سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :7

مناجات (نبي ﷺ)[1]

(ميان حامد الله جي چيل)

[ميان حامد الله عرف حامد حضوري ولد ميان روشن سن 1213هه/ 1798ع ڌاري، لاڙڪاڻي کان 19 ميل اُتر طرف، ميرو خان شهر ۾ تولد ٿيو. ميان صاحب ننڍي هوندي کان ئي حليم طبع، نهايت پرهيزگار ۽ عابد هوندو هو. آخر ۾ پنهنجي وقت جو وڏو اهل الله ۽ صاحب ڪرامت درويش ٿي گذريو. ميان حامد الله جي شعر وشاعريءَ مان مداحون ۽ مناجاتون ڪافي مشهور آهن. پاڻ 77 ورهين جي ڄمار ۾ سنه 1290هه/ 1873ع ڌاري وفات ڪئي، شهر ميرو خان ۾ سندس مزار زيارتگاهه عام و خاص آهي.]

حَمد ثنا آءٌ هر هر، پِر تَئون پڙهان ٿو پرور!

قادر! قبول تون ڪر، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

خاوند آهي خالق، روزي رسائي رازق،

مُلڪن مِڙن جو مالڪ، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

قائم، قديم، قادر، دائم، دوام، داور،

عالِم، عليم، اَڪبر، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

مولي مُڪو محمد، آڌار اَڙين جو اَحمد،

سردار سڀ جو رهبر، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

سالار سڀ جو سائين، اَڪمل اَجهو تون آهين،

لَڪ مؤن اچي لنگهائين، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

عالي علوم تنهنجو، ٻئي هڏ نه آهي ڪنهن جو،

هر گز نه آهي ٻئي جو، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

سرور! صلوات تنهنجي، جاني! جياپو جيءَ جي،

توشو آهيم تن جي، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

مدنِي مِٺا منور! آهين، اجهو تون اَنوَر!

دلداري ڏيج، دلبر! ، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

پرور سندو پيارو، نوري ڪيو نظارو،

سولو ڍَريم ڍارو، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

سيد سچو سُونهارو، مُرسل مٺو مڻيارو،

وارث وارئي وارو، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

عرشن اُتي جو آيون، جانب! پَسيون تو جايون،

ڳالهيون ڳجهيون ڳالهيون، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

راحم! رسيم راحت، هادي گهران هدايت،

ايمان جي امانت، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر! 

پازي ڇڏيو نه پنهنجو، سو کو رکوم سَهنجو،

آڳتي مدار اَنهنجو، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

اُمتي اوهان جو آهيان، ٻئي در ڪنهين نه ڪاهيان،

نِرمل! تون ڪر نگاهان، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

دانهيِن جو در تي آيو، ساري ڪيوم سعيو،

ڇينو اچي ڇڏايو، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

قَلبئون ڪڍوم ڪِينو، جيئن صاف ٿِئيم سِينو،

مُشفق پسان مدينو، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

دل، ڇوڪرين ٿِي دوکو؟ جيءَ مان ڇڏي ويو جوکو،

ڪم سڀ ٿيوم سؤکو، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

سائل توکي سَندايو، ٻانهي گهڻو ٻاڏايو،

دُهرا دان تنهن دِلايو، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

شافي ٿئي شرعيت، ظاهر ٿئي طريقت،

حامي ڏيو حقيقت، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

من کي هُويَمِ معرفت، روح کي رسيم راحت،

سَولي ڪريوم ساعت، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

مون کان ٿيو مَدايون، ڪوجهون ڪَيم ڪَچايون،

مرسل مڙئي مَٺايون، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

پِر تَئون هُيس پياسو، دلبر ڏنو دلاسو،

غم جو رهيو نه ماسو، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

جنهن ڏُور ٿي ڏَسايو، پاڻهين پِرين سو آيو،

ٿورو لَکن جو لايو، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

جانِي توکي جُڳائي، وڃ پاڻ تون پسائي،

مون ساهه کي سِيبائي، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

مون وٽ عجيب آيو، جنهن لاءِ جيءُ سِڪايو

مولى مون کي ملايو، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

آڏو پَکا اَڏايائون، سِڪنديءَ سگهو سَڏيائون،

گولِي نيئي گڏيائون، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

سهنجئون ڪيوم سعيو، سو سڀ ٿِيُم سجايو،

’احمد‘ اڱڻ مون آيو، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

اولاد آجا منهنجي، سيد! رهي سا سَهنجِي،

محتاج ٿئي نه ڪنن جي، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

محبت جني جي مون سان، مولى ميلِين تَنِي سان،

مشڪل هجيم آسان، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

محبت پنهنجي ڏِياريو، نا ٻِئي ڳَلِي ڏيکاريو،

سڀ ڪار مون سَنواريو، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

لالچ ٻئي نه لايو، نَه ڪاڻَ ڪنهن ڪڍايو،

چائُٺَ پنهنجي چُمايو، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

دليؤن گهريم دعائون، ڪَر مؤن قبول ڪيائون!

