سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :14

مدح (بادشاهه پير رحه)[1]

(7)

ڪريان صفت سبحان جي، آگا تنهنجي احسان جي،

دعوى رکان ٿو دان جي، تو کون مهدي موچارا!

 

پير پيران پير تون،شهه! ڏي دلاسو ڌير تون،

منهنجو وسيلو وير تون، هر دوجهان هادي هاڪارا!

 

3- تون ڌڻي بغداد جو، ڪو داد ڪو فرياد جو

امدادي ڏي دلشاد جو، تو کون پني پازي پيارا!

 

هادي! رسين هر حال تون، فائدو ڏئين في الحال تون،

سواليءَ جي ڪري سنڀال تون، سڏ ٿو ڪريان توکي سوارا!

 

جنهن بني تنهنجي ياراني، تنهن ٿئي ٻيو ڪير ثاني،

تون پساءِ پنهنجي پيشاني، واهه مليا گڏ چنڊ تارا!

 

جن اسان سين جنگ جوڙي، تو تنين جي ٻيڙي ٻوڙي،

ڪين پهتا توڙ توڙي، ٻيا تنين ۾ موت مارا.

 

جن دورنگن ڪئي دغائي، ڪيئين تڙي تن کي توائي.

تو وڃاين وير وائي. ٿيا اُهي انڌا اُسارا.

 

سرور! سپہ سالار تون، چوطرف چوڪيدار تون،

پنهنجا اُڪارين پار تون، ڪوڙين لکين عاصي اَپار.

 

ٿي سگهو همراهه هادي! ڏي اسان کي شاهه! شادي،

ٿيا مدعي مات مادي، ويا وچائين ٿي ويچارا.

 

خضر تو تڙايا کودڙيا، گس تؤن کڻي ويا گودڙيا،

مردود منهن ڪار مودريا، منهن تي مَلين عربي اڱارا.

 

دارون دوا در دست تو، دل مست ڪئي منجهه بست تو،

ويئي ورائي وست تو، تنهنجا امن جاري اشارا.

 

دل ۾ وسين دلبند تون، هادي! هم هر هنڌ تون،

پرور ڪئين پسند تون، ڪامل! قمر قوت قرارا.

 

داور وڌايو دين تو، نمرا ڪيا نابين تو،

توڙان آهيان تابعين تو، جڳ جو مٿي مهدي مدارا.

 

داور وڌايو دين تو، مقصد گهُري مسڪين تو،

سلطان چاڪر چين تو، بردا پرين بلخ بخارا.

 

 

حامي! حمايت ٿو گهُران، ٿو توهه تنهنجو تو گهُران،

توکي وڻي سنگ سو گهُران، دک دور ڪر دارون دبارا.

 

توڙون اٿم تنهنجو تڪيو، هر حال ۾ گهرجين هڪيو،

چورن ڪُتَن آهيان چڪيو، ڪاهي رسين دُز ديو ڪارا.

 

توڙون اٿم تنهنجي تَڳا، سگ کي وجهين سوگها سڳا،

ڀونڪيو اچن ڀيٽوُ ڀڳا، تن کي چڱا لٺ جي لغارا.

 

توڙون اٿم تو ۾ طمعا، ضامن آهين منهنجو ضمان،

ڪوڙين نوازين ناڪما، مشڪلڪشا مختيار ڪارا.

 

بي پير ڪيا لک پير تو، دُز مير ڪيا شهه مير تو،

سگ سون ڪيا اڪسي تو، تاران اُڪريا اَتارا.

 

تازا نوان ڪر نينهڙا، محبت وسايو مينهڙا،

ڪڍ تون ڏولائي ڏينهڙا، ڪر تون سُڪا ساوا ستارا.

 

توکان گهڻا لک شاهه ٿيا، لک شاهه تنهنجا ڏاهه ٿيا،

گمراهه تو کان راهه ٿيا، فرمان ۾ مغفور دارا.

