سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :17

مناجات[1]

بادشاهه پير رحه جي درگاهه ۾

(حافظ علي اڪبر ”مجروح“ جي چيل)

[حافظ علي اڪبر ”مجروح“ ولد آخوند محمد قاسم ويٺل هالا پراڻا ضلع حيدرآباد، ”سانوڻي آخوندن“ جي گهراڻي مان هو. عربي فارسي ڄاڻندو هو. اٽڪل 55 ورهين جي عمر ۾ 18 جمادي الثاني 4 سيپٽمبر 1936ع ۾ وفات ڪيائين. هن مدحون ۽ مولود چيا آهن، سندس چيل هڪ مناجات هيٺ ڏجي ٿي.]

خدا ساڻ خلوت ۾ منهنجي مقال.

ڪتابت ڪتابت ڪتابت ڪريو.

 

اي ڪل پير کان پير اڳرا اُتم!

لطافت لطافت لطافت ڪريو،

 

سڀئي سوال ساري ڪرائين قبول،

عنايت عنايت عنايت ڪريو.

 

رهي ياد قرآن ساري عُمر،

حفاظت حفاظت حفاظت ڪريو.

 

علم ڪر عطا مون کي پيغمبري،

شرافت شرافت شرافت ڪريو.

 

وٺي وَٽ ونهيان! ڏينم ڏاتر کان ڏات.

هدايت هدايت هدايت ڪريو.

 

رڳن روح ۽ جسم ورنهه وجود،

ولايت ولايت ولايت ڪريو.

 

قلب کي ڏي قوت اي ڪامل قطب!

دوراڪت دوراڪت دوراڪت ڪريو.

 

منهنجو خوب آباد خانو خليل!

نهايت نهايت نهايت ڪريو.

 

سُواٽو ۽ صالح پسر پير! ڏي،

ولادت ولادت ولادت ڪريو.

 

ڪريو پيڙهه پختي ۽ پيڙهي پڌر،

جماعت جماعت جماعت ڪريو.

 

گهُري گهورڙيو ٿو گهڻي ۾ گهڻو،

شڪايت شڪايت شڪايت ڪريو.

 

رهي رزق منهنجو ڪشادو ڪثير،

تفاوت تفاوت تفاوت ڪريو.

 

گهُران بيک بيٺو تو داتا دَران،

ورهاست ورهاست ورهاست ڪريو.

 

گناهن ۾ گڏجي عمر ٿي اُجڙ،

ڪفايت ڪفايت ڪفايت ڪريو.

 

امن ۾ رکج شوم شيطان کان،

سلامت سلامت سلامت ڪريو.

 

گناهن کان گوشي ۾ جانب! جهَلي،

امانت امانت امانت ڪريو.

 

عدم ڪر عَدو هاڻ هڪ ٻئي پٺيان،

ڪرامت ڪرامت ڪرامت ڪريو.

 

تڙين تنگ طالب ڪئو تنهنجو تمام،

هلاڪت هلاڪت هلاڪت ڪريو.

 

ڪِنا ڪوڙهيا ڪر مڙئي مدعي.

جلالت جلالت جلالت ڪريو.

 

بَچي بيخ باقي نه ان جو اصل،

خيانت خيانت خيانت ڪريو.

 

سوا تو نه ٻيو طرفداري ڪري،

سعادت سعادت سعادت ڪريو.

 

ڪيو عشق آڱار جاني! جسم،

عدالت عدالت عدالت ڪريو.

 

ورهيه ويا اندر سِڪ گذري گهڻا،

دريافت دريافت دريافت ڪريو.

 

بيماريءَ ۾ ڀيڻي نه ڇڏجوم ڀَر،

اِقامت اِقامت اِقامت ڪريو.

 

رکج هٿ سيني تي سڪرات ۾،

رعايت رعايت رعايت ڪريو.

 

قبر ۾ رسج پير! ڪاهي ڪڻم،

حمايت حمايت حمايت ڪريو.

 

پُڇا وقت مَلڪن جي دل کي دلير،

شجاعت شجاعت شجاعت ڪريو.

 

رهج روبرو مون سان حاضر حبيب!

شفاعت شفاعت شفاعت ڪريو.

