سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :10

سنڌي ترجم

 

ٻيو ٽيون

 

چست ۽ چالاڪ ٿي محبوب جي ميلاپ لاءِ

آيت

اوهان پنهنجي رب جي بخشش ڏانهن ڊوڙو ۽ تڪڙو قدم کڻو.

(پ-4:س-آل عمران:ع-13)

حديث

مصعب بن سعد پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي آهي ته فرمايو ااعمش ته مان هن (حديث) کي نبي ﷺ کان معلوم ڪيو. پاڻ فرمايائون ته آخرت جي عمل کان سواءِ ٻي هر شيءِ ۾ آهستگي ۽ ڍرائي ڪرڻ بهتر آهي.                                         (رواه ابو دائود)

 

مثنوي

هيءَ زندگي با گوهر چراغ آه

تنهن جي وٽ کي ترت روشن تون بڻاءِ

عذر ڪندي ويا وهامي ڪيئي ڏينهن

تان ته پوک جا گذري نه وڃنئي سي ڏينهن

 

بيت

ڪرين هينئر ڪين هلڻ جي، ويٺو پڇين پر

اَڄ آديسي مر، صبح مرندو سڀڪو

 

 

 حڪايت

هڪڙ: شخص عام رستي تي ڪنڊن وارو وڻ پوکي ڇڏيو. انهيءَ خبيث وڻ جي ڪري لنگهندڙ ماڻهن جا پير زخمي ۽ رتو ڇاڻ ٿيڻ لڳا. انهيءَ ڪري ماڻهن سندس ملامت ڪئي ۽ حاڪم وٽ فرياد پيش ڪيائون. حاڪم انهيءَ شخص کي سخت تنبيہ ڪري انهيءَ نادان بي ديد سان نڀاڳي ڦل واري وڻ جي پٽڻ جو ڏينهن مقرر ڪيو. پر اهو جوان مرد انجام پاڙڻ جي بجاءِ حيلا ۽ بهانا ڪري وقت بوقت مهلت وٺندو رهيو. حڪومت جي مقرر ٿيل حاڪم چيس ته ايترا عذر ۽ بهانا نه ڪر ۽ پنهنجي راه ۾ ايترا ڪنڊا نه پوک، ڇاڪاڻ ته ڏينهون ڏينهن وڻ جي پاڙ مضبوط ۽ محڪم ٿيندي ويندي ۽ اُکيڙيندڙ لاغر ۽ ڪمزور ٿي ويندو.

وضاحت: اي طالب! بهانا ڇڏي خوديءَ جي پاڙ هڪدم پٽ.

 


 

فارسي متن

درجہ چهارم

 

در مذمت انانيت

 

آيت

ان الله لا يحب کل مختا لا فخور.

(پ-21 : س- لقمان : ع- 20)

حديث

جابر قال، اتيت النبي ﷺ في دين على ابي فرققت الباب فقال من ذا، فقلت اَنا فقال اَنا اَنا کانہ کرهها.                    (متفق عليہ)

مثنوي

چون خلقناکم شنيدي من تراب

خاکشو وز خاک بودن سرمتاب

هرکجا دردي دوا آنجا رود

هرکجا پست است آب آنجا رود

آب رحمت بايدت هين پست شو

وانگها خور خمر عشق و مست شو

بيت

ڀائڻ ڀڃي ڇڏ، نه ته ڄاڻ وجهندءِ ڄار ۾

آءُ اسين جي چون، اوڏو تن نه اڏ

پاڻ تنهين سان گڏ، نينهن جنين جو ناهه سان.

 

 

حکايت

دل در باختہ بر در دولت سرائي دلربائي رسيد باشتياق تمام استيذان دعول طلبيد. محبوب طناز از درون آواز داد و اساس تفحص  را طرح نهاد کہ گو بنده باب لاو اُبالي خطاب کيست. عاشق بپاسخ پرداختہ گفت کہ منم جوابش آمد کہ باوجود اين قدر خامي کہ در مشرب عشق شرک تمامي است دخول دارالبقاءَ مواصلت ممکن نيست و محفل اثبات شهود جز بنفي وجود مسکن نہ. سوختہ آتش حرمان سالي سر بباديہ رياضت بي پايان نهاده چون حباب در قلزم مهرو وفا کسب فنا مي آموخت. چون از انانيتش اثري نمانده مرکب توجہ بجانب منزل معشوق رانده شمع استيذان بر در شبستانہ جانان افروخت، پرسيدندش کہ کيستي؟ از خود رفته بحکم بي ينطق عرص نمود که توئي، پس بسبب نفي دوي در بارگاه مواصلت معنوي بار يافت و آفتاب مقصود برکتف آرزويش بتافت. اللهم ارزقناه و ارصلنا الى مانتمناه.