مَن جون پنيون مرادون، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

صادق ’صديق اڪبر‘، غازي هو غار حاضر،

راسخ رفيق رهبر، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

عادل امير ’عُمَرُ‘، سالڪ سُلوڪ سُفر،

هر حرب ۾ مُظفَر، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

عارف امير ’عثمان‘، جوڙي جمع ڪِيو قرآن،

راضي مٿس رحمان، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

مولى علي، ’انور‘، داناءُ دوست دلبر،

فائق فتح ڪيو خيبر، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

مون کي ملاءِ ’حسن‘، جانب جَڙيوم جيءُ جن،

محفوظ منهنجو آ من، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

شاههِ شهيد ڪربلا، سڪ سوز تنهن جو ڪنهن سَلان؟

شال مومن مون ملان، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

پنجتن پاڪ پساءِ مون، محبوب محب ملاءِ مون،

آهين اَجهو اِلاهه مون، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

مربي مَحُي الدين مير، سردار پيران پير،

واهر وسيلو تون وير، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

شهباز شير آهين، درسن پنهنجو پَسائين،

ڪٽ قلب جي ڪٽائين، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

ملتان ۾ موچارو، ڪامل قريش قرارو،

نوري ڪيو نظارو، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر! 

شه نقشبندي نُوري، حضرت تون آن حضوري،

هر حاج ٿئيم پوري، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

صاحب ’صُفي‘ جا سائين، مُرشد ڪامل تون آهين،

مون تؤن نِگه نه لاهين، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

”حامِد“ مڱي حمايت، عربي ڪَيو عنايت،

ايمان ٿئي سلامت، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

پِريَنِ سندي پيراندي، سان مون ٿئي سيراندي،

هجان هوت سان هيڪاندي، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

ڪامل اچي قبر ۾، همارهه ٿج حشر ۾،

پهچج اچي پلڪ ۾، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

سڪرات ويل سائين! پنهنجو پاڻ تون پسائين،

ڪلمو اچي پڙهائين، رس يا سخي سرور!

پهچج اَچي پيغمبر!

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ

مناجات (بادشاهه پير)[2]

(همت علي شاهه جي چيل)

[همت علي شاهه رضوي، ساڪن روهڙي ضلعي سکر ”ڪوٽائي سادات“ جي خاندان ۾ ٿي گذريو آهي. روهڙي اسٽيشن لڳ پير يعقوب شاهه جي ڪوٽ ۾ سندس رهائش هئي، جيئن ته هن خاندان جي پوين کي علمي ذوق نه رهيو، تنهن ڪري همت علي شاهه جي ڄم ۽ وفات محفوظ نه رهي سگهيا. البت سنسد دستخط نسخي ۾ هڪ هنڌ تي، تاريخ 20- ربيع الاول سنه 1290 هجري مرقوم آهي. هيٺ ڄاڻايل مناجات مان معلوم ٿو ٿئي، ته همت علي شاهه، هيءَ مناجات سنڌ جي قديم مدح گوشاعر جمن چارڻ جي مشهور مناجات کان متاثر ٿي چئي آهي.]

بهرِ خدا قائم بقا، بهر مُحمد مصطفى،

بهرِ علي المرتضى، تو کؤن مڱان صدق صفا.

يا شاهه ميران دستگير!

رهبر آهين تون راهه جو، ديوان تون درگاهه جو،

تون دفتري الله جو، آگاهه ٿي هن آهه جو،

ڪو غور ڪر مان ڏاهه جو. يا شاهه ميران دستگير!

 

واسطي خدا جي عرض ڪر، حاصل مڙيئي غرض ڪر،

سڀ ڏور تَن کؤن مرض ڪر، آجو اسان کؤن فرض ڪر،

هڪ مُور سنت فرض ڪر. يا شاهه ميران دستگير!

 

واسطي خدا جي ڪم ڪرين، غمگين کي بي غم ڪرين،

رنجور کي مرهم ڪرين، محتاج تي ته رحم ڪرين،

سڀ مدعي درهم ڪرين. يا شاهه ميران دستگير!

 

واسطي خدا جي ڪرم ڪر، دامن لڳي جو شرم ڪر.

لڄ شرم جو ڪو ڀرم ڪر، پنهنجي درون ڪو رحم ڪر

دل دشمنن جي نرم ڪر. يا شاهه ميران دستگير!

 

تون داد ڏين بغداد ۾، فرصت نه ڪر امداد ۾،

استاد ٿي ارشاد ۾، في الحال رس فرياد ۾،

فرزند ڏين اولاد ۾. يا شاهه ميران دستگير!

