سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :5

مناجات (غوث جيلاني)[1]

سچا محبوب سبحاني!، اُٿي اَي غوث گيلاني!

اَچي هن حال ٿي ثاني،   مدد يا شاهه جيلاني!

 

اسان جو حال تون داني، پازيءَ کي ڏئين شادي،

اَجهو آهين مُريداني، مدد يا شاهه جيلاني!

 

سچا سرتاج بغدادي، شڪستيءَ کي ڏئين شادي،

تو دَرَ جو آهه فريادي، مدد يا شاهه جيلاني!

 

آهين تون قطب رباني، نِسورو نور نوراني،

وسيلو ٿي ضعيفني، مدد يا شاهه جيلاني!

 

تو سِرَ تي تاج رحماني، آهين تون پير پيراني،

سچا سادات صمداني، مدد يا شاهه جيلاني!

 

رَسين مون راهه رڻ رڃ ۾، پيارين آب تون اُڃ ۾،

سِگهو ساني ٿئين سڃ ۾، مدد يا شاهه جيلاني!

 

 

مولي در مرتبو عالي، سندو تو آهه مُتعالِي،

منهنجي ڪر وَ هر فيالحالي، مدد يا شاهه جيلاني!

 

مون تي پيا مدعي داهين، اَپر اِيذاءُ ۾ آهين،

ڏينهن ڏينهان سا مهم ڪاهين،  مدد يا شاهه جيلاني!

 

تَنِين کي پاڻ پَلئين تون، بَڇي هيبت هڪلين تون،

ڊِنل جو دست جهلين تون، مدد يا شاهه جيلاني!

 

عطائون اَن سنديون اهڙيون، پالوٽون بَحر جون جهڙيون،

تعريفون تو ڪريان ڪهڙيون؟، مدد يا شاهه جيلاني!

 

جيارين دِينُ پرور جو، آهين اولاد انور جو،

کٽيو جنهن ڪوٽ خيبر جو، مدد يا شاهه جيلاني!

 

سَچي زهرا سندءِ ڏاڏي، مُحمد مير جي زادِي،

آهين اصلهم تون اَولادِي، مدد يا شاهه جيلاني!

 

شَفيع جي ڪُل عالم جا، وِياءُ آهيو اَئِين تن جا

سُڻو سَڏڙا سوالين جا، مدد يا شاهه جيلاني!

 

غمن گهر ڪيا منهنجي جيءَ ۾، آهيان اوڙهه اُهکي ۾،

سگهو رَسجيم سختيءَ ۾، مدد يا شاهه جيلاني!

 

تو سِرَ تي ڇٽ سليماني، تون يوسف آهين ثاني،

اَجهو آهين ضَعيفاني، مدد يا شاهه جيلاني!

 

ڪونهي ڪو خير خواهه منهنجو، دلاسو آهه مون اَنهنِجو،

ڪريو سرهو پازي پنهنجو، مدد يا شاهه جيلاني!

 

دوا آهين مريضن جو، بچاءُ آهين غريبن جو،

دلاسو ٿي ڏکوين جو، مدد يا شاهه جيلاني!

 

تون آهين دوست تنهن جو درجو، ڏنو توکي جَنهين درجو،

پيارو تون پيغمبر جو،     مدد يا شاهه جيلاني!

 

نڪو ساريان وسيلو ٻيو، محمد مير ري پنهنجو،

اَئِين پڻ اَولاد اِنهم جو، مدد يا شاهه جيلاني!

 

آهين تون نور عرفاني، سڳورو شير سبحاني،

ڪرم ڪريبن يَتيماني، مدد يا شاهه جيلاني!

 

آهيان گولو اَنهنجي درجو، ٻهاري راهه پيزر[2] جو،

آهين تون حوض ڪوثر جو، مدد يا شاهه جيلاني!

 

تون آهين دين جو باني، سُهائِين راهه رحماني!

ڪونهي ڪٿهم تنهنجو ثاني، مدد يا شاهه جيلاني!

ٻڏو آهيان گناهن ۾، پشيمان ٿيس پاپن ۾،

تيلانهه ترڪيس ڪماين ۾، مدد يا شاهه جيلاني!

