سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :11

مناجات (بادشاهه پير رحه)[1]

(عنايت الله فقير چوڍي جي چيل)

[عنايت الله فقير ولد ميان پير محمد چوڍو، پير صاحب پاڳاري جي ڳوٺ جو رهاڪو هو. فقير صاحب جو اڪثر ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ساراهه ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته ”شاهه ڀٽائي“ کي پنهنجو مرشد ڪري مڃيو هئائين. ڀِٽ جو خاص پانڌيئڙو هو. هتي سندس ٻه مدحون ڏجن ٿيون. فقير صاحب سنه 1318 هجري/ 1900ع ڌاري وفات ڪئي.]

(1)

اول صفت سبحان جي، خالق رب رحمان جي،

بيحد حمد حنان جي، جنهن مُڪو احمد ڄام امين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

صفت ٻي سردار جي، احمد مير آڌار جي،

سيد سچي مهندار جي، جو آهي صاحب سندو ثقلين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

جو آهي اڙين جو آڌار، مڙني مرسلن جو مهندار،

شفيع شافع اڙين آڌار، داڙو سندو دنيا و دين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

قادر اُن جو قرب وڌايو، رات معراج جي عرش آڻايو،

ڳجهو اُن سان الله اَلايو، ڪيائين صاحب عرش نشين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

رات اُنهيءَ ۾ تون اُتي، جانب ويو هو جاءِ جتي،

’احمد‘ قدم رکيو تو تي، ڪيائون توکي اُمت اَمين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

پيرن جو تون پاتشاهه، اُمت تنهنجو سڀ سپاهه،

تون ڪُل ولين شهنشاهه، توکي پَريون جن مڃين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

درگہ ڌڻيءَ جو دادلو، بلڪل منهنجو تون ڪرِ ٻلو،

هِئن نه ڇڏ تون هيڪلو، جو آهيان ماندو ۽ مسڪين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

درگہ ڌڻي جي دلپسند، ’حضرت حسن‘ جو فرزند،

آهين ’احمد ڄام‘ جو دلبند، تون آهين دل گهريو ’حسنين‘.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

آهين ڪُل پيرن جو پير تون، ملڪ و فلڪ جو مير تون،

داتا! آهين دستگير تون، چوان باري ڏيندڙ مان تُنهِين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

تو سان قادر ڪيو ڪرم، توکي ڏنائين سڀ حڪم،

قادر تنهنجا جوڙيا ڪم، مدد ڪر سان مون مسڪين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

مون کي ويڙهيو آهه مرضن، دل دکائي آهه دردن،

ڏيل ڏکايو آهه ڏکن، وِهان رُڃن ۾ ٿو دن رين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

توکي هاڻي عرض چوان، دل سندو هي غرض چوان،

لاهه سندم سڀ مرض چوان، تَن کي ڏيوم ڪا تسڪين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

توريءَ ناهه وسيلو ٻيو، توريءَ ڪونهي حيلو ٻيو،

توريءَ آهيان اڪيلو پيو، اچي ياري ڏيو مون مسڪين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

تون وسيلو تون والي، تنهنجي در جو آءٌ سوالي،

سوالي ڪو نه وڃي خالي، در داتا تان غمگين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

تون هين واهر تون هي ور، ڪامل! منهنجي ڪا واهر ڪر،

واهر ڪر ڪا منهنجي ور! تنهنجي تي سوالي دن رين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

الله لڳ ٿيءُ اوطاقي، محب مانديءَ سان ٿي ملاقي،

جانب کول وصال جي طاقي، ور! وسارج مون کي ڪين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

دلبر منهنجي در اچو! حال هيڻيءَ جو سڀ پسو،

ويڙهيءَ مئيءَ جي دوست! وسو، اڱڻ منهنجي اچي لڳ حسنين!

