سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :16

مناجات

نبي ﷺ جي بارگاهه ۾

(مراد علي فقير شر جي چيل)

[مراد علي فقير پٽ مينگهو فقير شر بلوچ ويٺل ڳوٺ مينگهو شر، تعلقو ميرواهه ضلعو خيروپر ميرس. 26- شعبان 1303 هجري/ 1885ع ۾ ڄائو. شاعري ورثي ۾ پيءُ کان مليس. سندس ڪلام تمام ٿورو آهي، جو پڻ ٻين شاعرن جي ڀران چيو اٿس. هتي سندس مناجات ڏجي ٿي، جا ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي جي مشهور مناجات جو تتبع آهي.]

ڪيم گناهن سنجهه صباح بديون يار بخشايان،

آهيان بد سڻي سڏ اچو نيڻن وڇايان،

ڪيو نفس گهڻو نحس گهُران بخش ڀلايان،

سڻ سوال ڪيو ڀال هيڻن هوت حمايتان،

ٻڌي سڏ گولي گڏ ڏيو برهه براتان.

 

وئي عمر سر بسر گناهن گڏياسي،

سوا توهه ناهي واهه پرين پيش پياسي،

ڪيم ڏوهه گهڻا ڊوهه چوڻ چور چلياسي،

اچي بچاءَ ڪريان واءِ سهڻا سام پياسي،

سچا سردار ڏي آڌار ڳچيءَ پانڌ ڪياسي.

 

ڏيو سمر منجهه قبر واهر ويلا وسيلا،

تر ميزان ڏينهن ميدان اچو يار البيلا،

پائي پوشاڪ آئين ’لولاڪ‘ منجهان ڳُجهه ڳجهيلا،

منجهان احمد ٿئين عبد هئين اصل اڪيلا،

ڏيو حال منجهان خيال خيال ٿئي پرت پئيلا.

 

ڏيومدت منجهه عزت ٿئي عمر سجائي،

ڪيان تات سڄي رات نه ڪيان ماٺ مٺائي،

قالو قول ٻڌم ٻول ڪيان وعده وفائي،

هجي سرت سچي پرت سڄڻ سور سچائي،

سندم سوال ٿئي بحال ڀلا! ڪر ڀلائي.

 

ڪيان حال ڏيو خيال اٿم طلب تنوارا،

ساعت سال آهي محال پرتئون روز پچارا،

جيئن جنجال بن وصال آهن عشق اشارا،

ڀانئيان بنبال هي وبال جدا محب مڻيارا،

منجهان رحم ڪر ڪرم پرين پاڪ پيارا.

 

وڃن مرض لهن قرض ڪونتل عشق ڪڏايان،

هجي راز برهه باز چستئون چوٽ چلايان،

تنهن جو خيال هجي بحال نوبت نينهن وڄايان،

پرين پاڪ تو اشتياق وهم غير وڃايان،

ساڻ ديدار ڏي آڌار ديدان درس اڙايان.

 

”مراد علي“ پرين هلي اچي ڪندو ڀلي مون،

منجهئون صفات اثبات وحدت وير چڙهي مون،

محڪم موج ڪري اوج ذاتي ذڪر جلي مون،

گهران فڪر ساڻ اثر تن من تونهين چوي مون،

پڙهان ڪلمو سچو دل موءن روحي رمز رلي مون.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ

مدح (نبي ﷺ)[1]

(ڄام خان چانڊئي جي چيل)

[ڄام خان ولد محمد رحيم خان چانڊيو بلوچ، تعلقي بدين ۾ ڪڍڻ لڳ ڳوٺ ٻڍي خان چانڊئي ۾ سنه 1309 هجري /9-جون 1891ع ۾ ڄائو. ات سهوليت نه هئڻ سبب پڙهي نه سگهيو. جوانيءَ ۾ سلهه جي موذي مرض مٿس حملو ڪيو، جنهن ڪي سدائين اڪيلو گذاريندو هو ۽ سڄي عمر شادي به ڪانه ڪيائين. شيعه فرقي سان تعلق رکندو هو، تاهم سڀني اصحابن سڳورن لاءِ کيس عزت هوندي هئي ۽ انهن جي حب ۽ شان ۾ ڪيترو ئي مدحيه ڪلام چيو اٿس. هتي سندس ٽي مدحون ڏجن ٿيون. ڄام خان سنه 1374 هجري / 23- سيپٽمبر 1954ع ۾ وفات ڪئي.]

