سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :24

مدح (نبي ﷺ)[1]

(2)

اي خدا جا خاص تون محبوب حق احسن اسير،

انما انت النبي ختم الرسل خير البشر،

تون شفيع المذنبين يا مصطفى! يوم الحشر،

شاهه هن بيڪس اُتي، نالي ڌڻي جي ڪج نظر،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

پيش هو آدم ڪنان پڻ نور تنهنجي جو ظهور،

تون خدا جو خلوتي آهين هيمشان منجهه حضور،

جو ڪري بيدين ملحد تنهنجي طاقت ۾ قصور،

سو جهبنم جاءِ لهجندو زود عقبى ۾ ضرور،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

خلق ۾ خاصو خدا جو دوست آهين دلخواهه تون،

آسمانِ عز اعظم جو منور ماهه تون،

شاهه سڀ تو در گدا سڀني شهن جو شاهه تون

شاهه عالي جاهه سڀ هيڻن سندو همراهه تون،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

يا حبيب الله تون محبوب رب العالمين،

تون مهِ تابان عظمت تون گل بستانِ دين،

تنهنجو پيغامي هميشه آهي جبريلِ امين،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر. 

 

جي نه تون خلقئين خدا تا ڪين خلقيائين فلڪ،

تنهنجي ڪارڻ کي خدا سڀ جڳ خلق جي جوڙجڪ

ٿا چون صلوات توتي آسمانن ۾ ملڪ،

گفتگو تنهنجي ثنا جي از سماوء تا سمڪ،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

والضحى واليل ۽ والشمس تنهنجي شان ۾،

تنهنجي حق ’ياسين‘ ’طهٰ‘ ٿي صفت فرقان ۾،

يڪ بيڪ تنهنجي ثنا هر صورتِ قرآن ۾،

منهنجو هٿ اي مير مرسل! تو سندي دامان ۾،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

’هل اتى‘  تنهنجي ثنا والتين ۽ تنهنجي مقال،

سورتِ الفجر ۽ النجم ۾ تنهنجو ڪمال،

قاب قوسين آهه او ادنى سندو ذڪرِ وصال،

زندگاني ۾ بلاشڪ تو ڏٺو هق جو جمال،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

حق ڏني تو کي نبوت ۽ رسالت جي قبا،

ڪئي خدا ’انجيل‘ ۽ ’توريت‘ ۾ تنهنجي ثنا،

۽ لکي تنهنجي صحيفي سڀ ڪهين ۾ ماجرا،

صاحبِ معراج تون نصر من الله جي لوا،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

’بدر‘ ۾ هُئين تون بهادر قادر هر ڪار زار،

’احد‘ ۾ ڪافر ڪٺئي تو سان ملڪ لشڪر هزار،

۽ به خيبر ۾ خبيثن کي ڪيئي زار و خوار،

ملڪ منجهه اسلام آندءِ سڀ ڪهي ڪاذب ڪفار،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

ٿو چوان جي مون ڪچايون ۽ ڪچا ڪردار ڪيا،

منجهه جواني پاڻي جوڀن ۾ وڏا جنسار ڪيا،

سيڌ سرما ۽ صفايون سو طرح سينگار ڪيا،

۽ تماشا رنگ دنيا ۾ گهڻا ديدار ڪيا،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

مون وڏا گفتار ۽ رفتار م جلوا رکيا،

پاڻ ٿي ڀانيم گهڻو خوشگوار خوشرو خوشنما،

۽ صفت پنهنجي تي ڪين ماڻس منجهه قبا،

اهڙيون حاجون مون هٿان ٿيون، شال! مون بخشي خدا،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

غيبتون هجوون گلائون مسخريون مون ٿي ڪيون،

ڇا ڪريان تن جو ڪهاڻيون، واءِ! سڀ وسري ويون،

پر ڪرام الڪاتبين اعمالنامي ۾ لکيون،

ڏينهن محشر تنهن پڇا کؤن تنهنجي پروش سان بچون،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

مون خمر پيتا، زنا ڪيا ٻيون خرابيون ۽ خلل،

دف دماما نوبتون ۽ ٿي وڄارا يا دهل،

ڇا چوان جي مون هٿئون گذري اجايا سي عمل،

روز رحلت جي عذابي ٿيان نه اهنجو شاهه شل!

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

ٿيا قضا روزا نمازون مون ڪنا اي پاڪ ذات!

