سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :16

 

سنڌي ترجمو

درجو ستاويهون

ڪنهن به حالت ۾ نا اميد نه ٿيءُ

 

آيت

(منهنجي طرفان انهن کي) ٻڌاءِ ته اي منهنجا اُهي ٻانهؤ! جن پاڻ تي ظلم ڪيو آهي، ته اوهان الله جي رحمت کان نااميد نه ٿيو ڇو ته الله سڀ گناهه بخشيندو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي بخشڻهار مهربان آهي.

(پ-24:س-زمر:ع-6)

حديث

ابو هريره رضه کان روايت آهي ته فرمايو رسول اللهﷺ: جڏهين الله خلقڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهين هڪ ڪتاب لکيائين پوءِ پنهنجي عرش مٿان پاڻ وٽ رکيائين، تحقيق منهنجي رحمت منهنجي غضب ۽ غصي جي اڳيان هوندي. (ٻي روايت ۾ آهي ته منهنجي غضب تي غالب هوندي )                         (متفق عليہ)

 

مثنوي

اونداهين ڏانهن نه وڃو سج آهن

نااميديءَ جي گهٽيءَ ڏانهن نه ڊوڙو اميدون آهن

اوهان آسمان جي نور کان نااميد نه ٿيو

جڏهين رب گهريو ته انهيءَ مهل پهچبو

تون ائين نه چئو اسان جو اعلى دربار تائين پهچڻ مشڪل آهي

ڪريمن اڳيان اهي ڪم ڪي ڏکيا نه آهن

 

بيت

عيبن سان ئي وڃ، پيهي در دوستن جي

شڪ مڙيئي ڀڃ، سهڄ ملندا سپرين.

 

حڪايت

حديث ۾ آيو آهي ته بين اسرائيلن مان ٻه شخص هئا، جيڪي پاڻ ۾ ڏاڍا گهرا هئا ۽ گهڻي محبت جي ڪري هڪ ٻئي کان جدا نه ٿيندا هئا، پر هڪ عابد شخص هو ٻيو بدعتي ماڻهو هو. هڪڙي وقت عابد شخص پنهنجي دوست کي گناهن ڪرڻ کان روڪيو ته هن اميد ڀريا لفظ زبان سان ادا ڪيا. زاهد هڪڙي ڏينهن، انهيءَ گنهگار ماڻهوءَ کي وري اهي ڪم ڪندي ڏٺا جن کان کيس منع ڪئي هئائين، سو غيرت منجهان هن کي سخت گهٽ وڌ ڳالهايائين. گناهن جي درياءَ ۾ ٻڏل شخص عرض ڪيو ته هن گنهگار جي ڪم جي پڇاڙي بخشڻهار جي رحمت تي کڻي ڇڏ، ۽ ايڏو منهن ۾ گهنڊ نه وجهه، توکي اسان جي نگهباني واسطي ڪونه موڪليو اٿس ۽ آخرت جو معاملو تنهنجي هٿ ۾ نه ڏنو اٿس. عابد اهڙي جاءِ تي هو، جتي کيس ڀائڻ ۽ خودبيني جي ٽوپي ۽ جبو پيل هو، سو ادب ۽ لحاظ ڇڏي چوڻ لڳو ته: انتقام ۽ بدلي وٺندڙ قهار جو قسم آهي ته (الله تعالى) تو جهڙي هوا پرست جو نالو بخشيل ماڻهن جي دفتر ۾ نه لکندو ۽ تو جهڙي فسادي مٽيءَ کي آب رحمت مان نه ڳوهيندو. پوءِ جڏهن پروردگار جي حڪم سان ملڪ الموت ٻنهي جو روح قبض ڪري الله جي حضور ۾ پيش ڪيو ته بخشڻهار خدا، اي محبوب چئي ڏي ته هر هڪ پنهنجي ڍنگ ۽ ڊول تي عمل ڪندو آهي جي فرمان موجب انهيءَ اميدوار جي حال تي رحم فرمائي جو ڪجهه چاهيندو آهي تنهين کي ميٽي ڇڏيندو آهي جي ڪلڪ سان ڍڪي منهنجي رحمت هر ڪنهن شيءَ تي پکڙجي ويندي آهي. جي ارشاد موجب، ڪريل شخص جي دستگيري ڪري حڪم ڏنو ته تون منهنجن ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ جي فرمان موجب جنت ۾ داخل ٿي وڃ. خودبيني ۽ پاڻ کي ڏسندڙ زاهد کان سوال جواب پڇڻ لڳو ته خوشنودي ۽ رضا، تنهنجي رضا ۽ مرضيءَ تي ڇڏيل آهي ڇا؟ ۽ منهنجي عطا ۽ بخشش، تنهنجي عطا تي منحصر آهي ڇا؟

