سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :15

 

سنڌي ترجمو

درجو ڇٽيهون

عشق ۽ محبت سراسر بي آرامي ۽ نامرادي آهي

آيت

اسان ئي آسمانن، زمين ۽ جبلن کي امانت جي آڇ ڪئي، پوءِ( انهن سڀني) اُن جي کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ کانئس ڊڄي ويا، ۽ اُن کي انسان (اچي) کنيو، بلاشبہ اهو تمام ظالم ۽ جاهل آهي.

(پ-22:س-احزاب:ع-9)

حديث

ابن عباس رضه کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله صلعم ته، الله تعالى فرمائي ٿو ته مون زمين ۽ آسمان جي اڳيان امانت پيش ڪئي پوءِ (اُنهن) اُن جي (کڻڻ) کان انڪار ڪيو. سو (اي آدم) تون انهيءَ کي کڻندين ۽ جيڪي انهيءَ جي وچ ۾ آهي سو به؟ آدم عرض ڪيو ته: اي منهنجا رب! انهي ۾ منهنجي لاءِ ڇا آهي؟ جواب مليو ته، جيڪڏهين اهو تو کنيو ته توکي اجر عطا ٿيندو ۽ جيڪڏهين انهيءَ کان تون تنگ ٿئين ته توکي عذاب ٿيندو. پوءِ (آدم) چيو ته اهو ۽ انهيءَ جي اندر جيڪي به آهي سو سڀ سر مٿي آهي. انهيءَ کان پوءِ جنت ۾ ظهر ۽ عصر جي نماز جي درميان جيترو به نه ترسيو، تان جو شيطان انهي مان ڪڍي ڇڏيس.                                  (رواه الشيخ ابن حبان)

مثنوي

آدم زمين تي روڄ راڙي ڪرڻ واسطي آيو

تان ته روئيندڙ، دانهون ڪندڙ ۽ ڏکيو هجي

جڏهن روئي ٿو ته آسمان کي روئاڙي ٿو ڇڏي

اوڇنگارون ٿو ڏئي ته آسمان ٿرٿلي ۾ اچي ٿو وڃي

عاشقي هميشہ لاءِ دک ۽ تاوان آهي

اُٿي لاَ اُقسَمُ، فِيٌ کَبَدِ تائين پڙهي ڏس.

 

بيت

ڪاتيءَ ڪٺي سڀڪا، اکين ڪُٺي آءٌ

جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جيان پوندي مامري

 

حڪايت

سلطان العارفين قدس سره کان نقل ٿيل آهي ته آدم صفي الله جي پيدا ٿيڻ کان اڳي ۽ انهيءَ محرم بارگاه جي وجود کان اڳي عشق تمام محبت ۽ چاهنا منجهان چاهيو ٿي ته ڪنهن مظهر مان ظاهر ٿئي ۽ ڪنهن آئينہ مان نروار ٿئي. پر جيئن جو ملائڪ سندس اسرار جي مظهريت جي لائق ۽ سندس انوار جي جلوه گري ٿيڻ جهڙا نه هئا.  تنهنڪري غيب جي خلوت خانہ ۾ پوشيدو رهيو، تان جو عزازيل همت سان عبادت ڪندي رب الجليل وٽ اچي پهتو. عشق اُن کي لائق سمجهي مٿس پنهنجو ظهورو ڪرڻ لڳو، پر شاهي غيرت مٿس دانهن ڪري چيو ته پنهنجي ۽ پرائي کي سڃاڻ ۽ عطر جو شيشو گند تي نه ڇڻڪاءِ. انهيءَ ڪري وري عشق ڪجهه وقت هويت جي حجري ۾ رهيو ۽ انتظار جا نير، مظطرب نيڻن مان وهائڻ لڳو، جيستائين شهودي ميدان ۾ آدم جلوه گر ٿي ظاهري گلشن ۾ نروار ٿيو. عشق منع ٿيل وڻ جي بهاني سان سامهون ٿي، سندس هوش حواس تي پردو ڏيئي، چاهيائين ته جنت جي باغ ۾ انهي وڻ جو ڦل کائي ته جنت جا آرام ڇڏي جفاڪشي اختيار ڪري.  کيس ارشاد ٿيو ته اها ابدي ۽ دائمي نعمت، ظاهري آسائش ۽ راحت هوندي حاصل نه ٿيندي ۽ انهيءَ ناز نعمت جي هوندي عشق جي مکڙي نه ٽڙندي، ڇاڪاڻ ته محبت جو بلند مڪان ۽ منزل، دکايل دل کي عطا ٿيندو آهي ۽ فردوس اعلى جي رهڻ جو هنڌ واويلا ڪرڻ واري کي ملندو آهي. *