ڪو نه حج بيت الحرم جوٺي ادا ! سالِ زڪوات،

برخلاف شرع گذريا وقت منجهه حينِ حيات،

آدمين سان اهنج ڪيم ۽ ڪون ڪنه سان التفات،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

طمع جي ڪارڻ رهيس دارالحرب جي منجهه حڪم،

حڪم سين ڪافر جي مون ڪيا مومنن سر پُرستم،

جيڪا مون ٻي ٿي عبادت ڪئي گهڻي يا توڙي ڪم،

سائي هن ڪارڻ ته من ماڻهو چون هي چوکو ڪم،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

مير مون منجهه ملڪ دني اجي هلايا سَوَ حڪام،

عدل مون کان ڪو نه ٿيو، ٿيا ظلم ۽ ايذاء تمام،

خوش هنڍايا، خوب پيتا، خوبتر کاڌا طعام،

سا نه ٿئي مون کؤن پڇا اهڙن ڪمن جي منجهه قيام،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

شوق سين شائق رهيس شب روز منجهه شغل شڪار،

ڪا نه ٿي مون کوءن عبادت ۽ اطاعت استوار،
ڪو نه ڪم چوکو ڪيم هر وقت منهنجي اهڙي ڪار،

ڪنہ سندو مذڪور ۽ ڪنهن جي گلا ڪنه جي پچار،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

مون گتي منجهه دنيا اطاعت ۽ عبادت ڪا نه ڪي،

فقر فاقا ۽ فقيري جي رياضت ڪا نه ڪي،

’فاذ ڪروني‘ ذڪر سان مشغول ساعت ڪا نه ڪي،

ڪا چڱي چوکي اطاعت جهڙي عادت ڪا نه ڪي،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

ڪا نه ٿي پرهيز مون کوءن کائون رشوت ۽ ربا،

حاج سڀ منهنجي هٿان ٿي منجهه رياضت باريا،

نفس ڪارڻ سَوَ لٽايم هاءِ! ڏنه حرص و هوا،

طمع تي ٿي ڪيم تڪليف ۽ نه ڪجهه نامِ خد،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

مون پنهنجي عمر ۾ ڪو ناهي ڪيو هڪڙو ثواب،

سڀ عمل اُبتا اجايا ۽ بديون ڪيم بي حساب،

ڏينهن محشر جڏهن مقابل ٿي ڪري پڇندا ڪتاب،

تڏهن نه ٿيندو من ڪنان هن قول ري ٻيو ڪو جواب:

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

مون ته هي ڄاڻي ٻجهي اهڙيون خطائون خام ڪيون،

نفس کي ٿي خوش نپايم پاڻ کي بدنام ڪيون،

وقت طاعت جا نپايم پاڻ کي بدنام ڪيون،

وقت طاعت جا وڃايم عمر ۾ آرام ڪيون،

پاڻ کي ٿي نيڪ ڀانيم اهڙا ابتر ڪام ڪيون،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

راهه ۾ رهبر رسج هن راهه جي گمراهه کي،

هَي! مَ رستي ۾ رهان رهِ راست پهچان راهه کي،

باهه هاوي کوءن بچان جنهن لاءِ هيبت ساهه کي،

ننگ هن مسڪين جو تو ننگ پرور شاهه کي،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

ظلم ظالم جي ڪنان رکجو امن ۾ يا رسول!

ٻيو بچان شيطان جي شر کوءن شفاعت ڪج شمول،

”استجب دعواتنا“ ڪامل! دعا سڀ ڪر قبول

مدعا مَنَ جي پڄي، ٿئي حاج ڪل هادي حصول،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

جي مدايون ۽ ڪچايون مون ڪيون ۽ ٿو ڪريان،

تن جي بخشش لاءِ آءٌ تو کي وسيلو ٿو گهران،

تون خدا کي جو خدا لڳ جئن ته تو کي ٿو چوان،

ٿي معافي مون مٿان ڏيهن سندي ڏاتار کان،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

تنہ پڄاڻا تو گهران، هادي! هدايت جي دعا،

سا اِجابت ۾ اچي اي مير مرسل مجتبى!،

تابه پيري زندگاني روز و شب صبح و مسا،

حمد آءٌ حق جو چوان ۽ تو تي صلوات و ثنا،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

روز محشر جي حسابن جي گهڻي هيبت سُجهي،

۽ وڏي سڪرات سختي موت ويلي ٿي ٻجهي،

ٻي قبر جي سوڙهه ۽ ڀت ڀيڙ اونداهي سجهي،

توجِهو مون کي وسيلو شاهه! شل اُن دم هجي،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

جڏهن هلاڻي مهل عزرائيل ايندو روبرو،

واءِ! جو اُن وقت هوندي سخت هالت سُوبسو،

ساهه کي ساري ڇڪيندو ازبُنِ هر مُوبمو،

سا گهڙي سهنجي لنگهي جنهن جي ڪريان هي گفتگو،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

جڏهن اچي پڇندا پڇاڻو منجهه قبر منڪر نڪير،

گفتگو ان وقت جي اهنجي سجهي ۽ دارو گير،

ماڙ ڪج ان مهڪ منهنجي اي سچا صاحب سرير!

