سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :13

مناجات (نبي ﷺ)[1]

(3)

حمد هاديءَ جا چوان جان ڪي جيان ساري ڄمار،

وڙ جنهين جا ويجهڙا احسان لائق لک هزار،

نُور مان جنهن نُور ڪيو پيدا پرين پروردگار،

تنهن سندي بخشيش ۾ عاصي سڀيئي اميدوار.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

2- تون خليفو خلق جو ’لولاڪ‘ تنهنجي شان ۾،

ٿيو بلاشڪ ذڪر تنهنجو بيشتر قران ۾،

 

وصف تنهنجي کي نجم، ياسين ۽ رحمٰن ۾،

”صَلو عليه خير البشر“ فائق چيو فرقان ۾.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

مير مرسل جي محابي اي سچا سامع ستار!

ڪر رحم راحم! هميشه پرده پوشيءَ ۾ گذار،

ڪين ڪر محتاج ٻئي جو ۽ درون پنهنجي ڏيار،

آسرو احسان جو ٿم روز شب بيحد اپار. .

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

صرف سارِي ٿي عمر گم گناهن جي اندر،

ڪيم ڪسا ڪم ڪيترا بيسود بڇڙايون اپر،

رات ڏينهان آهه ٿيو منهنجو گناهن سان گذر،

سي ڏنگايون ڏوهه منهنجا معاف مرسل مير ڪر.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

ٿو گذاريان هر هميشه غمن جي انبوهه ۾،

ڪين ڪيم اعمال صالح تنهن سبب رنج روهه ۾،

بار بدعت جا ڏسي دل احمدا! اندوهه ۾،

بخش ڪر بدڪار کي ٿي آس تنهنجي توهه ۾.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

مفت ميڙيون مون کنيون سر تي مدايون سر بسر،

بي عدد، بيحد ٿيون جي مون هٿؤن زير وزير،

ميت مرسل مصطفى! منهنجو مديون ۽ ماڙ ڪر،

تو تڪيو، تو آسرو، تنهنجو وسيلو واهه ور! .

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

نحس ناقص، غير شرعي، ڪذب ڪاوڙ ڪار مون،

بحر بدعت جي پيس ڪڍ ترت تاري تار مون،

ڪَس قلب ڪارو ڪيو سو احمد! اوجار مون،

فيض جو بهرو ڏيو پنهنجو لقاءُ ڏيکار مون.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

ڪر اجابت ۾ عرض هن بيڪسي جو لڳ الله،

تو مٿان تنهن جي ٿئي ڪا نيڪ بختي جي نگاهه،

ڳل ڳچيءَ ۾ پاند پائي ٿو گهُري پردو پناهه،

پانهنجي پروش ڪري سڀ معاف ڪر منهنجا گناهه.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

سڏ ڪيان سڪ مان سدا سي سڏ سڻي رس يا رسول!

يا نبي نُورالهدى! هر عجز آزيون ڪر قبول،

من مرادون مون سنديون سي سڀ ڪيو حضرت! حصول،

دلربا! دارين ۾ درڪار مون تنهنجو وصول.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

تون توقع عاصين تون رحمت العالمين،

تون بلاشڪ ڀروسو خاتم نبي المرسلين،

سي ڀڳا سڀ آسري تنهنجي امام المتقين،

ٿيو اِذن سان الله جي، تون ٿئين شفيع المذنبين.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

مصطفى مختيار مرسل! مُدعي ڪُل ماد ڪر،

جي کَهن خناس خارج سي تڙي برباد ڪر،

دور ڪر دک درد دنيوي دائما دل شاد ڪر،

پروش ڪري پيغمبرا! منهنجو اڱڻ آباد ڪر.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

دل اندر جو حال ڏيان حضرت حبيب الله کي،

راز پنهنجو روبرو روئي رسول الله کي،

نياز نوڙت ساڻ نرمل نيڪ نُور الله کي،

ننگ پرور نامور نافع نبي الله کي.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

هر زمان هر حال ۾ همراهه ٿي خيرالورى!

دست ڏيو دلگير کي پانه پرين پيغمبرا،

سوڙهه سختي وقت وارث ڏي دلاسو دلبرا،

ٿو نهاريان تو طرف روئندي پڇان پنڌ پيچرا.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

 

تو ڏڏن جو ڏڍ ٿئين احمدا عاليجناب!