 

توکي نبي بخشيو سدا، تون دادلو خلقِ خدا،

توکان مڱان بهرِ خدا، قلبؤن پڙهان ڪلمي تنوارا.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مدح (نبي ﷺ)[2]

(يوسف عطار جي چيل)

چوان حمد هر دم تنهن غفار کي،

لکين شڪر صاحب تنهن ستار کي،

منجهان عشق جوڙيائين جنسار کي،

مڪو مير مرسل جنهن مهندار کي،

چوان لک صلواتن جا سوَ وارجي.

 

مڪئين مير مرسل ڀلو کان ڀلن،

پسيو محب معشوق عاشق اچن،

سڀئي سوز سڪ ۾ پتنگ جئن پچن،

پڪا وڻ پچي پيا جبل جوش ڪن،

ٿيو نُور روشن نروار جي.

 

نيلوفر نماڻي سورج ڪيو سهي،

جليا جوش ۾ پتنگ شمع شاهه ڪئي،

چڪور به چڪي درد مان دانهن ڪئي،

محبت ۾ مشتاق بلبل رهي،

سڀن کي رهي سڪ سردار جي.

 

زليخا لئي يوسف به حيران ٿيو،

فرهاد شيرين لئي قربان ٿيو،

۽ ليلى تي مجنون به حيران ٿيو،

’بديعل‘ تي ’سيفل‘ به بيران ٿيو،

سري سڪ سڀن کي سا سردار جي.

 

رنيون ٿي قرب مان ڪٺيون لئي قريب،

جبل روهه ۾ اٺ رنا لئي عجيب،

اٿن عشق جو درد ناهي طبيب،

ملي محبتين کي سا محبت مجيب،

سونهين درد دل پيئي دلدار جي.

 

ملي پاڻ ۾ ڪئي صحابن صلاح،

ته: قدر مير مرسل جو ڄاڻي الله،

سيد آهه سردار شاهن جو شاهه،

ڪرسي هڪ جوڙيائون اُچي لڳ الله

چڙهي جنهن تي بيهي سو سردار جي.

 

ڪوٺي ات ويهاريئون واڍا ڪئي وينجهار،

سوين ات سونارا نقاشن هزار،

چٽيائون نقش رنگين گلشن بهار،

پسيو بلبليون ڪن سي نيڻن نهار،

پسيو خوش ٿين ديد دلدار جي.

 

ڏسو ڪرسيءَ تي زبرجد جڙيا،

هيرا لعل موتي ۽ ماڻڪ مڙهيا،

رپا سون زيور سي چٽجي چڙهيا،

منبر تي منارا به جڙجي جڙيا،

جڙي ٻي جمع جوت جنسار جي.

 

پرين پاڻ پڙهيو سو خطبو خليل،

ڪيا عشق جنهن جي آهن ڪئين عليل،

ملي محبتين کي سا محبت جليل،

مديني جي مسجد ۾ آيا اصيل،

لڳي لؤن سڀني کي سا لاچار جي.

 

چڙهي بيٺا ڪرسي تي ڪامل ڪريم،

سر  بخت سردار احسن عظيم،

پرين پڙهيو خطبو قدرڪن ڪليم،

ڪاٺي ڦاٽي فراقئون سگهڙي سقيم،

رويو سا ڪري ريهون مثل ٻار جي.

 

ڀري سڏڪا ڏک مان ڏکوئي ڏري،

ملڻ محب اَهان جو پسڻ ٿيو پري،

سوا سپرين ڪانه ساعت سري،

مِٺا محب ماريس اوهان جي اري،

نه ويڇي پوي شال هڪ وار جي.

 

ڀري سڏڪا کي ٿي ويجهي وصال،

اڳيان قرب مان ڪيئين سرور سوال،

سڪيس عمر ساري واجهائي وصال،

ڏٺم نور روشن سو جلوو جمال،

چمان خاڪ قدمن جي پيزار جي.

 

ڀري سڏڪا ڏک مان رني راز سان،

آهون عشق مان ڪيائين آواز سان،

پرينءَ جي پسڻ لئي نمي نياز سان،

نيئي دل نهوڙي سڄڻ ناز سان،

ڪئي بيحبر برهه بيمار جي.