 

سَڏايم سڄي عُمر سگبان تو،

مرحمت مرحمت مرحمت ڪريو.

 

اي ماههِ جبين! عرض ”مجروح“ جا،

اجابت اجابت اجابت ڪريو.

مناجات[2]

نبي ﷺ جي بارگاهه ۾

(خليفي غلام الله جي چيل)

[خليفو غلام الله ڪلهوڙو، تعلقي وارهه جي ڳوٺ چوڌري ۾ اٽڪل 73-1272هه/56-1855ع ڄائو. سموري تعليم فارسيءَ ۾ ورتائين. سندس ڪلام جا ٽي مجموعا: نقش سليماني، يوسف زليخا ۽ اخوان يوسف شايع ٿيل آهن، جي مثنوي جي طرز تي آهن. ازانسواءِ مولود، غزل، ڪافيون ۽ بيت پڻ بي انداز چيا اٿس. 1376هه/1956ع ۾ وفات ڪيائين.]

سچ ساراهين اول تو سچي سبحان کي،

خلقيو جنهن مير مرسل مصطفى جي مان کي،

چئن يارن ۽ امامن جي عجب امڪان کي،

روز شب جن مون اچي راحت سدا جند جان کي،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

سَو لکين تو ۾ اسان جا ڄام عربي! آسرا،

ڪيئن ڇڏيندين ڪارڻي؟ حامي! هيڻن هر دوسرى،

ڪو نه جن کي ٻيو وسيلو، دوس! آ تنهنجي دران،

سام هي نيندين سڏي تون خاص اي خيرالورى،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

روءِ زمين ساري گهميس تان نه لڌم ٻي واهه ڪا،

رس! رَسي ڪر ماڙ منهنجي شير شافع شاهه ڪا،

گوشي لائي، گوش ڪر، عربي! سندم هيءَ آهه ڪا،

قريشي! ڪارڻي قربئون ڪَهي ڪن ڪاهه ڪا،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

هَي! ڪيا ڪم ڪار مان سڀئي ڪڌا چوريءَ چري،

خون خيانت ۽ گلا غيبت ٿيا آهن هر گهڙي،

ٻي زنا ظاهر سندي ڀِيڙي ٻڌم بلڪل ڀري،

رسم رشوت ۽ ريا جي ڳالهه تان ڳهلا ڳري،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

مون مَٺو هرڪو چوي آهيان مَٺاين سان ڀريو،

هر همه مخلوق مولى جا چون چوڌر چريو،

ابن آدم جنس جنن شوم شيطان بي وريو،

ڏوهه منهنجي کي ڏسي هرڪو وڃي ڏورئون ڏريو،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

هند، سنڌ ساري ۾ سيد! ٿو کڻان جاڏي قدم،

روم، يورپ، آفريقا، شام ڪي عرب و عجم،

يمن ڀي ياري نه ڏئي، دلبر! وري هڪ دير دم،

آمريڪا، روس تان ريٽي ڪڍيو هيهات هم!

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

بغداد تان بيزار ٿيو ايران تان اصلي ناراض،

چين تا ماچين تائين ساز منهنجي کي نه ساز،

ڪابول ۽ قنڌار، غزني جو ٻڌم اهڙو آواز،

خود خراساني ته نرمل سا سَهِن نرتئون نياز،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

تُرڪ تان تڪرار ڪيو عاصي ڏسي مون ڪيئن ترڪ،

حَبَ ۾ هيراس پيو فائق! نه ان ۾ ڪو فرق،

دهِلي به دَهلي دور کان واچي سندم والي ورق،

فارس، فندي مان کي چوي: هي ٿيو گناهن ۾ غرق،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

اُمت سندس عالي اَجها، آسمان تان اصلي پري،

عرش، ڪرسي ۽ زمينون ٿيون ڪر زاري، ذري،

مَلڪ ۽ ملوڪ ڏوهن کي ڏسي منهنجي ڏري،

ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان جو ڪو نه ٿو پنهنجو ڪري،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

 واڳ توکي وارثي ٿي ملڪ ساري جي سدا،

ڪئين ڪيا تو بادشاهه جيڪي هئا گولا گدا،

هت حڪم تنهنجو هلي اي سونهن سڀني سيدا!