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

جڏهن قيامت ڏينهن نيزي پاند سج ڏيندو نگاهه،

اُت گهڻا بيتاب ٿيندا تنهنجي تابش کوءن تباهه،

غرق سي هوندا پگهر پنهنجي ڪنان اهلِ گناهه،

اهڙي حالت کؤن بچائج پاڪ! ٿج منهنجي پناهه،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

ٻيا سجهن روزِ قيامت جا گهڻا هُل حادثا،

ڪو نه ڪو چوندو ڪنن کي آهه اُن دم مرحبا،

پاڻ کوءن بيزار ٿي ڀڄندا اُتي سڀ اقربا،

اُن مهل منهنجي، محمد مير! سڻجو هي صدا:

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

حشر ۾ جڏ سڀ ڪنهن ٿيندا عملنا ما عطا،

سا سڄي ۾ ڪتبت مون ملي يا مصطفى!

جڏهن تُرن ميزان ۾ منهنجا عمل چوکا مندا،

تڏهن ڪجو هلڪو گهڻيرو پلئه جرم و خطا،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

پل صراط آهي اڻانگي واٽ عالم کي گذر،

مثل مُو باريڪ ۽ تلوار وانگي تيز تر،

هٿ ڏيئي مون کي هلائج ۽ وٺي قابو ڪمر،

ات رکج منهنجي رفاقت تا ٿئي سهنجو سفر،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

حق عطا ڪيون نعمتون توهٿ سموريون جنتي،

آب ڪوثر مون ڏيارج ۽ قصورن جنتي،

نعمتون جنت سنديون امداد حورون جنتي،

ڪج ڪرم سان سڀ مردون منهنجو پوريون جنتي،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

يا نبيءَ جيڪي ڏهاڙا عمر جا جڳ ۾ جيان،

نور روشن جسم سالم قدر قوت ۾ رهان،

منجهه حياتي هن چپن سين تو سندي چانئٺ چمان،

ڏينهن محشر جلوهء هق ۽ لقا تنهنجو پسان،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

شوق مون کي آهي حج مقبول جو هر صبح و شام،

سو پڄي مقصود منهنجو مون کي هِيءُ فبها المرام،

خاڪپا آءٌ تنهنجو، تنهنجي آل اصحابن تمام،

مون ويلي مون ملي منجهه جنت البقيا مقام،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

ٻي گهرن ٿو آل ۽ اولاد ڪارڻ هيءَ دعا،

عمر ۽ اقبال چوکيون عادتون تن کي عطا،

دوستن منهنجن مٿان تون مهر ڪج يا مصطفى!

مدعي جي منهنجا تن کي پنهنجي نيت جي جزا،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

شاهه! ڏي تون شادماني آءٌ سدا شادي ڏسان،

پُٽن پوٽا اکئين اولاد اولادي ڏسان،

خوب خوشيون جئن هميشه خنه آبادي ڏسان،

لطف لائق آن سندو ڪا اهڙي امددي ڏسان،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

جي سُڻايا تو کي اي سردار! هن سائل سوال،

سي سڀيئي چئجو اوهين منجهه درگاهه رب الجلال،

ڪارگر آهي اوهان جو در ڌڻين جي قيل و قال،

ٿئي معافي جي سچا سيد سَنَد منهنجي بحال،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

مدح تنهنجي ڪئن ڪري مرسل سگهان ساري تمام،

منهنجي خامي ڏي نه ڏسجو توڙي پختي توڙي خام،

منهن ڪري تو ڏنهن مديني مير! آءٌ پڙهندس مدام،

سا ڪجو مقبول منجهه درگاهه اي اعلى امام!،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

 

يا نبي! آءٌ تنهنجو آهيان اُمتي با انقياد،

تون امام المرسلين ۽ منهنجو تو ڏنهن اعتقاد،

يا شفيع المذنبين تون شافع يوم التناد،

ڪر شفاعت مون مٿي مسڪين عاصي ”الهداد“،

 

رزق جي تنگي نه هوئي دنيا ۾ گذري مانَ سان،

لڄ رهي لوڙهي اندر سڀ ڪجهه شرافت شان سان،

مون جي ويلي هلان جيئن دين ۽ ايمان سان،

صاف هي ”صوفي“ پڙهي ڪلمو صفا الحان سان،

يا رسول الله! واهر وير منهنجي واهه ڪر،

ڪا نِگہ نامِ خدا هن بينوا تي شاهه ڪر.

