سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :2

متن

مداحون ۽ مناجاتون

مدح (بادشاهه پير رحه)[1]

(جمن چارڻ مدحيءَ جي چيل)

[”جمن چارڻ جي مدح“ ۽ ”جمن چارڻ وارو سوال“ سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهن. چون ٿا ته جمن چارڻ مسڪين، نابين ۽ بي اولاد هو. جو سندس مداح مقبول پئي ۽ کيس ارشاد ٿيو، ته ڪو به سوال ڪندين ته ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ مقبول پوندو. اهو هڪ سوال هن طرح ڪيائين ته: ”سوني ٻانهينءَ سان نُنهن، پُٽ جهوليءَ ۾ کير ولوڙيندي ڏسان“. سنڌ ۾ هن ڳالهه جون مختلف روايتون آهن، پر ”جمن چارڻ وارو سوال“ هڪ پهاڪي ۽ مثال طور مشهور ٿي ويو.

فقير جمن ولد محمد بخش چارڻ ڳوٺ کهڙا، تعلقي گنبٽ جو رهاڪو هو. ڀٽائي صاحب جو وڏو معاصر ۽ مان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت جو مشهور مقولا مثلاً: ”پنجئي بدنام“. ”پنجئي مئي مَت“، ”پنجئي گهوچائي“ ۽ ”پنجئي سهنج“ وغيره سندس چيل آهن. ”گلن بابت“ هڪ سهڻو شعر چيائين ۽ پڻ ميان نورمحمد ۽ قلات جي حاڪم عبدالله خان جي وچ ۾ لڳل جنگ کي ڳاتائين. مگر ”بادشاهه پير رحه“ جي شان ۾ چيل سندس مداح سببان هو سڄيءَ سنڌ ۾ ”جمن مداهيءَ“ جي نالي مشهور ٿيو. سندس قبر ”پير ڪٽپر“ جي قبرستان (ضلع خيرپور) ۾ آهي، جنهن تي هيءُ ڪتبو لڳل آهي: ”تاريخ وفات غفران (پناهه) رشوان جائگاهه ميان جمن مداح بتاريخ چهاردهم ماهه رجب و اربعا 1151هه“. ظاهرآهي ته جمن فقير چارڻ-ڀٽائي صاحب کان چوڏنهن سال اڳ وفات ڪئي. ۽ انهيءَ ڪري قدامت جي لحاظ سان جمن چارڻ جو شعر سنڌي ادب ۾ هڪ خاص اهميت رکي ٿو. سندس هيءَ مداح آڳاٽي ۾ آڳاٽي مداح آهي جا دستياب ٿي آهي. ۽ انهيءَ لحاظ سان اها سنڌيءَ ۾ چيل مڙني مداحن جو منڍُ آهي.]

نامِ خدا يا مصطفى يا پير پيران بادشاهه!

توهئون مڱان صحت[2] وشفا، صحت و شفا، شرم و حيا،

تنهنجي مريدن سان وفا، تنهنجي مڱئي سڀڪنهن نفعا،

يا پير پيران بادشاهه!

نافع[3] نبيءَ جي نور جو، چوڪي آهين تون حضور جو،

معلوم اٿئي مذڪور جو، سڀ ملڪ ۾ مشهور جو،

يا پير پيران بادشاهه!

فرصت نه ڪيئه گردان ۾، اهو شرف تنهن شان ۾،

مهتر نوح[4] جيئن طوفان ۾، تون هئين انهيءَ امڪان ۾،

ڪشتي ڪڍيئي آسان ۾،

يا پير پيران بادشاهه!

ابراهيم هو آڙاهه ڏونه، يوسف نبي درياءَ ڏونه،

يوسف بچايو چاهه ڏونه، اهو ارشاد الله ڏونه،

يا پير پيران بادشاهه!

پرور جڏهن پيدا ڪئين، تان ڀي تولد تون ٿئين،

دائي کڻي دستين ڪئين، عرشين اُڏامي پوءِ وئين،

يا پير پيران بادشاهه!

