃي طالب تري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

سختي اٿم سُورن سٺي، ميري آهيان توڙي مَٺي،

معافي ڏيو منڍ کان وٺي، ڳڻتيون وڃن دل جون ڳري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 آزي ڪريان عيبن ڀريون، ڪامل نظر پنهنجي ڪريو،

هيڻي مٿان هٿڙا ڌريو، پارس! وڃي پِٽڙي ڳري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

آهيون دادلا دربار جا، صادق سچا سرڪار جا،

غمڙا لاهيو غمخوار جا، ڪريو اندر کي آهري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 لک ڏوهه جا ليکا ڇڏيو، گولي کڻي پاڻهي گڏيو،

لالڻ! ويندو هرڪو لڏيو، توڙي هجي ڪو تونگري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

سؤ صغيرا ڪئي ڪبيرا، ڪن اوهيرا نرڳ نِيرا،

ٿا اچن اڳيان اوهيرا، جرم جي ڳنڍڙي ڌري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 ڏاج ڏوهن جا ڏسي، ڦارون ٿيو هينئَڙو ڦسي،

کانتل وڃان ڪيڏانهن کسي، احمد! اچي ڏيو آڌري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 ظاهر ظالم ڪئي مون زنا، تن جي فڪر ڪيڙو فضا،

ناهي ڪنڌي ٻي تو ڪنا، معافي وٺي ڏيو محشري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

پنجتن مون پارس آهيو، هر جا ولهن وارث آهيو،

بر ۾ بندو بيوس رهيو، قيدئون ڪڍي ڇڏ ڪانهري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

گوندر پيا گڏجي گهڻا، ڪانهي ڪنڌي ڪهڙا ڳڻيان؟

مالڪ وڌِي تو ۾ مڻيا، عاصي ڇڏائج انوري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 سائل سندا سڏڙا سُڻي، ڪڍ مرض کي چونڊي چُڻي،

بس کڻ ڌڪاريل، تون ڌڻي، هيءَ ڳالهه نا تو وٽ ڳري.

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 آءٌ هام آيس جي هڻي، خالي اڳيان هٿڙا کڻي،

پِرتان ڏيارج پنج ڪَڻي، تنهن دان مان کولي دري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

هن سُور کي سيد سَٽي، ڪڍ پاڙ تون تنهن جي پٽي،

”لالڻ“ سندا دکڙا لٽي، اڇلاءِ انڌي کي ٻاهري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 مون سان ڪميڻن ڪئي مدعا، ڪر جان مان تن کي جدا،

خالق تڙيو تن کي خد، ٿيو چور ويس چانگو چري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 رسجان مدح کان تون اڳي، جو توهه تنهنجي ۾ ٿڳي،

جئن ڪٽ پارس سان لڳي، صاحب! تو کان سڀڪا سري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 وحدت نغارو سو وڳو، هٿ حيدري جنهن کي لڳو.

ڀاڙي اُتان سڀڪو ڀڳو، نعرو لڳي ويو نادري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 مشڪل منهنجي کي ماد ڪر، خالي نه مون فرياد ڪر،

دلگير جي دل شاد ڪر، طالب وڃي هڪدم تري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 جيڪو اچي تنهنجي تڏي، سوڀون ڏئين تنهن کي سڏي،

گوندر ويا غمڙا لڏي، اڄ عيد ٿي وئي اڪبري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 ڪيڙم دوائون دربدر، ڪامل! نه پئي ڪاٿون ڪثر،

نرمل ڪري پنهنجي نظر، ويَڙو ڀلو لاهي ڀري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 سنگ سُور کي ساڙي ڇڏيو، هن چاڙهه مان چاڙهي هي ڇڏيو،

پِرين سندي پاڙي ڇڏيو، کوٽي ڪندا هٿ سان کَري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 سائل جيڪو سوالي اچي، ڪڏهن نه سو خالي اچي،

وڙ ڪندو والي اچي، آهن، اميدون ازگري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 آهيان اصل هڪڙي ڄڻي، ڪر دفع دشمن کي کڻي،

پيرين سندي سو ٿئي پڻي، مطلب مدعي جو پئي مري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 ميريون مديون ڪل معاف ڪر، سينو جگر ٻئي صاف ڪر،

ٻاهر ڪڍي هيءَ ٻاڦ ڪر، ٺهه ڦهه وڃي هينئڙو ٺري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 دردن اچي ديرو ڪيو، کائي پٿر کيرو ڪيو،

ڦاٿل مٿي ڦيرو ڪيو، ڏکڙا وڃن تنهن دم ڏري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 لائق ناهيان ليکو ڪندو، بڇڙو آهيان بيحد بندو،

تنهن سان نه تاڻي شل تندو، ڪامل! پيس قدمن ڪري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 بيوس آهيان بر ۾ بندي، آءٌ گڏ گناهن سان گندي،

ته به سام سيد! تو سندي، چنبڙي آهيان توکي چري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 ڪوجهي آهيان توڙي ڪني، ڇوڙي نه ڇڏ تنهن کي ڇني،

پناهه پرور کان پني، احمد! اچي ڏي آڌري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 سيد! سگهو ٿي سرچ تون، پيار سان مل پرچ تون،

خالي وڃاءِ نه خرچ تون، ذوالجلالي زر وري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

 مولى! مداح کي مان ڏي، دلگير آ دو کي وڏي،

شافع ڏيو تنهن کي سڏي، گولي آهيان گندري گَري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

 

تون تونگر تون طبيب، هر جا حڪم تنهنجو حبيب،

عاصي سنديون تون اي عجيب، ”لالڻ“ سنڀالون لهه وري،

موٽ مرسل مير! تون، سائينءَ ڏني تو سروري،

رس، رسول هاشمي! واهر وسيلو ٿي وري.