مُلڪ آ محتاج تنهنجو حامي ٿئين هر دو سرى،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

 مان نه مَٽ تنهنجي ڏسان، هڪ ذات سا رب جي ڀلي،

تو سندي تهدل پٽي ڪو نا سگهي هر گز ڳلي،

سڀ ڏسان محتاج تنهنجا غوث ڪي توڙي ولي،

اچ ٻُڌي فرياد منهنجو، هوت! تون هيڪر هلي،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

 باهه بَديُن جي اچي مون تان اُجها عربي اصل،

دين دنيا جي اچي کولج دري رهبر رسل،

قبر قيامت ۾ رسج، وهلو وري واري وصل،

آءُ اَجها عالم سندا نرمل نبي نُوري نسل،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

ٿو ڊڄان پنهنجي حياتيءَ جي ته شامت کان اڃا،

خبر ناهي ڇا ڪندي مون سان ڪميڻي هيءَ دنيا،

نفس و شيطان روز پيا مون کي ستائن، اي سچا!

جن هتي ولين سان هئا هاڃا هنيا. ،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

مان اڳيون تن جي ٿيس مغلوب، ور ڪامل ڪجا!

تون ڀلي تن ويرين کي اچي سرور! سجا،

مون منجهان ظاهر نه ڪر عاصي سندس هي ڳجهه ڳَجها،

تو بنا واٽون وسيلا، محب! مڙيوئي مون مُنجهيا،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

 پرچي پرين ڪر پانهنجو سردار عالم جا سچا!

منهن نه مَٽ مرسل مٺا! هي ڪم ڏسي ڪوجها ڪچا،

اَپر عيبن جا اندر ۾ مير! مون کي مچ مچا،

ڪيئن ڪيان اي ڪارڻي! هئي هئي ٿيم حضرت هچا،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

 سڀ اٿم تو ۾ اميدون سيدا! لک لک هزار،

تڏهن آندا مون وسيلا پاڪ شهداء نيڻ ٺار،

مانَ تنهن ڪَر مون مٿان لاهين مِٺا مرسل! ميار،

جي ٻجهي ويا ٿم گناهن جا بلاشڪ بار بار،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

شان تنهنجي شرف سان ڪر ڪا نظر نُوري،

پاڪ پرور ڏي ڏسي ڪر پانهنجو تون تابعي،

جانبا! جبريل، اسرافيل، ميڪائيل ڀي،

آڻيان عزرائيل کي مَلَڪَ تان سهيس سڀي،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

’آدم‘ اَبو سڀ جو ڀلو ۽ ’نوح‘ نرمل نيڪنام،

حُب ابراهيم ڏاڍي تو سندي تنهن کي تمام،

يعقوب، يوسف ياد ڪن عيسى ۽ موسى کي ٿا عام،

ڪل نبي ايندو وٺي جيڪي هئا منجهه روم، شام،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

سرور صديق ۽ عادل عمر، عثمان تان،

حضرت علي، حسنين ۽ اصحاب سڀني عام تان

هئي ڀلي جا فاطمه تنهنجي پيس سچ سام تان،

تورات ۽ انجيل ۽ زبور ۽ فرقان تان،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

غوث، قطبن ۽ ولين کي وٺي آيس وري،

دوس! در تنهنجي بِنا ڳهلي سجهي ٻي نا ڳَري،

ڪنهن کي وسيلا ڪي هجن مان کي ته هيءَ دلبر دري،

دادلا! تو در بنا ٻئي در تي منهنجي ناسري،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

 شامتون شيطان جون تنهن کوءن اچي رک ترت تون،

حضرت هراسن هول کوءن موٽي بچاءِ مير! مون،

دشمن، ديوث دس، ڏي فيض فائق! فرحتون،

موت منهنجو مرسلا! ٿئي حُب تنهنجيءَ ۾ هتئون،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

 ٻيهر ٻڌج ٻانهي سندو هي عرض عربي ڄام ني،

جو پيو سردار سيد! آهي تنهنجي سام ني،

تنهن پَسائي پاڻ ڪر پورو اچي هي ڪام ني،

تان ٻُڌي سڀڪو نوازش نور نرمل نام ني،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

 شان تنهنجو شرف جيڪو ٿو اچي مون کي نظر،

سو ڪيان ظاهر ته ٿيندو آسمان ئي عيب ور.