 

فارسي متن

درجہ سي و هفتم

در مذمت جمع و امساک

آيت

قاَلَ الله تَعالى جَلَّ جَلاَّلَہُ وَ عَمَّ نوالَہُ: وَالذينَ يَکنِزُوٌنَ الذَّهَبَ وَالفِضّةَ وَلاَ يُنفِقوٌ نَهَا فِيٌ سَبيِل اِلله فَبَشِرٌ هُمٌ بِعَذَاب.

 (پ-10:س-توبہ:ع-5)

حديث

عَنٌ اَبيٌ هُرَيرَةُ رضه قَالَ، قَالَ رسول الله ﷺ: مَنٌ اَتَاهُ اللهِ فَلَمٌ يَوَدَّ زَکواتہِ مُثِلَ لَہُ مَالُہُ يَوٌمَ اٌلِقَيامَةِ شُجَاعاً اَقرَعَ لَہُ زبِيتَبَانِ يَطَوَّ قَہُ يَوٌمَ الِقَيامَةِ ثُمَّ يَاٌخُذُهُ بلَهِز مَتَيَهِ يعني شُدٌقَہُ ثُمَّ يَقُوٌلُ اَنَامَالُکَ اَنَاکَزُکَ ثُمَّ تَلاَ وَلاَ يَحسَبَنَّ الذيِن يَبخَلُوٌنَ بِما آتيهمُ اللهُ مِن فَضلہِ هُوَ خَيرُلّهُمٌ بَلٌ شَرُلّهُمٌ سَيَطَوَّقُونَ مَابَخِلُوٌا بِہِ يَوٌمُ القِيَامَةِ.              (رواه البخاري)

مثنوي

مال خس آمد چون آمد بي ثبات

در گلويت مانع از آب حيات

هر کہ کارد گردد انبارش تهي

ليکش اندر مرزعہ باشد بهي

و آنکہ در انبار ماند و صرفہ کرد

اسپش و موش حوادثهاش

 

بيت

ڳجهه نه ڳري لاءِ، کڻ بورائو باز کي

آهي تنهن انڌيءَ جي جيفي پاسي جاءِ

کاڄ تهانئين کاءِ، هو جو قوت ڪتن جو.

 

حکايت

در حديث آمده است کہ بامر رب رحيم جواد کريم دو تن از سبز پوشان جنات النعيم يعني دو فرشتہ پاک سرشتہ شبانروزي در بازار کائنات و مجلس کون و نشات مناديان اين ندايُ تنبيہ انتمايُ باشند که اي بار خدايا آنانکہ ورقہ حال شان بحواشي مِمّاَ رَزَقنَاهُم يُنفِقُونَ مُحَشَاست و لوح ضمائر آنها از سواد حروف بخل مُعرّا تزئيد مال و تقويت حال بايشان عطا فرما، و اَنانکہ بصفت يَکُنِزُوٌنَ انذَّهَب وَالفِضّةِ موصوف اندو بعلامات يُنفِقُوٌ نَها فِيٌ سَبيل اللهِ معروف احوال و اموال آنهارا مَورد نقص ابدي پَنماَ.

 

سنڌي ترجمو

درجو ستٽيهون

مال جمع ڪرڻ ۽ روڪي رکڻ جي مذمت ۽ ڌڪارڻ ۾

 

آيت

۽ جيڪي شخص سون ۽ چانديءَ جو خزانو گڏ ڪندا آهن ۽ اُهو الله جي راه ۾ خرچ نه ڪندا آهن، تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.