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

آهيان عيبن ساڻ ڀريو، ڪوجهو، ڪنو ۽ کُهه ڳريون،

عالم سارو چوي چريو، اچي آڌري ڏي تون امين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

ڪيو گناهن آ گهيرو، خطرن خيالن آ ڪيريو،

فضل پنهنجي جو ڪريو ڦيرو، آهيان تنهنجو مان مسڪين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

آهيان گناهن ۾ غرقان، ويڙهي وٺتو نفس شيطان،

هر باري ڏيو سلطان، مولى لڳ اچي مسڪين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

آهيان بيحد مان بدڪار، ڏوهي ڏُهاري گنهگار،

تَن اندر ٿم تنهنجي تار، ساريان توکي ساڻ يقين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

ڪوجها ڪيڙم ڪم ڪچا، سار لهج تون ڪا سچا،

بلڪل منهنجو ڪج بچا، هوت نه ڇڏجان هيڻن هِينءَ.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

تون دادلو درگاهه جو، عارف ڀلو الله جو،

آءٌ پينو تو شاهه جو، آهيان سوالي تو دل چين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

الله لڳ تون سڻ فرياد، هيءَ جو دانهه ڪري بيداد،

دانهه تِنهن جو ڪ تون داد، خطرا لاهيو خيال حزين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

بلڪل باري لڳ خداءِ، وَرنَهه منهنجي دانهه وَرناءِ،

مرض قرض ۽ خطرا لاهه، الله لڳ تون جلد امين! .

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

آهيان ڏڏ، ڏُهاري، جاهل، بندو بڃڙائيءَ ڏي مائل،

داتا! تنهنجي در جو سائل، پاڻ سڃاڻي ڏي تسڪين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

عاصي ”عنايت الله“ عرض ڪري، سر سجدي منجهه ڌري،

دانهون دلبر! روز ڪري، توريءَ واهر سُجهي ٻي ڪين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

غم لاهيو مون غمگين، تون آن پيرن جو پاتشاهه،

تون آن هيڻن جو همارهه، توکي پريون ديوَ مڃين.

توکي ڏات ڏني الله،

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

بلڪل آهيان مان بندو، وِرههِ کان ناهيان دم واندو،

ساهه اندر ۾ ٿم سياندو، عمل چڱو ڪيم ٿم ڪين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

عمر وڃايم سڀ اَجائي، ڪان ڪيم ڪا ڪار سجائي،

ويهي سڀ مون عمر وڃائي، صبح شام ۽ دن رَين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

بلڪل ڪان ڪيم بندگي، شرمندو آهيان شرمندگي،

ڪيم سدا ڪم گندگي، عمل موچارو ٻيو ڪو ڪين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

الله در اُميدوار، ڏيندو ’احمد ڄام‘ آڌار،

مرسل ٿيندم مددگار، آس تو ۾ ٿم شاهه يقين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

الله لڳ تون آءُ امير، دليؤن دلبر دستگير،

در ماندي کي ڏي دل ڌير، تو ريءَ واهه سجهي ٻي ڪين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

جلدي آءُ جوان جيلاني، مولى جا محبوب حقاني،

دِائم توتي راز رباني، تون آن الله در امين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

تون آن خاصو محب حقاني، غوث الاهي جوان جيلاني،

تون آن ڪامل قطب رباني، تون آن داور دنيا و دين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

نالو نيڪ اوهان جو جاني! عبدالقادر غوث جيلاني،

توتي هر دم لطف رباني، توتي مهر رباني دين رين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

مان مسڪين سوالي تنهنجو، سوالي ويو نه خالي تنهنجو،

عرض اگهايو هي سڀ منهنجو، هادي! منهنجو لڳ ’حسنين‘.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

پاڪ پسايو پاڻ پيشاني، جلوو جمال پنهنجو جاني!

ڏيو ديدار دلئون دل جاني، پيو مڱان ايمان ۽ دين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

مرض، قرص سڀ مون لاهيو، خيال خطرا حرص اجايو،

مُئيءَ جا مڙئي درد وڃايو، شاد ڪريو هي دل غمگين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

سوال سڀ جي مون ڪيا، در ڌڻي جي عرض ڪيا،

سي سڀ اگهايو اي شها! ماندي ڇڏيو نه هي مسڪين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

اٿم آس اندر ۾ جيڪا، معلوم واحد کي آهه سڀڪا،

سي اگهائج عرض سڀ، آگا! سڏ سوالي پيا ٿا ڪرين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

عرض سڀيئي وير اگهايو، خطرا خيال ٻيا سڀ لاهيو!

لڪ لطف سان سڀ لنگهايو، ٿين مطلب مڙئي دنيا و دين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

”عنايت الله“ جا عرض اگهاءِ، خيال خطرا حرص وڃاءِ،

مرڻ ويلي پاڪ پڙهاءِ، ڪلمو مون کي ساڻ تسڪين.