(1)

سيد تو ساماڻي سڀئي سور ويا،

ڏوهارين جا ڏکڙا ڏٺي ڏور ويا،

ولهن واٽ وئي سي وهلور ويا،

ذبح ٿيا سي ظالم چُڪي چُور ويا،

مِٺو مير معراج مرسل ٿئي،

ٿيو گل گلزار گلشن مٿي.

 

عمر وئي اجائي اڃا تون ننڍو،

لڱن جو لحم ويو اڃا تون ننڍو،

اڇا تو کي آيا اڃا تون ننڍو،

نيڻن جو نظر ويو اڃا تون ننڍو

ڏڪن ڏاند ڏاڙهيون اڇا منهن مٿي،

مِٺو مير معراج مرسل ٿئي،

 

گدائي ۾ گولا تون غفلت ڪرين،

لڪن منجهه ليڙا تون غفلت ڪرين،

مٿي موت ميڙا تون غفلت ڪرين،

جهڪن منجهه جهيڙا تون غفلت ڪرين،

بغاوت ڇڏي ٿيءُ برسر مٿي،

مِٺو مير معراج مرسل ٿئي،

 

ادا! ڪر نه ارمان عربي اَجهو،

سڃن جي لهي سار عربي اَجهو،

ٻانهن تي ڪري ٻاجهه عربي اَجهو،

امت جو سو آڌار عربي اَجهو،

سڀئي چئو صلواتون سَو سرور مٿي،

مِٺو مير معراج مرسل ٿئي،

 

هو مالڪ سارو سو ڪفران جو،

ڏڪيو ڏيل سارو تنهن ڪفران جو،

ڪريو ڪوٽ ڪارو تنهن ڪفران جو،

جهڪيو ڪنڌ سارو تنهن ڪفران جو،

وارث ٿي وعظ ڪيو تنهن منبر مٿي،

مِٺو مير معراج مرسل ٿئي،

 

صحابي ٿيا سرها هُين حُبَ گهڻي،

امت جو هيءُ آڌار آندو ڌڻي،

ابوجَهَل نه ڳالهه جي جيءَ ۾ وڻي،

ککي خارجيءَ کي کلو هڻ کڻي،

ڪڍي پير پادر ماڳهين هڻ مٿي،

مِٺو مير معراج مرسل ٿئي،

 

سچائي جو سندرو ٻَڌو هو صديق،

سدائين سوڀارو سچو هو صديق،

ننگاوت جو نعرو سچو هو صديق،

سخاوت ۾ سارو سچو هو صديق،

تنهن جو هو توڪل سو مالڪ مٿي،

مِٺو مير معراج مرسل ٿئي،

 

وهه وهه! يار تنهنجي سا ياري وڻي،

سڄڻ سوڀ تنهنجي سا ساري وڻي،

اچي بهشت بوءِ سا بهاري وڻي،

ٿيان خاڪ پيرن جي واري وڻي،

ڏاڍا تنهن جا ڏهڪاوَ ڏيهن مٿي،

مِٺو مير معراج مرسل ٿئي،

 

صحابن ۾ سهڻو علي شير هو،

ڪفارن جو قاتل علي شير هو،

عدون تي ڀالو علي شير هو،

مددگار مرسل علي شير هو،

ڪيهر ڪات واهيا ڪفارن مٿي،

مِٺو مير معراج مرسل ٿئي،

 

حقا حق آهين يا حضرت حسين!

ويندل دين وار يئي يا حضرت حسين!

ڪَلَها تو ڪُهايا يا حضرت حسين!

وڇوڙئين وڳر کان يا حضرت حسين!

انهيءَ ڏينهن اوراڄا هئا اُڀ مٿي،

مِٺو مير معراج مرسل ٿئي.

 

ڪري عرض عاصي بندو ”ڄام“ هيءُ،

گنهگار گولو گندو ”ڄام“ هيءُ،

طمع جو ٿي تاڻيو تندو ”ڄام“ هيءُ،

سبب ڪر تون سائين! سندو ”ڄام“ هيءُ،

مرڻ مهل ڪلمو چئي مرسل مٿي،

مِٺو مير معراج مرسل ٿئي.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات[2]

نبي ﷺ جي بارگاهه ۾

 (2)

پاڪ ڌڻي پروردگار، مالڪ ملڪن جو مختار،

قادر قدرت جو ڪلتار، جوڙون جوڙي رب جبار،

محمد گهوٽ ڪيو مهندار، ساري عالم جو آڌار،

واحد واڳ ولهي جي وار.