 

ڪر مهر تون محتاج تي، ڪو غور ڪر هن هاج تي،

ڏيکار مطلب ڪاج تي، سُک راڄ ڏين سڀ راڄ تي،

سامان ڏي هن ساج تي. يا شاهه ميران دستگير!

 

سلطان تون جيلان جو، مطلوب تون سبحان جو،

تون شاهه اعلى شان جو، تون باغ آن احسان جو،

ڏي آسرو ايمان جو. يا شاهه ميران دستگير!

 

توکي خدا عزت ڏني، اسرار جي عظمت ڏني،

سڀ چيز جي قدرت ڏني، مُلڪن اتي مَلڪت ڏني،

اخلاق جي خلعت ڏني. يا شاهه ميران دستگير!

 

پيري مَ ڏي صد سال جي، فرزند پيري زال جي،

توکي خبر هر حال جي، ثابت رکين سُک ڀال جي،

فرمان سان في الحال جي. يا شاهه ميران دستگير!

 

پنهنجي مريدن کي نه ڪر، محتاج ڪنهن جو دربدر،

ڪر ڪم ڪرم سان سربسر، ويلي اُتي ڪر وِير ور،

تنهنجي آهي هي پِير ڀر. يا شاهه ميران دستگير!

 

جي مان هٿئون تقصير ٿئي، دل درد ۾ دلگير ٿئي،

مان کؤن نڪا تدبير ٿئي، سعيو مدد تو پِير ٿئي،

احسان سان امير ٿئي. يا شاهه ميران دستگير!

 

ڪو لطف ڪر احسان ڪر، مشڪل سندم آسان ڪر،

ڪو فضل جو فرمان ڪر، سڀ درد جو درمان ڪر،

راضي تون ئي رحمان ڪر. يا شاهه ميران دستگير!

 

راضي ٿيو توتي ڌڻي، تعظيم ڏنائين تو گهڻي،

پيرن تُنهنجن جي پڻي، سڀ اولياءَ تي ٿي ڇڻي،

تن چائي چشمن تي کڻي. يا شاهه ميران دستگير!

 

جيلان ۽ گيلان ۾، ڪر ڪنج ۽ ڪران ۾،

مردان ۽ خزران ۾، صفان ۽ اولان ۾،

توکي پهچن ايمان ۾. يا شاهه ميران دستگير!

 

سڀ سنڌ، هندستان تي، تبريز ترڪستان تي،

خطلان، خورستان تي، ايران ۽ توران تي،

تنهن جو عمل سِستان تي. يا شاهه ميران دستگير!

 

تنهن جو عمل استرخ تي، معروف ڪرخي ڪرخ تي،

چائوس تنهنجا چرخ تي، تنهنجو نمڪ سڀ نرخ تي،

ڇا سبز تي ڇا سرخ تي. يا شاهه ميران دستگير!

 

تنهنجو وچن سڀ تي چلي، ٻيو ڪو نه ڪو توکي جهلي،

توتي عمل حق جو هلي، منهنجو هينؤن سچ ٿو سلي،

آءٌ ڀي لڳس تنهنجي پلي. يا شاهه ميران دستگير!

 

هن وقت جو ’ڪلجڳ‘ لڳو، پيو ڪوڙ جي سچ کي ٽَڳو،

همراهه ڪونهي ڪو سڳو، تنهن ٿو رنجي تنهنجي کون ڀڳو،

تو پير ٿيو پيڇو اڳو. يا شاهه ميران دستگير!

 

ستاويهين ماههِ رجب، مِيلاد تنهنجو ٿيو عجب،

معراج ڪيو تنهن تان طلب، طالب ٿيو عجم و عرب،

ڪر دفع هي رنج و ڪرب. يا شاهه ميران دستگير!

 

خادم قوي طالع ٿيو، تعريف تنهن جي ۾ ڪَهيو،

جو در اتي تنهنجي پيو، تنهن کي مَ ڏَس ڪو در ٻيو،

روشن ڪرين تنهن جو ڏيو. يا شاهه ميران دستگير!

 

بر وبحر، خشڪي تري، صاحب ڏني ٿئي سروري،

مون تي ڪريو واهر وري، پَٽِ پِيرَ دولت دري،

محبوب! نه ته ويندس مري. يا شاهه ميران دستگير!

 

ڪر بند دشمن جي زبان، مشڪل ڪشا ٿي مهربان،

آءٌ حال پنهنجو ڇا چوان، ڪنهنجو ڪريان ڪنهن سان بيان،

سڀڪي آهي توکي عيان. يا شاهه ميران دستگير!

 

تون راهه ڪر گمراهه کي، آجو ڪرين ارواح کي،

مقصود ڏيارين راهه کي، درويش دانهين شاهه کي.

يا شاهه ميران دستگير!