پر زبان تي مُهر آ حيرت ٿئي حضرت حذر،

شال سوگهو سو هجي ۽ مون اندر ۾ ماٺ مر،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

 ٻڌ ”غلام الله“ جو هي عرض ٿو عاصي ڪري،

مير! محبت جو تنهين کي ڄام ڏي جُودئون ڀري،

شل مديني پاڪ ۾ روضي جي چانئٺ تي مري،

عين اکيون دل تنهن جِي دوس! تڏهن ئي ٺري،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

 

 الغرض ڪڍ غير دل مان ڏي روشني رهبر! رسي.

دادلا! دُهرو ڪرين وارث وسيلا مون وصي،

غم وهم ڪل گم ٿئي شل پاڪ ٿيان توکي پسي!

قلبئون ڪهي ڪلمو هلان هن دنيا مان هسي،

مير مرسل مصطفى وارث وسيلا وير آ!

ڪر اسان جي درد جي ديدار سان دلبر! دوا.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات[3]

نبي ﷺ جي بارگاهه ۾

(اشرف جي چيل)

اول چئي الله ساراهيم سچو سبحان ٿي،

جنهن سچي سبحان خلقيو خاص عالم ڄام ٿي،

تان ڦريو ساري جهان ۾ فضل جو فرمان ٿي،

تان ٻڌو مون مصطفى جي شرف جو سامان ٿي،

سَوَ شڪرانا سبب ٿيا مون نماڻي ڪاڻ ٿي،

مدد ڪيائون مهربانيون ماڙ مون مسڪين ٿي.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

طلب تن تعريف تنهنجي آ صفائي ساهه کي،

مدح مون مقبول من ٿئي آسرو ارواح کي،

صفت سارهه سوجهرو سو راهه ۽ گمراهه کي،

محض محبت پانهنجي جو ڏس ڏيو هن ڏاهه کي،

جو پنڌ پري پانڌيءَ ٻجهي ٿني وسنءُ ويجهو واهه کي،

سام پنهنجي سا نه ڇڏجو سگهه وڏي تو شاهه کي.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

مَرڪ مڙني کان مٿي تنهنجو قرب قادر ڪيو،

لڙهه لڳس لائق اوهان جي پيش هي پينو پيو،

ڀوء ڏسي آن ڏنهن ڀڳو لوڪ جي لاهي لِيو،

 

مير! ماندي کي ملڻ جو ڏس ڪو لڳ ڏاتر ڏيو

هَي! ڪمايم ڪين ڪي جو وقت ويساهي ويو،

محب معلوم آ اوهان کي حال تان منهنجو اهو.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

تون مٺو محبوب مولى جو اسان کي آسرو،

سوڙهه جا سختي سجهي واهر ويچاريءَ تي ورو،

شوق پنهنجي ذوق جو، ڍوليا! مڪج ڍاري ڍرو،

هوئي هميشه حب اوهان جي، ٻَن دنيا جو مامرو،

بيڪسن کي بخش ڪر ڪو ذوق پنهنجي جو ذرو،

صاحب سچا سڪ مان سڄڻ ڪو پرت پرچايو پرو.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

شرف موجب شان تنهنجو قرب ٿيو قرآن ۾،

’طهٰ‘ ۽ ’يٰسين‘ ’يوسف‘ فضل ٿيو فرقان ۾،

۽ ’مزمل‘ ’حٰم‘ ’حج‘ ٿيو عهد ’الرحمٰن‘ ۾،

”هل اَتي“ ۾ عزتون تو باب ۽ بيان ۾،

مَلڪ، حورون منتظر تنهنجي ادب امڪان ۾،

اولياء سڀ انبياء فائق تنهنجي فرمان ۾.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

ڏاتر ڏنا سڀ ڏيهه توکي مُلڪ جي مالڪ مدار،

رحم تو سان رب وڏا ڪيا پاڪ تان پروردگار،

مون کي سڪندي سال ٿيا ساريندي مون سڀ ڄمار،

تان ڪريو ٿورو ٿڪيءَ تي محب منهنجا من قرار!