 

پَسي مسڪين ويچارو، ڪندا ڪيئن تِنهنجو ويسارو،

اَنهنجو جنهن آهه آسارو، مدد يا شاهه جيلاني!

 

اَگي آن کي ڏني عزت، محمد مير جي حُرمت،

تيلانه ٿيو نام تو نعمت، مدد يا شاهه جيلاني!

 

منور پاڪ پيشاني، زبان ذِڪر رحماني،

سڳورِي سَيف حقاني، مدد يا شاهه جيلاني!

 

تنهنجي در تي آهيان فاني، پِنان مشڪل جي آساني

آهين تو اَپر عِصياني، مدد يا شاهه جيلاني!

 

نظر ڪر حال ڏنهه منهنجي، پروڙيو ڪشف سين پنهنجي،

ڀروسي آهيان اَنهنجي، مدد يا شاهه جيلاني!

 

مُحي الدين شاهه ميران، مدد ٿي حال دلگيران،

رسين فرياد غمگيران، مدد يا شاهه جيلاني!

 

تُنهنجي ٿي مدح ملڪن ۾، آهين مشهور فلڪن ۾،

مَلائڪ اِنس جِنن ۾، مدد يا شاهه جيلاني!

 

”عبدالله“ آهي سوالي، اَنهن جي درگاهه جو عالي،

مَڇڻ سو وار هو خالي، مدد يا شاهه جيلاني!

 

پِني پنهنجي نگهباني، مڱي تنهن حق آساني،

ته ٿئي سڀ دور هيراني، مدد يا شاهه جيلاني!

 

آهيان مداح آءٌ اَنهنجو، نِسورو ڏاهه آءٌ آنهنجو،

گولو درگاهه آءٌ آنهنجو، مدد يا شاهه جيلاني!

مدح (شاهه عبداللطيف ڀٽائي)[3]

(آخوند محمد بچل ”انور“ جي چيل)

[آخوند محمد بچل، مٽيارين جي آخوندن مان هو. سندس والد جو نالو محمد صالح هو، جو فارسي ۽ عربيءَ جو عالم هو. آخوند صاحب مير نصير خان بن مير علي مراد جو اُستاد هو. جڏهن مير نصير خان سنڌ جي تخت تي ويٺو، تڏهن هن آخوند صاحب کي پنهنجو خاص مشير ۽ صلاحڪار بنايو، اهو زسمانو سنه 1255هه / 1840جع جو هو. آخوند صاحب گهڻو شعر فارسيءَ ۾ چيو آهي، ڪجهه نثر به لکيو اٿس. سنڌي ۾ سندس مرثيا ۽ ”مدح شاهه لطيف“ مشهور آهن. سندس تخلص ”انور“ ۽ ”بچل“ هو. سندس نالي تي هڪ ”بياض“ آهي، جنهن ۾ پنجاهه، سٺ غزل درج آهن. بياض ۾ سنه 1277هجري ملي ٿو. سندس وفات جو سال 1278هجري/1821ع آهي.]

آيا شاهه شاهان نشان شريف، تون آلِ نبي ضامنِ هر ضَعيف،

تن حيدر جو همراز همدم حريف، مان تو در تي آيس نزار نحيف،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

تون شمس الضحى شاههِ بدرالدجى، تون نجم العُلا تون نور الهدى،

تون ئي قطب ڪامل تون ڪهف الورى، تون مرشد مڪمل مٺو، مقتدا،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

سِپَهرِ ڪرامت جو تون آفتاب، تون بُرج ولايت جو ماهتاب،

تون ڪامل ڪريم النسب ڪامياب، ڀٽائي ڀلا پير عالي جناب،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف

تون مختار صاحب جي سرڪار جو، تون ديوان داور جي دربار جو،

تون مالڪ سڀئي امر اختيار جو، تون هامي رهج منهنجي هرڪار جو،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

تون خيرُالبَشر جو گرامي گُهرَ، شہِ اولياءَ جو تون پيارو پِسَر،

”حسين“ و ”حسن“ جو تون جاني جگر، تون خاتن جَنت جو نورُ البَصر،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

تون هِين ذره پرور، تون مهر منير، تون ماهِ منور تون مولا تون مير،

تون سڀ جو ڌڻي بادشه بينظير، تون داروئي درماند گان دستگير،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