تهتئون وري آئين تئين، پهريون مناقب ڪيو مئين،

عالم سڻئو آهي جيئن، هر دم وسين اندر هئين،

يا پير پيران بادشاهه!

ستاويهين[5] رجب شهر، پيدا شده صائم دهر،

ٿيون شاديون برين بحر، سڀ ديس ٿي ديني لهر،

يا پير پيران بادشاهه!

چار سؤ ستر سال[6] هو، تولد ٿيو وڏ طالعو،

اِبنُ الابُوشه سالحو، اعلى نبيءَ جو آل هو،

يا پير پيران بادشاهه!

اعلى نبيءَ جو آل هو، ساقي سَٻر سڌر سِهو،

مرشد جنين جو تو جِهو، آ تن مريدن غم ڪِهو،

يا پير پيران بادشاهه!

تو مريدن سان واعدو، تنهن واعدي ڪيو فائدو،

دل ۾ رکيو اٿئون قاعدو، جواب ٿيندو جائدو،

يا پير پيران بادشاهه!

سِيرُ و سوا مشڪ و عطر، با اُو بِشوئي دَهن تر،[7]

نام خدارا خوب تر، رحمان ڪيو روشان تر،

بد ذات ٿيا سي بيخبر،

يا پير پيران بادشاهه!

رحمان ڪيو رايو سندءِ، پيغمبر اڳيان پايو سندءِ،

منظور فرمايو سندءِ، گهُرجي سدا سايو سندءِ،

يا پير پيران بادشاهه!

روشن ٿيا چوڏنهن طبق، هفت زمين هفت فلڪ،

مخلص مريديءَ ٿيا مَلڪ، ديو و پري خادم خلق،

يا پير پيران بادشاهه!

اسرار ربي ٿيو عيان، باطون بيحد بي بيان،

ڪن ڪير تون ڪوڙين ڪيان، نوَکنڊ سي تو کي نَيان

يا پير پيران بادشاهه!

تنهنجو شرافت شان جو، عظمت[8] عز مڪان جو،

تون سر[9] آهين سبحان جو، ڪونهي مٿو امڪان ج،

يا پير پيران بادشاهه!

آن سر سبحاني تون هين، محبوب حقاني تون هين،

آن قطب رباني تون هين، آن غوث صمداني تون هين،

اين حالِ من داني تون هين،

يا پير پيران بادشاهه!

هن حال جو تو معلمي، زودي زده ڪر ظالمي،

همراهه ٿي هر ڳالهه ۾، يا شاهه قطب العالمين!

يا پير پيران بادشاهه!

انگشت سڃي تو سنئين، دوزخ وساڻو دم تنهين،

اهڙي ڪرامت ٻئي ڪنهين! تون اوليا اهڙو آهين!

يا پير پيران بادشاهه!

تون اوليا الله جو، اولاد علي شاهه جو،

مرشد تون مهر و ماهه جو، ڪو غور ڪر مان ڏاهه جو،

سوالي نه خالي تانه جو،

يا پير پيران بادشاهه!

فرزند تون حسنين جو، تون غوث آن ثقلين جو،

سائل آءٌ شرفين جو، اوجر مڱان عَينين جو،

دوگه اتي دن رين جو، دارون ٿئين دارين جو،

يا پير پيران بادشاهه!

سر اوليا سرتاج[10] تون، والي وڏو ورساج تون،

سڀڪو سنوارين ڪاج تون، ڪنهنجو مَ ڪر محتاج تون،

يا پير پيران بادشاهه!

سر اوليا سلطان تون،[11] درگه خدا ديوان تون،

جنت سندو دربان تون، دينئون دنيا ڏي دان تون،

مشڪل ڪرين آسان تون،

يا پير پيران بادشاهه!

سواليءَ سَپڙ سِهو جيئن، چوڏول ۾ چاڙهيو تئين،

آءٌ اوڙ کئون تنهنجو ائين، ٻئي در وڃان ڪهري ڪئين،

پُر سير ڪر مون کي کنئين،

يا پير پيران بادشاهه!