جواب ۾ چيائين، نه. انتقام ۽ بدلي وٺندڙ خدا فرمان ڏنو ته هن کي دوزخ جي هيٺاهين کان هيٺ واري طبقي ۾ وجهو ۽ هٺيلن جو هنڌ تمام بڇڙو آهي جي هنڌ رکوس.

 


 

فارسي متن

درجہ بيست و هشتم

در فضيلت مجاهدان بر قاعدان

آيت

قالَ الله تَعالى جَل جلالہ وَ عَم نوالہ:  لا يستوي القاعدون من المؤمنين غير اولي الضّرر والمجاهدون  في سبيل الله باموالهم و انفسهم فضل الله المجاهدين باموالهم و انفسهم علي القاعدين درجة.

(پ-5:س-نساءِ:ع-13)

حديث

عن ابي هريرةء رضه قال، قال رسول الله ﷺ: من آمن بالله  رسولہ و اقام الصلواة وصام رمضان کان حقاً علي الله ان يدخلہ الجنة، جاهدو في سبيل الله او جلس في ارض التي ولد فيها، قالو يا رسول الله ﷺ افلا تبصر بہ الناس. قال ان في الجنة مائة درجةً، اعدها الله للمجاهدين في سبيل الله ما بين الدرجتين کما بين السماءِ والارض. و اذا سالم الله ماسئلوا الفردوس فانہ اوسط الجنة واعلى الجنة و فوقہ عرش الرحمان ومنہ تفجر انهار الجنة:                                                            (رواہ البخاري)

مثنوي

دوست دارد دوست اين آشفتگي

کوشش بيهوده بہ از خفتگي

اندک جنبش بکن همجون جبين

تابہ بخشندت حواسِ نور بين

چون شگوفہ ريخت ميوه سرکند

چون کہ تن بشکست جان سربرکند

 

بيت

جفا وارن جس، جس جفا ري نه ٿئي

مُٺي متان ڇڏئين، سندو گورن گس

ليڙن جو لطيف چئي، ڏونگر پوندءِ ڏس

پنهون هلي پس، سر ڀر رڙهي سسئي.

 

حکايت

سرير پيرايُ مملکتي و کشور آرايُ سلطنتي متعهدان امور ديوان خود را فرمان داد کہ مرسوم فلان هرچہ کہ هست دوچندان نمائيد و بررويُ ترصدش ابواب عطايُ شاهانہ دوباره کشائيد کہ جان نثار درگاه است وفدوي صداقت انتباه و متعلقان ديگر ليل و نهار خود در هوس بازي و هوا پرستي بسرمي برند و بصرف ود انفاس امتعہ خشنودي سرکاري نمي خرند. صاحبدلي اصغانموده خروشي برآور دو افغان دلستان کرد پرسيد ندش کہ باعث سوزش بنياد و آه جانگاه چہ بود. فرمود ترقي درجات عباد و علو مراتب ابدال و اوتاد ببارگاه سلطان حقيقي بداين منوال است و فضائل ارباب مجاهده را ترجيح بر اصحاب قعود بهمين مثال.

 


 

سنڌي ترجمو

درجو اٺاويهون

ويٺي رب ريجهائڻ وارن کان، جاکوڙا افضل ۽ اعلى آهن

آيت

مومنن مان (جهاد کان) ويهي رهندڙ، ضرر ۽ ڏک وارن کان سواءِ، ۽ جيڪي شخص الله جي راهه ۾ پنهنجي مالن ۽ جانين سان کيڏن ٿا، سي هڪ جهڙا نه آهن. جيڪي شخص پنهنجي مالن ۽ جانين سان سر جي بازي لڳائيندڙ آهن، تن کي ويهي رهندڙن کان الله درجي ۽ مرتبي ۾ افضل ۽ اعلى ڪيو آهي.                      (پ-5:س-نساءِ:ع-13)