آهون سڻي آسروندن جون آءُ جياپا جِيءَ جيار!

ٿي ڪم ڪارون ڪشالا، هَي! هتي حيلا هزار.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

تون نبين ۾ نبي سرتاج ۽ سالار ٿي،

تون ونڊيندڙ وحدتن جو تان مڙن مختار ٿي،

تون سڀن سرتاج سرور مرسلن مهندار ٿي،

تون بدل برڪت جو برحق سرزمين سينگار ٿي،

تون همت همراهه حامي ۽ اَڙين آڌار ٿي،

تون سمر ساٿي سُڃن جو تان دلاسي دار ٿي.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

ترس ڪج ڪو توهه پنهنجو فضل تون في الحال جو،

رهنما! ڪو رحم ڪر پنهنجو ڀلائي ڀال جو،

خوف خطرو لاهه لائق جيءَ جُسي جنجال جو،

وَهه وڃاءِ سو وجودان مڪر ميڙڻ مال جو،

تو بنا ڪنهن کي چوان هي حال تان احوال جو؟

ڏنهن نماڻي نظر ڪر ڪو ورق وارو وصال جو.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

يا رسول رسجان اچي ڀلڪار جي ڀوء کان بچاءِ،

سير جا سختي سجهي سا لهر لحظي ۾ لنگهاءِ،

وَڏوَڙا! ڪووَڙ ڪري پنهنجي وَڙئون واڳون وراءِ،

ٻاجهن ڀريا! ڪا ٻاجهه ڪر ويران هي وارث وساءِ،

ساهه تولئي ٿو سڪي تون ڪين سڪندن کي سڪاءِ،

حال منهنجي تي هلي اچي ڀال برڪت جو بلاءِ.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

 رک دنيا جي دام کان جا ڪين حرڪت کان هٽي،

ڪم ڪُل ڪرڙيءَ ڪَچا واٽان ولهي راهان رٽِي،

شرم وندي شرم ڪيو، موڳي محابي کوءن مَٽي،

ڪلنگيون جنهن ڪاپار ۾ سا ڪيئن رسي ڦورن ڦِٽي.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

ماندو ڏسي مون کي نه ڇڏ نالي خدا آهيان نڌر،

مون ٿڪيءَ تنهن جو تڪيو دلبر لاءِ دوست در،

وهلو چوان ور ڪري تو ڏنهن گهڻو آءُ منتظر،

هَي! عمر حيلي منجهه وڃائي ٿي ڪيم غم ۾ گذر،

تو شو توڪل تار ۾ ٻي سگهه نه ساريان ڪو سمر،

هر ويل هردم ساڻ هج نالي مِٺا مون سان ثمر.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

 تنهنجي بچائي هي بچي ڪنهن تان ڀلائي ڀروسي،

وَرُ ڏيو ويري وڙهي لٿو ڏور ڏنگايون ڏسي،

آءٌ ڊڄان ٿو ڊپ انهي هي خر متان کٽيو کسي،

موذي مداين تي متو ڪوڙو ڪمر ڏس ڪئن ڪشي،

نچ ناز تي نرڄو نِوي هي نور نيڪي کوءن نسي،

چَٽ ڪريو تنهن چور کي درنگو وجهو دشمن دسي.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

 جيءُ جسي ۾ جار تنهنجو اندر ۾ اشتياق آهه،

سوز سيني ۾ شهيدن جو چڪي ٿو چاڪ آهه،

دوست لئي ديدار تنهنجي من گهڻو مشتاق آهه،

شمع دل جو سوجهرو سو عشق جو اطلاق آهه،

ذڪر تنهنجو برهه جي بيمار لئي ترياق آهه،

جو سندم دلڙي هجر ۾ چاڪ ۽ غمناڪ آهه.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

يا محمد ڄام! تنهنجي پيش پيس پاند پُکي،

حُب هڻي هردم هميشه جانبن جِيئڙو جُکي،

محب! تو من مست ڪيو دل ۾ درد دائم دکي،

وٽ پاڪ مون وٽ ڪاونڊيو ڏس ڪو ڏيو ڏاتر ڏکئي،

مسڪين کي محفوظ ڪريو ۽ ڏيو برڪت بکئي،

جو پيو تو سام مرسل! ڪيم تنهن جي دل ڏکي.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