لاکا، سپڙ، حاتم طئي،[12]   ٻنڌي اُڀين ٻانهون ٻئي،

آدم ڪُلي عالم مڙئي، تنهنجي ننگ ڏونهن طامعي،

يا پير پيران بادشاهه!

هو هفت دختر جو پدر، تو کان مڱيئين هڪڙو پسر،

فرزند ڪيئي سڀ يڪ نظر، اهڙي ڪرامت ڪرم ڪر،

يا پير پيران بادشاهه!

چورن اچي چوري ڪئي، تن ڏي نظر ڪِيو نافعي،

تن جا ويا اولا لهي، اهڙي ڪرامت تو ڪئي،

چارڻُ چوندو ڇا چئي!

يا پير پيران بادشاهه!

معلوم سندءِ مناقبا، منظور ٿيئي مراقبا،

دارون دوا ٻيا ڇا ڪبا، دعا در نه تُنهنجا تاڪبا،

يا پير پيران بادشاهه!

فِقِهُ نه ڄاڻان فارسي، سارهه ڪريان تان ڪارسي،

دل کي ڏئين دستا رَسي، آهيان اٻوجهو آرسي،

درڪر تنهنجي وارثي،

يا پير پيران بادشاهه!

وارث ولائت وير تون، مرشد محي الدين مير تون،

ڪامل قطب ڪبير تون، ڪلني پيرن جو پير تون،

عالي نسبت اَمير تون، در ماند گان دل ڌير تون،

دين و دنيا دسگير تون،

يا پير پيران بادشاهه!

دل[13] درس ڪيم دستگير ڏي، مان ڪيئن وڃان ٻئي پير ڏييا پير!

تون دل ڌير ڏي، گهر گهر خوشحالي کير ڏي،

يا پير پيران بادشاهه!

توڻي آهيان تقصير زد، تان ڀي توهان سان ايءُ عدد،

”مُريدي لاتخف“ تنهنجو وعد، يا پير! تو آ پاڪ جد،

ابنِ ابو صالح سيد! خاطر خدا جي خُذ بِيَد،

يا پير پيران بادشاهه!

بد نفس منهنجو بي جَلهه، ڪشتي به دريا بي مَلَح،[14]

تنهنجي شجاعت، شهنشه! احسان سين چاڙهين اَلهه،

يا پير پيران بادشاهه!

دائم اُجاريو دين کي، تشريف ڪيو تلقين کي،

بينا ڪيو نابين کي، ٿيو ماڙ مون مسڪين کي،

يا پير پيران بادشاهه!

مَردي ڏئين نامرد کي، ڪر سُرخرو روءِ زرد کي،

پرور سندءِ پرورد کي، ڪر دفع دل جي درد کي،

يا پير پيران بادشاهه!

بغداد ۾ تون ٿو وسين، پلڪان کڻي جي تون پسين،

فوجي جيارين اَمر سين، جنهن ياد ڪيو يڪدم رسين،

يا پير پيران بادشاهه!

تون بادشاهه بغداد جو، ڪو ارادو ڪر فرياد جو،

سڻ عرض مون بد زاد جو، تون ڪوٽ ٿي فولاد جو،

پردو رکين اولاد جو،

يا پير پيران بادشاهه!

جيڪو سندوءِ غلام ٿيو، عالم تَنهين انعام ٿيو،

ڇا خاص ٿيو ڇا عام ٿيو، تو پير جو پينام ٿيو،

تنهنجو نِڪوئي نام ٿيو،

يا پير پيران بادشاهه!

جيڪي وڪاڻا تو درين، ڪوشش تنين جي تون ڪرئين،

پر تو آهيان سڀئين پرين، ويلهه اتي وهلو وَرين،

يا پير پيران بادشاهه!

برڪت سندءِ بحرين برين، ڪوهه ڪاف ڪل قطرا ڪرين،

ايڏي شناخت تون سَرين، پرڃيو خدا سڀئين پرئين،

يا پير پيران بادشاهه!