 

تون پاڪ ذات جو، مظهر وڏي ڏات جو،

پرچين جي تون پرڀات جو، ڪو ڪر بِلو هن بات جو،

مطلب ڪرين ڏينهن رات جو. يا شاهه ميران دستگير!

 

جي آءٌ آهيان ڪرتين ڪچو، تنهنجو سخن آهي سچو،

جنهن کي بچايو سو بچيو، نج رنگ رحمت جي رچيو،

ڪلمو محمد تي سچو. يا شاهه ميران دستگير!

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مدح (نبي ﷺ)[3]

(حمل فقير لغاري جي چيل)

[حمل فقير ولد رحيم خان لغاري، بلوچ قوم جي سيرڪاڻي قبيلي جي بهلواڻي پاڙي مان هو. سنه 1225 هجري/ 1809ع ۾ ڄائو. حمل فقير جا وڏا لڏي اچي خيرپور رياست ۾ رهيا هئا، پر پاڻ ڳوٺ ميوي خان لغاريءَ لڳ، تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ رهائش اختيار ڪئي هئائين. هن کي ننڍي هوندي کان وٺي تعليم ۽ تربيت چڱي ملي هئي، پارسيءَ ۾ هوشيار هو پاڻ به پڙهائيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪيو هئائين. حمل فقير جا وقت جي خاندانن، جهڙوڪ: مير علي مراد، مير شاهنواز ۽ پير پاڳارن، لکي ساداتن سان گهاٽا تعلقات هئا، جي کيس قدر دانيءَ جي نگاهن سان ڏسندا هئا. هو لنواريءَ وارن بزرگن جو مريد هو انهن جي تعريف ۽ عقيدت ۾ قصيدا چيا اٿس. حمل فقير ذهين، خليق ۽ خوش مزاج هوندو هو. هميشه سائو پهراڻ ۽ سائي پڳ ڍڪيندو هو. فقير صاحب وڏي عمر ۾ 2- صفر 1296 هجري/ 1878ع ۾ وفات ڪئي. سندس قبر ڳوٺ محمود لغاري (تعلقي سڪرنڊ) لڳ ”ابراهيم شاهه واري مقام“ ۾ آهي.]

(1)

سيد سچا سردار تون، عالم سندا آڌار تون،

ڪُل مرسلن مهندار تون. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

بيشڪ رسول الله تون، بيشڪ نبي الله تون،

بيشڪ حبيب الله تون. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

توکي قرب ”قَوسَين“[4] جو، صاحب آهين ثقلين جو،

تون ”قُرت العَينَين“ جو. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

توتي رحم رب پاڪ جو، توکي لقب ”لولاڪ“ جو،

غم ميٽ مون غمناڪ جو. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

تو لئه زمين آسمان ٿيا، جن و مَلَڪ انسان ٿيا،

توسان وڏا احسان ٿيا. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

بيشڪ شفيع شافي آهين، مديون ڪندڙ معافي آهين،

واهر وِلهن وافِي[5] آهين. ڪر مهر مون تي مصطفى!

مرسل! توکي معراج ٿيو، تنهنجو ڪُلي ڪم ڪاج ٿيو،

اَسانُ ڪُل احتياج ٿيو. ڪر مهر مون تي مصطفى!

زينت نبين جو زيب تون، عاصين ڍڪيندڙ عيب تون

لاشڪ شفيع لاريب تون. ڪر مهر مون تي مصطفى!

آهين اکين جو ٺار تون، مولى سندو مختار تون،

کڻندڙ کُهيَن[6] جا بار تون. ڪر مهر مون تي مصطفى!

جِن و پَريون، مَردم مَلَڪ، ڇا عرش ڇا فرش و فَلَڪ،

هر جا تنهنجو جلوو جهلڪ. ڪر مهر مون تي مصطفى!

تنهنجو طبل ’توارن‘ تي، ’عرب‘ و ’عجم‘، ’ايران‘ تي،[7]

هر جا تنهنجو جلوو جهلڪ. ڪر مهر مون تي مصطفى!

جلوو تنهنجو ’جيلان‘ ۾، پيو غلغلو ’گيلان‘ ۾،

اُمت تنهنجي ايمان ۾. ڪر مهر مون تي مصطفى!

رُخ ’روم‘ تي رايو سندءِ، ’سرحد‘ اُتي سايو سندءِ،

پيغمبري پايو سندءِ. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’شروان‘ ۽ ’شيراز‘ ۾، ۽ ’اصطخر‘، ’اهوواز‘[8] ۾،

ڪُل نياز مند تو نياز ۾. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

منجهه ’قسطنطنيه‘ ۽ ’قيروان‘،[9] بر پيرويءَ تو پيرُوان،

تو پيشوا پيغمبران. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

بادل وسن ’بلغَار‘[10] تي، ’غزني‘، ’گنجي‘، ’گرنار‘ تي،

’مسقط‘، ’مبئي‘، ’ملبار‘، تي. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

تنهنجون حديثون منجهه ’حلب‘،[11] ’طوسى‘ رکن تنهنجي طلب،

تو صاف ڪيا ڪل جا قلب. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

تون ڪيو ڪٿوري ڪُل ’ختن‘،[12] ’فارس‘، ’فلسطين‘ ۽ ’فَتن‘،

حاضر آهين منجهه هر وطن. ڪر مهر مون تي مصطفى!

