سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: 1

صفحو :15

مناجات نبي[1]

نبي ﷺ جي بارگاهه ۾

(منٺار فقير راڄڙ جي چيل)

[منٺار فقير ولد قبول محمد راڄڙ، ويٺل ڳوٺ کاڻي راڄڙ تعلقو کپرو ضلع ٿرپارڪر، ولادت جو سال 1865ع ننڍي هوندي کان فقيريءَ ڏانهن لاڙو هئس. سندس وڏا حضرت مخدوم نوح رحه جا مريد هئا ۽ پاڻ به مرحُوم مخدوم محمد امين ”امين“ جي هٿ تي بيعت ڪيائين. مرشد جي وفات جي صدمي کان سندس شاعريءَ جو دور شروع ٿيو. سندس ڪلام جو مجموعه ڇپيل آهي، جنهن ۾ ڪافيون، مولود، مناقب وغيره آهن. فقير صاحب 1938ع ۾ وفات ڪئي.]

ساراهيان سبحان کي، رب سچي رحمان کي،

عالم ڌڻي علام کي، مالڪ ملڪ منان کي،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

سوالي آهيان تنهن شاهه جو، عربي نبيءَ انبياء جو،

رهبر رسول الله جو، وارث امت ور ناهه جو،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

سڻ عرض محمد مصطفى! لاهه مون شيطاني خفا،

ڪي ڏيار نعمت جا نفعا، شوق ڪندين شافع شفا،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

تو تي اُمت جو بار هي، ’ابابڪر‘ تو يار هي،

دلبر سچو دلدار هي، ويڇي وچان نا وار هي،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

سڻ مِير ’عمر‘ هي عرض، ميٽي ڇڏج منهنجو مرض،

ڪاٽي ڇڏج منهنجو قرض، ڪنهن نه ڏج گيديءَ غرض،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

منهنجو عرض ’عثمان‘ کي، سائين سچي سلطان کي،

خاصي خدا جي خان کي، مون ڏانَ ڏج ڀَٽ ڀان کي،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

حضرت ’علي‘ شير خدا، وڻ ٽڻ نوازي جنهن رَتا،

قربان تنهن ڪامل مٿان، سڻندو سيد منهنجي صدا،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

يا پاڪ دامن ’فاطمت‘، صاحب ڪئي اَوهان جي صفت،

آجي ڪند اَوهين امت، عاصيءَ کپي اوهان جي همت،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

اَلئون ’علي‘ امام ٿيو، وارث ولي وريام ٿيو،

نُوري نرمل نام ٿيو، اوجر گهڻو اسلام ٿيو،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

حضرت ’حسن‘ همراهه تون، منجهه شهادت شاهه تون،

دل جو پرين داناهه تون، اصلوءن ڌُريئون درياهه تون،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

حضرت ’حسين‘ والي سندم، ڪو غرض برحالي سندم،

پاند مَ ڇڏج خالي سندم، ڏاتار تون عالي سندم،

سارهه مڙئي سرور سندي، جو نُور جي نرمل ندي،

’زين العابد‘ سهڻا سَڌر، ڪامل ڪرين مون تي نظر،

معافي ٿين مون تان مڳر، ساڻي ٿجان ڌاران سمر،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

’باقر ‘ آهين منهنجو بلو، قائم رهي تنهنجو قلعو،

توڙي رسي تو وٽ وِلهو، تون ڀروسو منهنجو ڀلو،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

جعفر ‘ جڏهن جن ياد ڪيو، ساڻي تڏهن تن سان ٿيو،

ڪُل غم لهي اُن جو ويو، سُتر تڏهن وڃي سو پيو،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

’موسى‘ ڪاظم سلطان هي، عالم لئي ايمان هي،

راضي مٿس رحمان هي، جلوو ڌڻي جل شانه،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

صاحب  ’تقي‘ سڻ سوال تون، معلوم اٿيئي ڪُل حال مون،

ڀَرمي! ڪرين ڪو ڀال تون، لهريون لنگهائج لال مون،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