جڏهن نبي معراج[15] ويو، تڏهن قدم تو تي ڌريو،

سارو ملڪ تو ڏنه وريو، ايڏو ڪرم تو کي سريو،

يا پير پيران بادشاهه!

توتي ڌريو حضرت قدم، ايڏو ڪريمي ٿيو ڪرم،

اپر اٿيئي ربي رحم، ڪيهو مريدن غم وهم،

يا پير پيران بادشاهه!

جيڪو مريدن سان وڳي، سو دور ڪر دشمن دڳي،

ٻوليو سندءِ آهي اڳي: ”ٿيو ڇو ٽڪو دامن لڳي“،

يا پير پيران بادشاهه!

دامن لڳي دلدار گي،  ايمان عمر زيادگي،

آزار کان آزادگي، تعظيم ۽ تن تازگي

اسلام تي استادگي، اهڙي ڪريو امدادگي،

يا پير پيران بادشاهه!

ڪل علم جو ارشاد ڪر،  ارشاد جو امداد ڪر،

صالح سندم اولاد ڪر، دشمن قوي ڪل ماد ڪر،

يا پير پيران بادشاهه!

تون درگه خدا جو دفتري،  راهِ خدا ڪر رهبري،[16]

پٽ دين دنيا جي دري، واهر ڪيو وهلو وري،

يا پير پيران بادشاهه!

مذهب سندءِ احمد حنبل، ڪيو علم تي اعلى عمل،

خشڪي، بحر، جي ڪو جبل،  چوڏهن طبق تُنهنجو طبل،

يا پير پيران بادشاهه!

ديدار ج مشتاق من، پِرتئون پسايو پاڪ تن،

مشرف ڪريو جڳ ۾ ”جمن“، توهئون گهران اَمن و اَمن،

يا پير پيران بادشاهه!

عرب و عجم ايران ۾، طنبول ۽ توران ۾،

ڪشمير ۽ ڪاشان ۾، ڪابول ۽ ڪرمان ۾،

فِلنگي سندو فرمان،

يا پير پيران بادشاهه!

عرب و عجم اصفان ۾، سورت بندر سِستان ۾،

ٺٽي، بکر، ملتان ۾، خادم سندءِ خراسان ۾،

يا پير پيران بادشاهه!

عرب و عجم، استين تون، دهلي، دکن دَستين تون،

پورب، پڇم، پَستين تون، چنجي، چنجاول، چين تون،

دهه ديس دامن دين تون،

يا پير پيران بادشاهه!

مشرق، مغرب، روم شام ۾، بلخ و بخار آسام ۾

گرنار ۽ گندام ۾، هند سنڌ تمهاري نام ۾،

يا پير پيران بادشاهه!

مصري مڪاوي، مشهدي، بدوي، بدخشي، بيحدي،

يڪ پاء شان قهقه هدي، چوچڪ سندءِ چيلا بندي،

تو ڏات ڏاتر کان لڌي،

يا پير پيران بادشاهه!

رک علتئون علامتئون، رک شومتئون ۽ شامتئون،

مهرون مَ لاهيو مان مٿئون، قربان اَنهَن جي نام تئون،

يا پير پيران بادشاهه!

ڪلام جي مقبوليت،  عداوتن جي عدوليت

وحدانيت جي وصوليت، حاجات ٿئي حُصُوليت،

يا پير پيران بادشاهه!

ڪل پير تي آ پڳ سندءِ، عالم سوالي جڳ سندءِ،

”جمن“ مداحي سڳ سندءِ، پيزار جو پس لڳ سندءِ

يا پير پيران بادشاهه!

پيزار جا پس لڳ گهڻا، مولي وڌي تو ۾ مڻيا

عارف[17] ٿيا تو وٽ گهڻا، ڪهڙا ڳڻيو ڪهڙا ڳڻيان

يا پير پيران بادشاهه!

آهيان ضعيفي ذات جو،  سوالي سَنجهي پرڀات جو،

بخرو ڏياريو ڏات جو، رک شرم مستورات جو

يا پير پيران بادشاهه!