مدح (نبي ﷺ ۽ صحابه ڪرام)[4]

(پانڌي آريسر جي چيل)

[پانڌي ولد مانجهي ذات آريسر، ڳوٺ ڄاريڪي تعلقي ٽنڊي الهيار جو رهاڪو هو. سندس علمي لياقت پارسيءَ ۾ ’ڪريما“ ۽ ’ما مقيما’ تائين هئي. درس تدريس ۽ حڪمت سندس خاص شغل هئا. ميانجي پانڌيءَ جون گهڻيون مدحون آهن، جن مان هتي ٻه نموني طور ڏجن ٿيون.]

جبار، رب ستار، ڪيو نروار نبيءَ کي،

پنهنجي نُور مان ظهور، ڪيئين سردار شفيع کي،

سڄي ملڪ ۾ مشهور ڪيائين مهندار مڪيءَ کي،

شرف شان، مليس مان، کليا باغ بهارا،

مرسل ٿيو مهندار وڳا دين نغارا.

 

جنهن رات ۾ رسول نبي ڄام هو ڄائو،

عربيءَ لاٿي اوندهه ٿيو صاف سهائو،

محڪم ٿي محبوب، دلبر دين وڌايو،

واحد مُڪو جنهن ڏي وحي سو جيءُ جيارا.

 

احمد ڄام کي انعام، مليا مُلڪ مدامي،

جبرئيل آيو جلدي وٺي راهه رباني،

معراج چڙهيو مرسل آيو حڪم حقاني،

اقصى ۾ پڙهيا نفل، نبيءَ منجهه حضورا.

 

جڏهن بهشت ڏانهن براق تي هاشمي هليو،

ات مرحبا مَلڪن قريشيءَ کي چيو،

رف رف تي چڙهي رهبر، محبوب کي مليو،

ايڏا شرف تنهن شافع کي، ڏنا ڏيج ڏاتارا.

 

مليو محب کي محبوب، جنهن جي پاڪ پيشاني،

رکي رحمتيءَ تي راض، ڪيائين عالم انعامي،

مُهر هڻي مرسل کي، ڪيائين نبوت نيشاني،

رب رسول جا قبول ڪيا عرض اشارا.

 

جنهن جو يار، اکين ٺار، پهريون پاڪ پيارو،

منجهه غار هو رفيق، سو ’صديق‘ سونهارو،

هر وقت همراهه، تنهن جي ڀر ۾ ڀلارو،

تنهن سين قرب ڪيا ڪيڏا! ڪامل ٿيو قرارا.

 

ورنهه وير، وٽ وزير، ‘عمر‘ مير هو اعلى،

ٿي همراهه رهبر سين ڀڳئين ڪافرن قلعا،

نگهو سار ۾ ٿيا غار، لڳا خارجين کَلا،

تڙي تن کي ڪڍي ترت ڪيئن لحظي لڄارا.

 

’عثمان بن عفان‘ هو قرآن جو قوي،

سو علم جو اٿاهه، هو سردار وٽ صحي

تنهن فائق ڪيو فرقان جمع، پيغمبر سان پهي،

”والضحى“ ۾ وصف، جنهن ۾ رکيئين ”طهٰ“ ۾ تبارا.

 

اسرار ’علي شاهه، هو سورهيه سو سلطان،

سڳو سوٽ سيد جو هو نافع سو نيشان،

مردودن کي ماري، ڪيئين ڪافر قتلام،

دلدل تي چڙهي دلبر، ٿيو صحيح سوارا.

 

حَسين ۽ حُسين تي ٿيو حڪم شهادت،

سهڻي اندر صاف ڏٺو خواب خديجه،

ٿيندا شير مون شهيد، سي فرزند فاطمه،

امر مڃي عارف ٿيا منجهه حاصل حضورا.

 

”لِمَنِ المُلڪِ اَليَومُ“ الله واحد القهار،

فائر ڪيا فرقان ۾، سي نرمل نروار،

محشر جي ميدان ۾ ايندو ڏمرجي ڏاتار،

اتي پُٽَ نه پيءُ کي ٿيندا ڀارَ بيزارا.

 

اولياء انبياء ڏسي قهر کي ڪنبندا،

نه ياد هوندو يار، نه اولاد استادا،

حاجي، عالم، حافظ ات حيراني ۾ هوندا،

ڪج مريض تي مهر تون محبوب موچارا.

 

مڙئي الله جي درگاهه ۾ داڙون دڙيندو،

سجدو هلي سردار اُتي، ڪلتار کي ڪندو،

احمد ڄام کي عزت، اُت ڏاتار ڏيندو،

بخشيندو بَدين بار، ڇٽندا ڏڏ ڏوهارا.

 

”پانڌي“ پينار، گنهگار، ٿو سائل سڏائي،

هن عاصيءَ کي احمد ڄام، منجهان ڇوهه ڇڏائي،

منجهان لوڪ، سو لطيف لطف ساڻ سڏائي،

پڙهي اشهد ڪلمو پاڪ ڪيان پرت پچارا.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.


[1]   ”گلشن احمد“ مطبوعه احمديه دارالاشاعت بدين (سال 1959ع) تان اُتاريل.

[2]   شورى = جماعت جي صلاح سان ڪيل فيصلو يا حڪم.

[3]   وچولي (تعلقي شهدادپور) مان ظفر بلوچ کان پهتل.

[4]   يار محمد مهاڻي (ڳوٺ کوکر تعلقي ٽنڊي الهيار) جي قلمي نسخي تان اُتاريل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org