 


 

سنڌي ترجمو

 

درجو چوٿون

 

تون ترت تبريز جيان، پنهنجي هئڻ جي کل کليج

آيت

تحقيق الله هر هڪ هٺيلي وڏائي ڪندڙ کي پسند نٿو ڪري.

(پ-21 : س- لقمان : ع- 20)

 

حديث

جابر رضه فرمايو ته مان نبي ﷺ وٽ بابي جي قرض جي باري ۾ اچي دروازو کڙڪايو. پاڻ فرمايائون ته: ڪير آهي؟ عرض ڪيم ته: مان آهيان. پوءِ پاڻ فرمايائون ته مان مان ڪهڙي نه بڇڙي آهي.    (بخاري ۽ مسلم)

 

مثنوي

اصل مٽي، بڻئين مٽي مان، تنهن کان منهن نه موڙ

خاڪ ٿي ۽ خاڪ ٿيڻ کان سر نه سور

دوا اهڙي هنڌ ويندي جتي درد هوندو

پاڻي اهڙي هنڌ ايندو جتي جهُڪ هوندو

فيض جي گهرجي توکي ته هستي ڇڏ تون هيٺ ٿي

تهان پوءِ عشق جو شراب پيءُ ۽ مست ٿي

 

بيت

ڀائڻ ڀڃي ڇڏ، نه ته ڄاڻ وجهندءِ ڄار ۾

آءُ اسين جي چون، اوڏو تن نه اڏ

پاڻ تنهين سان گڏ، نينهن جنين جو ناهه سان.

 

حڪايت

هڪڙو دل کسيل درويش، دلبر جي دولت سراءِ جي دروازي تي وڃي پهتو. اندر اچڻ لاءِ وڏي اشتياق منجهان آزيون ۽ نيازيون ڪيائين. ناز ڀرئي محبوب فرمايو ته لا اُبالي ۽ بي پرواهه جي دروازي تي ڪهڙو شخص آواز ڏيئي رهيو آهي؟ عاشق وراڻي ۾ چيو ته: مان آهيان. کيس جواب مليو ته: ايڏي خامي، جا عشق جي مذهب ۾ وڏو شرڪ آهي، انهيءَ هوندي دار البقا جي وصال ۾ داخل ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي ۽ شهودي اثبات جي محفل ۾ وجود جي نفيءَ کان سواءِ جڳهه ئي ڪانهي. نا اميدي جي باه م سڙي ويل درويش انتها درجي جي رياضت ۽ مشقت جي ميدان ۾ گهڙي پيو. محبت ۽ وفا جي سمنڊ ۾ ڦوٽي وانگر فنا جو ڪسب سکڻ لڳو. جڏهين خوديءَ جو ڪو اثر نه رهيو، تڏهين خيال جي سواري محبوب جي منزل ڏانهن ڊوڙائي آيو. کائونس پڇيائون ته: تون ڪير آهين؟ بي ينطق جي حڪم موجب پاڻ کان ويل عرض ڪيو ته: تون ئي آهين. سو دوئيءَ جي نفي ڪري حقيقي وصال حاصل ڪيائين ۽ منزل مقصود ماڻيائين.

اي الله! اها نعمت اسان کي عطا ڪر ۽ جيڪا انهيءَ جي تمنا آهي، تنهن ڏانهن اسان کي به واصل ڪر.

 


فارسي متن

درجہ پنجم

 

در اجر طالب صادق

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ: من يخرج من بيتہ مهاجراً الى الله و رسولہ ثم يدر کہ الموت فقد اجره علي الله.

(پ- 5: س- نساءَ: ع - 14)

 

حديث

عن ابي مالک الا شعري رضه قال، سمعت رسول الله ﷺ يقول: من فصل في سبيل الله فمات او قتل او وقصہ او نرسہ بعيره او لدغتہ  هامة او ماعلى فراشہ باي حتف شاءَ الله فانہ شهيد و ان لہ الجنة.        (رواه ابودائود)

 

مثنوي

توبہ کن مردان رو آور بره

که ومن يعمل بمثقال يره

اندرين ره مي تراش ومي فراش

تادم آخر رمي فارغ مباش

صد مراد است ايزمان بردار گام

عاشقان اي فتوى خل الکلام

 

بيت

پنڌ ڪريندي پر ڏي، جي ٿي آءُ مران

ته آهي ڳل پريان، خون منهنجو سرتيون.