فلڪ تي ملڪ ٿيا سندءِ مدح خوان، ڪرن ڪوزنشون ڪوڙين ڪَرُوبيان،

بهشت برين مري تنهنجو مڪان، جي آيا اگهيا، ٿيو مريدن جو مان،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

تون بَزم شرعيت جو شمعِ ضِيا، طريقت جو تون مهدي و مُقتدا،

حقيقت ڪئي حق تو کي الحق عطا، سِبِي معرفت جي سندءِ قد، قَبا،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

ڪرامت، ڪرامت ڪي تو کي ڪريم، عنايت، عنايت ڪي اِيزد عليم،

رکي حڪم تنهنجي حڪمت حڪيم، جي تنهنجا سلامي سي سَقمون سليم،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

خدا جو ولي ۽ نبيءَ جو تون نُور، عليءَ جي تون سيني جو سيد سُرور،

جي آيا تو وٽ تن کي حاصل حضور، ڪرين مدعي منهنجو ضايع ضرور،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

ارادت سين جو تنهنجي در تي اچي، سو تو لال لائق جي رنگ مون رچي،

توڙي غفلتي، غرق، ڪرتُن ڪچي، ڀلا! تنهنجي برڪت بدين کون بچي،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

اي ڀالين ڀلا ڪر ڀلائيءَ جو ڀال، مَٿئِي سڀڪي معلوم حال و حوال،

آءٌ سائل سندءِ تون هِين لڄ پال لال، خدا لڳ مڃج منهنجو سيد سوال،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

ڪرين منهنجي مڙئي مدعا، الله لڳ سڻج منهنجي هيءَ التجا،

آءٌ پينار تنهنجو تون صاحب سخا، نه خالي ڇڏين ڪو به پنهنجو گدا،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

حبيباڻي ٿيو هوت حاجت روا، ڪرين درد منهنجي هردم دوا،

وسيلو نه ڪو ٻيو سُجهي تو سوا، تون هِين بادشه آءٌ سندءِ بينوا،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

خدا لڳ سندم خانو آباد ڪر، ۽ اَبناءَ و اولاد امداد ڪر،

خوشيون بخشي دل کي شها! شاد ڪر،غم و درد اندوهه کون آزاد ڪر،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

سندءِ در جو سائل آهيان، سيدا!     نبيءَ لڳ سڻج ننگ پرور ندا!

عيان آهي منهنجي مَٿئِي ماجرا، مريدن جو تون مير مشڪل ڪشا،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

آءٌ تو در تي آيس ٿي اُميدوار، مَ ڪج خلق جي نزد مون کي خوار،

زياده ڪرين عزت و اعتبار، سندءِ فضل جو ناهه شاها! شمار،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

زمانو زبون ٿيو رکين شرم شاهه! ڀرم ڪر ڀٽائي ڀلا بادشاهه!

ڪرين ستر جو نور نافع نگاهه، رهج پير پاجِي جو پشت و پناهه،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

ڪرين اَمن دوران جي دَور کون، نگهبان ٿيو شِر ۽ شور کون،

ڇڏائين ڇيهي، جَبر ۽ جور کون، رکن حِفظ ۽ ظلم ۽ زور کون،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

شها ! دين ايمان جو بخش دانم، سندءِ در کون مشڪلڪُشائي کي مان،

خدا تنهنجو اعلى ڪيو عزوشان، ”بچل“ ڇا ڪري سگهندو اُن جو بيان،

ڪرم ڪر سخي شاهه عبداللطيف!

مدح (بادشاهه پير رحه)

(آخوند عبدالرحمان جي چيل)

ساراهه ڪريو سبحان کي، جوڙيو جنهن جهان کي،

آدم ڪنا انسان کي، اِحسان سِين اِيمان کي.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

تون مير محي الدين شاهه، خاصو ڪو توکي خدا،

هم مصطفى هم مرتضى، آن سين ڪئي آگي عطا.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

سائين آن کي ساراهيو، مرسل آن کي مَرڪائيو،

اعلى وَلِي ٿيو مرتبو، آن سِين جڙي ڪٿِهَم نڪو.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

چار سئو ستر هئا گذريا، هجرت نبي نور الهدى،

تنهن وقت اَئين ظاهر ٿيا، پَرور اوهين پيدا ڪيا.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