’ترمذ‘،[13] ’تبت‘، ’تاتار‘ ۾، ’اَفرنج‘، ’فرنگ‘، ’فرخار‘ ۾،

گويا تنهنجي گرفتار م. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’بابل‘، ’بخارا‘ منجهه ’بلخ‘، ’خاور‘،[14] ’خراسان‘ ۽ ’خلخ‘،

توکي مڃن مور و مَلخ. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’مازندران‘[15] منجهه ماورا‘، اُمت تنهنجي ڪُل اَنورا!

حامي آهين هر دوسرا. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’ڪنعان‘، ’ڪوفو‘، ’ڪربلا‘، جت ها ڪُٺا[16] ڪوفين ڀَلا،

تن خارجن جي سِرَ کَلا. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’بيت المقدس‘ ۾ مَشر،[17] هر جا تنهنجو نالو نَشر،

حامي حمايت منجهه حشر. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

حيرت تنهنجي ’هيرات‘[18] ۾، غلبو تنهنجو ’گجرات‘ ۾!

تولئه سڪن ’سڪلات‘ ۾. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’مُڪلا‘،[19] ’مدائن‘، ’مروندي‘، ’طمغاچ‘، تابع تو سندي،

ڪُل جي ڪڄيِن ميري مَدي. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’تاجيڪ‘[20] ۽ ’تبريز‘ ۾، ’ايلاق‘ ۽ انگريز ۾،

فائِق ڪيا تو فيض ۾. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’اِرمَن‘،[21] ’عدن‘، ’عرفات‘ ۾، ’ڪاڇي‘، ’ڪڇي‘، ’قلات‘ ۾،

صلوات وائي وات ۾. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’نخشب‘[22] نديءَ ۾ نام تو، منجهه ’اصفهان‘ اسلام تو،

هندي، سنڌي سڀ سام تو. ڪر مهر مون تي مصطفى!

’دهلي‘، ’دکن‘، ’دهمان‘ ۾، ’ڪشمير‘ ۽ ’ڪاشان‘ ۾،

تو دين تي ’دمغان‘ ۾. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’بصرو‘، ’بنگالو‘، ’بندري‘، تو امر ۾ ’آمر سري‘،

خواهان خلق خشڪ و تري. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’چوچڪ‘،[23] ’چگل‘ ۽ ’چين‘ ۾، ’مشهد‘، ’مسخي‘، ’ماچين‘ ۾،

نت ياد تون ياسين ۾. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

ڪڇ‘، ’ڪلڪتي‘، ’قنڌار‘ ۾، ’قَلزُم‘،[24] ڪُلي ڪوهسار[25] ۾،

هُلچو هَڪل ’هالار‘ ۾. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

تنهنجي خبر ’خِرقان‘[26] ۾، ڇا ’يمن‘ ڇا ’يونان‘ ۾،

حمدون پڙهن ’همدان‘ ۾. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’لکنؤ لقا ’لبنان‘[27] ۾، ’بغداد‘ ۽ ’بُستان‘ ۾،

قائل تنهنجا ’ڪرمان‘ ۾. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’سيوي‘،[28] ’سيوستان‘، ’سمرقند‘، ’خزران‘، ’خيَبر‘ ۽ ’خُجند‘،

عاصي  آهن اُميِد مند. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’ٺٽي ننگر‘، ’ناگور‘ ۾، ’لمغان‘[29] ۽ ’لاهور‘ ۾،

ڪلما پڙهن ’ڪشمور‘ ۾. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’پوني‘، ’پشين‘[30] منجهه ’پارڪر‘، ڇا ’ڀاڳناڙي‘، ’ڀاڳسر‘،

بانگون پڙهن منجهه ’باختر‘. ڪر مهر مون تي مصطفى!

ٿي ماڙ تنهنجي ’ماڙ‘ تي، ڪِيئي ڪرم ’ڪاٺياواڙ‘ تي،

لک لطف ڪيا تو ’لاڙ‘ تي. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’لنواري‘ لطف سان لعل ڪِيئي، تنهن تي ڀلا! لک ڀال ڪِيئي،

اعلى سندس اقبال ڪِيئي. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’لنواري‘ نِسورو نُور آ، پُرنُور سو ’ڪوهه طور‘ آ،

مُلڪان مُلڪ مشهور آ. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

مرشد منهنجو مسرور هوءِ، غم درد تنهن کؤن دور هوءِ،

مَدحي تنهنجو منظور هوءِ. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’اُچ‘، ’آگرو‘، ’عدن‘، ’اَٽڪ‘، ’لڪي‘، تنهنجي لٽڪ!