حديث

ابو هريره رضه کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله ﷺ: جنهن شخص الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو ۽ نماز قائم ڪئي ۽ رمضان جا روزا رکيا، تنهن کي جنت ۾ داخل ڪرڻ الله تي لازم ٿيو (جيتوڻيڪ) انهيءَ شخص الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو هجي يا پنهنجي انهيءَ زمين ۾ ويٺو ئي رهيو هجي جتي ڄڻيو ويو آهي. تنهن تي صحبت ۾ رهندڙن عرض ڪيو ته: يا رسول الله ﷺ اها بشارت عام ماڻهن کي نه ٻڌايون ڇا؟ پاڻ فرمايائون ته: جنت ۾ سؤ درجا آهن، جن کي الله في سبيل الله جهاد ڪندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي. ٻن درجن جي وچ ۾ ايترو فاصلو آهي جيئن زمين ۽ آسمان. سو جڏهين اوهان الله کان سوال گهرو ته فردوس جنت جي گهر ڪجو. ڇاڪاڻ ته بهترين ۽ اعلى جنت آهي ۽ انهيءَ جي مٿان رحمان جو عرش آهي، ۽ انهي عرش مان جنت جون نهرون وهن ٿيون.

                                                                (رواه البخاري)

مثنوي

اها ديوانگي دوست کي پسند ٿي اچي

سمهڻ ۽ غفلت کان بيڪار ڪوشش به چڱي ٿي لڳي

ڪچي ٻار وانگر ٿورڙي سهي جنبش ڪر

ته توکي نور ڏسندڙ حواس عطا ڪن

جڏهين گوشو نِوندو ته ميوو اڀرندو

جڏهين بت ڀُرندو ته جان اڀرندو.

 

بيت

جفا وارن جس، جس جفا ري نه ٿئي

مُٺي متان ڇڏئين، سندو گورن گس

ليڙن جو لطيف چئي، ڏونگر پوندءِ ڏس

پنهون هلي پس، سر ڀر رڙهي سسئي.

 

حڪايت

وقت جي بادشاهه پنهنجي درٻار جي عهديدارن کي فرمان ڏنو ته فلاڻي چوبدار جي پگهار ٻيڻي ڪريو ۽ سندس لاءِ بادشاهي بخشش جو دروازو کولي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته درٻار جو جان نثار ۽ صداقت سان فدا آهي، ۽ ٻيا ملازم رات ڏينهن پنهنجي هوس بازي ۽ هوا پرستي ۾ لڳا پيا آهن، ۽ قيمتي دمن ۽ ساهه جي رقم کي، حڪومت جي خوش ڪرڻ لاءِ استعمال نٿا ڪن. هڪڙو صاحبدل ٻڌي، دردناڪ دانهون ۽ آهون ڪرڻ لڳو. انهيءَ کان پڇيائون ته اهڙو جان جهوريندڙ ۽ جان سوز آواز ڪرڻ جو ڪهڙو سبب هو؟ جواب ڏنائين ته حقيقي بادشاهه جي درٻار مان به ٻانهن جي منزل ۽ درجا وڌڻ، ۽ ابدالن، اوتادن جا مرتبا انهيءَ طرح وڌندڙ هوندا آهن ۽ مجاهدي وارا ويٺلن ماڻهن کان انهيءَ طرح افضل ۽ اعلى هوندا آهن.

فارسي ترجمو

درجہ بيست و نهم

در ترک مصاحبت باحڪام و عدم مخالطت باظلام

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ:  ولا ترکنو الي الذين ظلمو فتمسکم النّارُ.     (پ-12:س-هود:ع-10)

حديث

عن اوس بن شرجيل اِنہ سمع رسول الله ﷺ يقول: من مشيُ مع ظالمءٌ وهو يعلم انہ ظالمءٌ فقر خرج من الاسلام.

(رواه البهيقي في شعب اليمان)

مثنوي

اهل دنيا چون سگِ ديوانہ اند

دور شوز ايشان کہ بس بيگانہ اند

اهل دنيا سربسر در غفلت اند

مردهء نانند و کشتہء شهوتند

اهل دنيا چہ کهين وچہ مهين

لعنة الله عليهم اجمعين

 

بيت

ڳِجهه نه ڳري لاءِ، کڻ بورائو باز کي

آهي تنهن انڌيءَ جي، جيفي پاسي جاءِ

وڃيو کاڄ تهائين کاءِ، هو جو قوت ڪتن جو.