تَڏ هو ضعيفي دين ٿيو، سو آن جياري نئون ڪيو،

مَحي الدين نالو ٿي پيو، ايڏو ڪرم ڪنهن جو ٻيو.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

عَالم توهِم آجو ڪيو، سڀ خلق کي تازو ڪيو،

ايمان جو ڏاجو ڏِهو، جن و پري سڀ خوش ٿيو.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

معراج هو حضرت جڏهن، حاضر هئا اُت اَئِين تڏهن،

چاڙهيا ڪُلهو ڏئي عرش تنهن، اهڙو نه آيو شرف ڪنهن.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

حضرت چيو: هُت ڪير تون؟، چَيان سيدا سڻ سوال مون،

آءُ اُمتي اولاد تُون، اِتَهم آڳهم اَنهنجو مڪون.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

قادر ڪرم تو سين ڪيو، سڀ اوليائن ۾ ٿيو،

ٿاني ناهي ڪو تو جِهو، جنهن کي وڃي چان عرض ڪو.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا! 

توتي رکيو حضرت قدم، اعلى ٿيو تنهنجو عَلَم،

ڪَڍ وِنگي کان منهنجو قلم، اِي رِيتَ تنهنجي آ رحم.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

ڏاڏو سندءِ شاهه نجف، نانو نبي نُور الفَلَڪ،

ايڏو ڍڪيو آهه تو دَلَق، چئين: اَي مُريدي لا تَخَف.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

تنهنجي مُريدي ٿيا مَلَڪَ، جِن و پري خادم خلق،

هَفتِ زمين چوڏنهن طبق، سڀ اولياء وٺتو سبق.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

تو سين ڪيو قادر ڪرم، رک هِت هُتي منهنجو ڀرم،

اِيءُ سڀ آهي تُنهنجو شرم، ڪر نظر تون مون ڏانهن نرم.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

هر حال ۾ همراهه ٿِئين، ڪو ڏات جو بخرو ڏئين،

راضي مداحي تي ٿِئين، اهڙو اَجُر ڪو بخشئين.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

پوري ڪرين تون بادشاهه! حاصل مُنهنجي آهه هاج جا،

قادر ڏني آن کي قضا، اَنهن جي رکي سڀڪو رضا.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

عورت آن کي جان سڏ ڪيا، سي پير! آن سڀئي سُئا،

ڪِئان ڪرم جو تنهن ڏنه نگاهه، اُٿيا سڀئي ٿِيا سَگها.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

فرزند جنهن جو هو وَهيو، سڀ ڄڃ سِين درياء نِيو،

ٻيڙي کُوهي سِين غرق ٿيو، اهڙو مُناقب آن ڪِيو.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

ويهه وريهه هئا تَن گذارئا، تِنهن دم حيات هُو سڀ ٿِئا،

پنهنجي مُحِبَن کي مِڙئا، تن سڀ گوندر ۽ غم گيا.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

ڪر مهر سين منهنجو بچاءُ، ڪر ڪرم تون سرور سچا!

اَنهن جا مُناقب آهِين ججها، ڪهڙو چوان آءُ تَن منجهان؟

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

اَنهنجي آهيان آسَرَ لڳو، ٻيا در ڇڏي آن ڏانهن ڀڳو،

تنهن ڏانهن ڪريو ڪونگه جو، آن ڏانهن رکان ٿو حُب ججهو.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

حضرت هليا معراج تي، آڏا هئا جنهن عرش کي،

رَفرَف لنگهايا پَرَ دسي، حاضر هئا آئِين هِت هُتي.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

تو اولياء سڀ ڪيا اڇا، ڍڪ عيب منهنجا ڪم ڪچا،

ڪَر هِت هُتي مُنهنجي پُڇا، اهڙا اَنهن جا آهين مَرتبا.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

مون کي گناهن گهيريو، وَڌي ولين جيئن ويڙهيو،

بد نفس مون کي ڦيريو، تنهن سين ڪرم آئِين ڪريو.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

بَر خيز اَز بَهرِ خدا، مارا مَڪُن اَزخود جدا،

بَهرِ نَبي نُور الهدى، ڪو غور ڪر نالي خُدا.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

نام علي المرتضى، هم نام شه حسن الرضا،

هم شاههِ شهيدِ ڪربلا، ڪر مهر بغدادي ڀلا!