 نرمل ’نقي‘تون ڪر نظر، هن حال جي تو کي خبر،

ميٽج مديون منهنجي اندر، ساڻي سدائين ٿيءُ سڌر،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

’عسڪر‘ اَجهو تون آهئين، سوالي سندءِ پهرايئين،

حضرت مَ هٿ شل لاهئين، محشر مون کي مرڪايئين،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

سڻ عرض مون ’مهدي‘ ميان، تو بادشاهيءَ سينءَ جيان،

پاڻي سندءِ مَٽَ جو پيان، اُمتي ’ﷺ‘ جو ٿيان،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

20-هٿ رک حضرت پير تون، وارث وسيلا وير تون،

مرشد مڪمل مير تون، ڏي دلبرا دلڌير تون،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

’شهاب الدين‘ سهروردي سچا، ڪمڙا ميٽيج منهنجا ڪچا،

تون ڪج ڀلا! منهنجو بچا، رک امن ۾ منهنجا ٻچا،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

سڻ نياز نرمل ’نوح‘ تون، سرور جماعت سُونهن ٿيون،

مون تان ورهه ورونهه تون، سڻ سوال سمجهه صبوح تون،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

هالن ڌڻي هن حال سين، ٻُڌ عرض هن احوال سين،

سڏڙا سڻج سڀ سوال سين، بخرا ڏيارج ڀال سين،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

’امين محمد‘ پير تون، ٻُڌ عرض هي اڪسير تون،

مرشد مڪمل مير تون، ڏي فيض مون کي فقير تون،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

صاحب اوهين سردار ڪيا، واحد ولي وينجهار ڪيا،

مولى ڀلي موچار ڪيا، اڙين جي لئي آڌار ڪيا،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

پرور ڀلي ڪيا پير سي، واحد ڀلي ڪيا ويرسي،

سو کي لنگهائيندم سير سي، دل کي ڏيندم دلڌير سي،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

ڪري عرض هي نادار ٿو، مهندار توهان مڱڻهار ٿو،

پايو پلئو پينار ٿو، ڏاتيون گهُري ڏاتار ٿو،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

هِت هُت فضل مون سان ٿين، ڏاتار سڀ ڏاتيون ڏين،

۽ جيءَ گهُريا منهنجا جيئن، خوش کير شادين جا پين،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

من عرض مون منظور ڪن، دک درد دل جا دور ڪن،

ڏکندا اسان تان ڏور ڪن، برڪت منجهان ڀَرپور ڪن،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

 

اينءَ ڪجان مالڪ ميان، هِت هُت سدا سرهو ٿيان،

صحبت ثمر ساڻم نيان، ڪلمو چئي شل دم ڏيان،

سارهه مڙئي سرور سندي،

جو نُور جي نرمل ندي.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مدح (نبي ﷺ)[2]

(محمد مداحي جي چيل)

صفتون صاحب رب سليم، اعلى عظمت ساڻ عليم،

پڙهون صلواتون دل مليم، آيو محمد سر زمين،

سڀن اصحابن وارو وار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

 

رهبر جو رک سدا تون رايو، غفلت تو کي آهي گُمايو،

يار حقي تو آهي وڃايو، قلب پنهنجي جو ڪر تون سعيو،

هوش رکي تون ٿي هوشيار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

 

تو جڏهن ٿي ارٽ وڇايو، هنن ڪيو ٿي لڏڻ جوسعيو،

بار برابر بغدين چايو، تو تڏهن ٿي ڪپهه پُڇايو،

ڏينهن رهيا ٿئي باقي چار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

 

ويون وٽان تو سڀ جيڏيون، منهن مقابل تو سڀ جيڏيون،

لائقن ڀريون وڃن ته لڏيون، گوهر ساڻ وڃي سي گڏيون،

باقي رهيئِيَن تون بيڪار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

 

تو ڪتڻو هُيِڙو ڪالهه، ڇوڙي ڇڏيئي ارٽ جي مالهه،

ڀوري گهمئين تون بيخيال، تنهن کان مري ڇوري شال!