تون سڀن سرتاج ٿئين پڻ ُمتين جو آفتاب،

در اوهان جي تي سوالي سرخرو ٿين با ثواب،

هيءُ سوالي تن منجهان تون ڪر تنهين کي فيضياب.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

وقت پوئين تاءُ ڪيو وي مهر ماڻهن مان لڏي،

ويو شرم سچ ساءُ صحبت ويو مزو محبت ڇڏي،

هت اڙانگي حال ۾ ڪر سرخرو سرور! سڏي،

يا نبي! نيئي پاڻ سان گولي گداگر کي گڏي.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

شوم شر شيطان کان، نام راحم رکيج،

مير مرسل مصطفى! ڏيئي پلوَ ڍوليا ڍڪيج،

بي پلئي بدقوم خارج ظالمن جي در مَ نيج،

مير! محتاجي نه ڏي پنهنجي درون خورم ڪريج.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

تون اٻوجهن آسرو اڙين سندو آڌار تون،

درد وارن جو دلاسو دلربا دلدار تون،

رس فغان فرياد تي ثقلين جا سردار تون،

دست ڏئي دلگير کي سڀ لاهه دل جا بار تون.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

احمدا! هي حال سڻ تون راهه شرعيت جي ڏيکار،

دفتر طريقت جي منجهون ڪو سبق سائل کي سيکار،

حضرت! حقيقت جي بحر مؤن پاڪ پيالو پُر پيار،

قلب ڪارو، معرفت سان مير! تون منهنجو اُجار.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

 

تون يتيمن يار کي ڪيم انتظاريون بيشمار،

”حاجي عبدالله“ جهڙا لهن لائق لک هزار،

هوت هر ويلي سگهو سردار سائين! لهه سنڀار،

دلدار! دنيا مؤن لڏيان چئي ترت ڪلمي جي تنوار.

يا سچا سردار صاحب غور ڪر غمگين جو،

ڪر سڏي مطلب سگهو مون مصطفى! مسڪين جو.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات (نبي ﷺ)[2]

(4)

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

بنامِ خدا خاص خير الانام!

سڻج سيدا عرض عربي امام!

لٿو سر اوهان جي خدائي ڪلام،

پڙهان تو مٿي لک صلواتون سلام.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

توسان روز شب راز رب پاڪ جو،

ڪيو سير تو اَرض اَفلاڪ جو،

لٿو تو مٿي ڇٽ ’لولاڪ‘ جو،

ڪريو درد دک دور غمناڪ جو.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

تون سردار ثقلين جو سربسر،

سندو شاهه نبين شمس و قمر،

اَجهو عاصين اوٽ يوم الحشر،

بلاشڪ ڀلو ڀرجهلو بيشتر.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

تون حامي حِمايت وسيلو وِلهن،

تون ننگدار نافع نچاءُ بيڪسن،

تُنهنجي در مٿي دوست جيڪي اچن،

سڏي ترت تن کي دلاسا ڏجن.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

تنهنجو شرف وڌ ذڪر قرآن ۾،

عجيبا، عِزت ’آلِ عمران‘ ۾،

’زُمِر‘ زيب ’زخرف‘ تنهنجي شان ۾،

ڏنئي ڏيپ ڏاتار قرآن ۾.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

ز ’طهٰ‘ و ’يٰسين‘ ساراهه تو،

ٿي ’اِنا فَتَحنا‘ فتح شاهه تو،

وڏي وصف ’والنَجم‘ وهواهه تو،

’مُزملُ‘ مدح مصطفى ماهه تو.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

اَول ۾ نه ڪجهه ڪي به اظهار هو،

نه ڏونگر، جبل، جهنگ جنسار هو،

رکيل رب جو راز اِسرار هو،

تِنين کؤن اڳي نُور نِروار هو.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

نه هئا مَلڪ ماڻهو نه هو آسمان،

نه سِج چنڊ تارا نه جملي جهان،

نه وڻ ٽڻ زمينون نه قلزم روان،

نشر نُور تنهنجو اڳي بي بيان.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

حڪم رب جي ساڻ اظهار ٿئين،

محمد مِٺا مير! موچار ٿئين،

سندو دين اسلام اوجار ٿئين،

ضعيفن، يتيمن مددگار ٿئين.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

اکين کي اُڪانڊو تنهنجي پار ڏي،

ڏينهان رات سڪ سوز سردار ڏي،

محبت مٺي مُحب منٺار ڏي،

ڪندا نِت نظر بيش بيڪار ڏي.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

پويون وقت تنگ هي زمانو ٿيو،

منجهان مائٽن ساءُ محبت ويو،

دغا ڪوڙ رايو چڱن ۾ پيو،

وٺي دست دلبر دلاسو ڏيو.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

سندم قلب سينو صفا ڪر سليم،

تون ارحم عنايت تون عالم عليم،

تون والي ولايت تون ڪامل ڪليم،

تون مهندار مشفق تون هادي حليم.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