آل رسول الله ڏيکار،

حرم حبيبن جو هيڪار.

 

واجهائيندي ٿيم ورهيي، قادر قسمت شال ڪري،

پرينءَ ڏي وڃان پير ڀري، من جو ويري شال مري،

دل تان لاهي ايءَ درڪار.

آل رسول الله ڏيکار،

حرم حبيبن جو هيڪار.

 

درياء ڌوم وهي نت نانگو، ساجن ڪرڪو منهنجو سانگو،

کپي خزانو نُول مهانگو، تار تکي کي ڪرئين تانگهو،

پرور پتڻ اُڪارئين پار.

آل رسول الله ڏيکار،

حرم حبيبن جو هيڪار.

هاڻي ڀنڀور کي ڏيان باهه، پرينءَ پڄاڻا هت ڇا آهه؟

ڪندس ڪامل ڏي پڻ ڪاهه، عيب اسان جا لالڻ لاهه،

سبق سفر جو ڪو سيکار.

آل رسول الله ڏيکار،

حرم حبيبن جو هيڪار.

 

راهه مديني ٿيان رواني، وڃي بدن مان بي ايماني،

جلد پسان وڃي سو جاني، ڏيهه سارو تنهن جو ڏاني،

تن ۾ آهيم تنهن جي تار.

آل رسول الله ڏيکار،

حرم حبيبن جو هيڪار.

 

وارث! تولئي وڌيم واهو، ڪامل! ڪيم ٿي ڪيڏيون ڪاهون،

پير نه ڀريندس پوئتي پاهون، دانهن سڻ تون دل جون دانهون،

مان ڏي محمد مون کي وار.

آل رسول الله ڏيکار،

حرم حبيبن جو هيڪار.

 

ڪافر ڪوڙا هئا جي ڪامي، احمد کي ڪيئون بي آرامي،

سفر سُکئي سين ٿيڙا سامي، خوڪ وياسي خاڪ ۾ کامي،

ڏاتر تن جا کوهيا ڏار.

آل رسول الله ڏيکار،

حرم حبيبن جو هيڪار.

 

سرور ڄام جڏهن سامايو، ڪوٽ ڪفر جو ڀڳو پايو،

موت منافقن ان دم آيو، وري نه تن ڪو بت بنايو،

ڪيڏي ڪُتن سان ٿي جاڪار.

آل رسول الله ڏيکار،

حرم حبيبن جو هيڪار.

 

تانگهه سيد جي رک تون توڙا، ٻيون سڀ وسار ٻاجهون ٻوڙا،

گهر گهر گهوٽ وڌا ٿي گهوڙا، جويون رنون ڦٽائين جوڙا،

مردودن تي وڌائين مار.

آل رسول الله ڏيکار،

حرم حبيبن جو هيڪار.

 

هاديءَ حڪم هلايو هيڏو، ڪوٽ ڪفر جو ڀڳو ڪيڏو!

ڪو نه ڏسان تنهن جانب جيڏو، آب ڏنئين اسلام کي ايڏو،

وير وڙهڻ ۾ ڪئي نه وار.

آل رسول الله ڏيکار،

حرم حبيبن جو هيڪار.

 

شاهه نجف جو آيو شير، پاڪ کوڙيو اچي پڙ ۾ پير،

ڪامل اوڏو ايندو ڪير؟ ڍول ڪيا ٿي دشمن ڍير،

ٻر ٻر ڪن انهن جا ٻار.

آل رسول الله ڏيکار،

حرم حبيبن جو هيڪار.

 

هادي اسان جو هيبتناڪ، سڀ پرين ۾ پرمل پاڪ،

حسن حسين جي ڌُر کان ڌاڪ، چانٺ چمان تن جي ٿيان چاق،

ناز ڀريا ٻئي نيڻن ٺار.

آل رسول الله ڏيکار،

حرم حبيبن جو هيڪار.

 

ويرن پنهنجي واٽ وڃائي، ڇڏيئون وساري وحدت وائي،

حق حسين جو َخر ويا کائي، هوندا منجهه هميشه هائي،

لهندو ڪو نه سڃن جي سار.