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

 

ٻيا سڀ لڪ اڻانگا لانگها، سختيونسور سجهن ٿا ڏاڍا،

ڏکيا ڏونگر قافن ڪاڍا، سي سڀ لنگهائج تون امين! .

يا ميران شاهه محي الدين!

غم لاهيو مون غمگين.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مدح (شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه)[2]

(2)

اول صفت الله جي، مير محمد شاهه جي،

هادي مون همراهه جي، رهبر رسول الله جي.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

آهين هيڻن جو همراهه، ڪل شاهن جو شاهنشاهه،

سڀ اولياء ۽ انبياء، آهن ستارا مرسل ماهه.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

نيڪ نبيءَ جا چارئي يار، ’ابوبڪر‘ ’عمر‘ ’عثمان‘ سچار،

’شاهه علي‘ دلدل هسوار، محب مٺا سچا سردار.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

پنجتن آهن پاڪ پيارا، جانب منهنجا جيءَ جيارا،

قول مِٺي ۽ سخن سچارا، دانَه دلبر مون دلدار.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

اِمام ’حسين‘ ۽ ’حسن‘، سچا سرور سچي سخن،

الله لڳ ڏنا سر اُنهن، واهر، آڌر سي وِلهن.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

آهين اُنهن جو تون اولاد، باري شان وڏي بنياد،

دانهن سُڻي ڪرڪو داد، منهنجي دل ڪر شاهه! شاد.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

تون آن ڪامل مرشد پير، آءٌ ”عنايت“ فقير،

تنهنجو آهيان دامنگير، هيڻو بيحد آءٌ فقير.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

تون آن مرشد شهنشاهه، مان مريد تو بينوا،

حال منهنجي جي تو آگاهه، رسج رهبر! رڻ ۾ راهه.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

تون آن مرشد ڀٽائي گهوٽ، آڌر تنهنجي مون کي اوٽ،

چنچل چڙهه تون ڏئي چوٽ، ڪامل! ڀڃ ڪفر جا ڪوٽ.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

منهنجا سڀ تون وهم وڃاءِ! خيال شيطاني حرص هواءِ،

مئيءَ جا مڙئي مرض اُڏاءِ، صاحب لڳ تون ٿي دواءِ.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

مون کي توريءَ ناهه وسيلو، هيڻِي ڇڏ نه هوت! اڪيلو،

راحم! جلدي ٿي وسيلو، پارس! ڇڏجان ڪين پسيلو.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

آءٌ آهيان ڏڏ ڏوهاري، عصيان ۾ ويم عمر ساري،

تن اندر ٿم تنهنجي تاري، دانَهه دلبر! ڏين دلداري.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

روز اَزل کان پئي پناري، لالڻ! لڳڙي تنهنجي لاري،

شاهه! منهنجي تون آءُ اوتاري، ساهه گهڻو ٿو توکي ساري.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

تُنهنجي آڌر تنهنجي تار، تُنهنجي مدد آهي موچار،

تنهنجي تانگهه اندر ۾ يار! تنهنجي تات پرين آ پچار.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

درگاهه ۾ ٿئين تون قبول، مولى جي در تون مقبول،

واحد ساڻ ٿيءُ وصول، راضي تو تي رب رسول.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

تنهنجي سڀ قبول ڪمائي، واحد ڏنهون آئي واڌائي،

گهر جيڪي اُميد ٿئي سا ئي، تو اُت گهَري حق آشنائي.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

توکي حق جو عشق مليو، سالڪيءَ جو سبق مليو،

عاشقيءَ جو لقب مليو، وصال جو ٿَئِي ورق وريو.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

آهين عاشق خاص الله، طلب آ تو تي رسول الله،

حامي تو تي حبيب الله، دائم تو تي رحمت الله.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

حاصل توکي هدايت الله، واصل توتي ولايت الله،

دمدم توتي لطف الله، عاشق توتي ”عنايت الله“.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

دائم توتي راز رباني، مليو توکي حق حقاني،

سچ ساراهه ڪئي صبحاني، عاشق ٻيو ڪو ته نه ثاني.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

الله تو تي امداد ڪيو، عشق سندو ارشاد ڪيو،

تو برهه سندو بنياد ڪيو، دانهن سُڻي ڪو داد ڪيو.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

قبول تنهنجو پيو ڪشالو، وحد جو پيتئي پيالو،

تنهنجو مُلڪين مشهور رسالو، نوري نيڪ اوهان جو نالو.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