تون آن ملڪ ۾ مصطفى! معتبر،

قريشي قوي ڪوٽ ڇورن ڇپر،

نيڪو ڪار، ابرار، نُوري نشر،

توکي رب ڪيو خاص خير البشر.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

 

آهيان پُر گناهن، خطائن اندر،

ڪيم ڪُل ڪچا ڪم ۽ ڪيرا اَپر،

مديون ميٽ مرسل ڪريو واهه ور،

کُهين جو کڻج بار ننگ نامور.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

ڪچو ڪِرت جو مان بندو عيبدار،

هٿئون مون ٿيا ڏوهه ڏِنگ بيشمار،

ڏسي ڏوهه ڏاڍو آهيان شرمسار،

مڱان توهؤن تعظيم تنهنجو پيار.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

ٿيو نفس نادان خارج خراب،

ڏَسيا مون کي جنهن ڪم گندا بي حساب،

بَدُو بي پليو، بي چيو بي حجاب،

اَمُن احمدا ڏيج ڪر فيضياب.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

عرم صرف ٿي منجهه گناهن گهڻي،

وڌو وهم ويچار، هيبت هڻي،

ٿيو خوف تنهن سبب ڦر ڪي ڦڻي،

سگهو رس مديني مڪي جا ڌڻي! .

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

ٿيا ظاهري درد دل ۾ نوان،

هيڻو حال پنهنجو ٻيو ڪنهن چوان؟

کريل جي کَهن سڀ سَٽي سنوان،

ڀلا ڄام! هيءَ سام پرتو اوهان.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

خِجل خوڪ، خناس ويري وڳن،

بُرا، بي لڄا جي خصومت رکن،

سي هاويءَ ۾ حاسد هچارا هڄن،

ڪيو ماڙ من عام عالم ڏسن.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

توکي حال معلوم سندو هن حقير،

مدد ڏي محمد منور منير،

پارا پرين پاڪ پرور پذير،

ڪريو داد منهنجو ٿئي دل سڌير.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

سخي مرد سلطان تون نامدار،

عظم احمدا! تو سندا آشڪار،

آهين عاصين جو، اوهان تي مدار،

ڪڍو ڏيهه مان ڏک ڏولاوا ڏڪار.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

آهين بادشاهه ملڪ جو بيمثال،

ساري سنڌ سان پانهنجو ڪر خيال،

دفع درد ڪل مَرض ڪڍ قحط ڪال،

الله لڳ تون مقبول ڪر هي سوال.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

ورج وير ويران هيءُ هنڌ وساءِ،

حُسن پاڪ پنهنجو پرين مون پساءِ،

وصل ساڻ هيڻيءَ کي حضرت هساءِ،

مٺا مصطفى توڙ مطلب رساءِ.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

گهران نامور نيڪ فرزند ڏي،

هجي خوبتر خاص خاوندڏي،

وٺي ڏانهن ڏاتار دلبند ڏي،

فضل ساڻ في الحال فرخند ڏي.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

تون بخشيش ڪر آل اولد جي،

ڪيو ڪرم بندوبست بنياد جي،

نظر ڪر نبي پاڪ! ارشاد جي،

ٿئي احمدا! آڇ اِمداد جي.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

آهيان سام تنهنجي سچا سرور!

ڏي تون دست دلگير کي دلبرا!

رسايو پنهنجي طرف پيغمبرا!

ملڻ جو ملي مُهت خيرالورى.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

شب و روز ٿم هيج حرمين جو،

سيني ۾ صدق شوق ’حسنين‘ جو،

پَسان پرتوو عز نعلين جو،

ڏسڻ سان وڌي نُور عَينين جو.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

 

اَٿم طلب تهدل توقع تمام،

ڪشش قلب کي رات ڏينهان مدام،

ڪري عرض عاجز اوهان جو غلام،

ڪميني سندو ڪر قبوليت ڪلام.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

چوان چار اَلفاظ سڏ هيءَ صدا:

لَڏائينم ايمان سان احمدا،

لهج سڌ سڪرات ۾ سيدا،

قيامت قبر ڪر چڱي لڳ خدا.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

 

ڳچيءَ پاند پائي پنان ٿو پناهه،

شرم، شان، شفقت، شفا شهنشاهه،

مرڻ مهل درڪار تنهنجي نگاهه،

ٿين ساڻ ڪلمي جي پورا پساهه.