 

حکايت

در حديث آمده است کہ شخصي از بني اسرائيل دامن حال خود بخونريزي نہ ونود بيگناه آلوده، و از راهبي سوال نموده کہ توبہ چون من مرتکب کبائر بدرجہ اجابت قرين گردد يانہ؟ راهب لب بپاسخ وي کشوده کلمات قنوط سمات رابيان فرموده، مرد مجرم بقتل آن مفتي سرعت بکار برد بعده استيفسار اجابت توبہ ميکرد- عاقبت الامر مردي اورا تسلي داد کہ در فلان شهر صاحب فتوى است کہ اجابت توبہ ارباب کبائر حديثي دارد و آب بر روي کار معصيت ودرمي آرد. سائل متوجہ آن ديارشد- ناگاه در راه آثار ممات بر چهره حيات او پديد آمد- چون طاقت  گام زدن نداشت رايت حبو در ميدان طلب افراشت- وقتي کہ عالم ناسوت را بدرود نمود ملائکہ رحمت و عذاب در خودها لجاجت افزدو. محبوب حقيقي بر صدق طلب آن هوادار مضطرب رحمت آورده بيد قدرت وطن مالوف اورا از مضجع وي بعيد نموده و قريہ مفتي را قريب منامش فرموده فرمان داد کہ مسافت طي شده و باقي مانده راهمديگر قياس نمودند چون زمين ما بقي از مقطوع بمساعت کمتر بود بر جدوجهد آن مهاجر حقيقي بخشود.

 


 

سنڌي ترجمو

درجو پنجون

صدق و صفا سان جي هليا، سي ڇو نه پرکي پهچندا

آيت

جو شخص پنهنجي گهر کان الله ۽ سندس رسول ڏانهن هجرت ڪندڙ ٿي نڪرندو، انهيءَ کان پوءِ کيس موت پهچندو تنهن جو اجر الله تي واقع ۽ ثابت آهي.                       (پ- 5: س- نساءَ: ع - 14)

 

حديث

مالڪ اشعري جي والد کان روايت آهي. چيائين ته: مان رسول الله ﷺ کان ٻڌو آهي، جو فرمايائون ٿي ته: جو شخص الله جي راه ۾ نڪري پيو ۽ انهيءَ کان پوءِ پاڻهي مري ويو يا قتل ڪيو ويو يا سندس گهوڙي ڪيرائي ماريو يا پنهنجي اٺ جو شڪار ٿيو يا بستري تي يا جهڙي طرح الله گهريو مري ويو، سو يقيناً شهيد آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي جنت آهي.

(رواه ابو دائود)

 

مثنوي

مردن وانگر توبہ ڪر، گهڙ راهه ۾

ڇو ته ذري برابر به ڦل لهندين راهه ۾

دم دم ڌمال دم جي رڙهه روحاني راه

آخر دم تائين نه ڇڏجانءِ هيءَ روحاني راه

ڪئين رڪاوٽون آهن، هن گهڙيءَ کڻ قدم

اي جوان! ٻيا قصا ڇڏ، عاشقن وانگر کڻ قدم

 

بيت

پنڌ ڪريندي پر ڏي، جي ٿي آءُ مران

ته آهي ڳل پريان، خون منهنجو سرتيون.

 

 

حڪايت

حديث ۾ آيو آهي ته بني اسرائيل مان هڪڙي شخص نوانوي (99) بي گناهه خون ڪري، هڪڙي درويش وٽ پهچي کانئس سوال ڪيو ته مون جهڙي ڪبيرا گناهه ڪندڙ جي توبہ قبول پوندي يا نه؟ درويش نااميدي جا ڪلما ٻڌائڻ لڳو (خبر ڏنس) ته خوني شخص، انهيءَ متقيءَ کي به مارڻ ۾ دير نه ڪئي، انهيءَ کان پوءِ به اهو گنهگار شخص توبہ جي قبول پوڻ جي تلاش ۾ رهيو. نيٺ هڪڙي مرد انهيءَ کي تسلي ڏني ته فلاڻي شهر ۾ هڪڙو مفتي آهي، جنهن وٽ ڪبيرن گناهن جي توبہ واري هڪ حديث آهي ۽ سند آهي جو گناهن جي ڪارنامن کي ميٽي ۽ ڌوئي ٿو ڇڏي. سائل انهيءَ شهر ڏانهن روانو ٿي ويو. اوچتو مرڻ جا آثار رستي ۾ سندس چهري تي ظاهر ٿيڻ لڳا، ته جڏهين پنڌ ڪرڻ جي طاقت نه رهيس ته مونن ڀر رڙهڻ لڳو. تان جو هڪڙي وقت مري ويو. عذاب ۽ رحمت جا فرشتا پاڻ ۾ بحث مباحثو ڪرڻ لڳا ته اهو بندو ڪنهن جي حوالي ٿو ٿئي. حقيقي محبوب انهيءَ پريشان خواهشمند جي سچي طلب ڪري، رحمت فرمائي قدرتي هٿ سان سندس پياري وطن کي مرڻ واري هنڌ کان پري ڪري، مفتيءَ جي ڳوٺ کي سندس سمهڻ (مرڻ) واري هنڌ جي ويجهو ڪري، حڪم فرمايائون ته طئي ٿيل رستو ۽ باقي رهيل رستي جو اندازو لڳايو وڃي. جڏهين پنڌ ڪيل مسافت کان باقي رهيل زمين ٿوري رهي ته انهيءَ مهاجر جي سر ٽوڙ ڪوشش جي ڪري بخشي ڇڏيائينس.