ڪل ’ڪابلي‘ تنهنجو ڪٽڪ. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

تنهنجو شغل آ ’شام‘ ۾، برڪت تنهنجي ’بسطام‘[31] ۾،

ڪافر آندئي اِسلام ۾. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’تنبول‘[32] ۽ ’طلقان‘ تي، ’مستُونگ‘[33] ۽ ’مڪران‘ تي،

رحمت تنهنجي ’رخشان‘ تي. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

پيو جذب ’جيسلمير‘ تي، امداد ٿيو ’اجمير‘ تي،

پئي گاج تو ’گجمير‘ تي. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’پورب‘،[34] ’پَڇم‘ ’پنجاب‘ ۾، ’سورت‘، ’سَقلاب‘ ۾،

سارهه تنهنجي ’سنجاب‘ ۾. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

’روهڙي‘ رتي تو رنگ ۾، زندگي ذڪر ڪن ’زنگ‘[35] ۾،

تنهنجو ذڪر جهر جهنگ ۾. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

هر ملڪ هر اطراف تي، عالم ڪُلي اڪناف[36] تي،

تنهنجو قدم ’ڪُهقاف‘ تي. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

منجهه هر ولايت هر شهر، ڪُل دين تنهنجو منجهه دهر،

تنهنجي عمل ۾ بحر و بر. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

مَلَڪ ۽ فَلڪ فرمان ۾، شمس و قمر شُڪران ۾،

تنهنجو قرب قرآن ۾. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

رحمت گُهرن رضوان ٿا، حورون همه غلمان ٿا،

جند جان ڪن قربان ٿا. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

مرشد! مديني ۾ وَسين، سڀ حال هر ڪنهن جو پَسين،

هر هڪ هر جا تو رَسين. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

عاصين اَجهو ۽ اوٽ تون، قائم اُمت جو ڪوٽ تون،

منهنجا سڻي سڏ موٽ تون. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

مون ڪيون مدايون ايتريون، ناهن سي ليکڻ جيتريون،

واريءَ ڪَڻَن کان ويتريون. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

بيحد ٻُجهي ڀُلڪار ٿي، ڏاڍي سجهي سرڪار ٿي،

مون تي بَدين جا بار ٿي. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

ڄاڻي ڏسِي ٿي ڏوهه ڪيم، ٿي ڏوهه ڪيم ۽ ڊوهه ڪيم

پوءِ هَٿ هڻي اوندهه ڪيم. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

هَي هَي حرص ۾ هٿ هنيم، ڪرڻا نه ها سي ڪم ڪيم،

هاڻي آسرو تنهنجو اٿم. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

هيءَ نفس ٿو مون سان کَسي،[37] ڏوهن سندا ٿو گس ڏسي،

تنهنجي رحم جو هٿ رسي. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

تون بيڪس جو ڀروسو، خطرن ٻَڌو آخرخسو،

راحم! اچي تن کي رسو. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

نفس و شيطان ٻئي لڳا،[38] تَن چَئي لڳي مون حق ڀڳا،

تنهنجي اٿم تري تَڳا. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

سڻ سوال تون سيد سچا، ڪوڙين ڪيا مون ڪم ڪچا،

بدڪار جو ڪر ڪو بچا. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

بلڪل نه ڪيم ڪا بندگي، ضايع ڪيم سڀ زندگي،

شرمندگي! شرمندگي! ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

عاصي امت تو آسري، ٻئي پاسَ ناتو پاسَ ري،

پازِي[39] مَ ڇڏ پنهنجا پَري. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

سياندو[40] سُجهي سڪرات جو، ڪاري قبر جي رات جو،

سڏ سوال سڻ پرڀات جو. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

جنهن دم جدا هيءَ جان ٿئي، تو کؤن عطا ايمان ٿئي،

دُز[41] دور شيطان ٿئي. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

آڏي قبر ڪاري ٻَجهي، منزل بڙي باري سُجهي،

تنهنجي تِتي تاري سجهي. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

ڪانڌي ڌريندا منجهه قبر، لوڙهي لٽي،[42] زير و زبر،

خاطيءَ سندي ڪج ڪا خبر. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

راحم! اچي مون کي رسج، عربي! اتي مون وٽ اچج،

ڪلمو ڏوهاريءَ کي ڏسج. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

ٻيا ڪُن ڪپر ڪڙڪا سُجهن، دوزخ سندا دڙڪا سُجهن،

ٿا باهه جا ڀڙڪا سُجهن. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

آزيون عرض سڻ آهه کؤن، بلڪل بچائج باهه کؤن،

عربي! انهيءَ آڙاهه کؤن. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

محشر سندي ميدان ۾، سج تاءُ جي تابان ۾،

شافع! شفا تو شان ۾. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

تنهن جاءِ نه مون کي تون ڇڏج، گڏ پاڻ سان مون کي گڏج،

هٿ ٻجهه جا مون تي اَڏج. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

نا ڪو ڪَيم نيڪو عمل، نا ڪو کَنيم ساري سَمَلُ،[43]