لا اِلہٰ الله اِلا الله محمد رسول الله.

مدح (حضرت علي رضه)

(قائم فقير شر جي چيل)

[قائم فقير ولد مينگهو فقير شر بلوچ، ڳوٺ مينگهو شر تعلقي مير واهه ضلعي خيرپور ۾، 31-شوال 1274هه/1857ع ۾ ڄائو. فارسي ۽ عربي تعليم حاصل ڪيائين. شعر چوڻ ۾ پڻس مينگهي فقير کان هدايتون مليس. سنڌي، سرائڪي ۽ اردو شعر چيو اٿس. سنڌي ۾ هن جا ڏوهيڙا، ٽيهه اکريون، ۽ مولود، مناقب ۽ ڪافيون مشهور آهن. قائم فقير 24-ربيع الثاني 1334هه / 1906ع ۾ وفات ڪئي.]

چو ثنا تعريف رب جي آهي جو صاحب ستار،

جنهن جو ڪيو پيدا محمد مصطفى مختار ڪار،

ڪئي ثنا جبريل حيدر مرتضى جي بار بار-

شاههِ مردان شيرِ يزدان قوتِ پروردگار،

لافتى اِلا علي لا سيف اِلا ذوالفقار.

 

آل احمد تي چئي صلوات رب پروردگار،

ڪئي ثنا  قرآن ۾ ’يٰس ‘ ’طٰه‘ ۽ ’تبار‘،

ٿا زمين ۽ آسمان ڪن هردم هميشه هي پُڪار،

شاههِ مردان شيرِ يزدان قوتِ پروردگار،

لافتى اِلا علي لا سيف اِلا ذوالفقار.

 

جھلب هلندي روس، رومي، بلخ، ترڪي تاجدار،

سنڌ، سرهندي و مروندي، حبش، زنگي هزار،

ٿا چمن چانئٺ پڙهن تسبيح پرتئون پائدار-

شاههِ مردان شيرِ يزدان قوتِ پروردگار،

لافتى اِلا علي لا سيف اِلا ذوالفقار.

 

قيصر و جمشيد، خاقان تنهنجي در تي خاڪسار،

تنهنجي درس لئي هزارين ٿا سڪن عالم آڌار.

ٿا پڙهن تو تي صلواتون عالمِ هزده هزار-

شاههِ مردان شيرِ يزدان قوتِ پروردگار،

لافتى اِلا علي لا سيف اِلا ذوالفقار.

 

تنهنجي حشمت دٻدٻي کان خارجي خنزير خوار،

دائما ترسان لرزان سو نِدورو نابڪار،

جڏهن ٻڌئين گفتار عالم ٿا ڪرن ارڙنهن هزار-

شاههِ مردان شيرِ يزدان قوتِ پروردگار،

لافتى اِلا علي لا سيف اِلا ذوالفقار.

 

سيدا ثقلين ۾ آ تنهنجو نعرو نامدار،

منجهه ٻنهين جانب جهانن مدد صاحب ذوالفقار،

ٿا ڪَهن ماڻهو، ملڪ، جن، ديو، هئن وليل و نهار-

شاههِ مردان شيرِ يزدان قوتِ پروردگار،

لافتى اِلا علي لا سيف اِلا ذوالفقار.

 

منجهه سخاوت ۽ شجاعت آهين شاطر شهسوار،

لک سپڙ، لاکا ۽ حاتم ٿا پنن تو پائدار،

ٿا پڙهن هي ورد سڀ عابد ثوابي گنهگار،

شاههِ مردان شيرِ يزدان قوتِ پروردگار،

لافتى اِلا علي لا سيف اِلا ذوالفقار.

 

من چه گويم اي ثنائي حمد چون کرده جبار،

گفت چون صلو عليه و آلهِ پروردگار،

هم وظائف بر زبانم نام تو اي نامدار!

شاههِ مردان شيرِ يزدان قوتِ پروردگار،

لافتى اِلا علي لا سيف اِلا ذوالفقار.