ڪيان دانهن دلگير جو داد ڪر،

ڪري غور غم و هم برباد ڪر.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات (نبي ﷺ)[3]

(5)

چَو سارهه صفت سبحان، جنهن جوڙيو جڳ جهان،

عرش زمينون ۽ آسمان، قدرت ڏس سميع ستار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

پهرين پيدا ڪيائين بي، احمد ڄام اَجهو عربي،

ڪامل قوت ساڻ قوي، ملڪان ملڪ ٿيو نروار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

مانجهي مرد منور مير، ورنهه والي، وارث وير،

مرسل ساڻ هئا کنڊ کير، چارئي مولي ڪيا موچار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

اول آهي سچو ’صديق‘، علم عمل جو بحر عميق،

گوهر غار ۾ گڏ رفيق، وقت لاڏاڻي جي منجهه غار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

اعلى عادل ’عمر‘ ڄام، فيض وٺن ٿا تنهن کون عام،

ڪيڙو ڪفر جنهين قتلام، دلبر دُر ٻُڌي دستار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

عارف علم شهه ’عثمان‘، جوڙيو فائق جنهن فرقان،

مٿس راضي رب رحمان، راسخ رهبر جي گفتار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

اسد الله ’علي حيدر‘، برڪت ساڻ ڀلو بهتر،

ٻَڌي بيٺو چست ڪمر، آندائين دين اُتي ڪفار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

هردم حب هِنئين حسنين، ساري ساهه سدا دِن رين،

اچي لهندا ڪَل ڪَونَين، مشفق مسڪين مدار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

آل رسول جو نُوري نُور، هر هنڌ مولي ڪيو مشهور،

تن جو پڙهندو جو مذڪور، ڏک نه ڏسندو ڄرم ڄمار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

هئا پيغمبر جي نت پاس، چاچو ’حمزو‘ ۽ ’عباس‘،

ڪڍ سڳورن ڏانهن وسواس، خطرا خام وهم وِيچار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

قلب مان جلد ڪدورت ڪور، هيءُ سر سونهارن تؤن گهور،

شڪ شبها ڀڃي ڪر ڀور، ڪڍ تون دل مان غير غبار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

حال سڻج هي لڳ خداءِ، دست وٺي ڪر ڪا دلجاءِ،

خلعت پينوءَ کي پهراءِ، سيد! سگهڙي لهه سنڀار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

مون درڪا سندي احسان، ڪم ڪچا ڪيم ڪُل عصيان،

ڳاري جان انهيءَ ارمان، مرسل مڙني جا مهندار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

عمل چڱا مُون کان نه ٿيا، ڪئين قضا ٿي وقت ويا،

هٿئون منهنجي ڏوهه پيا، اڳتؤن ڀيڙ سُڄي ڀلڪار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

سُڏ ڪيو سرور سڏ ڪري، ماندي محبت لاءِ مري،

پاڄي پاڻئون ڪر نه پري، تو در مانديءَ کي دلدار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

نفس ندوري ساڻ وروُنهه، مون ڪئي آهي سنجهه صبوح،

تنهن کي ڏي ڪا لالڻ لُوهه، بيشڪ بخش بديون بسيار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

پارس! پِر تئون ڏيج پناهه، توريءَ ناهه وسيلو اوهه،

مون تان ڏک ڏمر سڀ لاهه، آسرو ندن جا آڌار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

واٽ هدايت واري ڏس، پانَهه ڇڏ نه تون پروس،

هي بيڪار بندو بيوس، رستو صاف سڌو ڏيکار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

مخفي محبت عشق اکين، پلپل پَهڙا پُور پون،

دل ۾ دونهان روز دکن، تن ۾ طلب تمامي تار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

نَئي مڃ نرمل نفع نعات، ڪَڏِ نه وسري وائي وات،

پريينم پنان ننگ نجات، ٻانهيءَ ٻاجهه ڪيو ٻاجهار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

آهي اٻوجهن هيڻو حال، رزق رسايو پاڪ حلال،

لڄ شرم رک ڀلا ڀال، مون ڏي آهن حرف هزار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

لطف مون تي ڪر ليل و نهار، ڪانه سجهيم ڳلي ٻئي پار،

سيني سڪ زيارت ڪار، والي وارث ڪيم وسار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