تون هوءِ حڪايت سان ”حمل“. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

هي لڙهه ”لغاري“[44] لام تو، سيد سچا! پيو سام تو،

دل ٺار نيڻين نام تو. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

شب روز پنهنجو شوق ڏي، ذتي ذڪر جو ذؤق ڏي،

محبت پنهنجي مافَوق ڏي. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

دل نُور کؤن پُر نُور ڪر، غم درد دل کؤن دور ڪر،

مدحي پنهنجو مسرور ڪر. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

تنهنجي رعايت ٿو گهران، تنهنجي عنايت تو گهُران،

تنهنجي شفاعت ٿو گهُران. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

فرياد جو ڪو داد ٿئي، دل درد کؤن آزاد ٿئي،

افضل سندم اولاد ٿئي. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

مون تي قريشي! ڪرم ڪر، شان و شرم جو ڀرم ڪر،

دشمن نمائي نرم ڪر. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

تاريخ ٿو چوندڙ چوي، تيرهين صديءَ جي ٽِيانوي،

ايمان ۾ رکجو اوي. ڪر مهر مون تي مصطفى!

 

تحقيق تون آهين امين، تون رحمت اللعالمِين،

ڪلمو پڙهيو مون باليقين. ڪر مهر مون تي مصطفى!

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.


[1]   اُتر (تعلقي ڏوڪري) مان غلام نبي کان پهتل.

[2]   مرحوم همت علي شاهه جي دستخط نسخي تان ورتل (جو محترم احسن ڪربلائيءَ کان مليو).

[3]   ”ڪلميات حمل“ مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد تان ورتل

[4]   قوسين – ٻه ڪمانون: قرآن شريف جي معراج واري آيت – ”فڪان قاب قوسين او ادنى“ ڏانهن اشارو يعني معراج وقت نبي صه، بارگاهه الاهي ۾ ٻن ڪمانن يا اڃا به ويجهڙي مفاصلي تي هئا. ثقلين – ٻئي جهان، (جن ۽ انس، ٻئي مخلوقاتون) قرت العينين- ٻنهي اکين جو ٺار، آسرو، اميد ڀرجهلو، لولاڪ – ”جيڪڏهن تون به هجين ها!“ صوفين وٽ هڪ عام مروج ۽ مقبول روايت ”لولاڪ لما خلقت الا فلاڪ“ (اي پيغمبر! جيڪڏهن تون نه هجين ها ته جيڪر هيءُ جملي ڪائنات پيدا نه ڪريان ها) ڏانهن اشارو.

[5]   وافي = پُورو، ڪامل، دم دلاسو، آسرو – شافع.

[6]   کُهين جا = ڏتڙيلن، بيڪسن، بيوسيلن جا.

[7]   هن مصرع کان وٺي مصرع نمبر 39 تائين، شاعر مختلف ملڪن ۾ شهرن جا نالا کنيا آهن. طبل = دٻدٻو، رعب، توران = ڪرستان جو قديم نالو. ’ماوراءالنهر‘.

[8]   شروان، شيراز، اصطخر ۽ اهواز = چارئي ايران جا شهر. اصل پڙهڻي: ”استرخ ايجاز ۾“ (؟).

[9]   قَيروان = اڳوڻي مغرب (اتر آفريقا) جو تختگاهه، قاهره.

[10]   بلغار، يعني ”بلگيريا“. گنجو = ٽڪر. مَبئي = بَمبئي.

[11]   حلب = شام جو شهر.

[12]   ختن = ترڪستان جو مشهور شهر، جتي جي هرڻن جي دُن مان نڪرندڙ مُشڪ يا کٿوري مشهور آهي. فَتن = شايد مراد شهر ”پَٽن“ يا ”پاڪ پَٽن“.

[13]   ترمذ = ايران جو مشهور شهر. تبت = انگريز يا نصارا. فَرخار = سُهڻن ۽ حسين ماڻهن جو هڪ شهر، هڪ بتخاني جو نالو، ٻين ڪيترن کي شهرن جو نالو.

[14]   خاور = اڀرندو، مشرق – پڻ الهندي جي معنى ۾. خراسان = موجوده افغانستان ۾ ايران جي گڏيل ايراضيءَ جو اڳيون نالو. خلخ (اصل اُچار ”خَلخ“) = ترڪستان جو هڪ شهر، حَسينن ۽ مُشڪ کان مشهور. مور = ماڪوڙي. مَلخ = مڪڙ. ”مور و ملخ“، يعني ڳاڻٽي کان ٻاهر – هر شئي.