”جمن“ چوي: جاهل آهيان، ڪرتين ڪچو ڪاهل آهيان،

تو در سندو سائل آهيان، يا پير پيران بادشاهه!

يا پير پيران بادشاهه!

جي باب منهنجي بد اکر، ميٽي ڪريو سُبتا سَکر،

وانجو مَ ڪر منهنجو وکر، تون روز قيامت تا حشر،

تُهنجِي پَنه، تُهنجي پَکر،

يا پير پيران بادشاهه!

اُتر، ڏکڻ، اولاهه تي،تُهنجو طبل سج، ماهه تي

ڪو غور ڪر مان ڏاهه تي، ڪلمو محمد شاهه تي،

يا پير پيران بادشاهه!

لا اِلاه الالله محمد رسول الله.

مدح (نبي ﷺ)[18]

(ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي جي چيل)

[ميان محمد سرفراز خان ڪلهوڙو پنهنجي والد ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات بعد سنڌ جي تخت تي ويٺو. فارسي زبان جو وڏو ”صاحب ديوان“ شاعر هو. هيءَ مدح شريف، قيد جي هالت ۾ (1774ع) انتهائي سوز ۽ رقت سان چيائين. سنڌي ادب ۾ مدح جي شروعات ميان صاحب جي هن مدح سان ٿي. سندس مدح جو غير فاني وراڻو ”ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون“. سنڌ ۾ هر هنڌ مشهور آهي.]

 

بسم الله، لڳ الله، محمد شاهه، ڪو پَناههَ پرين تون،

منجهه درگاهه، ڪيم آهه، مٿي راهه، رسين مون.

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.

 

مان جاهل، ۽ ڪاهل، آهيان ڪچو ڪمينو،

نه مون حال، نه مون قال، ڀلا ڀال، ڪرين تون:،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ، سڻج تون،

پسي پاڻ ڪرم ساڻ، ڏکيا ڏاڻ، ڏئين مون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

چارئي يار، جيءَ جيار، ڪندا واهر، وري مون،

بيڪار، سندي سار، سِگهي شال، لڌائون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

سچا ”صديق“، رُڃ رفيق، ڏين توفيق، تُسِي مون،

عمر ڄام، تنهنجي سام، پُٺيءَ پاند، لڳاسون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

حضرت ’عثمان‘، ڪيو قرآن، جوڙي سيپارا، سوُرُون،

’عليءَ‘ گهوٽ، ڀڳا ڪوٽ، سنديون ڪفر، ڪِنارون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

صادقين، عادلين، ذي الن سُورَين، حَنيف،

جَمالَينِ، ڪَمالَينِ، شُجاعين، علي:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

اِمامَين، سونهارَين، سندو آسرو، اَٿهون،

امام ’حَسن،‘ ۽ ’حُسين‘، ڪندا ماڙَ، موٽِي مون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

صحابَن، ڪِرامَن، تابِعينِ، کي سڪَ هُون،

تن ڀَلَن، وَسيِلَن، سنَدي تَوهه ٿا تڳهون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

سچار، ۽ موچار، جي مهندار، ليکيا مون،

تن مڙن، ڀلارن، سندو مُهڙُ، آهين تون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

نه سا خلق، نه ڪي مَلڪ، نه ها فلڪ، زمينون،

تنهنجو نور، ٿيو ”ظهور، آڳاٽو، سڀني کَئون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

اول ۽ آخر، والي ملڪ سندو تون،

ظاهر ۽ باطن، تنهنجو پيئيون پچارون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

شريعت، طريقت، ڪرين نصيب، اسان ڪون،

حقيقت، معرفت، سندو نَظر، ڪرين تون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

هدايت، حمايت، عنايت، ڪرين تون،

امانت، سلامت، اچي لَڪَ، لنگهايون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

سر زمين، ڪِيُم ڪين، آهيان ناقص نماڻون،

مٿي دين، تون امين، اُڀيا ريج اسان ڪون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