 

حکايت

درويشي بخواب ديد کہ سلطاني بدرجات نعيم جناتءٌ تجري تحتها الانهار خلود دارد و فقيري بدرکات سعيرءٌ لَهَا شهيقءٌ وَهي تفور دخول مي آرد، پرسيد کہ موجب حصول رتبهالذين انعمت عليهم کہ تونگر بدان کامياب است چہ اعمال اند، وباعث وصول جزايُ قوماً غضب الله عليهم کہ درويش بدان درتب وتاب است کدام افعال. گفتند کہ اين دولتمند از سبب ارادت صادق اهل الله وعقيدت واثق زمره آگاه بحکم حب الفقراءُ مفتاح الجنةِ بطائفہ عليہ ان الابرار لفي علييتن واصل است، و اين زاهد از ممر مصاحبت ملوڪ و سلاطين و مخالطت دنيا پرستان غفلت آئين بمقضايُ  حب الدنيا راسءٌ کل خطيئة بجماعت ذليلہ ان الفجار لفي سجيين داخل چراکہ نعم الامير على باب الفقير واقع است وبئيس الفقير على باب الامير ثابت.

 
 

سنڌي ترجمو

درجو اُوڻٽيهون

حاڪمن ۽ ظالمن جي صحبت ۽ ميل ميلاپ کي ترڪ ڪرڻ

آيت

ظالمن ڏانهن لاڙو نه ڪريو نه ته اوهان کي باهه لڳندي.

(پ-12:س-هود:ع-10)

حديث

اوس بن شرجيل کان روايت آهي، انهيءَ پاڻ رسول الله ﷺ کان ٻڌو، جو پاڻ فرمايائون ٿي ته: جو شخص ظالم سان گهميو ڦريو، حالانڪ کيس معلوم آهي، سو اسلام کان خارج آهي.(رواه البهيقي في شعب الايمان)

 

مثنوي

دنيادار ڇتي ڪتي وانگر آهن

انهن کان پري ڀڄ ڇاڪاڻ ته هي بيگانہ آهن

دنيادار سراسر غفلت ۾ آهن

ماني تي مرندڙ ۽ شهوت جا ڪٺل آهن

دنيادار وڏو خواهه ننڍو

انهن سڀني تي الله جي لعنت آهي.

 

بيت

ڳِجهه نه ڳري لاءِ، کڻ بورائو باز کي

آهي تنهن انڌيءَ جي، جيفي پاسي جاءِ

وڃيو کاڄ تهائين کاءِ، هو جو قوت ڪتن جو.

 

حڪايت

هڪڙي درويش خواب ۾ ڏٺو ته هڪڙو بادشاهه نعمتن وارن درجن ۾ داخل آهي اهڙيون جنتون جنهن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن  ۽ فقير هيٺين طبقن ۾ داخل آهي. جتي ٻرندڙ باه آهي. پڇا ڪيائين ته اهو مرتبو ڇا جي ڪري حاصل ٿيو آهي؟ هي ته اهي شخص آهن جن تي تو انعام ڪيو آهي. سو تونگر انهيءَ نعمت سان ڪامياب آهي، ڪهڙا عمل ڪيا اٿس، ۽ هو سزا جو حقدار ڇا جي ڪري آهي؟ هي اُهي ماڻهو آهن جن تي الله غضب ڪيو آهي، سو درويش وڏيءَ سختيءَ ۾ آهي، ڪهڙا ڪم ڪيا اٿس؟  جواب مليو ته  هي دولتمند الله وارن ۾ سچو ارادو رکندو هو ۽ معرفت وارن ۾ مضبوط عقيدو رکندو هو. هن حڪم موجب فقيرن جي محبت جنت جي ڪنجي آهي، نيڪ شخص مٿانهن درجن ۾ آهن  واري جماعت ۾ شامل آهن. ۽ هي زاهد بادشاهن ۽ غفلت ڀري دنيا پرستن سان ميل ميلاپ رکڻ جي ڪري دنيا جي محبت سڀني خطائن جو منڍ آهي ذليل جماعت ۾ آهي. گنهگار ماڻهو هيٺين طبقن ۾ داخل هوندا ڇاڪاڻ ته امير جي نعمت فقير جي دروازي تي آهي جو حڪم ٿيل آهي ۽ فقير جي بڇڙائي امير جي دروازي تي ثابت آهي.