(پ-1:س-توبہ:ع-5)

حديث

ابو هريره رضه کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله صلعم: جنهن شخص کي الله (مال) ڏنو آهي (۽) اُنهيءَ پنهنجي مال جي زڪوات ادا نه ڪئي، (ته) اهڙي شخص جي مال جو مثال قيامت جي ڏينهن خوفناڪ نانگ وانگر هوندو، جنهن کي ٻه نقطن جا نيشان هوندا. اُن (مالدار) کي قيامت جي ڏينهن وڪوڙي ويندو. انهيءَ کان پوءِ انهيءَ جي ٻن پاسن يعني ڄارن کي پڪڙيندو. پوءِ کيس چوندو ته مان تنهنجو اُهو مال آهيان ۽ مان تنهنجو اُهو خزانو آهيان. انهيءَ کان پوءِ (پاڻ ڪريمن) هي آيت پڙهي جيڪي شخص بخل ڪن ٿا اهڙي شيءِ جو، جو الله اُنهن کي پنهنجي فضل سان ڏني آهي ته اُها ڪا انهن لاءِ خير ۽ ڀلي سٺي آهي. بلڪ اُنهن لاءِ شرّ ۽ مصيبت آهي، جنهن مال کي بخل ڪري رکي ڇڏيائون، سو کين قيامت جي ڏينهن وڪوڙي ويندو.

(رواه بخاري)

 

مثنوي

جو مال بي بقا آهي، سو ڪک ڪچرو آهي

توڙي آب حيات هجي، ته به تنهنجي گلي اندر نه ويندو

جو شخص اناج جا خرار پوکي فارغ ٿي ويٺو

پر اهو شخص پوک ۾ گهڻو ڪجهه نيندو

جنهن شخص اناج جا خرار رکي ڇڏيا ۽ خرچ نه ڪيا

تنهن جي(اناج کي)جيت،ڪوئا۽ زماني جا حادثا وڃائي ڇڏيندا.

بيت

ڳجهه نه ڳري لاءِ، کڻ بورائو باز کي

آهي تنهن انڌيءَ جي جيفي پاسي جاءِ

کاڄ تهانئين کاءِ، هو جو قوت ڪتن جو.

 

حڪايت

حديث ۾ آيو آهي ته الله تعالى جي فرمان سان ٻه فرشتا هن دنيا جي بازار ۾ تنبيہ ڀريل آواز جو اعلان ڪندا آهن ته: اي خدايا! جيڪي شخص هن آيت جي موافق آهن ته اسان جو ڪجهه انهن کي ڏنو آهي تنهن مان( خدا جي راه ۾) خرچ ڪندا آهن ۽ بخل جي ڪاڙهه کان پاڪ ۽ صاف آهن، تن کي مال زياده ڏي ۽ سندن حال ۾ قوت عطا ڪر، ۽ جيڪي شخص هن آيت جا موصوف آهن ته سون، چانديءَ کي گڏ ڪري رکن ٿا ۽ انهي کي خدا جي راه ۾ خرچ نٿا ڪن، تن جي حال ۽ مال ۾ هميشہ لاءِ نقصان رساءِ.

 
 

فارسي متن

درجہ سي و هشتم

در صفت ترک و انفاق

آيت

قاَلَ الله تَعالى جَلَّ جَلاَّلَہُ وَ عَمَّ نوالَہُ: مَثلُ اَّلذيِنَ يُنفِقُونَ اَمواَلَهُمٌ فِيٌ سَبيلِ اللهِ کَمَثَلِ حَبّةِ وَاللهُ يُضاعِفُ لِمَنٌ يّشَآءُ واللهُ وَاسِعءٌ عَلِيهُمءٌ.

(پ-3:س-بقره:ع-36)

حديث

عَنٌ اَبيٌ هُرَيرَةُ رضه قَالَ، قَالَ رسول الله ﷺ: مَنٌ تَصَدَّقَ بِعَدٌلِ تَمرٌةِ مِنٌ کَسَبِ طَيّبِ، وَلاَ يَقبَلُ اللهُ اِلاَّ الّطيّبَ، فَاِنَّ اللهَ يَتَقَبّلَهَا بيمينہِ ثُمَّ يُرٌيَيَهَا لِصَاحبَهَا کَمَا يُرَبيَّ اَحَدُکُمٌ فَلَوَّهُ حَتّى تَکُوٌنَ مِثلَ الجَبَلِ.