لهي اسان تان هي آزار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

 

گهَر گهَر جهوتون ڏنئي جال، اهڙا تنهنجا ٿيا افعال،

گهمندي وڃايئي ڪيئي سال، مُلڪ اسري ۾ تنهنجي مقال،

ڪوڙي تنهنجي هر ڪا ڪار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

 

تون سُتئين ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي، اوڳي ڇڏيئي ارٽ اُلاڙي،

گهٽيون گهمين ٿي گهر گهر پاڙي، تنهن کان ڇڏ تون ڪپهه ساڙي،

پوءِ ڀلي تون گهم بازار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

 

مهل ويئي تو کان مُوڙي، ارٽ سان آهين تون جا ڪوڙي،

جيڏانهن تيڏانهن تون سنڀوڙي، ور ڇڏي تون گهمين ٿي وسوڙي،

هٿ هڻندينءَ تون هيڪار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

 

سمر ڪتيوئي هڪڙي ناڙي، تو جڏهانڪر تاڃي چاڙهي،

هڻندي گهمين ٿي گهر گهر ڄاڙي، جيڪا سِٽيَئي اونڌي اناڙي،

نڪ وڍائي پنهنجو نار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

 

بخت ڇڏيو جڏهن تو کي ڀوري، تڏهن ڪَتڻ کي ڇڏيئي ڇوري،

حق ڏي محبت تو کي موڙي، ٻي ته سڀڪا ور جي گهوري،

هٿ ڪيا پاتا هار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

 

تو تان ڪتيو بلڪل ڪين، اچي پڇندءِ جِت امين،

تن جي اڳيان ڪُڇندين ڪين، رڙندين روئندين منجهه زمين،

جت حاڪم گڏبئي هيبتدار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

 

ويجهو وقت ڏس تان آيو، سج ڪيو آهه اُلهڻ سعيو،

ملڪ الموت مٿي تي آيو، هاديءَ پنهنجو حڪم هلايو،

ڏاڍو تنهنجو سڄي ڏهڪار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

 

مهندان محشر ٿيندو ميڙو، ذڪر قيامت ڪريان ڪهڙو؟

نبي مرسل هر ڪو ڀيڙو، سڀڪنهن پنهنجي جيءَ سان جيهڙو،

نفسي نفسي پڙهندا نروار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

هيبت سُيَم جن جي هاڪ، ايندا منجهه انڌيءَ اوطاق،

اتي رسيم رسول پاڪ، سيد منهنجي رکجان ساک،

جت زور لاهيندا ضبطيدار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

 

سَرڻ پيا سون جن جي سام، سي ڪيئن ڇڏيندا ڏينهن قيام؟

توڙي خاص توڙي عام، سڀئي اڪاريندو ’احمد‘ ڄام،

اچي سڏيندو سون سردار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

 

ٿيندا سانوڻ لهندي سوڙ، کير کٽي جا ٿيندا کوڙ،

ڀتين ڀتين جا ڀُو نڦوڙ، مرڪي ’محمد‘ ٻڌندو موڙ،

غافل ڇٽندا گنهگار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

 

اَول مڃيو سون پهريون يار، دوست مِٺو هو ٻيو دلدار،

ذولنورين ٿيو منٺار، سڀني صحابن علي سينگار،

پنجتنن جو آءٌ پينار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

 

مير ’محمد‘ شاهن شاهه، نرمل مون تي ڪج نگاهه،

”محمد“ مدحي اوهان جو آهه، يا رب! ميلئين مون دلخواهه،

ڪلمي سان لڏيان ڪلتار،

چرخو چوري ڪر ڪا ڪار.

لا الٰہ اِلا الله مُحَمد رسُول الله.

مناجات[3]

نبي ﷺ جي بارگاهه ۾.