 


 

فارسي متن

درجہ سي ام

در خوگيري خاطر عوام بمواصلت دنيايُ دني نافرجام

آيت

واذا ذکر الله وحده اشمارت قلوب الذين لا يؤمنون بالاّخرة- واذا ذکر الذين من دونہ اذا هم يستبشرون.                                                    (پ-24:س-زمر:ع-5)

حديث

عن ابي هريرة رضه قال، قال رسول الله ﷺ: آلدنيا سجن المؤمنين من و جنة الکافر.                                               (رواه مسلم)

مثنوي

طمع و ذوقِ اين حياتِ پر غرور

از حياتِ راستينت کرد کور

پس طمع کورت کند نيکو بدان

بر تو پوشاند يقين را بي گمان

حق ترا باطل نمايد از طمع

در توصد کوري فزايد از طمع

 

بيت

محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا

چِڙي جيان چهنب هڻي، لڏيائون لئا

حبابي هئا، انهيءَ واديءَ وچ ۾.

 

حکايت

دباغي در بازار عطاران رسيد چون روائح عطريات و فوائح مطيبات برقوت مشامش مستولي گرديد از تواتر و تواهلي نکهات عنبرين شده تام در دماغش افتاد، پس مانند، مسکوت نقش رويُ زمين شده سر ببالين بيخبري نهاد. حاضران وقت چندانکہ بخورو گلاب بکار بردند، غريق لُجّہُ مدهوشي را بساحل افاقہ نياوردند تاکہ از مصاحبانش اتفاقاً برو گذر نمود برحال سراپا و بالش نظر فرمود، زودتر سرگين سکش ببويانيد ديدند کہ اشمام آن نجاست عين باعث حسن و حرکات آن خوگير منتنات شده شگوفہ تفريح در دوحہ وجود آن خباثت آمود رويانيد و بحکم مضمون قدرت مشحون ولکل وجهةءٌ هو موليها از وصول ريح منتن شاخ حياتش نزهت گرفت. و بمقتضايُ کلام حقيقت نظام يحبون هم کحب الله از حصول قرب نجس غنچہُ دلش چون گل بشگفت.

 

سنڌي ترجمو

درجو ٽيهون

خودي ۽ خدا ڪين ماپن هڪ ماڻ ۾

آيت

جڏهين الله جي وحدانيت جو ذڪر ڪيو ويندو آهي ته جن شخصن جو آخرت (باطن جي حالات) تي ايمان نه آهي، تن جون دليون ٽهنديون آهن ۽ جڏهن الله کان سواءِ انهن جي (خودي جو) ذڪر ڪيو ويندو آهي ته ان وقت اُهي سرها ۽ خوش ٿيندا آهن.

(پ-24:س-زمر:ع-5)

حديث

ابي هريره کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله صلعم: دنيا (ڪثرت) مومن جو بنديخانو آهي ۽ ڪافر جي جنت آهي.   

(رواه مسلم)

مثنوي

هن پُر غرور حياتيءَ جي لذت ۽ طمع

توکي حقيقي حياتيءَ کان انڌو ڪري ڇڏيو

طمع توکي انڌو ڪري ڇڏيندي پڪ سمجهه

سچ پچ تنهنجي يقين کي ڍڪي ڇڏيندي

طمع جي ڪري حق باطل نظر ايندو

طمع جي ڪري پردن مٿان پردو چڙهندو ويندو.

وضاحت: دوکي باز دنيا جي لذتن ۽ طمع جي ڪري وحدت کان نابينائي ۽ نفرت جو مرض پيدا ٿي پوندو آهي.

 

بيت

محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا

چِڙي جيان چهنب هڻي، لڏيائون لئا

حبابي هئا، انهيءَ واديءَ وچ ۾.