آءٌ نه هرگز هام هڻان، مون ۾ آهن عيب گهڻا،

توريءَ ڪنهن کي ڪين وڻان، منهنجو ڪو ناهه ياور يار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

مرسل منهنجي ڪر دلشاد، دشمن دانهيءَ جا ڪر ماد،

پَٽُ پِٽَين جِي بيخ بنياد، محب مديني جا مختيار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

سائين! سڙين کي ثابت سُٽ، نانءُ نڀاڳن وارو لٽ،

قهرئون ڪنڌ ڪُتن جو ڪٽ، نيڻين نت وهائن نار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

ڪاهي رسج شافع شير، ترت رڪيبن پائج پير،

دير نه ڪج دلخواهه دلير، حامي هٿ وٺج هيڪار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

لذت چکائج مون عرفان، جو دم جياريو ڏيو ايمان

گهوٽ گهران ٿو دهرو دان، ڏاتر ڏوڙِي ڏات ڏيار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

عاصي اوهان کي پرتو پير، ”حاجي عبدالله“ حقير،

ڪاٽيو ترت مڙئي تقصير، جام بهشتي پُر پيار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

 

لاهه خطرا خوف خلل، حامي ٿي تون منجهه هڪل،

منهنجي آزي مڃ مرسل، ڪلمي سان ٿئي قلب قرار.

ڪر ڪا نظر نبي سردار!

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مدح (چار يار)[4]

(6)

سڪ مان ساراهيان سبحان، جوڙيا جنهن جي جڳ جهان،

اعلى عرش زمين آسمان، آهن آگي جا احسان.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

 

پيدا ڪيائين احمد ڄام، مٿس لک درود سلام،

ڏنس ڏاتر ڏيهه انعام، عاصين اوٽ اجهو آرام.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

 

اڪبر بهتر بيشڪ يار، پهريون پاڪ ’صديق‘ سچار،

جنهن سر دين سندي دستار، گل گلابي باغ بهار.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

 

عادل عمر عدالت وارو، شاهي شرف شجاعت وارو،

ڪامل قرب ڪرامت وارو، سيني صاف سعادت وارو.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

 

عالم علم وڏي عثمان، ڪيائين جمع سڄو قران،

ذي النورين سخي سلطان، پيش پرينءَ جي ٿيو قربان.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

 

افضل علي حيدر شاهه، هينئڙو تنهن کي ساري ساهه،

هئڙو حضرت سان همراهه، ڪيائين ڪفر تالان تباهه.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

 

چارئي مانجهي مرد متارا، چارئي پرور سندا پيارا،

چارئي دولهه ۽ دل وارا، چارئي مشفق محب موچارا.

ڄاڻج خاص خلقيا حق،

لاهه تنهن ڏنهن شبهو شڪ.

 

چارئي ناد نُوري نُور، چارئي مولي ڪيا منظور،

چارئي مُلڪن ۾ مشهور چئني دين ڪيو معمور.

ڄاڻج خاص خلقيا حق،

لاهه تنهن ڏنهن شبهو شڪ.

 

چارئي روشن جان مهتاب، چارئي جيءَ جبار جناب،

چارئي عالم ۾ آفتاب، چارئي مسجد جا محراب.

ڄاڻج خاص خلقيا حق،

لاهه تنهن ڏنهن شبهو شڪ.

 

چارئي مرسل سان مرڪن، چارئي مجلس ۾ سونهن،

چارئي ڌُڻيا ديهه ڌڻين، چارئي واهر واهه ولهن.

ڄاڻج خاص خلقيا حق،

لاهه تنهن ڏنهن شبهو شڪ.

 

چارئي مرد منور مير، چارئي ماهه مثال منير،

چارئي ورنهه وير وزير، چارئي دلبند امير.

ڄاڻج خاص خلقيا حق،

لاهه تنهن ڏنهن شبهو شڪ.

 

چارئي دين سندا اوجار، چارئي حضرت سان هسوار،

چارتئي غمگينن غمخوار، چارئي مدني جا منٺار.

ڄاڻج خاص خلقيا حق،

لاهه تنهن ڏنهن شبهو شڪ.

 

چارئي افضل عاليشان، چارئي ظاهر منجهه جهان،

ڍچارئي جابر جنگ جوان، چئني مار ڪيو ڪفران.

ڄاڻج خاص خلقيا حق،

لاهه تنهن ڏنهن شبهو شڪ.