آل رسول الله ڏيکار،

حرم حبيبن جو هيڪار.

 

حضرت حسين ويو ڪنهن ويرا، کنيا پليتن پٺيان پيرا،

مڙي مجوسي سي ٿيا ڀيڙا، وڍيئون زهرى[3] جا پڻ زيرا،

وري نه مليا ڀيڻن ڀارَ.[4]

آل رسول الله ڏيکار،

حرم حبيبن جو هيڪار.

 

”ڄام“ عمر وڃائي ڄاڻي، انور تنهن کي عرب ۾ آڻي،

پرور پاڪ پيارين پاڻي، سيد! سگهو ٿي سڃ ۾ ساڻي،

پڙهان ڪلمو وڃي ڪفار.

آل رسول الله ڏيکار،

حرم حبيبن جو هيڪار.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات[5]

(3)

مفت ماندي ٿي مران ماڙين اندر مجبور ٿيو،

سک ته ناهي ساهه سِڪي ٿو ديسڙو جڏ دور ٿيو،

ڏک ڏوٿياڻي کي ڏيئي ويا قيد ۾ ڪلور ٿيو.

 

آسري آهيان انهيءَ نرمل نبيءَ جو نُور ٿيو.

اڄ ته مارُن ڏي ميان! پرزو لکيم ڪنهن پار جو،

سي ته سانگي سڏ سڻي بدلو ڪندا بيمار جو.

 

خوش نه ٿي ويندين کپي ڪئين سي کپي هِت خان ويا،

آبرو عزتون الاهي ساٿ سر سامان ويا،

تن ترارون تيز توبون تن جا قهري ڪان ويا،

ڪي ويا ڀورا ڀُري هت ڪئين ته جوڌا جوان ويا.

هن حياتيءَ تي هرگز نا رهيو  اعتبار ڪو،

سي ته سانگي سڏ سڻي بدلو ڪندا بيمار جو.

 

پَٽ پوشاڪون پوءِ نه هلندئي مُنهن مٿو جو ملين،

ٽنگ مٿي ٽنگڙي رکيو کٽ چڙهيو ويٺو کلين،

ڇيڙا ڇُڳڙا ڇڏيو آڪڙ اجائي ٿو هلين،

حرص ۾ حيران آهين نه پاڻ پنهنجو ٿو پلين.

سومرا! توکي سڀاڻي سڏ ٿيندو سرڪار جو،

سي ته سانگي سڏ سڻي بدلو ڪندا بيمار جو.

 

سُڌ ساري توکي پوندي، ويندي جڏهن وير ولوٽي،

سومرا! ساهه تان پرائو سو نيند ئي جهٽ ۾ جهٽي،

مڙهه تنهنجو موت ماريو سڃ اندر ويندا سٽي،

گور ۾ ٿيندين غيباڻو ڪو نه ڪو وهندءِ وٽءِ.

ڏڪن تان ڏڪڙا ڏيندئي بوجو ٻيو پڻ بار جو،

سي ته سانگي سڏ سڻي بدلو ڪندا بيمار جو.

 

ڪا بندي کي ناهي طاقت راز ٿو ڄاڻي ربي،

ڪئين ويا وارو وڄائي ڪو نه ڪو رهندو ڪبي،

راهه ان تي ٿيا روانا نائي ڪنڌڙا ويا نبي،

قلب مان ڪڍ ڪوڙ بازيون چوريون ڪر ناچبي.

ڪوٽ تنهنجو ڪيئن قبوليان؟ بند هيءُ بيڪار جو،

سي ته سانگي سڏ سڻي بدلو ڪندا بيمار جو.

 

ماڙين تان منهن نه پايان وس نهاريان واٽڙيون،

ڪينجهر پڪا ڪلفت به ڪانهي ٻار آڻين ٻاٽڙيون،

جهڻون وڃي جهانگين سان گڏ پيان گهر گهاٽڙيون،

عرض عربي ڄام اڳيان لک ڪندس ليلاٽڙيون.

اي امت آڌار سائين ننگ پويئي ڪو نار جو،

سي ته سانگي سڏ سڻي بدلو ڪندا بيمار جو.

 

جنهن سفر سانگي سڌاريا سو سفر هوئي سالڙو،

تن ڇا سانگين کانسواءِ ٿيندو حشر ۾ حالڙو؟

مون ڏکئي کي رب ڏيکارين من پريان جو مالڙو،

جن مالوند مارن بنا نيڻان وهي جر جالڙو.