 

ڀري سڏڪا ڏک مان ٻرٻر ٻاڪار،

آٽيو عشق مان ٿي روئي زار زار،

ويئي وس ڪنان عشق ٿيڙس اپار،

رکيس هٿ حبيبن مبارڪ مهندار،

پرين جي پسڻ لئي ٿي دل بهار جي.

 

ڏنس دوست دلبر دلاسو دليان،

مٿي هوت هيڻن اچي سي مليا،

مئيءَ ساڻ معشوق خوش ٿي کليا،

ڏيئي پير پنهنجا اڱڻ مون ٽليا،

دلاسي جياري سا دلدار جي.

 

الاهي عفو ڪر تون ”يوسف عطار“،

ڍڪين عيب منهنجا تون صاحب سچار،

مِٺي مير مرسل جي برڪت اپار،

لنگهاءِ لطف سان ڪلمي قطار،

اٿم حُب دوستن جي ديدار جي.

 

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات (بادشاهه پير)[3]

(علي بخش شر جي چيل)

[علي بخش ولد غلام رسول شر بلوچ،  ڳوٺ جنگو خان شر، خيرپور ميرس جو رهاڪو هو، هن حياتي جو گهڻو عرصو عالمَن جي صحبت ۾ گذاريو. سندس ڪلام ۾ مدحون ۽ مولود مشهور آهن. هتي سندس مناجات ڏجي ٿي ۽ ٻه مدح ”مسافر پير“ جي قبي ۾ اندر ڀت تي اُڪريل آهي.]

اول ڪريان ٿو صفت الله، مير محمد شهنشاهه،

هيڻن حامي آ همراهه، واهر وير وسيلو آهه.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

2- يا مير محي الدين امير! پارس پاڪ پيارا پير!

درماندن کي ڏي دلڌير! واهر ڪر وسيلا وير!

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

مير موچارا محي الدين! سونهن سماءَ جي زيب زمين

پير سڀ تو پينام آهين، سونهن ڀريا تابان جبين.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

تون گوهر گنج حقيقت جو، شمس شعاع شرعيت جو،

تون سرتاج طريقت جو، رهبر راهه رفيقت جو.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

ڏرت ڏولائو، قادر پير! ڪڍ تون مُلڪ ساري مان مير!

خير خوشيءَ جي بخش بهير، صاف مصيبت قطب ڪبير.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

تو در آيس سَيد سچار! ماڙ مريدن ڪر مَڻِهيار،

هر ويلي ٿي ياور يار! ڏاڻ ڏيو مون لڳ ڏاتار.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

همدم ٿي همراهه اچي، تنهنجي اٿم سڪ سچي،

رنگ ڪيو سڀ راس اچي، تو هٿ آهي درگاهه ڪنجي.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

 

تون آن هوت حقاني حق، دل جا دور ڪيو سڀ شڪ،

قرب ڪرم تو مير مرڪ، ميڙ مداين وير! ورق.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

تخت نشين! تون تاج ڌڻي، مدعي کي ڪر پير پڻي،

زور ضرب سا هوت! هڻي، واهر ڪر تون واڳ کڻي.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

ماڻهو م!لڪ حورون حيران، عرش ڪرش ۽ ماڳ مڪان،

سارين توکي ديو دَارن، ايڏو ڪنهن ٻيو ناهي شان.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

عرب عجم ۾ پير پچار، دِلي دکن ۽ زمين زيار،

مڪو مدينو مير! مڻهار، تنهنجي ساراهه تنهنجي سار.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

هر جا تنهنجو حڪم حڪام، ملڪن ۾ تون مشهور نام،

لڙهه لڳس آءٌ تنهنجي لام، سرور! تنهنجي آهيان سام.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

اعلى عزتو ڪيو الله، معزز مفخر ڪج ڪُلاهه،

مير محمد شهنشاهه، حامي تو سان آهه هر گاهه.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