(متفق عليہ)

مثنوي

آندرم دادن سخي را لائق ست

جان سپردن خود سخايُ عاشق ست

نان دهي از بهر حق نانت دهند

جان دهي از بهر حق جانت دهند

گر بريرد برگهايُ اين چنار

برگ بي برگيش بخشد کردگار

 

بيت

نه گندي نه گبرُو نه لٽو نه لينگ

ڀونگا جنين ڀينگ، سڄڻ تني سامهون

 

حکايت

منقول است کہ سرور اوليا و رهبر اصفيا جناب ارشاد فتوه مخدوم سلامت مخدوم نوح قدس سره را ازبسکہ نظر قبوليت بچهره اين محتالہ کج نهاد کہ عروس صد هزار داماد است نميکشادند يعني دنئي دني را بحسب فحوايُ تقويت انتمايُ فرد. بان خواري کہ سگ را ميکشند از مسجد بيرون مکرر رانده ام از آستانِ خوش دولت را. در قرب جواد خود بار نمي دادند سوال کردند کہ سبب چيست کہ صاحب ارشاد مطلق خليفہ رباني مولانا خواجہ بهاءُ الحقّ غوث ملتاني قدس سره باوجود تکميل عرفان و تحصيل وجدان وسعت معاش متجاوز از حد قياس داشتند و همت وافيہ و همت کافيہ بر اطراد اين مطروده ابدال و اوتاد نمي گماشتند و طبع حضور رشدت ظهور بکمال عسرت قانع است و تهيہء  اسباب يُسرت را مانع فرمودند کہ روز ميثاق روح شيخ ملتاني در عقب روح حضرت سليمان على نبينا و عليہ السلام بود و جان اين مشتاق اقتدا بروح مطهر مقدس مهتر پيغمبران سرور انس و جان صلوات الله عليہ و على آلہِ العظام نمود ازان ممر جناب غوث العالم بفوز نعمت دارين محظوظ است و درويش متابعت کيش از آفت آن مظهر شو روشن محفوظ.

 


 

سنڌي ترجمو

درجو اٺٽيهون

(دنيا کي) ترڪ ڪرڻ ۽ (خدا جي راه ۾) خرچ ڪرڻ جي بيان ۾

آيت

جيڪي شخص پنهنجا مال الله جي راه ۾ خرچ ڪندا آهن، تن (جي مال) جو مثال، انهيءَ داڻي جي مثال وانگر آهي، جو ست سنگ ڄمائي، (۽) هر هڪ سنگ ۾ سؤ داڻا هجن. الله جنهن شخص لاءِ گهرندو آهي (تنهن کي اڃان به) ٻيڻو ڪري ڏيندو آهي، ۽ الله (اڃان به) وڏي وسعت وارو (۽ سڀڪجهه) ڄاڻندڙ آهي.           (پ-3:س-بقره:ع-36)

حديث

ابو هريره رضه کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله صلعم ته، جنهن شخص پاڪ ڪمائيءَ مان اڌ کارڪ خيرات ڪري ڇڏي (پر هي شرط آهي) ته الله، پاڪ شيءَ کان سواءِ (ٻي ڪنهن) شيءَ کي قبول نه ڪندو آهي ڇو ته الله انهيءَ شيءَ کي پنهنجي سڄي هٿ ۾ قبول ڪندو آهي، انهيءَ کان پوءِ اهو خير پنهنجي مالڪ واسطي اهڙي طرح وڌندو آهي جهڙي طرح اوهان مان هر هڪ پنهنجي موڙيءَ کي وڌائيندو آهي، تان جو سندس موڙي جبل جيڏي ٿي ويندي آهي.                       (متفق عليہ)