(محمد يوسف ميمڻ جي چيل)

صبا واءَ صبوح جا ڏي پارانڀا پرين،

سڻ سوال ستار لڳ ڪج ڪما حقه ڪن،

آءُ اوڀر ڏهون ادا! وڃ اولهه سين ادبن،

سنڀر سڻ صدا تون هل هينئر ڏي هوتن،

رهج راتيون ڏينهڙا مانند مزورن،

۽ ويلو ڪج مَ وچ ۾ پُرج ڏنه پيڪن،

اڳيون ڏيندءِ انعام اخروري قادر سين ڪرمن،

باڪا ’ڪاڪن‘ جو هليو وڃ رسي ۾ ’راهن‘،

ري راهن جو هليو وڃ ڪَهي ۾ ’ڪاڪن‘

ڪهي ’ڪاڪن‘ جو هليو وڃ ٻهڳڻ منجهه ’ٻڳن‘

لڙهي لنگهي ’لاکاٽ‘ کون وڃ جلدي ’جوڻيجن‘

سنئون ’سڪرنڊ‘ جو هليو وڃ پَري ’پيچن‘،

هيجان ’هالن‘ جو هليو وڃ منجهه تون ’مٽيارين‘،

’نيرڻ‘ ’ننگر‘ کون هلي وڃ ڪنان ڪيچيئڙن،

لحظي منجهه لنگهي وڃ وٽ تون واڍوڙين،

بار کنيو بندرن تي تو لئي ٿا ترسن،

حاجي هر هر هٿڙا کنيون مناجات منگن،

ساٿي سٽاڻا مڙئي باجهه ڀريا ٻيڙن،

سگهو گهڙج سمونڊ ۾ گهلي ريءَ گهمرن،

هلائج همراهه ٿي هيجان حجازين،

’مسقط‘ ۽ ’مڪران‘ مون وڃ تکو جيئن تيرن،

هيجان ’حدي‘ کوءن لنگهي وڃ ’مڪي‘ جا ماڳن،

باڪا ’بيت الله‘ جي ٿي داخل دروازن،

هيجان ’بيت الله‘ جي ٿي داخل دروازن،

هيجان ’حجر‘ کي چمي چُم موٽي مينارن،

ميڙج پنبڻين سان پڻي نمي سان نيڻن،

سگهو ميڙي صاف ڪري صحن سندو سپرين،

پاڻي ’زمزم‘ جي پِي بچج کان بَدُن،

موٽي ’مديني‘ وڃي ڊوڙج در دوستن،

ٻانهن جي ٻانهون ٻڌي ڪِري پئو قَدمن،

منهنجي مناجات ڪج ٿيان پاڙيچو پرين،

هيءَ منهنجي مُعذرت وڃي سڻائج سڄڻن،

عرض ’احمد ڄام‘ کي ڪر ٻيهر جان ٻانَهن،

هَي هَي چئج حال هي روئي رفيقن،

ته: ”يوسف پٽ يتيم“ جو آهي، منجهان عاصين،

پوٽو ”غلام محمد“ جو سو منجهان ملوڪن،

سنڌي ساڪن ’سنڌ‘ جو آهي عاشق عجيبن،

هوئي هوت حضور ۾ حاضر حبيبن،

وٺي فيض فرحتون پسڻ سان پرين،

ڪڙي قسمت قيد ڪيو آهي باندي منجهه ’بگن‘،

ٿو لڇي ليلائي گهڻو ماند مريضن،

احمد! اوهان ڏنه اچي هيڪر سان حيلن،

حضرت! هندورو ڏسي اچي ساڻ اکين،

هن پوڄاري جا پنڌ ۾ پچي پير پون،

هلي حضرت هاشمي موٽي ڀر مُونن،

هن تي حق ٿو رهي مرسل! سندو مِٽن،

هڪ اڀرو ڪيو عيال ٻيو عاجز اولاد ڪن،

ڪينهي خرچ ڪيئن ڇڏي سرور سقيمن؟

تنهن توهان ڏي موڪليا سَو سَو سلامن،

چئي تسليموءن چاهه مون سَو سَو صلواتن،

هن ٻانهي تي ٻاجهه ڪيو اي ڌئا ڏيهه ڌڻين!