بلخ، بخارا، حلب، هرات، شام، عراق، مصر، گجرات،

رمذ، توران، تلينگ تات، هر جا تنهنجي وائي وات.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

”اِنا فتحنا“ جي آڌار، آڌار ’طهٰ‘ ’يٰسين‘ فتح فخار،

شرف شرافت توتي شعار، مدثر، مزمل، نُور نگار.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

علم شرعيت حق حضور، نُور اعلى ذوق ظهور،

هر جا تنهنجو نام مشهور، ورد زبان منجهه وحش طيور.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

سونهن سڀن جي وير ولي! عين علي اولاد علي،

جلوو جوت جمال جلي، قوي ڪرامت قرب علي.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

سيد سچارا سڀ سوال، بلڪل منهنجا بهرحال،

ڪر قبوليت لائق لال، پير! پسو اچي هيڻو حال.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

اَول عشق الله رسول، دعا ديان جي در مقبول،

هادي! هدايت ڪر حصول، نعمت غيبي ٿئي نزول.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

امن ايمان ۽ شائق شاد، عالم ڪامل ٿئي اولاد،

عزت حرمت ڪر امداد، سينو صاف ڪيو آباد.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

ظالم حاڪم بد بي دين، نفس شيطان شرير لعين،

آهي سدائين عَدو مبين، پير! پناهه ڏي مون مسڪين.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

حاسد فاسد آهن هزار، مُلحد مُرتد آهن منهن ڪار،

دشمن دُزد دهيا هچار، تن کي پاڻ پَلج پڳدار! .

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

رس اچي مون رڻ رڃ روهه، منجهه سختي سوڙهه ستوهه،

ڪرڙا ڏونگر قاف ۽ ڪوهه، معاف مون تان ڪر ڪُل اوندهه.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

ماڙ مريدن حضرت پير! لهه سگهيرو وَرنهه وير!

اوکيءَ ويل رکج مون مير! حرمت حضرت شبر شبير.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

وقت زبون ٿيو اظهار، ڪونهي ڪنهن جو ڪو غمخوار،

آءُ وسيلا ياور يار! اهڙي وقت سيد سردار! .

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

تون ماڙ مريدن ۽ ملجاءِ، پازي کي تون پير! پهراءِ،

شوق محبت ۾ مرڪاءِ، عِز شرافت وير! وڌاءِ.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

اڳتون ڀيڙ ٻُجهي ڀُلڪار، ڏاڍي سختي سوڙهه سچار!

اُتي رهڻو هيڪل هار، سرور! لهجان منهنجي سار.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

تلخي تابش آهه اموات، اتي رسج سردار صفات،

ڏاڍي سوڙهه سجهي سڪرات، ڪلمي وائي واهر وات.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

ڇهين ڇَٽن کان پير! پناهه، ڏي تون هردم ٿيءُ همراهه،

تو بنا ناهي واهر واهه، ”علي بخش“ جي پارت آهه.

رس يا عبدالقادر پير!

سر سبحاني وارث وير!

 

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مدح (پير پاڳاري جي)[4]

(عمر بخش شر جي چيل)

[عمر بخش ولد الهورايو شر بلوچ تاريخ 27- رمضان سنه 1275 هجري/ 1866ع ۾ ڳوٺ جنگو خان شر (خيرپور ميرس) ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ۽ عربي فارسي جي تعليم امروٽ شريف ۾ حاصل ڪيائين. ان بعد نصير محمد جلالاڻي جي ڳوٺ ۾ درس ڏيندو هو. وفات به اتي ڪيائين. سندس سمورو ڪلام مدحيه آهي. سندس هيءَ مدح پير صاحب پاڳاري شاهه مردان شاهه عرف ”ڪوٽ ڌڻي“ جي شان ۾ چيل آهي، جنهن تي کيس انعام به مليو. 14- رمضان سنه 1353 هجري/ 1934ع ۾ وفات ڪيائين.]