حڪايت

هڪڙو چمڙو رنگيندڙ، عطر وارن جي بازار ۾ وڃي پهتو، جڏهين عطرن ۽ خوشبوءِ دار شين جي لڳاتار هٻڪار سندس دماغ کي پهتي ته کيس غشي ۽ مدهوشي اچي وئي ۽ زمين تي ڪري پيو. موجوده ماڻهن گلاب جا عربق پياريا ۽ ٻيا ڪلي حيلا هلايا پر هوش ۾ نه آيو، تان جو اوچتو سندس دوستن مان هڪڙو اتان لنگهيو. سندس احوال مان واقف ٿي کيس ان وقت ڇيڻو کڻي سنگهايائين، انهيءَ نجاست ۽ بدبوءِ دار شيءِ جي سنگهڻ ڪري چرڻ لڳو، ۽ بدبوءِ جو عادي ۽ هيراڪ خوش ٿي اٿي ويهي رهيو. قدرتي راز سان ڀريل مضمون موجب ته هر هڪ لاءِ هڪ طرف آهي، پوءِ اهو انهيءَ ڏانهن مهاڙ ڪندو آهي بدبوءِ جي حاصل ٿيڻ ڪري سندس حياتي سر سبز ٿي پئي. حقيقت ڀرئي مضمون موجب هي شخص انهن شين سان محبت اهڙي رکندا آهن جهڙي الله سان رکڻ گهرجي. نجس ۽ پليت شيءَ جي قرب حاصل ٿيڻ ڪري، سندس دل جي مکڙي گل وانگر ٽڙي پئي.

 

 

فارسي متن

درجہ سي ويکم

در مذمت ايثار  برحظوظ دنيوي و ترک تلذ ذات اُخروي

آيت

قال الله تعالى جل جلالہو عم نوالہ: بَل تؤثرون الحيواة الدنيا، والا آخرة خيرءٌ و اَبقى.

(پ-30:س-اعلى:ع-1)

حديث

عن ابي هريرة رضه قال، قال رسول الله صلي الله عليه وآلہ وسلم: مَثلي کمثل اجلِ اِستو قد نارا فلما اضاءَت ماحولها جعل الفراش و هاذهٖ الدّواب التي تقع في النار يقعن فيها وجعل يحجز هنّ و يَغلّبنَہ  فيتقحمن فيها فانا اَخذءٌ  بحجز کم عن النّار و انتم تقحمون فيها. هاذهٖ راوية البخاري والمسلم نحوها وقال في آخر قال فذالک مَثلي و مَثلکم انا آخذءٌ بحجز کم عن النّار هَلّمُ عن النَار هَلمُ عن النّار فتغلبوني تقحمون فيها.    

(متفق عليہ)

مثنوي

زينهار اي عاقلان زين گلشني

کو حقيقت بد ترست از گلخني

الفرا رايُ جاهلان زين گلشکر

کو بسوزاند دهانرا چون شرر

هر کہ شيرين زيست آخر تلخ مرد

هر کہ اندر بند تن شد جان نيرد

 

بيت

ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو

دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.

حکايت

چون شقاوت آثار وجهالت اطوار اعدا عدو خاندان خاص عمرو بن سعد بن وقاص بفرمان ضلالت نشان ملحد سراپا عناد مرتد کفر نزاد لعين غوايت آگين بن زياد متعهد سفک دماءَ اهلبيت رسول خدا عليہ و عليهم التحيتہ والثنا گرديده از کوفہ قدم بيرون نهاد، شخصي آثار بشاشت و ابتهاج بر چهره آن روسياه طاغي بدمزاج ديده زبان تعرض بکشاد کہ اي منکر تيره دل و اي کافر مضمحل خونريزي کسي کہ کلام معجزه نظام الحسين مِني و انا من الحسين در شان اوست و آيت سراپا هدايت الا المودة في القربى موجب مودت بندگان او برذمہ خود متحتم ساختي و در مقمار طغيان و روز کہ وما الحيواة الدنيا متاع الغرور طغراي منشور اوست و نقد ايمان بيکبار باختي. گفت به يقين مي دانم کہ محارب شهسوار مضمار امانت گلبن گلذار کرامت داخل اسفل سافلين است و تخلف سفينہ محبت عترت نبوي و سبط مصطفوي غرق طوفان آتشين ليکن چون رياست رَي کہ در جلد وي اين عمل شنيع مشروط است ياد مي آيد بحکم سنستر رجهم من حيث لايعلمون شاهد نهيب نار الله المؤقدة التي تطلع علي الافئدة از مراءة دل ضلال منزل چهره نمي نمايد و گوش بسبب آگندگي پنبہء غفلت صداي سيصلى ناراً ذات لهب نمي شنود و خاطر وسوسہ ماَثر موجب نکتہ فما اصبرهُم علي النار بسويُ  نجات نميگرود.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com