[15]   مازندران = ايران جو اتريو علائقو. ماوَرا، يعني م اوَراء النهر (Trahsoxiana) – آمو درياء جو پريون طرف.

[16]   جت ها ڪُٺا... الخ = يعني جتي ڀَلن (امامن) کي ڪوفين شهيد ڪيو هو.

[17]   مَشر = مشهور، نَشر = پڌرو، نروار.

[18]   هيرات = هرات، جو هن وقت افغانستان جو مشهور شهر آهي. سقلات: هن نالي سان ڪو شهر مؤلف کي ڪو نه ٿو سُجهي: البت ”سقلات“ معنى ”سقرلات“ يعني (Scarlet) اوني ڪپڙو، جو (اڳين لغت جي لحاظ سان) انگلستان ۽ روم ۾ اُڄندو هو.

[19]   مڪلان = صحيح اُچار ”مُڪَله“، جو عربستان جي ڏاکڻي ڪناري جو بندر آهي. مَدائن = قديم ايران جو مشهور شهر. مروَندي = مروَند شهر جا رهاڪو. طمغاچ = ترڪستان جو هڪ علائقو: اصل عبارت: طمغاچ.

[20]   تاجيڪ = تاجيڪستان ملڪ، ”ايلاق“ نالي شهر معلوم نه ٿي سگهيو آهي. انگريز، يعني انگريزن جو ملڪ.

[21]   ارمن = آرمينيا. ڪاڇو = سنڌ جي، الهندي طرفان، جبلن جي ڪناري وارو پاسو. ڪڇي = بلوچستان جو هڪ علائقو.

[22]   نخشب = ترڪستان جو مشهور شهر.

[23]   ”چوچڪ“ نالي شهر دريافت نه ٿي سگهيو آهي. شايد پنجاب جو ڪو ڳوٺ. چگل = ترڪستان جي اتر ۾ روم جي سرحد لڳ شهر. مشهد = ايران جو هڪ شهر، مشهور زيارت گاهه. ”مُسخي“ نالي شهر معلوم ٿي نه سگهيو آهي. ماچين = چين ڏکڻ ۽ هندستان جي اوڀر طرف هڪ ملڪ.

[24]   قلزم = مصر ۽ مڪي شريف جي وچ ۾ هڪ جڳهه، جنهن جي نالي سان ”بحر قلزم“ سڏجي ٿو.

[25]   ڪوهسار = جابلو ايراضي ۽ ماٿريون.

[26]   خرقان ۽ همدان = ايران جا ٻه شهر.

[27]   لبنان = شام لڳ هڪ آزاد ملڪ. ڪرمان   =ايران جو هڪ علائقو ۽ شهر.

[28]   سيوي  =سِبي، خذران  =خزر، ترڪستان ۽ گيلان جو هڪ علائقو. خُجند  =ماوراء النهر جو هڪ شهر.

[29]   لمغان يا لا مغان، جو موجوده افغانستان جو هڪ قديم شهر آهي.

[30]   پَشين  =طوس لڳ ايران جو هڪ آڳاٽو مڪان.

[31]   بسطام= ايران جو مشهور شهر، جنهن ڏانهن درويش بايزيد بسطامي منسوب آهي.

[32]   تَنبول =  استنبول جو مخفف. طلقان =  طالقان، جو مرورذ ۽ بلخ جي وچ تي هڪ شهر آهي.

[33]   مستونگ  = بلوچستان جو هڪ مشهور شهر. رخشان = شايد رخش جو مرڪب لفظ، يعني ”سج تي“ يا سج وانگر اعلى ۽ روشن.

[34]   پورب = اڀرندو. پڇم =  الهندو. سري =  سنڌ جي سري ۾. سَقلاب =  اڳين روم ولايت جو شهر. سنجاف  = هڪ ولايت جو نالو (غياث الغات).

[35]   زنگي =  شيدي. زَنگ =  آفريقا جو ملڪ زنگبار، زئنزيبار.

[36]   اڪناف = ڪنڊون. ڪُهقاف = ڪوهه قاف جبل.

[37]   کَسي =کَنهي، کؤنس ڪري.

[38]   ٻئي لڳا =  ٻئي اچي ڀيڙا ٿيا، يار ٿيا، يا ٻئي دشمن ٿي اچي لڳا.

[39]   پازي =  پينار، غلام، بندا.

[40]   سياندو =  سيءُ، ڏڪڻي، سيانچو، ڊپ.

[41]   دز  = دزد =  چور، بدمعاش يعني شيطان.

[42]   لوڙهي لٽي =  لوڙهه کي لٽي، جنازي کي پوري.

[43]   سمل =  ثمر، توشو.

[44]   مافرق

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org