 

اول ڪر تعريف رب جي پاڪ آ پروردگار،

ملڪ جو مالڪ ڌڻي ستار ملڪن جو مدار،

جنهن ڪيو پيدا محمد مصطفى مختيارڪار،

مهر ڪئي مولا مٿس چيدا مليا هئس چار يار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

 

ڪئي ثنا جبرئيل حيدر مرتضى جي بار بار،

شاهه مردان نام جنهنجو نامور حيدر ڪرار،

جنهنجو ”حزب الله“ بابو بنده پرور با وقار،

منهنجي بهشتن ٿو ڪري رضوان گويا هي پچار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

جڏهن جانب پاڻ آيو ڏنهن ولايت واهرو،

اچڻ سان احسان ٿيو ساري امت تي سرخرو،

جابجا جن و انس سڀ ڪئي سلامي روبرو،

سج صباحت سونهن سرور پير صاحب پائدار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

مرحبا محبوب رب العالمين مالڪ منير،

تو آئي خوشنود خورم ٿيو سڄو عالم امير،

مالڪ ملڪ ولايت راز دان روشن ضمير،

لاڏلا لاريب جا آءُ مير مرسل مختيار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

مرحبا سيد سونهارا گمرهن جا راهبر،

عاصين ۽ بيڪسن جا ڀرجهلا وارث وَهر،

فيض بخشا بحر رحمت ۽ سخاوت جا ڪڪر،

رحمت اللعالمين جي آل آهين آشڪار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

مرحبا پيارا پيغمبر جا ولهن وارث ولي،

وڻ ٽڻ ٿيا ساوا سڀيئي جو تون آئين هتڙي هلي،

گلن گلزاري ڪئي بلبل ڏنو آهي کلي،

تاج تو سر تا قيامت ’هل اتى‘ جو برقرار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

يا امام المسلمين يا هادي هر دو سرى،

دان ايمان دين جو مون تي ڪريو دائم عطا،

ساڻ برڪت تو ڀلي جي راز رحمت جا اٺا،

بر زبان دل ذڪر جاري شل هجي ليل ونهار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

شان شوڪت عظم حشمت دائما دولت قرار،

شل هجي راضي مٿي تو دائما دلدل سوار،

تون علي جو دادلو آهين، دين جو دائم اُجار،

پنجتن پشت و پنهه ۾ مدد تنهنجي چار يار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

نامور نالو مبارڪ ملڪ ساري ۾ مشر،

فيض تنهنجو فيض بخشا آهه هر مومن فخر،

ڪرم تنهنجو يا ڪريم نص نيساني ڪڪر،

سو ڪڪر رحمت هجي دائم مٿي مون هر دوار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

دائما درگاهه اعظم تي اچن عالم هزار،

نافعا! تنهنجي ننگر ۾ ٿا وٺن طالع تبار،

گنج خانه مان لهن لائق وٽان سهسين هزار،

خير تنهنجو ٿو هلي هند سنڌ تائين ستار. .

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

عرب، عجمي، اصفهان، ملتان کان ماڻهو اچن،

موزمبيق، بمبئي، اجمير ۽ دلي دکن،

زنگ بربر ۽ حبش قدمن مٿان قربان ٿين

ٿو هلي هر حڪم تنهنجو در دهر ۽ ديار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

يا الهٰي رحم ڪر تون پير تي پروردگار،

شل هجي آباد مسند جي دائم قرار،

تا قيامت هلي هوڪو تنهنجو نر نامدار،

شان شوڪت دين دولت پير صاحب پائدار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

معجزو تنهن مير جو آ خلق ساريءَ ۾ ظهور،

آهي تعجب آدمين کي ۽ ٿيا آهن سرور،

مير صاحب مجلسي هو ساڻ آن شافع شڪور،

طرح تحفي جي آڻايو شينهن وٽ آن شهريار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

امتحان لئي ٻڪر کي آندائون ٻَڌي وٽ شير نر،

مر ڏسي خوشنود خورم ٿئي سدا غازي گوهر،

ٿيو اچي انبوهه عالم جو ڏسڻ لئي منتظر،

تان اجهو ٻڪرو وٺي ٿو شير- زيان خونخوار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