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

آباء آن برداشتم، اين عرض در دل داشتم،

اُن جي سبب ڪري تون ڪرم، هر دوجهان رک مون ڀرم،

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

عاجز چوي هيءُ ”عبد“ ٿو، دل جو چوي هي درد ٿو،

تَنهنجو سُڻو اَئيِين عرض ڪو، پورو ڪريو اَئين غرض سو.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

دشمن سَڀئي دور ڪر!، ڏور تِنين کي ڏور ڪر!

سڀ مدعي مقهور ڪر!، اهڙي نِگَه پُر نور ڪر!

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

بد نفس منهنجو شُومتي، آڇي هميشه ٿو بَدِي،

عادت جنهين جي آهه خودي، خاطر تنهين جي ڪر ٿَڌي،

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

بد نفس منهنجو بيحيا، واريو آئين سو وِنگِيءَ کان،

ڪر ڪرم جو تنهنجو ڏنه نگاهه، چڱو ڪيو اَنهنجو خدا،

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

احسان ڪر ”عبدالرحمان“ سين، اَي شاهه! پنهنجي شان سين،

دل وجان ۾ تُون ٿو وسين، ڪي مهر سين مون ڏانهن پسين،

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

هڪ عرض آهه ايمان جو، ٻيو عرض انهن جي ڏان جو،

ٽيون مرض لاهيو جان جو، اهڙو ڪريو احسان ڪو.

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

تعريف ڪهڙي آءُ ڪندو، آهيان آن جي در جو بندو،

ٻئي ڏينهن وڃي آءُ ڪُهه ڪندو؟ ڪلمو چئي آءُ اُڪرندو،

يا شاهه صمداني سچا!

ڪر مهر بغدادي ڀلا!

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ

مناجات (نبي ﷺ)[4]

(شيخ محمد حسن جي چيل)

(1)

يا مير محمد ڪارڻي سڳورا سلطان!

تنهنجو سائينءَ ساراهون ڪيون سدائين سُبحان،

مون بيڪس بدڪار تي ڪا مهر ڪري مانَ،

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

ڪَم ڪچايون مون ڪيون، اَوڳُڻَ اَپارا،

هادي ناهِم هَنڌُ ڪو دوست تو ڌارا،

اَجهي تنهنجي آهيان، اَي سرور سچارا!

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

ڪيم ڪچا ڪمڙا ڪوجها ڪرت سندام،

شامَتُون هن هٿ جون وڌي وڻ ٿئام،

وَليُن جيئن وري ويا گوندر گناهام،

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

ڪوڙين ڪرم تنهنجا مٿي محتاجن،

آءُ ڇورو ڇنو آهيان اَسُونهُون اَوَتَڙَن،

مون کي ڇَڏمَ ڪارَڻِي اَي شفيع المذنبينَ

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

ڪامل ڪرم تنهنجا عالم تي اِحسان،

جو تو اجهو عاصين جو ڪيو مهربان،

توکان پِنن پاتشاهه جانڪيتا جهان،

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

دادي سندا دانهين، آگَه اَڙين جا،

مون کي ڀِت نه ڀَرُ ڪو دوست تو ڌارا،

اَجهي تنهنجي آهيان اَي سرور سچارا!

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

مون محتاج مريض تي ڪا واهر ڪر وريام،

اُهُکِيءِ رس عاجز کي اي سندا عالم ڄام!

حڪم تنهنجي هٿ ۾ مولي جا مُدام،

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

غافل گذاريم ڏينهڙا، هٿان وِيَم هاجَ،

ڪار نه ڄاڻا ڪم ڪو، ته ڪيئن سَرندا ڪاڄَ؟

اَسَرَ ڀريو آهيان، اي سرور ڄام سُڪاڄ!

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

عزت عَظيم تو سندي دائم ڌُر ڌَڻين،

ڏانهان ڏورڻ ڏُونگرين روئان ۾ راتين،

ڏور ڪرينم ڏکڙا، سُڪايسِ سورن،

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

وِرهن ڪيا وُجُود کي سانگيهڙا سهسن،

والي وَس نه منهنجي ڪو طبو سندو تَن،

هٿ تنهنجي هاشمِي دارُون جو دردن،

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

تون دارون دَرماندن جو ڪو طبو ڪج طبيب،

جڏارو جيءُ ٿيو ڪُٺو جو قريب،

وتان جيئن واڍوڙيو، اي هاشمي حبيب!