جهونگار جهانگين جو جهوري لهرو وڻي ٿو لار جو،

سي ته سانگي سڏ سڻي بدلو ڪندا بيمار جو.

 

ماشاءَ الله مينهن وٺي جو وڃي ملندس ماڳ تي،

مرڻ تائين مون نه وسري سَڌا اهائي ساڳ تي،

اعتبار آهيم ٿيندا عيش پرينءَ جي پاڳ تي،

مون ٻڌو منهنجو مامرو سو نه ريڌو راڳ تي.

رونشو نه هي راحت ڀانيان لوڪ ۾ لک وار جو،

سي ته سانگي سڏ سڻي بدلو ڪندا بيمار جو.

 

يا ڌڻي مون کي کڻي قسمت آندو آهي ڪِٿي؟

وڏو وڙو والي تون آهين سوال سڻ منهنجا سُتي،

درخواست دردن جي مُڪيم پوندي پنهوارن جي پتي،

سا لفافي ۾ لڪائي جوان پڙهندا او جتي.

هيڻن مٿي حملا ڪرين ڏس تون تماشو تار جو،

سي ته سانگي سڏ سڻي بدلو ڪندا بيمار جو.

 

جهاد جو جاري ٿيو رستو رباني راهه  جو،

شوق شهادت ۾ اچي سَونڪو ڇڏيائون ساهه جو،

سر صغيرن جا سفر ۾ آسرو الله جو،

ظاهر زماني جا زخم باطون بسم الله جو،

ڪفران تي ڪيڏو ڪيائون تاب ايءُ تلوار جو،

سي ته سانگي سڏ سڻي بدلو ڪندا بيمار جو.

ڏس! جا ڀلن ڪئي ڀلي صبر ڪيئون ساريءَ مٿي،

ڇَنا پنهنجا او ڇڏي ويٺا وڃي واريءَ مٿي.

سُرت ڪر سامهون نه ٿيءُ! ڌُم ٿو ڪرين ڌاريءَ مٿي،

ڪيئن ڪَٽيندين ڪوٽ ۾؟ ٿئي موت جو ماري مٿي،

ڏيڻ تان ٿيندئي ڏکيو وٺندئي پلئو وهنوار جو،

سي ته سانگي سڏ سڻي بدلو ڪندا بيمار جو.

 

ڪئين لڏي ويا قافلا ڪئين تاري ۾ تيار،

هر ڪو ويندو هڪ ٺپيءَ ۾ نا ڪنهن تي ميار،

سوڙهه ۾ سڀڪنهن ٿيندو عربي! تنهنجو انتظار،

تون موچارو مصطفى تو تي آ مڙين جو مدار،

هلڻ ويلي هڪ نه آهه ڀروسو ڪنهن ڀار[6] جو،

سي ته سانگي سڏ سڻي بدلو ڪندا بيمار جو.

 

”ڄامن“ چوي ڄمار منهنجي سورن ۾ ويئي سڄي،

ارمان آهيم ايءُ اندر ۾ کوهه تان آيس کڄي،

پاڪ پرور پَست رکج لوڪ ۾ آهيان لڄي،

پاڪ پرور پَت رکج لوڪ ۾ آهيان لڄي،

رات منهنجي روح ۾ پيا وڃڻ جا واڄٽ وڄي،

قرب مان ڪلمو پڙهي منهن تان ڏسان مهندار جو،

سي ته سانگي سڏ سڻي بدلو ڪندا بيمار جو.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله.

مدح (بادشاهه پير رحه)[7]

(آخوند لطف الله ”لطف“ جي چيل)

[آخوند لطف الله ”لطف“، ڳوٺ هالا پراڻا ضلعي حيدرآباد جي مشهور ’سانُني آخوندن‘ جي گهراڻي مان هو. عربي، فارسي ۽ سنڌي علمن تي چڱي دسترس هئس. هي صاحب اٽڪل 70 ورهين جي ڄمار ۾ رحلت ڪري ويو. کيس وفات ڪئي اٽڪل 60-70 سال ٿيندا. جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته 1900ع ڌاري وفات ڪئي هوندائين. هن ڪيتريون مدحون ۽ مولود چيا آهن، جن مان هڪ مدح هتي ڏجي ٿي.]

خدا ڪيو تنهنجو عز اعلى امير!