 

صغير، ۽ ڪبير، ڪَيُم ڪِرتَ، ڪچايون،

محمد مير، من حقير، سَنديون ميٽ مٺايون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

”يَڪسِبُونَ“، ڪَمَ زَبون، ڪَيُم خون خطائون،

ميٽي ڏوهه، پِنان توههَ، ڪرين بخش عطائون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

شيطان، ۽ دجال، سندي شر، کان رکَهُون،

ظالم، سَڀ خادمَ، ڪَرمَ، ساڻ، ڪرين تون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

ڀرم، ۽ شرم، پِني ڪَرمَ، ڪمينون،

ميٽي وَهمَ، لاهين غم، پورا ڪَمَ، ڪرين تون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

منجهه قبر، لهج خبر، حضرت پيغمبر مون،

ڀِتِيَنِ ڀيڙ، ڪَنا مير، هن حقير، رکين تون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

مُنڪِرُ، ۽ نڪري، ايندا پڇڻَ، پُڇاڻون،

رُوبَرو، سرخرو، ۽ آبرو، ڏيين مون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

 

روز قيامت شِفاعَتَ، ڪندين اُمت، اُتي تون،

تنهن وير، ڀري پير، سگهو شير، رَسِين مون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

امتحان کي عِصيان، منجهه ميزان، وڌائون،

وقت ڀيٽ، ميٽ، ڪَرمَ ساڻ ڪچايون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

پلصراط، مٿي واٽ، رَمِي پير، رکياسون،

رَسُ راهه، مٿي واهه، ڏيئي ٻانههَ لنگهايون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

جمال، ۽ ڪمال، تنهنجي لاءِ، واجهاڻون،

ٿيون شال، منجهه وصال، وڃي هوتَنِ هاڻون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

لنگهيا لڪ، لٿا شَڪ، هلي حق، گڏياسون،

في الحال، منجهه وصال، اچي محب، ملياسون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

بسم الله، لڳ الله، ڪر نگاهه، پرين تون،

آهيم، آس، توڏهون خاص، مَنَ مُرادُون پڄاءِ مون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

 

چارئي طرف، تنهنجي شرم، ڪَيُون روشَنُ، اُڀ زمينون،

منجهان نور، ٿيو معمور، مڪو ملڪ، مدينون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

بسم الله، سين مداح، تنهنجي شاهه، چَئيي سُون،

هيءَ ساراههَ، لڳ الله، ڪر قبول، هٿان مون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

”سرفراز“ کي اداس، آهي آس، اوهان ڏون،

راهه راس، بند خلاص، خوبي خاص، ڏئين مون:

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

 

هيءَ مداح، تنهنجي شاهه، چيم صف، واکاڻون.[19]

سڻي پاڻ، ڪنن ساڻ، ڏئين ڏاڻ، ڏاڏاڻون.[20]

ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

مدح (نبي ﷺ)[21]

(مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي چيل)

[مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، پنهنجي اصل ڳوٺ گرهوڙ تعلقي ساماري ۾ سنه 1125هجري/1739ع ۾ ڄائو. لنواريءَ جي بزرگ حضرت سلطان الاوليا مخدوم محمد زمان جو مريد ٿيو. مخدوم صاحب، تفسير، حديث ۽ فقه جو زبردست عالم ۽ نقشبندي طريقي جو متشرع صوفي هو. سنه 1192هجري/ 1778ع ۾ جهاد في سبيل الله ۾ شهيد ٿيو. سندس تصنيفون، تصوف جي سلسلي ۾ نهايت قيمتي آهن، خاص طرح سندس ”سنڌي“ مشهور  آهي، جنهن ۾ توحيد سالت ۽ اسلام جا احڪام سليس ۽ پخته سنڌيءَ ۾ سمجهايل آهن. نبي صلي الله عليه وسلم جن جي مدح ۾ هي ابيات سندس ”سنڌي“ مان ورتل آهن.]