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

سُڻي صدا سواليءَ جي، اَجها اونائيج،

نظر نبيءَ ڄام تون خالق لڳ کڻيج،

دارون هن درد جو طبو تون ڪريج

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

هي جو ورهه وجود جو سو محو ڪر ميان!

توري طبيب ناهه جو جنهن کي ٻانهن ڏيان،

هٿان تنهنجي هاشمي! چڱو آءُ ٿيان،

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

ووءِ ووءِ ويڳاڻو ٿيس سورن سُڪايوس،

در ماندو دانهون ڪريان وسان پاڻ ويوس،

ور وسيلا وريام تون پٺيءَ تو لڳوس،

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

ڪو نه ڪرلاهو ساريان جو جڏهن ڪَر پُڇندوم،

ڪُڙم قرابت ناهه ڪو، ڀاءُ نه ڀيڻ سندوم،

ماءُ پيءُ منهنجو ناهه ڪو توري طبو ڪير ڪندوم؟

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

سِڪَ تنهنجي سُپرين مون کي وڏو مال،

جو تون جڏو جيءُ جاءِ ڪَرين، ڀلا! ڪري ڀال،

سرور ڄام سِفلَ کي ڪَر کڻي نيڻ نهال!

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

بدي ۽ بدعت جو ڳَري لڳوم ٽڳو،

آهيان گولو تُنهنجو دعوو تو سٺوم

آسَر ڀريو آهي دَران نَه ڏِڪيندوم،

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

’حسن‘ حقير هيڪلو ٻيلي ناهه ٻيو،

دَر ماندو دانهون ڪري اَپر آس ڀريو،

دائم دران تنهنجي خالي ڪو نه وريو،

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

عيبَ ’عَليءِ‘ جي پُٽَ جا تون مهر سين ميٽيج،

دائم دلاسو دلگير کي اُهُکيءَ اَچي ڏيج،

ڪر شفاعت شفيع تون مون تي مهر ڪريج،

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

’اَبا بڪر‘، ’عمر‘، ’عثمان‘ ۽ ’حضرت علي‘ آهه،

حرمت ’حَسن‘ مير ’حُسين‘ جي منهنجي ٿئي پناهه،

برڪت اِنهن ڀلن جي ڪر تون نظر نگاهه،

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

حرمت ’بيبي فاطمه‘ ۽ ’بيبي خُديجته الڪُبرى،

حضرت ’بيبي عائشه‘ جا مومنن جي ماءُ،

برڪت تن جي ٿئي منهنجي ماڙِ ڪا جا،

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

سڀ ڏُکندو ڏور ٿِئي عاصي چوءِ اَسير،

سڻو سڀيئي مومنان مدح ’محمد‘ مير،

حرمت ساڻ حبيب جي صحت ٿي سَرِير،

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

مون ڏيهه گهڻيئي ڏوريا دارون درد لاءِ

ڪٿ نه آيم ڪم ڪو دارون ري دوستاءِ،

ڪُنڍو لٿم قرار ٿيو برڪت ’محمد شاهه‘،

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

مون ناڪَس نادان ڪيا ڪوجها ڪئين ڪمڙا،

اَهين اُنهن ڏانهن ڪيم نهاريو ميان مهر ڀريا!

جيڪي جِني گهُريو تون تيئن ڏئين تِنهين کان،

رسهم يا رسول الله صلي الله عليہ وسلم!

 

ويندا سي ايمان سِين جي ڪلمو چون مُنها،

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسول الله.

مناجات (بادشاهه پير)[5]

(2)

مِيران مُرشد منهنجا سَر پِيران سردار!

سدا سِڪ سرير ۾ دلبر شاهه دلدار،

دستگير! دلگير جي ڪر وڏا شيخ وَهار،

سُبحاني سچار! ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

پَرڏيهي پنڌ گهڻي سِڪي منجهه سرير،

تو دَر طاماعو ٿيو پازِي پِني، پِير!

تون ڪر تسلي تِنهنجي اَلله لڳ اَمير!