محمد ڏنئي مان مشفق مير!

ڀلا ڀرجهلا بي بدل بينظير!

تون سڀني جو سينگار خوشدل پذير،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

ڌڻيءَ جي تون دربار جو دادلو،

تون حسني حسيني ڀليرا ڀلو،

تون چوء ڏس چڱو چوطرف چاڳلو،

گيلاني! تنهنجو جابجا غلغلو،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

رکيون رب تنهنجو رضائون ۽ راز،

ڏنا حڪم تو هٿ ڪئين ڪار ساز،

 

نظر تنهنجي ڪيا پير ڪئين پاڪباز،

وڏي تو کي وسعت ڏني بي نياز،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

تون سرتاج سر پير سر اولياءَ،

تون قطبن ۾ سر قطب ڪل پيشوا،

تنهنجو سڏ سخاوت جو ارض و سماءَ،

تنهنجي گنج ڀرپور ڪيا بينوا،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

سرس تنهنجو آهي ستارو سڀن،

قدم تنهنجو ڪامل! مٿي ڪاملن،

مريدي مڃي تنهنجي ملڪن مڙن،

پکين ديو پرين ۽ ماڻهن مِرن،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

سڀئي جڳ سلامي تنهنجو پير ٿيو،

تنهنجا ڏيهه ڏاني چوان ڇا ٻيو؟

جيڪو جانور توڻي بيجان هو،

مڙن آن کي محبت منجهان ٿي مڃيو،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

حڪم اَنهنجو هر جاءِ هلي هر مڪان،

اثر اَنهنجو ٿيو عالمن ۾ عيان،

نشانبَر تنهنجو نام نُوري نشان،

صفت تنهنجي سارهه مون ورد زبان،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

عرب ڇا عجم تنهنجا غزني غلام،

لکين لکپتي منجهه خراسان خدام،

پشوري، پنجابي سِڪن صبح و شام،

سنڌي، سرهندي تنهنجي سايي ۾ سام،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

’فريدون‘ فغفور ’دارا‘ عجم،

’ارسطو‘ ’افلاطون‘ عقل جا اتم،

جي ’جامي‘ ’نظامي‘ هو ’خسرو‘ ختم،

اڳيان تنهنجي آهين اَو سڀ عدم،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 ڪرين مدعي مات ويلي وڏي،

پٽج پير! تن پاڙ ٿُڙ کان ٿَڏي،

نظر ڪج نبيءَ لڳ مٿي جيءَ جَڏي،

ننگي! ننگ سڃاڻج پيس تو تڏي. ،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 مريدن سين ميران! جي ويري وڳي،

دغا باز دشمن دورنگو ڌڳي،

تنهن کي ڌڪو تنهنجي در کان لڳي،

پيس پير! تو پيش تنهنجي تڳي،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 زبردست ظالم زدو ڪر زوال،

مدو مدعي بي وڙو بد خصال،

پوي پيش مون پير! ٿئي پائمال،

ڏني توکي قادر ڪرامت ڪمال،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

حفاظت ڪرين مون حسد هَوس کان،

دغا باز دز دوز ديوث کان،

ڏُجهڻ، ڏيڻ مردود منحوس کان،

رکين ريب چُر چغل جاسوس کان،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 رکو شاهه! مون کي شرف شانَ سان،

سدا سرخرو منزلت مانَ سان،

سعادت سندي ساز سامان سان،

عطا ڪر اهو عز احسان سان،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 سواليءَ جو سيد! سڻو اَئين سوال،

ٿئي آن کان آسان مون مشڪل محال،

نظر کان نِٻَر کي ڪريو نئون نهال،

توکي پير! پرتس ۽ منهنجو عيال،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 تون دانا! منهنجي دانهن جو داد ڪر،

منهنجو خانو ويران آباد ڪر،

سنگت سان سرفراز دلشاد ڪر،

سدا سُک صالح مون اولاد ڪر،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

سدائين سخي پير! سرتاج تون،

مون محتاج جو رک شرم لاج تون،

روان ڪر منهنجا روز ڪل ڪاج تون.