اسم ساڻ الله جي، سڀئي ٿوڪ ٿيا،

جو خالق مخلوقن جو، رازق رحيما،

صلواتون سيد تي، جو جوهر جهانا

آل، احمد ج ڀلو، پارس، ڏيهه ڏِيا،

ڪي ٿيا عشق ڪوڏيا، سالڪ سچارا

جي سدا شوق شفيع جي، پچن پروانا!

وڏا طالع تن جا، جي سِڪن سيد لاءِ،

”اَلمَرءُ مَعَ مَن اَحَب“ ايڏي راز رسيا،

پر سِڪڻ سڃاڻڻ ري، محض محالي آهه،

ڪو نه سڃاڻي ڪڏهن، هوت هينئين ڌاران،

”وَڪَيف يَدُرڪُ في الدُنيا حَقيقَتُه قوم

نِيامُ تَسَلُو عَنهُ بالحِلمِ“ آهي اِشارتا،

سي ڪيئن پسن پرينءَ کي، جَنهِين قَلبَ سُتا؟

سُڻي صورت ظاهري، اَين آراما،

ايءُ سڀ سُهڻو سڄڻين، پاڻ پرانهون آهه،

دار دنيا جو ڇڏي، لنگهه لقا پُر ڏانهه،

جتي جلوي شاهه جي، سج چنڊ سِجهايا،

هڏ نه اچي هِن ڏيهه ۾، عاشقن آراما

اَجر، دنيا دار ۾، موران تان مِياءِ،

تيلهه دوزخ مومنين، دنيا جو دار،

جيڪڏهن دنيا دار ۾، پرين ٿيا پڌرا،

ته هوند نه رهيو ڪڏهن، ڪو ڪافي منجهه ڪفرا،

”يَنظُرُون اِلَيڪَ وَهُم لا يَبصِرُونَ“ هوت نه هِت هئا،

لالڻ، لقا پُر رهي پڌر پاڇويا

اُهي ڏسن اُن کي، جي اُنهيءَ ڏيهه ويا،

ٻيا سڀ سُڻِين ڳالهيون، ڪي پَسن پاڇويا،

ڳُڙ نه سُڃاپي ڳالهئين، جان جان ڳُڙ نه کاءِ

جان تو سِڪَ شفيع جي، تان لاڳاپا سڀ لاهه،

دنيا دار نه دوسَ جو، نِڪر تَنهن نجهرا،

ته مُلڪ پسين محبوب جو، جت عيش نه عيش جِها،

سدا سارنگ ٿو وسي، نڪو وڻ ڪوُماءِ،

مرض موران ناهه ڪو، قحط جاءِ نه ڪا،

موت محالي تنهنجو، وائي ويريءَ ناهه،

علم عطائي اُتاهين، شَڪ نڪو شُبها،

ڏک نه ٿئي اُن ڏيهه ۾ سڀيئي سَرها،

سج ريءَ سُهائو ٿئي، ڪپهه ريءَ ڪپڙا،

سڀڪي مُيَسر سڀڪنهن، ويلي واٽ نه ڪا،

وِجهُلَ اُن وطن جي، مون کي ماريو ماءُ!

اَٺئي پهر اُداس ۾، ڳري ماهه مٿانءِ،

سجهايس سڪ ساڻيهه جي، ويتر پاڙيچا،

جَني قرب ڪَنڊن سين، مَڃَرُ ماڻڻ لاءِ،

پَلُرَ پيا ڪوُ سپرين، سانگي سَلَمَ جا،

جهِڄان جهوريءَ تَنن جي، ڳلن سِرِ ڳوڙها،

وري پاڙي پرين جي، ڪنهن پڙ مِڙان ماءُ؟

ساريو سپيرين کي، ڦاٽان فراقان،

مولى! ميڙ غريب کي، مِٺو محبوبا،

وصف جنهن وَرنَهه جي، مٿو مور نه آهه:

’سَسئي‘، ’سُهڻِي‘ مون پرين، ’مارئي‘ محبوبا

پاڙي مون پرين جي، مجنون مشتاقا،

ڪهڙي مدح ڪَونَر جي، جو سڀني سينگارا

چئو صلواتون رسول ڪريم تي، جو مِٺو محبوبا!