تان اتي فرمايو ظاهر زبان صاحب ڪمال،

هيءَ ادب جي جاءِ آهي ناهي تنهن طاقت مجال،

جان ائين فرمايو محبوب مالڪ ذوالجلال،

دم تنهن ۾ شرم کان شري عاجز انڪسار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

 

حملو ڪري بزغاله بيٺو شينهن تي سنبري اٿيو،

سست ٿي لرزان ترسان شينهن يڪدم نيئي لڪو،

وس وڏا ڪيائون تڏهن شينهن نه اصلي ٿيو،

هٿ ڏئي اکين مٿي ٿيو شرم کان سو شرمسار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

چوڏهين سن ۾ ڪرامت ڪئي آهي، تنهن قربدار،

ٿيو ٻڪر غالب مٿي شيرِ زيان ڪر اعتبار،

مير صاحب کي لڳي حيرت بيحد بيشمار،

ڇا عجائب معجزو ڪيو آهه مالڪ مختيار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

ڇا جرئت جانور کي ٿئي اڳيان اسدالله،

شينهن شينهن شاهه مردان شان شوڪت شهنشاهه،

جو اچن ٿا شينهن تنهن وٽ زيارتي شام و پگاهه،

شان شاهي شرف جو ناهي لکڻ ليکو شمار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

نر هڻي نعرو ٿيو اظهار عالم جو امام،

شل هجي راضي مٿس محبوب رب خيرالانام،

پنجتن پشت و پنهه ۽ مدد تنهنجي ذوالڪرام،

دائما ترقي ۽ حشمت دين دولت پائدار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

فيض جي درياء مان قطرو ڏياريو يا ڪريم،

هر دم رهان همدم اتي ’اهدنا الصراط المستقيم‘،

راز تنهنجو مون مٿان دمدم هجي رهبر رحيم،

قبر محشر ڪارڻي ڀيرو ڪجائين مون ڀتار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

مهر ڪر مسند ڌڻي بنگلي ڌڻي بيڪار تي،

ڪر طبابت تِرت سائين برهه جي بيمار تي،

توهه تنهنجي ٿو تڳان عالم اَجها آڌار تي،

تون ننگي نروار آهين نُور نرمل نامدار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

ڪر عنايت انورا آهين دادلو ديان جو،

تو مٿي آهي پيار پارس! راز دل رحمان جو،

ڪر ستاري سيدا! احسان ٿيءُ ايمان جو،

تون ننگي نروار آهين، نُور نرمل نامدار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

 

سرڪ جي ساقي سَڃي ڪا رمز واري راهه جي،

ڏڍ ڏسي ڏاتر اوهان جي در مٿي آيس ڀڄي،

ڪر خدا لڳ ڪارڻي سردار عالم مون سڄي،

رک ستر ستار منهنجو پير صاحب پاڳدار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

تون خدا جو لاڏلو آهين دادلو درگاهه جو،

ملڪ جو مشهور آهين معروف منزل گاهه جو،

آهي اسان کي آسرو تو شير شاهنشاهه جو،

تو سخي داتا ڌڻي مون ”عمر“ عاجز عيبدار.

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

 

سڀ سلامي در تنهنجي جا ڪيا خداوند ڪرد گار،

وئي عمر ساري لنگهي حيلا ڪيم هردم هزار،

دل چوي دلبر مدينو اکين سان ڏاتر ڏيکار،

در زبان دل ذڪر ذاتي قلب تي ڪلمو قرار. .

شاهه مردان شير يزدان قوت پروردگار،

لافتى الاعلي لا سيف الا ذوالفقار.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مدح (نبي ﷺ ۽ صحابہ ڪرام)[5]

(ڪمال فقير جي چيل)

[ڪمال فقير نوشهري فيروز جو مشهر شاعر ۽ درويش ٿي گذريو آهي.فقير صاحب، صوفياڻو خيال رکندڙ هو، سندس ڪيترائي مريد هئا. فقير صاحب 1927ع ڌاري وفات ڪئي.] 