آءٌ اوهان جو سوالي آهيان، ڇڏي اوهان کي ڪاڏي ڪاهيان؟

آس اُميد نه تو مَون لاهيان، ويٺي اوهان جي واٽ واجهيان.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

واٽ وندر جي اَوکي اَهنجي، صاحب لڳ تون ڪجانءِ سهنجي،

ناهه مجال اُتي ڪا منهنجي، پورهيت نا ڇڏجانءِ تون پنهنجي.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

پنڌ اَڻانگو بَر جو باري، بر سر بار بدن جو زاري،

واٽ وندر سُجهي ٿي واري، اُت لهجان سيد! سنڀاري.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

ڏونگر لڪ آڻانگو لانگهو، ڪو نه سُجهي ٻيو توريءَ سانگو،

خواريءَ جو آهه برسر دانگو، گلا جو ڳچيءَ منجهه گهانگهو.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

عمر عصيان ۾ ويئي اَجائي، بندگي ڪانه ڪيم ڪائي،

بيحد ڪيڙم ڪم ڪچائي، مَندي ڪيڙي سڀ مدائي.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

آهيان گناهن ۾ غرقان، ناقص روليو نفس شيطان،

حرص ۾ آهيان مان حيران، الله لڳ تون ڏيج امان.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

سڪرات ويلي لهجان سار، وقت پڄاڻي ڏج آڌار،

پل صراطؤن ڪج تون پار، محشر سفارش ڏج مهندرا! .

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

حشر ۾ تون ٿج همراهه، اڳتون مير ’مير محمد شاهه‘،

ڪج سفارش لڳ خداءِ، نصيب نڌر ٿئي سڀ لقاءُ.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

 

”عنايت الله“ جا عرض اگهاءِ، عرش حقاني محب ملاءِ،

مرڻ ويلي پاڪ پڙهاءِ، ڪلمو اُتي ’احمد شاهه‘.

يا مرشد شہ عبداللطيف!

جانب! پرتئي هيءُ ضعيف.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات (نبي ﷺ)[3]

(حاجي عثمان چاڪيءَ جي چيل)

[حاجي عثمان ولد حاجي محمد سهتل ولد حاجي احمد چاڪي لاڙڪاڻي شهر جو رهاڪو هو. سندس وڏا عربستان کان آيل هئا. حاجي صاحب علم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ويو. آخر لنواري شريف ۾ تحصيل مڪمل ڪري خلافت جو خرقو ڍڪيائين، اڄ تائين سندس پوين کي ”خليفي“ جو خطاب ملندو اچي. پيرين پيادا ست حج ڪيائين. هڪڙو ڀيرو پنهنجي ٻڍڙي ماءُ کي ڪلهن تي کڻي حج ڪرائي آيو. عربي ٻوليءَ جو ڄاڻو هو، سندس ڪلام ۾ مداحون، مولود، ٽيهه اکريون ۽ ڪافيون گهڻي انداز ۾ آهن. سندس پوين کان گهڻو ڪلام ضايع ٿي ويل آهي. لاڙڪاڻي شهر ۾ لوهرن جي مسجد لڳ اولهه طرف سندس مقبرو آهي.]

سيدا سردار خاصا خلق جا،

ملڪ جا مختيار، مولى ملڪ جا،

فرياد سڻ فائق مٺا تون فلڪ جا،

عرش فرشن کي پسندڙ پَلڪ جا.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

عرض منهنجو سُڻ محمد عاربي!

جي پسان جلوو توهان جو يا نبي!

لهه سِڪاين جي سچا ڪا سار بي،

تان ٺرن نيڻن سندس هي نار بي.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

سوال مون کي ڪندي ٿيا سال جو،

ناهه مون مقصود ڪوئي مال جو،

پر ڪمايمڪسب قيل و قال جو،

حضرتا بخشيم بخرو حال جو.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

دانهن آيس آءُ کڻي درگاهه تي،

ٿئي شفاعت ڪا ڏوهاري تي،

رب مون کي رک شرع جي راهه تي،

رحم ڪر منهنجي سڪايل ساهه تي.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

دانهن آيس آءٌ کڻي درگاهه تي،

ٿئي شفاعت ڪا ڏوهاري تي،

رب مون کي رک شرع جي راهه تي،

رحم ڪر منهنجي سڪايل ساهه تي.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