ويندا سي ايمان سين، جي ڪلمو پڙهن مُها،

لا اِلاه الاَ الله مُحَمَدَ الرَسُولُ الله


[1]   هن مداح جي متن جو مکيه مدار چارڻن جي گهرو وروايت (د) تي آهي. جا ميان دين محمد چارڻ (دادو) کان ملي. ٻيون هيٺيون روايتون آڏو رکيون ويون: ’مجموعه مدحيات‘ بمبئي ڇاپو (م). محترم محمد بچل، ٽنڊو ڄام (چ) ۽ محترم غلام نبي از: وارهه (غ)

[2]   صحتا و شفا شرماً صفا (م)

[3]   ”تون نافع نبيءَ جي نور جي“. قافيه چي“ (م، چ، غ).

[4]   هن مصرع ۾ انهيءَ عام روايت ڏانهن اشارو آهي ته حضرت بادشاهه پير ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي ڪن مان ڪڍي تاريو. ”مهتر نوح هو طوفان ۾“ (د، م). ”عام انهيءَ امڪان ۾“ (د). ”عالم سڻي ائين جيئن“ (د).

[5]   سڀني روايتن موجب ”ستاويهين رجب شهر“ مگر ڪتابن ۾ سندن ولادت جي تاريخ 29-شعبان ڄاڻايل آهي. (د) موجب ”روشن ٿيو بر و بحر-ڏي مهر جي لَنجئون لهر“.

[6]   (د) موجب ”ٽي سؤ سٺ سن سال هو“ جو غلط آهي. حضرت بادشاهه پير جي ولادت جو سنه چار سؤ ستر هجري آهي. سندن والد جو نالو ابو صالح هو. ”جواب تنهن جائدو-دل ۾ رکون ٿا قائدو“ (م)

[7]   مصرع جو سلسلو (د) مطابق آهي. (م) مطابق هي مصرع نمبر 14 آهي.

[8]   سڀني روايتن موجب: ”عظمت عزت امڪان جو“ ۽ ڪونهي مٿي مڪان جو“.

[9]   (د) موجب ”جي سَر مڃي تو ٿي سَهين-قدرت خدا جي سان ڪهين: دوزخ وسامي دم تنهين- تون اولياءَ اهڙو آهين“.

[10]   هن مصرع کان (د) توري (م) جي روايتن ۾ مصراعن جو سلسلو مختلف آهي. (م) موجب 21 مصرع کي اسان مضمون جي لحاظ سان نمبر 25 ڪري رکيو آهي.

[11]   هيءَ مصرع (د) موجب موجود ناهي ۽ (م) مطابق قافيا نمبر وار ”جه“، ”ته“، ”آه“ ”ڪه“، ۽ وري ”ڪه“ آهن.

[12]    (د) موجب ”عدل ۽ سخاوت جن ڪئي- ٿيا تنهنجي نگر ڏنه طامعي“.

[13]   (م) موجب هن مصرع جي بند کي ٻن مصراعن ۾ ورهايو ويو آهي.

[14]   مَلَح = ملاح.

[15]   اصل: ”جڏهن نبي معراج چڙهيو“.

[16]    (د) موجب: ارشاد ٿئي، امداد ٿئي، اولاد ٿئي، ماءُ ٿئي.

[17]   ”عارف توهان جا ٿيا گهڻا“

[18]   مجموعه مدحيات (بمبئي ڇاپو) تان ورتل.

[19]   اصل، واکاڻا.

[20]   اصل، ڪلمو پاڪ چئيجا.

[21]   ”وچولي (تعلقي تنڊي الهيار) مان گل محمد آزاد کان پهتل، جا ”ڄام ڪانڀوءَ“ واري ڇاپي نسخي تان ورتل آهي. ڪن لفظن جون پڙهڻيون ”ڪلام گرهوڙي“ (مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي واري) تان ڏسي قائم رکيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org