ڏيارج پنهنجي ڏات مان ڏاج تون،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 منهنجو بخت بالا ۽ بيدار ڪر،

مون عاجز جو اقبال اظهار ڪر،

منهنجو ترت طالع تون تيار ڪر،

منهنجو نام ناموس نروار ڪر،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 رکي آس آيس اوهان ڏي اپر،

ڪرين پير! پسماند کي بيشتر،

سهولت ٿئي سک سدا بي خطر،

رهان خوب خوشحال خوشنود تر،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 منهنجو حال معلوم آهي اوهان،

ڪري عرض احوال جو ڇا چوان!

منهنجي رزق جي راهه ڪر تون روان،

توانا ڪرين ترت هيءُ ناتوان،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 تون قُلزم ڪرامات بخشش بحر،

تون ابر عنايات معنى مطر،

وِلها ٿيا وَنهيان جن جهليو تنهنجو در،

مون گمنام جو نام ڪر نامور،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 اچي عاصي اَنهنجي لڳو لام کي،

پَکر پنهنجي پهراءِ پينام کي،

نُوري نَر سڃاڻي پنهنجي نام کي،

نوازش تنهنجي خاص ۽ عام کي،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

بچائج مون کي نفس اماره کان،

شقي شر شيطان شر کان،

رکج ديو جن ڀوت آزار کان،

پَري ڪرمَ مون پنهنجي پيزار کان،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 سوين سُرجڻا ڪئين بلائون ڪَهن،

ڪي ڪارا ڪي ڪمرا، وڇون وِهه ورن،

پرندا پريون ٻيا وحشي وڙهن،

پَنهه ڪج مون پاڻئون سدا کان سڀن،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 مرض مون ميٽاءِ تون سيد سڌير!

بلا ڪڍ بدن مان جا ٿِي جائگير،

اکين عين اوجر صحت ٿئي سرير،

پلئي تو لڳس پير قطبن ڪبير،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 دفع ڪر منهنجا ڏک اندر جا امير،

وڏا پير! ور مون تي مشڪل جي وير،

ونهيان! وڙ سڃاڻي پنهنجا پاء پير،

شباشب شتابي رسو مون کي شير! ،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 مون کي حب اوهان ڏي هميشه مدام،

آهيان اَنهن جو ٻانهون غلامن غلام،

سوالي اَنهنجو در جو سائل دوام،

مداحي ميراثي پينارو پينام،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 عطا ڪر عيان علم مون کي ميان،

شريعت طريقت سان جاني جيان،

حقيقت معرفت منجهان پُر پيان،

وٺي واٽ وحدت جي واصل ٿيان،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 بنامِ خدا عز عالي نبي،

سچي يار صدق صاحب سخي،

عمر مير عثمان اشجع علي،

ورج مون تي وارث وسيلا ولي،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 بحقِ محمد علي مرتضى،

بعزِ حسين و حسن مجتبى،

به برڪات خاتون خيرالنساءِ،

به شانِ شهيدان دشتِ بلا،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 ڀلائيءَ ڀلن جي منهنجو پار ٿيءُ،

بحر مشڪلن ۾ مددگار ٿيءُ

منهنجي بدن جو بار بردار ٿيءُ،

مون غمناڪ جو غوث غمخوار ٿيءُ،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 مدح منهنجي محبوب ڪر مستجاب،

رهي دين ايمان مون بر صواب،

رساڻئو مون کي تنهين جو جواب،

انهنجا ڪئين مناقب عجائب عجاب،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 منهنجو آ، استاذ، مادر پدر،

يگانا منهنجا يار اقرب دگر،

ٿين شال آزاد روز حشر،

محابي محمد منهنجي ماڙ ڪر،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

 

 ”لطف“ چئي منهنجي سوکي سڪرات ٿئي،

قبر ۾ حشر ۾ حمايات ٿئي،

هتي هت اوهان جي عنايات ٿئي،

مرڻ ويل ڪلمو مون کي وات ٿئي،

منهنجي دانهن جو داد ڪر دستگير!

مدد ٿي محي الدين پيران پير!

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.


[1]   لاڙ (تعلقي بدين) مان مقبول احمد بلوچ کان پهتل.

[2]   لاڙ (تعلقي بدين) مان مقبول احمد بلوچ کان پهتل.

[3]   زيرا =  جيرا، جگر،

[4]   ڀار =  ڀائر.

[5]   لاڙ (تعلقي بدين) مان مقبول احمد بلوچ کان پهتل.

[6]   ڀار=  ڀائر، ڀاءُ. 

[7]   وچولي (تعلقي هالا) مان حبيب الله آخوند سانوڻي کان پهتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org