 

من سگِ دروازه تو ”قائم“ غلامِ داغدار،

کن عطا امداد خلعت دين دني پائدار،

تا کنم شکران همه هرجائي هردم بيشمار-

شاههِ مردان شيرِ يزدان قوتِ پروردگار،

لافتى اِلا علي لا سيف اِلا ذوالفقار.

 

دين ايمان ٿو گهران هادي هدايت مون ڏيار،

غير خطرن کان ڇڏائي ڪر اچي آزاد يار،

تان هٿئي سڪرات منهنجي ختم ڪلمي جي قرار-

شاههِ مردان شيرِ يزدان قوتِ پروردگار،

لافتى اِلا علي لا سيف اِلا ذوالفقار.

لا الٰہ اِلا الله محمد رسول الله.

مدح (شاهه محمد مڪي رحه)[2]

(محمد صديق جي چيل)

[محمد صديق ولد محمد ابريشم فروش (شاهواڻي) حيدرآباد شهر جو رهاڪو هو. اٽڪل 70 ورهين جي ڄمار ۾ 1943ع / 1362هه ۾ وفات ڪيائين. حيدرآباد ۾ دفن ٿيل مشهور ولي شاهه محمد مڪي جي شان ۾ مدح چئي اٿس، جا هتي ڏجي ٿي.]

سردار سيد با سخا، شاهنشاهه محمد مڪي،

آهين الٰهي اوليا، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

تون حاڪم هردو جهان، تو غلغلو منجهه آسمان،

تون قطب ٿئين ڪامل بيگمان، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

تون پهلوان پيغمبري، والي ولايت حيدري،

سردار ٿي ڪئي سروري، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

تو کي سڃاتو آهه جن، ساڳيو علي سي ٿا چون،

شير خدا شه ذولالمنن، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

ڇٽ اوليائن جو علي، واحد ڪيو جنهن کي ولي،

مهندار جو مخفي جلي، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

سَوَ رحمتون تنهنجي مٿي، مولا مڪيون راحم رٿي،

مٽ تو سندو ڪونهي ڪٿي، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

صاحب سخا جو بادشاهه، مرشد مڙين جو مرتضى،

عرب و عجم جو اولياء، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

عرب و عجم ايرن ۾، طهران ترڪستان ۾،

ڪن ياد تو يونان ۾، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

تنهنجي سخا جو دٻدٻو، هر ملڪ ۾ هرجاءِ ٿيو،

حاتم گدا تو در سندو، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

تو لئي جڙيو چوندس جهان، مالڪ ڏنو تو لامڪان،

واقف ٿئين ظاهر نهان، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

آهين پيارو پير تون، مهندار مشفق مير تون،

ڏي دادلا دل ڌِير تون، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

سونهين سدا دستار تو، اظهار ٿيا انار تو،

ڪلنگي ڏني سردار تو، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

معراج ۾ محمد اڳيان، بيشڪ اُڀو هئين بيگمان،

ديدار حاصل ات ٿيان، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

قاري ٿئين قرآن جو، عالم ٿئين علمان جو،

ايمان ۽ ايقان جو، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

از حڪم خلاق على، تو کي مڪو جڏهن مصطفى

تڏهن تو ڪئين ڪافر ڪٺا، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

شاهه شجاعت شاهه تون، والي ولي الله تون،

هر رمز کان آگاهه تون، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

سيد مڪي سرور مڪي، محمد مڪي رهبر مڪي،

ڏيکار لڳ ڏاتر مڪي، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

تو کي محمد مصطفى، سردار سرور انبيا،

دين تو روشن ڪيو، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

تو کي محمد موڪليو، سردار ڪيو سڀ سنڌ جو،

دين تو روشن ڪيو، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

پرور پڌر تو کي ڪيو، منجهه سنڌ سرور موڪليو،

دين تو روشن ڪيو، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

حيدر ڪڻئي مخفي مڃيو، جو راز دانن هئن چيو،

تڏهين پڌر نالو رهيو، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

نالو محمد تو سندو، حيدر لقب مشهور ٿيو،

جو شهر تي نالو رهيو، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

ڇا اسم ڇا عالي لقب،      آهي سندءِ نوري نسب،

هاذا دعائي استجب، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

هيءُ شهر ڪيو آباد تو، جو حيدرآباد جو،

قلعو هيءُ هو نيرون سو، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

ڏس ڇا اٿم اظهار ڪيو، جو راز هيءُ آهي ڳجهو،

مون شاهه پنهنجي کان ٻڌو، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

هيءَ جاءِ آهي پاڪ سا، جنهن تي لکيا سڀ لوهه جا،

حاضر ٿين هر حال ٿا، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

سڀ اوليا تو وٽ اچن، مقصود ماڻهن جا پڄن،

ايهين چيو روشن دلين، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

حاڪم سڀيئي دوران جا، آهن گدا تو در سندا،

پينا ٿيا شاهه و گدا، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

 