صمداني سُڌير! ڪر نظر نبي لڳ تون.

 

آهين آل رسول جو حسنِي حسينِي،

ڏسان ڪونه ڏيهه ۾ سندو تو ثاني،

پِير سڀيئي پائِڪ تنهنجا تون جُنگ شاهه جيلاني!

هادي حقاني! ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

هادي! منهنجي حال جي توئي مٿي تات،

آءُ اَسُونهو عاجز ٿيس رِڻ ۾ پيم رات،

رَفيق رُڃ ۾ ڀت نه ڄاڻان بات،

ڪامل ڪريم ذات! ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

مِيران! مُريد تُنهن جا اَهل اَڀَن ڀُون،

آءُ ڪير آهيان اُن ۾ جو هَڏ ڪمينون،

ڪوڙين تنهنجا طالبو منهنجو ترهو تون،

ٿيس ناقص نماڻو، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

پير! مُنهنجي پُٺ تون ٻيو نه وسيلو ڪو،

ڀِتِ ڀَروسو رسول جو ٻيو اَجهو نه اولو،

نه مون نُکَ نه نُجهرو نه مون قيمت ڪڙولو،

تون مُشرف مقبولو، ڪر نظر نبي لڳ تون.

 

سِر سَلامت شيخ جي سندو تو شرم،

عَفو ڪر الله لڳ تون قادر پير ڪَرم،

مِيران! رک مُريد جو سين ڀلائيان ڀَرم،

مِيران! رک مُريد جو سين ڀلائيان ڀَرم،

تنهنجي ريت رحم، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

اَڀين ڀُونيين پَڌرو تنهنجو غوغاء گيلاني!

سَت سَدائين سُهڻي تُنهنجي رهاڻ رباني!

ڏيهَن ڏِسين ۾ پڌرا تُنهنجا مُريد ميِراني!

جاني جيلاني! ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

هادي حَقاني! سُڻ منهنجو سائينءَ لڳ سوال،

رهنمائي رب جِي گهُران حقيقي حال،

طَلب ڏئينم مطلوب جي ملڪَ نه گهُران مال،

تون قدرتي ڪمال، ڪر نظَر نبيءَ لڳ تون.

 

مِيران! مُريد تنهنجا آجا ٿيا سڀ عام،

توسي ڪامل ڪمايون ڪيون جي اگهيون در علام،

تون دادلو درگاهه جو توسين قادر ڪيا ڪَلام،

آءُ سَرڻ تنهنجي سامَ، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

مِيران! تنهنجو ملڪ ۾ ڏانُ مٿي ڏيهنِ،

ڪامل ڪَرامات سين نادان ئي نَمنِ،

وَهرَ وڏي شيخ جي رسي کي لَکنِ،

مون تي منجها تَنِ، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

ڏُڏُ، ڏوهاري، ڏُکيو ميران! آءُ محتاج،

بکيو، بَرادي، مَڱڻو ڪَٿ نه ڄاڻان ڪاجُ،

نه مون ساز سُرود ڪو، تون ڏاتر! ڏئينم ڏاج،

تون سائينءَ ڪِئين سِراجُ، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

اَڀين ڀُونيين پڌري تُنهنجي پرين منجهه پچارَ،

عَرش ڪُرسي آسمان تُنهنجا اُتاهان اوتارَ،

سُڪا ڌَڙ سبز ڪرئين حُڪم ساڻ هَزار،

محي الدين مختار! ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

دائم دلاسا تون ڏئين ميران! مريدن،

ڪوجهو ڪمينو آهيان ٻَهون کان ٻِين،

سي سدا سڏ سائل جا سڻ تون سردار سر پيرن!

ڏيئي دلاسا دلگيرن، ڪو نظر نبيءَ لڳ تون.

 

مولى در مقبول تون ڀَلا بغدادي،

ڪروڙين سين ڪرم ٿاي هٿان تو هادي!

سي تون دولهه داد رسائين جي اچن فريادي،

شاهه! ڏئينم شادي، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

تون دُر درياء اَحمدي پِيرن سندو پير،

تون سندو باغ مرتضى، آهين اَهل اَمير،

سي ڪٽين غم قلوب جا، جي سُڪا منجهه سرير،

تون دلبر دَستگيرَ، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

اکيون تنهنجي آسري هيرِين تو در ميِر!