 


 

فارسي متن

درجہ ششم

 

در تحريض تلقين گرفتن

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ: يا ايهاالذين آمنوا اتقوالله وابتغو اِليہ الوسيلة و جاهدو في سبيلہ لعلکم تفلحون.

(پ-6:س-مائده: ع- 6)

 

حديث

قال النبي ﷺ: من مات ولم يعرف امام زمانہ فقدمات ميتة الجاهلية.

 

مثنوي

پير را بگزين کہ بي پير اين سفر

هست بس پر آفت و خوف و خطر

پس رهي را کہ نديدستي تو هيچ

هين مرو تنها ز رهبر سر م پيچ

مقبتس شو زود چون يا بي نجوم

گفت پيغمبر کہ اصحابي نجوم

 

بيت

ڀينر هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون

سوارو سونهون، پڇي پرج سسئي.

 

حکايت

در مثنوي معنوي مسطور است کہ حضرت رسالت پناهه عليہ الصلواة والسلام شاه مردان شير يزدان ﷺ را وصيت فرمودند کہ اي هزبر پشہ کرامت بر متکائي علو مرتبہ امامت و شهامت خود معتمد مباش و از سايہ طلبي صحبت خاصان حق کہ حديقه کائنات راکہ شجرة طيبة اصلها ثابت و فرعها في السماءِ اند معترض مشو- مستلزم کہ تقرب ذاتيہ بدان سرمايہ نور صفاتہ جوشي و از گلبن وجود مسعود اين زمره محمود نکهت مقصود بمشام صدق ارادت و کمال عقيدت بوئي زيرا کہ صحبت اصحاب تعرف خار کثافت را گلشن ميکند و خذمت ارباب تصوف ديده بطانت را طت روشن مينمايد.

 


 

سنڌي ترجمو

درجو ڇهون

مرشد بنا راهه، ڪڏهين لهندين ڪينڪي

آيت

اي ايمان وارئو! الله جو ڌيان ڌريو ۽ ڏانهنس وسيلو ڳوليو ۽ سندس راهه ۾ ڪوشش ڪريو ته جيئن افلاح يعني منزل مقصود کي پهچي وڃو.    

                                    (پ-6:س-مائده: ع- 6)

 

حديث

نبي صلعم فرمايو ته: جيڪو شخص ائين ئي مري ويو ۽ پنهنجي وقت جو امام نه سڃاتائين سو جاهليت جي مرڻيءَ مري ويو.

 

مثنوي

مرشد وٽ، بنا رهبر هي سفر

آهي پُر آفت ۽ خوف و خطر

جا راهه تو نه ڏٺي آهي ڪڏهين ۽ مور

تنهن ۾ اڪيلو نه وڃج ۽ رهبر کان سر نه سور

فيض وٺ جي لهين روشن ستارا

فرمايو پيغمبر منهنجا آهن اصحابي ستارا

 

بيت

ڀينر هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون

سوارو سونهون، پڇي پرج سسئي.

 

حڪايت

مثنوي معنوي ۾ لکيل آهي ته رسول الله ﷺ شاهه مردان شير يزدان حضرت علي ڪرم الله وجهہ کي وصيت ڪئي ته اي ڪرامت جا ببر شينهن! پنهنجي امامت ۽ دٻدٻي جي اعلى مرتبي تي ڀروسو ڪري نه ويهجانءِ ۽ الله وارن جي صحبت ۽ سنگت جي سايہ طلبي کان منهن نه موڙجانءِ، ڇاڪاڻ ته اهي شجرهٌ طيبہٌ اصلها ثابتٌ  و فرعها في السماءِ (هي پاڪ وڻ وانگر آهن، جنهن جي پاڙ زمين ۾ مضبوط ۽ کتل آهي ۽ سندس شاخ آسمان ۾ آهي) جي حڪم موجب ڪائنات جا باغ ۽ بستان آهن، تنهنڪري سندس ذات جا قرب، انهيءَ صفاتي نور جي سرمايه مان تلاش ڪندو رهجانءِ. هن ساراهيل جماعت جي سڳوري وجود جي گل مان، صدق ۽ ڪمال عقيدي سان مقصد جي خوشبوءِ سنگهندو رهجانءِ. ڇاڪاڻ ته معرفت وارن جي صحبت خار ڪثافت کي گلشن ٿي بڻائي ڇڏي ۽ تصوف وارن جي خدمت انڌيءَ اک کي روشن ٿي ڪري ڇڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com