مهمان ’قلندر‘ محتشم، ٿيو تو سندو عالي همم،

بي موسمي ميوا اتم، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

کائي ٿيا خوش خوب سي، دلدار دل مرغوب سي،

مولى جا ٿيا محبوب سي، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

بابا فريدي[3] با صفا، تو کان لڌا نوري نفعا،

وييس مڙئي جانيون جفا، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

جيڪو اچي تنهنجي دري، دوزخ ڀڄي تنهن کان پري،

حاجت روا تنهنجي ڪري، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

سيد جلال جهانيان، روشن ڪيائين سارو جهان،

اڳواڻ ٿيو مڙني عيان، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

تنهن پن ڏها ۽ چاليها، تو در مٿي ڪئين ڪڍيا،

حاصل ٿيس اعلى عطا، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

۽ غوث عالم جو اجهو، ديان جو دابر ڌئو،

ملتان ۾ روشن ٿيو، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

اهي يار چارئي تو سخي، جن سنڌ کي ڪيڙو لکي،

۽ سنڌ ٿي تو کان سکي، شاهنشاهه محمد مڪي،

چارئي چڱا چوڌار ڪيا، سرور کڻي سردار ڪيا،

نور على انوار ڪيا، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

جن و پريون پيرن پون، ۽ ديو هردم دهلجن،

دهشت ڏسيو ڏاڍا ڏڪن، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

جي غمزدا تو در اچن، خور سند خوش سي شاد ٿين،

لاهين تني گوندر غمن، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

تو کي چون سڀ حيدري، آهين سڳورو صفدري،

واهر ڪا ڪر مون تي وري، شاهنشاهه محمد مڪي.

 

پوريون سندم ڪر حاجتون، ٽارين الم ۽ آفتون،

ڏي روح منهنجي راحتون، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

بخشاءِ باريءَ کان ڀلا، تقدير مبرم کي مٽاءِ،

بيشڪ رکي رب تو رضا، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

جيڪو اچي سائل سدا، تنهن تي ڪرين انور عطا،

شمس الضحى مشڪلڪشا، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

تو در ولي الله جا!، ماڻهن مڙن جا التجا،

فرياد رس شاهه و گدا، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

تو در پيس پينو گدا، آهيان اگهاڙو ري ردا،

ڪر ڌڪ داور لڳ دوا، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

دشمن توائي ڪر سندم، جيڪو وڳي ويري اٿم،

ملعون کر ڪر منهدم، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

پينو ٿي آيس تنهنجي در، مغموم ۽ محزون مگر،

صادق اهو صدقو ڪو ڪر، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

هي جو حريري ٿي حقير، پيڙو تو پيش پير،

ٿي داد رس دستگير، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

هي جو خلف محمد سندو، تنهنجو رهي روشن ڏيو،

صالح ڪرين اولاد سو، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

منهنجا پڄائج پير تون، مطلب مڙيئي مير تون،

ٿي واهرو ور وير تون، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

آباد ڪر منهنجو ڀنگو، جو آهيان تنهنجي سام،

ٿيو تو وسيلو مون وڏو، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

هيءَ ڪر مناجاتم قبول، بهرِ خدا ۽ لڳ رسول

۽ واسطي بيبيءَ بتول، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

آسان محمد ڪر ڳري، آهيان غلامِ قنبري،

۽ دين مون پيغمبري، شاهنشاهه محمد مڪي،

 

سڪرات ويلي سهنج سان، ٿي روح احقر جو روان،

ڪلمو پڙهو شل قرب مان، شاهنشاهه محمد مڪي،


[1]   تاجپوري نوابن جي قلمي مواد تان اُتاريل.

[2]   ”حيدرآباد مان سيد علي شاهه گوهري کان مليل ڇپيل چوپڙي بعنوان ”مدح شاهنشاهه محمد مڪي“ مطبوعه مسافر ۽ آرين پريس حيدرآباد سنڌ (سنه 1910ع) تان اُتاريل.

[3]   بابا فريدالدين شڪر گنج.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org