پار جو تنهنجي پيو، سو پارجو،

جي مدايون مون ڪيون سي وارجو،

پنه پنهنجيءَ کان ڪڍي نه وسارجو،

پاڻ ڏاتر نانءُ تي ڏيکارجو.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

دوست ڏنو دل کي دلاسو دير سان،

سڀئي سُرها ساٿ ٿيا ڪنهن سير سان،

مون گذاري عمر ساري غير سان،

خاتمو ڪاريج منهنجو خير سان.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

يا نبي! تون غور ڪر غمگين جو،

ڇا ڪمايمڇا ڳڻيان آ ڪين جو،

بخش ڪر بخرو تون دولت دين جو،

ڪر ڀلو مقصود سان مسڪين جو.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

هڪ ضعيفي زور آهيان ذات ۾،

ٻيو ڪَيم ڀي ڪين نيڪي تات ۾،

سال گذريا ڏينهن توڙي رات ۾،

عمر وئي گذري سڄي هن تات ۾.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

عمر ساري هيم خؤ خلاف سين،

هَي گذاريم ڪُوڙ، لاف گزاف سين،

ڏيوم ڪا سُرڪي محبت صاف سين،

چيٺ ڦٽ جي مون مداين معاف سين.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

ڏيل جا جي ٿو سنڀاليان ڏوهه جي،

ڪاڻ ۾ تِنهن جي تُرن نا ڪوهه جي،

وئون وڃن مڙئي ٻيا اوندهه جي،

جيءُ رتي توهئون نيان ٿو توهه جي.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

تون ڀلو، منهنجن ڀلاين ڀروسو،

اي ڪراماتي ڪڪر! مون تي وسو،

هيءَ سڪي ٿي پوک تان پيهي پَسو،

سبز ٿئي سائي سدا، ويلي وسو.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

عمر ويئي مون گناهن ۾ گَسِي،

نفس سر ڪش ساڻ لڳي جوٺو جَسِي،

عيب آندم پانهنجا تو در پَسِي،

بخش ڪر خطرو اٿم رهمؤن رسِي.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

تون وڏو ئي آسرو آهين اسان،

ڪيتريون تو ڪاڻ مان وؤڙيون وسان،

تان ڪنهين مَن راهه ۾ توکي رسان،

شال! ڪنهن ويلي پرين توکي پسان.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

تون سڀن ۾ آهين، صاحب فوق جو،

فخر ٿم تنهنجي مدح جي طوق جو،

پيار ڪو ساقي! پيالو شوق جو،

هي هميشه زير آهي ذوق جو.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

عشق تنهنجو ئي عمر جو ٿيو اجهو،

تو بنا ٻيو در نه ڪو سولو سڌو،

ناهه ڪنهن جو حال ڪو تو کان ڳجهو،

سڀ ڪنهن جو حال ٻاجهون ٿا ٻجهو.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

نفس نافرمان تان جيڪي ڪيو،

جو نه ڪرڻو هو هٿون سو مون ٿيو،

وقت جوانيءَ جو منجهون ويسر ويو،

پاند عيبن سان ڀري تو در پيو.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

پر وئي اُميد ويڙي هيل ڀي،

هيل ڀي ڳڻتي ڪيم نا ڀيل جي،

نفس ۽ شيطان ٿيا جي ٻيلهه ڀي،

اي وسيلا! پهچ مون هن ويل ئي.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

سڀ تي ساگارن ڦوڪا ڦوهه جِي،

ڏئي جهازن تي لسي کي لُوهه جِي،

نانءُ تنهنجو ريجهه منهنجي روح جِي،

بحر ٻوڙيندو نه ٻيڙي نوح جي.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

دهشتي درياهه ۽ مان هيڪلو،

بحر جون پَسي دهليو دِلو،

يا نبي! ٻيو تو بنا ڪونهي بِلو،

ڪيئن ٻوڙي ٻارِ، مون کي جي ملو.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

ڇا ڪندو سونچو تنهين سا گار جو؟

شوق آهي مون کي پِريان پار جو،

ياد نالو آهي يقينو يار جو،

تان ڪڏهن ڪونهي وَسو مون وار جو.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

معجزو مشهور ’نارُو‘ نهر،

سُنهن کنيو سبحان ’سرفون‘ شهر جو،

ڀي قسم کنيو دوس تنهنجي دهر جو،

ڪير لهندو انت باقي بحر جو.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

 