 هٿ وٺي همراهه ٿي هن وقت ۾ ويلي وري،

اثر اظهاري ڪيا تان هن زماني ظاهري،

لوڪن وڪي لَڄ لوڀ تي حرام تي پيَڙا هِري،

ننگ سڃاڻڻ جو شرم ويو ۽ ويا ماڻهو ڦِري،

ڳوليا لڀن نٿا ڳوٺ ۾ ڪي سچ سخن جا صابري،

چور، چاوت، چُوچڙو گهر گهر پيو ٻارڻ ٻَري.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

 تون نيت تي رک نِگہ، نيتن سندا آهن نفعا،

نيت ٻيڙي توڙ نيندئي توڙا لنگهائي پار سا،

جن سڃاتو مرتضى کي تن سڃاتو مصطفى،

جن سڃاتو مصطفى کي تن سڃاتو ڄڻ خدا،

جن سڃاتو خود خدا سي ڪيئن خدا کان ٿيا جدا،

اِذن الله جو مليو ٿي هاشمي هٿ ۾ شفا.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

 آل سان جو بي ادب سو مصطفى جو مدعي،

جو مصطفى جو مدعي تنهنجي چوان ڪيئن پيروي،

ويون نمازون ناهه ٿي ۽ ڪل ڪمائي ٻَن پئي،

ڏس مصيبت ماريو تن ماجرا ڪيڏي پئي،

ڪافر ٿيو ڪلمو نه پڙهيو ثابت صحيح،

سو ڪئن چوان اُمتي ٽول ويا جنهن کون ٽئي.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

 ’صدق‘ صاحب سر زمين شامل شريعت سربسر،

’فاروق‘ فياضِ زمان ’عمر‘ طريقت تربتر،

’عثمان‘ اعظم اولياء بحرِ حقيقت بحر و بر،

’مرتضى!‘ مانجهي مشرف معرفت مِهرِ نظر،

مالڪ ملڪين ’سليمان‘ ڪعبي قربئون ڪثر،

حاضر رهن سي حضور ۾ هُئا حڪم لاءِ منتظر.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

حُبَ هِنئين ’حسنين‘ جي تحقيقت آ تلقين تَن،

جي رسول الله جا هئا جگر گوشا جان من،

سي پسان پرتئون پيارا وهه تن جا ويس وَن،

اصحاب احمد ڄام جا مَرڪن ميان مانجهي مَگهن،

چارئي ڪندا واهر منهنجي شل چمان چانئٺ سندن،

مهر سان مون تي ڪندا پردو پکر پنجتن.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

 قبر ويلي ڪَر لهج اوندهه جا گهُٽ سخت سُجهي،

ڀُلڪار جت ڀتيون ڀِڙيون ٻوڙاٽ ٻُس ٻهڳڻ ٻجهي،

گارو نه ڳپ گردان گَس اوراٽ اُٻ اُلڪو اُجهي،

اوت پيءُ نه پُٽ پانهنجو تان اور تنهن سان اورجي،

منهنجي حمايت تون ڪندين تو ري نه ڪو سرور سُجهي،

مسڪين سان يا مصصطفى! همراهه تو جهڙو هجي.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

 

 ختم الرسل، خيرالورى! مِل موٽ تون مشتاق تي،

موت ويلي ور ڪريو ڪا مهر مون محتاج تي،

سڪرات سهنجي ساڪيو سواليءَ جي رب جي واسطي،

”اشرف“ چوي آسان ڪر اَگههَ ڪريان آراستي،

پرتئون پڙهي اُن دم ڏيان ڪلمو محمد شاهه تي.

يا سچا سردار سرور ڄام منهنجي سار لهه!

يا مٺا مهندار مرسل ساڻ اُمت سار لهه!

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.


[1]   وچولي (تعلقي هالا) حبيب الله آخوند سانوڻي کان پهتل.

[2]   اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئيءَ کان پهتل.

[3]   اتر (تعلقي قمبر) مان فتح محمد کان پهتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org