’بسم الله بالله‘ چئي ٿو صفت سندي سردار چوان،

خالق خلقيو مير ’محمد‘ نور منجهان نروار چوان،

سونهن سيد ساڻ سرار چڱا چارئي يار چوان،

سيد سان سڀ گڏ صحابي چوڌاري چوڌار چوان،

افضل اعلى شان عجيبن داتا جي دربار چوان،

’ابوبڪر‘ سچو صادق رفيق منجهه سو غار چوان،

حضرت ’عمر‘ عادل هو سونهارو سو سچار چوان،

’عثمان‘ جمع ڪيو قرآن آگي جو اظهار چوان،

حضرت ’علي‘ شير بهادر دلدل جو هسوار چوان،

پنجتن پاڪ پيارا پڻ مولى جا مختار چوان،

’حسن‘ ’حسين‘ حمايت هيڻن اَڙين جو آڌار چوان،

اعلى شان امام ٿيا ٻُڌ ٻارنهن ٻولاچار چوان،

اول امام ’علي بن طالب‘ صاحب ذوالفقار چوان،

ٻيو امام ’حسن بن حيدر‘ پيارو ٿو پروار چوان،

ٽيون امام ’حسين‘ سونهارو گوهر ٿو غمخوار چوان،

چوٿون ’زين العابد‘ ظاهر دين مٿس دستار چوان،

پنجون ’محمد باقر‘ بيشڪ باريءَ ڪيو ته ڀلار چوان،

ڇهون ’محمد جعفر صادق‘ قادر جو ڪمدار چوان،

ستون امام ’موسى ڪاظم‘ ڪامل ڪلنگيدار چوان،

اٺون امام ’رضا‘ هو لائق دين سندو دهدار چوان.

نائون امام ’تقي‘ ٿيو طالب حق سندو حقدار چوان،

ڏهون امام ’نقي‘ ٿيو نائب ديني دفتردار چوان،

يارهون امام ’حسن عسڪري‘ ڪامل قربدار چوان،

ٻارهون والي آهه ولايت ”مهدي“ ٿو مختار چوان.

ٻارنهن ئي آهن محبوب حقاني سورنهن سڀ سردار چوان،

مدح چوان محبوب مٺي جي سرور جو سينگار چوان،

قد صنوبر کان وڌ ڪامل سَرو شرمسار چوان،

زلف سياهه سرار سهڻا پيچي ٿيو پيچدار چوان،

عطر کٿوري کان وڌ اعلى خاوند خوشبودار چوان،

ناف تاتاري ناهه برابر واس پِرين وڌ و0ار چوان،

مشڪ کٿوري عنبر ڇا هي؟ هوتن وڌ هُٻڪاري چوان،

ابرو سيف ايراني کان وڌ خوني ٿو خمدار چوان،

برق بجلي کان وڌ ويتر چشم سندي چمڪار چوان،

ناهي طاقت تيغ جهلڻ جي تيز نينان تلوار چوان،

آهو کان وڌ عين عجيبن جانب جلويدار چوان،

لعل بدخشان کان وڌ لالي روشن ٿو رخسار چوان،

گل گلابي گلڙا گونٽا گلشن ٿو گلزار چوان،

لعل سي مرجان کان اعلى لب ٿو رونقدار چوان،

دُر دندان جي داور دلبر موتيءَ کان موچار چوان،

چاهه زنخدان عشاقن قيدي لک هزار چوان،

شمس امر ٻئي شامل ناهن جلوي ۾ جهلڪار چوان،

حور پري غلمان ملائق پرور جا پينار چوان،

شيرين گوئي ڪلام قريبن گهوٽ سندي گفتار چوان،

مور نه ايندي مَٽ عجيبن ڇا ڪبڪ جي رفتار چوان،

هنج ٿيو حيران هلڻ ۾ دوستن جي ديدار چوان،

مير مدني مرسل موهيا گهايا هزار چوان،

رستم، گستم، بهمڻ برزو بيشڪ ٿيا بيزار چوان،

ڪيڪباد، ڪائوس ڪنعاني لاشڪ ٿيا لاچار چوان.