راز تو سان آ وڏو رزاق جو،

سير ڪيو معراج ۾ افلاڪ جو،

ڪير ڄاڻي ڳجهه ڪنهين وس واڪ جو،

راز ٿيو تو ساڻ پرور پاڪ جو.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

تون زمن جو زيب، سونهن سماء جو،

ماڻ جنهن ۾ پوڻ ناهي پاوَجو،

ڇا چئي چئبو ڪڪر جي ڇانوَ جو؟

سُنهن کنيو سبحان تنهنجي نانوَ جو.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

سائلا، هن سمنڊ جو ليکو لِکين،

ٿي پکي اُڏري ڪر پهچين پکين،

روح ۾ تان ڪي محبت ٿو رکين،

چئو مدح تان چاشني ڪي چکين.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

مدح تنهنجي مير! سائل سارڻي،

نور نيڪين سان ونگائي وارڻي،

اِن ڪري مون سان ٿي دلبر! تارڻي،

جي ڏئين پاڻي ڪفن ۾ ڪارڻي.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

’احمد‘ سُڻ عرض هي احسان سان،

ڪَر ڀلا! آسان مون ”عثمان“ سان،

جان جيارين شوق سان رک شان سان،

۽ هلي دم آخرين ايمان سان.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

 

قلب ويٺو راز تنهنجي ۾ رهِي،

ڪر ڀلا! مون سان هلي ڪا همرهي،

ساهه ويلي موت جي ثابت سَهي،

جيئن چوان ڪلمو سچي دل سان سهي.

يا رسول الله داتا داد ڪر،

دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات (نبي ﷺ)[4]

(مصري شاهه جي چيل)

[مصري شاهه ولد بلند شاهه رضوي، نصرپور، تعلقي ٽنڊي الهيار ضلعي حيدرآباد جو رهاڪو هو. سندس تاريخ ولادت سنه 1245 هجري/1828ع آهي. سندس خاندان کي ”شاهه پوٽا“ چوندا آهن. عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪئي هئائين. سندس زندگيءَ جو گهڻو حصو درويشن ۽ بزرگن جي صحبت ۾ گذريو، جن مان نه رڳو فيض پرايائين، پر انهن سان گڏ دور دراز علائقن جو سير و سفر به ڪيائين، انهيءَ سلسلي ۾ اجمير ۽ گرنار تائين به ويو هو.

مصري شاهه پنهنجي ڪلام ۾ حُسين ۽ حقيقت کي گهڻو ڳايو آهي. سندس ڪلام ڪافين، ڏوهيڙن، مدحن ۽ مناجاتن تي مشتمل آهي. ساز و سماع کيس پسند هو. 1904ع ۾ وفات ڪيائين.]

مِٺا مير محمد مدد ماڙ ڪر!

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

آگي عز اوهان جو ڪيو اعلى عظيم،

مڙن مرسلن منجهه مولى ڪريم،

براي رسولان تون رهبر رحيم!

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

ٿئين ڪل تي قادر قسيم النعيم،

تون مختار مهدي مولى مستقيم،

مقامات مڙني جو محرم مقيم.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

3- اڳهين آدمئون تون ئي اظهار ٿئين،

تون صورت صفت جوئي سردار ٿئين،

مربي ۽ مختار مهندار ٿئين.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

معلى مٿي عرش معراج ڪيو ئي،

بسر خلق سبحان سرتاج ڪيو ئي،

رسولن مٿي رهنما راڄ ڪيو ئي.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

شفيع المذنبين تون شق القمر،

خدا جو ڌُئل خاص خيرالبشر،

ربي راهه جو رهنما راهبر.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

لقب خاص لولاڪ لائق لطيف،

تون هادي هدايت سندو حق حريف،

شفاعت شهنشاهه شافع شريف.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

آهين نُور نِرمل تون نافع نجيب،

عنايت ابر عين اڪمل عجيب،

بهرحال همدم سندو حق حبيب.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

تنهنجي نُور روشن ٻئي جڳ ڪيا،

پڌر پِرتوا تنهنجا پارس پيا،

اندر ٻَهر اظهار عالم ڪيا.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

عيسى، نوح، ادريس، آدم اپر،

ڪِ هارون، موسى ۽ يوسف، خضر،

اي مرسل! تنهنجي مهر جا منتظر.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