خوش ڪري وڃ خواب ۾ اي سرور! سڪاين،

مدح چئي محبوب جي ٿا مداحي مرڪن،

ميڙي ’محمد ڪريم‘ جي وڃي لکين لاڳ لهن،

وينداسين ايمان سان جي ڪلمو پاڪ ڪَهن.

لااِلٰہ اِلاَ الله مُحمد رسولُ اللهِ.

مناجات[4]

نبي ﷺ جي بارگاهه ۾

(صوفي آسو رام جي چيل)

[آسورام پٽ ڏاندو مل ويٺل هالا پراڻا (ضلعو حيدرآباد) سنه 1271 هجري/ 1854ع ۾ ڄائو. سنڌي ٻوليءَ کانسواءِ ٿوري گهڻي فارسي ۽ عربي به پڙهيو. سڄي عمر تعليم کاتي جي ملازمت (ماستري) ۾ گذاريائين. ننڍي هوندي کان وٺي فقيرن جي صحبت ۾ رهندو هو ۽ آخر ڪار صوفي طريقو اختيار ڪيائين. سندس ڪلام ۾ نبي صه جي بارگاهه ۾ مناجات ۽ انهي قسم جو ٻيو صوفياڻي رنگ جو مواد شامل آهي. فقير صاحب ڪيترا سلوڪ ۽ بيت چيا آهن. رسالو آس و، پريم غنچه ۽ ديوان آسو سندس مشهور ڪتاب آهن، ازانسواءِ هڪ قلمي نسخو سندس پوين وٽ موجود آهي. فقير آسورام سنه 1360 هجري/ 15- فيبروري 1941ع ۾ هالن پراڻن ۾ لاڏاڻو ڪيو.]

بچائج ڪفر ظلمت کان،

مدد ڪر يا رسول الله!

تون آهين نُور نُوراني، مِٺو محبوب سبحاني،

نه ڪيو ٻيو تنهنجو ٿيو ثاني، ڪرم ڪر يا رسول الله!

 

خدا فرقان نازل ڪيو، مٿي مرسل موچاري تو،

اُڪارج ڏڏ پلئه جو پيو، لطف ڪر يا رسول الله!

 

امت ساري سندو شافع، ڏکن مرضن سندو دافع،

سڄو جڳ ٿيو تو کان نافع، رحم ڪر يا رسولهه!

 

سوا لک تي مٿي مَرڪين، تارن ۾ چنڊ جئن چمڪين،

سدا ٻهڳڻ پيو ٻهڪين. مهر ڪر يا رسول الله!

 

جيڪي تنهنجي پٺيان پِيَڙا، ڪري قربان جِند جيئڙا،

انهن جا وهم سڀ ويڙا. فضل ڪر يا رسول الله!

 

اصل تنهنجي گولي آهيان، جُتيءَ  جي جوڙ پڻ ناهيان،

سچائي سان تو در دانهيان. ڀلِي ڪر يا رسول الله!

 

عرض سڻ هن ڪميڻيءَ جو، پنهنجي در وهيڻيءَ جو،

ڏسي هيءُ حال هيڻيءَ جو. ستر ڪر يا رسول الله!

 

مداين ۾ ”آسو“ ورتو، وهائي آب ٿو اَرتو،

اَوهان کي هِت هُتي پرتو. ڀرم ڪر يا رسول الله!


[1]   منٺار فقير جي ڇپيل ڪلام تان ورتل.

[2]   هن مدح جو مدار ٽن روايتن تي آهي. جي وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد صالح سپئي ۽ (تعلقي ٽنڊي الهيار مان) يار محمد مهاڻي کان ۽ لاڙ (تعلقي ٺٽي) مان عبدالله گندري کان پهتل آهن. وچولي روايتن مطابق هيءَ مدح ”محمد مداحي“ جي چيل آهي ۽ لاڙ جي روايت موجب ”جمن ملاح“ جي چيل آهي.

[3]   اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان پهتل.

[4]  حيدرآباد شهر مان محترم مرزا گل حسن ”احسن“ ڪربلائي کان پهتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org