سام،نريمان، خاور، نسرو سيف لڳن سٽڪار چوان،

توس ۽ تهپال ٻنهي کي هيانوَ لڳو هٿيار چوان،

’ليخا‘ کي ذوق عطا ٿيو ’احمد‘ جو اسرار چوان،

’منصور‘ حسن ۾ محو ٿيو ۽ برهه چاڙهيو بردار چوان.

’مجنون‘ ٿيو مشتاق ملڻ لئي هوتن لئي هڪوار چوان،

’مجنون‘ ٿيو مشتاق ملڻ لئي هوتن لئي هڪوار چوان،

برهه بڻايس بند بدن کي ولين جا ولهار چوان،

ملڪ سڄي جو مالڪ ڏنو ’احمد‘ کي اختار چوان،

حُسن هوتن جو هو حقيقي علام ۾ آشڪار چوان،

”حريص عليکم بالمؤمين الرؤف الرحيم“ تهدل ٿيو تڪرار چوان،

’لولاڪ لما خلقتُ الافلاڪ“ ڏاج ڏنس ڏاتار چوان،

”نَحن الاخرون و سابقون“ احمد جو اعتبار چوان،

مٽ نه ڪو مخوق پرينءَ جو مڙني مهندار چوان،

سيد آهه سمونڊ سراسر لهرن لک هزار چوان،

مٿو محمد ڪو نه لڌو ڪنهن پار سندس پاتار چوان،

وارث والي آ دوجڳ جو محب مٺو منٺار چوان،

ڦِريو جو فرمان عجيبن بُرو سو بدڪار چوان،

راهه ڇڏي جو رافضي رليو موذي سو منهن ڪار چوان،

هڄي ويندو هاويءَ اندر ٿيندو خر خوار چوان،

منافق جي آ مَتِ موڙهي موذي سو مردار چوان،

داخل ٿيندو دوزخ اندر لعنت تنهن لک وار چوان،

قهري ايندو ڪوپ تنهين تي قادر رُب قَهار چوان،

ايندو آتش هيٺ عذابي باري جي ڀُلڪار چوان.

ايندو آتش هيٺ عذابي باري جي ڀُلڪار چوان،

توبهه سان جي ٿيندا تائب سي طالب تابعدار چوان،

جنت ٿيندي جاءِ تِنهين جي بهشتي باغ بهار چوان،

حضرت حامي هيڻن حاضر هر ويلي هموار چوان،

’احمد‘ آهي اوٽ اَڙين جي گوهر ٿو غمخوار چوان،

ڪين ڇڏيندو اُمت پنهنجي سيد ڏينهن شمار چوان،

سام سنڀالي ڏيندو سيد اڳ ۾ ٿي اڳوار چوان،

اڳ ۾ مير محمد عربي دوست مِٺو دلدار چوان،

پٽيءَ لائي پنهنجي هلندو سڀني کي سالار چوان،

رب رکندو رايو رهبر جانب جو ته جبار چوان،

بخشائيندو باريءَ کان گوهر گنهگار چوان،

آگي ڏنو اِذنُ شفاعت ’احمد‘ کي اقرار چوان،

پڙهان صلواتون سيد مٿان صدق منجهان صد بار چوان،

”ڪمال“ ڪري قربان پرين تان سر صدقي سو وار چوان،

روشن ڪيو مون ڪلب نبي يا، ڪلمي ساڻ قرار چوان.

لااِلہٰ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.


[1]   اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان پهتل.

[2]   مدار ٻن روايتن تي آهي جي وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد صالح سپئي ۽ (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان يار محمد مهاڻي کان پهتيون.

[3]   اتر (تعلقي خيرپور) مان مير محمد شر کان پهتل.

[4]   اتر (تعلقي خيرپور) مان مير محمد شر کان پهتل.

[5]   اتر (تعلقي روهڙي) مان عبدالرزاق کان پهتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org