تون سلطان سڀني نبين سندو،

سليمان، دائود بردو بندو،

جُتيءَ جاءِ جاروب قيصر ڪندو.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

علم اولين تون عالم علم،

شريعت، طريقت، حقيقت حلم،

معرفت مربي خليلن ختم.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

تون آن پيشوا ڪل پيغمبر سندو،

مُهت مِير ٿيو توکي محشر سندو،

ڌڻي دين دنيا ۽ داور سندو.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

به توريت، زبور، انجيل آهه،

فهم فيض فرقان بفضل فتاح،

ڪيو عز اعلى اوهان جو الله.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

ڪئي ظاهر تنهنجي نور ذاتي صفات،

قدم تنهنجي قائم ڪئي ڪائنات،

ٿي وحدت بڪثرت ثبوتي ثبات.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

تون اسرار ربي جو عالم عليم،

فياضِ زمان فيض فضل العظيم،

صراط الهدى مُنبع المستقيم.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

تون گلشن گرامي وفا باغ جو،

چراغِ دلِ اهلِ افراغ جو،

الاهي جي احڪام و ابلاغ جو.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

تون بهرِ خدا ۽ سميع بصير،

منهنجا ڏوهه بخشين صغير و ڪبير،

تون عاصين جو آهين دو جڳ دستگير.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

محابي ”علي المرتضى“ شاهه جي،

منهنجي واهه ڪر واٽ الله جي،

ڪر سائل سنئون طرف سنئين راهه جي.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

گهُري خير خيرالنساء کان گدا،

اچن پُر ڪيو پلئه سائل سدا،

منهنجو عرض آهي اهو احمدا!

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

بحقِ حسن مجتبى خونِ جگر،

تون مشڪلڪشا ٿي منهنجي ماڙ ڪر!

رکج سرخرو اَبرو سربسر.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

بحرمت شهنشاهه ’شبير‘ جي،

خزاني منجهان خير جي رزق ڏي،

هي مسڪين محتاج ڪنهن جو نه ٿئي.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

مون کي محبت تو ’عابد‘ سندي،

زيادهه ذڪر ذوق منجهه زندگي،

ڪڍي غير غفلت گنهه گندگي.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

بهادر هو ’باقر‘ دريا دين جو،

سر و خوش خرامان مذنبين جو،

گل باغ بستان فرحين جو.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

هوئي ’جعفر صادق‘ جي حب هر زمان،

مٿي پيروي تَنهن جي پُورو رَهان،

محمد مٿي ڪلمو ڪوڏون ڪَهان.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

سدا هوئي ’ڪاظم‘ جي سڪ ساهه کي،

اهوئِي عرض آهه الله کي،

ڏسيو رهنما راهه بيراهه کي.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

هُئان ’موسى‘ جو ڪلا بن ڪلاب،

اگهائين اهو عرض عالي جناب،

سوالي کي سڏ سان سگهو رس شتاب.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

ڪيو تقوى ’تقيءَ‘ جي تجلي طلوع،

ڪيو روح الامين جنهن مان رنگين روءِ،

ٿيا ماڻهو ملائڪ مڙئي مشڪ بوءِ.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

’نقي‘ ’عسڪري‘ ڪيو نَمُودار دين،

بحلم و هدايت بحق اليقين،

تون جرم و خطا کان رکين راحمين.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

خضر وار ڏيکار ’مهدي‘ امام،

اهو سوال سائل سندو صبح و شام،

چئي سيد تي سڀ جڳ صلواتون سلام.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!

 

مڱي مانَ ”مصري“ عطا عفو ٿئي،

ڪيم ڪم ڪچا جرم عصيان ڪي،

تون بخشين بديون ڏوهه بخشائي ڏي.

مِٺا مير مرسل مدد ماڙ ڪر!


[1]   هن مناجات جو مدار اُتر (تعلقي قمبر) مان فتح محمد ۽ (تعلقي ڪڪڙ مان) احمد خان آصف کان پهتل ٻن روايتن تي آهي.

[2]   هن مدح جو مدار اُتر (تعلقي ڏوڪري) مان غلام نبي ۽ (تعلقي ڪڪڙ مان) احمد خان آصف کان پهتل ٻن روايتن تي آهي.

[3]   اتر (تعلقي ميرو خان) مان غلام قادر کان پهتل.

[4]   تذڪره لطفي جلد 3 تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org