تون سارون سُورَين جون لهين دلاسي دلگير،

تيلانهه جهلَيم تڪڙا، پير تنهنجا پِير!

سائين وارث وِير، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

نالائق نوازين سَر پِيران سرتاج!

ڪر قادر پير! ڪرم سين حاصل منهنجي هاج،

وڏا پير! وَهارَ ٿي مٿي مون محتاج،

اِي واليءَ ڪيا وهاج، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون!

 

هئين ۾ جا هيڪڙي، هادي! هام سندام،

سا پوري ڪرين پِير تون من جي مرادام،

دائم دستگير! تنهنجي اَپَر اُميدام،

سڻي سڏ سندام، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

پوري ڪرئين بادشاهه! حاصل منهنجي هاج،

پڌرا ڳُجهه پَروڙئين، راءَ! پَروڙين راز،

هٿان حضرت شيخ تو ڪوڙين پُنا ڪاج،

مٿي مون محتاج، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

جيلاني! جَلوا ڏئين سبحاني سچار،

اُڪنڊ اوتارا ڪيا منهنجي هينئڙي منجهه هزار،

راتو ڏينهان رُوح ۾ پِريَن جي پچار،

گول گيلاني گلزار، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

نالائق نَوازئين ڏُڏُن ڏئين ڏان،

مُلڪ مُرادون پُنيون دَارن تون ديوان،

آسر لڳو آهيان مون ڏانهن موٽي مانَ!

سُبحاني سُلطان، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

سَتُر سَلامت شيخ جو سندو مون شَرم،

عَفوُ ڪر اَسير تي قادر پير ڪَرم!

ميران! رک مريد جو، سين ڀَلائيان ڀَرم،

تنهنجي ريت رحم، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

اکيون آسر ڀريون واٽُن تي وِجهُلَن،

ڳَلن سر ڳوڙها وَهيو نِرتا نِيرَ پَون،

گيلانيءَ جي گسن جي وڏي سڪ وَتَن،

سائين سَر پِيرن، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

ڪامل! قدم تنهنجا اُتي اوليائن،

شوق سان مڃي شاهه جي سَيدِي مڙن،

حال حقيقت ”حسن“ چئي توري ڪنهن چون؟

سائين سر پيرن، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

مَنصَب گهُري مڱڻو آهي هيءُ اَڄاڻُ،

عليءَ پُٽ جي عاجزي، سائين! تون سُڃاڻ،

ميران! تُنهنجو مَدح جو نه مون ڄِڀ نه ڄاڻ،

پير! سُڃاڻي پاڻ، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

مون کي ڏان ڏيارين دائم سندا دينَ،

ثابت شرع پير تي اُڀارين اَمينَ!

مون تان گناهه گهڻ ڪيا جَجها سَر زمين،

قادر! مٿي ڪَمينَ، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

’اَبابڪر‘ ۽ ’عمر‘ ڏانه تان ڪي نهاريج،

’اَمير عثمان‘ ۽ ’اَمير عليءَ‘ کي اعلى عزت ڏيج،

سين حرمت ’حسن حسين‘ جيءَ مون تي مهر رڪيج،

هادي! حال پَسيج، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

ميران صاحب! مائٽ تنهنجا منَت تني ڪِيام،

پنهنجي پران پِير ڪا سَگهه نه ساريام،

سي تو نالائق نوازيا، جي ڏکيا ڏڏ ڏٺام،

اَپر اُميدام، ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.

 

هيءُ مُناجات جيڪو پڙهي اُٿي آڌيءَ رات،

هِنيُون پنهنجو هَنڌ ڪري ڇڏي سڀيئي تات،

ته قادر ڪريس ڪَمَڙا پورا ۾ پرڀات،

اي صاحب شريف ذات! ڪر نظر نبيءَ لڳ تون.


[1]   مجموعہ مدحيات (بمبئي ڇاپو) تان ورتل.

[2]   پيزر =  پيزار، جُتي.

[3]   حيدرآباد مان محترم احسن ڪربلائي صاحب کان مليل.

[4]   مجموعه مدحيات (بمبئي ڇاپو) تان ورتل.

[5]   ”مجموعہ مدحيات“ (بمبئي ڇاپو) تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org