 

چارئي دين سندا درياهه، چارئي هيڻن جا همراهه،

چارئي دلبر ۽ دلخواهه، چارئي آهن پشت پناهه.

يار يگانا مڃ مدام،

ڇڏي هوڏ هواءِ حرام.

 

چارئي يار عجيب اصل، چارئي نيڪ نجيب امل،

چارئي باغ بهشتي گل، چارئي ڪندا ڪرم فضل.

يار يگانا مڃ مدام،

ڇڏي هوڏ هواءِ حرام.

 

چارئي قاتل ڪفارن، چارئي لشڪر ساڻ چڙهن،

چارئي مارا بي دينن، چارئي ويرين ساڻوڙهن.

يار يگانا مڃ مدام،

ڇڏي هوڏ هواءِ حرام.

 

چئني اوجاريو اسلام، چئني تي ٿي مهر مدام،

چئني جو ٿيو حڪم حڪام، چئني جي ڪافر ڪيا قتلام.

يار يگانا مڃ مدام،

ڇڏي هوڏ هواءِ حرام.

 

چئني چوطرفو چوڌار، چئني دين ڪيو اظحار،

چئني جي سر بيشڪ بار، چئني ڀيليو ڪل ڪفار.

يار يگانا مڃ مدام،

ڇڏي هوڏ هواءِ حرام.

 

چئني ڪل ڪيا مشرڪ ماد، چئني دين ڪيو آباد،

چئني مان هو مرسل شاد، چئني ڪفر ڪيو برباد.

يار يگانا مڃ مدام،

ڇڏي هوڏ هواءِ حرام.

 

چئني فتح ڪئي في الحال، چئني سان ڪيو ڀلي ڀال،

چئني تي آ رب جو خيال، چئني جو قرب ڪمال.

يار يگانا مڃ مدام،

ڇڏي هوڏ هواءِ حرام.

 

چئني جي آهه صفت دراز، چئني سان ڪر نؤڙت نياز،

چئني سان آ الله جو راز، چئني جو جت ڪٿ آواز.

يار يگانا مڃ مدام،

ڇڏي هوڏ هواءِ حرام.

 

سوال ڪيان سڻ لڳ الله، مير مرسل محمد شاهه،

نرمل نُوري ڪر نگاهه، داڙو دلگيرن دلخواهه.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

 

پرين پير ڀري اچ گهر، واهر واهه ولهن جو ور،

سار سگهو تون لهه سرور، مطلب دين دنيا جا ڪر.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

 

سرور ڄام سچا سردار، مون ۾ آهين عيب اپار،

آهيان آءٌ بندو بيڪار، ميٽي ڇڏ بدين جا بار.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

 

عربي احمد عرض اگهاءِ دلبر دانهن سڻي ورناءِ،

پنهنجي طرف سگهو پهچاءِ، جانب جنت ۾ ڏي جاءِ.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

 

هيءُ سوال سڻج اظهار، مرسل ڏيکاريو ديدار،

ڪامل قلبي ڏيج قرار، مار نڀاڳو نفس نڪار.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

 

واهه وسيلو ٿي وريام، لالڻ لڳس تنهنجي لڙهه لام،

عالم جا آڌار امام، سوالي پرتئي سيد سام.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

 

ڏيئي پارس پشت پناهه، بار بديون بخشاءِ گناهه،

نانءِ ڌڻيءَ جي نظر نگاهه، توکي پرتس گاهه بگاهه.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

 

ڪر ڀلارا پنهنجو ڀال، ڪاهل کي ڏي قرب ڪمال،

ڪر تون دشمن زور زوال، ڪر ڪو ڀال ڏسي هي حال.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

 

راضي ٿي ڪريو رحمت، ڪامل ڪاٽيو ڪل زحمت،

هادي هوتن جي حرمت، ڏي ڪا عاجز کي عظمت.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

 

تو کان لطف گهُران سبحان، مولى ملڪ سندا منان،

هتئون هلائج سان ايمان، آگا عفو ڪري عصيان.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

 

نرمل نُوري نيڪ نجيب، رب رحيم لطيف حبيب،

حاجي عبدالله حبيب، ڪلمي سان لڏاءِ قريب.

مڃ چڱي جا چيدا چار،

شاهن ڏنهن شڪ شبهو نه ڌار.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.


[1]   اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان پهتل.

[2]   اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان پهتل.

[3]   اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان پهتل.

[4]   اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان پهتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org