مثنوي

پيسو ڏيڻ، سخيءَ کي لائق آهي

پنهنجي جان ڏيڻ، عاشق جي سخا آهي

خدا ڪارڻ ماني ڏيندين ته توکي ماني ملندي

خدا واسطي جان ڏيندين ته توکي جان ملندي

جيڪڏهين هي وڻ پن ڇاڻي ٿو ڇڏي

ته پروردگار انهيءَ بي پن واري کي ٻيا پن ٿو بخشي

 

بيت

نه گندي نه گبرُ، نه لٽو نه لينگ

ڀونگا جنين ڀينگ، سڄڻ تني سامهون

حڪايت

سرور اوليا ۽ رهبر اصفيا، صاحب ارشاد مخدوم نوح قدس سره جي باري ۾ لکيل آهي ته سندن دنيا ۾ ڏاڍي شهرت ۽ مشهوري هئي پر پاڻ نالائق دنيا کان اهڙي طرح پاسو ڪندا هئا، جهڙي طرح نئين ڪنوار عام ماڻهن کان پري ۽ لڪندي رهندي آهي، جيئن پاڻ فرمايو اٿن تهجهڙي طرح ڪُتي کي مسجد مان ڊوڙائي ڪڍبو آهي، اهڙي طرح مان پنهنجي دروازي تان دنيا ۽ دولت کي ڪيئي دفعا تڙي ڪڍيو آهي جي فرمان موجب پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏيندا هئا، انهيءَ ڪري کانئن ڪن (ماڻهن) سوال ڪيو ته: ڪهڙو سبب آهي جو صاحب ارشاد، خليفہ رباني مولانا خواجه بهاءُ الحق غوث ملتاني قدس سره وٽ ڪمال وحدت ۽ عرفان جي باوجود ۽ مال متاع جي بي انداز هوندي، باقاعده ابدال ۽ اوتاد تي فيض ۽ برڪت جاري هو، (۽) اوهان هيڏي تنگدستي هوندي به آسان ذريعن جي استعمال ڪرڻ کان پاڻ روڪي رهيا آهيو؟ پاڻ فرمايائون ته روز ميثاق ۾ ملتاني صاحب جو روح حضرت سليمان عليہ السلام جي پٺ ۾ هو ۽ جان سرور عالم صلي الله عليه وآلہِ العظام جي ڪڍ هئي، انهيءَ سبب ڪري جناب غوث الاعظم به ٻنهي جهانن جي نعمتن کان بهرور هئا ۽ اهي ٻئي حضرات زماني جي تنگدستيءَ کان محفوظ هئا.

 

 

فارسي متن

درجہ سي و نهم

در ترغيب رضا دادن بہ قضا

آيت

قاَلَ الله تَعالى جَلَّ جَلاَّلَہُ وَ عَمَّ نوالَہُ: وَلَنبلُوَ نّکُم بشَيءِ منَ الٌخوفِ وَالجُوعِ ونَقٌصِ منَ الاَموالِ وَالثمراتِ.                                                (پ-2:س-بقرة:ع-19)

حديث

عَن سعدِ رضه قالَ، قالَ رسُولُ اللهِ ﷺ: مِنٌ سَعادَةِ اِبنِ آدَمِ رضِاهُ بمَا قُضيَ اللهُ لہُ وَمن شقَاوةِ اِبنِ بمَا ترکہ اِستخارةَ الله وَمِنٌ شقاوَةِ اِبن آدم سَخطہُ آدَم قُضيَ اللهُ لہُ.

(رواه احمد والترمذي وقال هاذا حديثءٌ غريبءٌ)

مثنوي

مابها و خون هارا يافتيم

جانب جان باختن بشنافتيم

اُقُتلُوني اُفُتلُوني يا ثقات

اِنَّ في قَتلي حَيواةءٌ في الحيوات

اِنَّ في قتلي حياتي دائماً

اُقتُلُوني اُقتُلُوني لاَئمَا

 

بيت

سر ڍونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر ناهه

هٿ ڪرايون آڱريون، ويو ڪپجي ڪانهه

وحدت جي وهانءِ، جي وئا سي وڍيا.

 

حکايت

آورده اند کہ سرتاج صوفيان حقيقت آگاه و پير طريقت عارفان احديت انتباه شهيد الحق مشهود مطلق حضرت شاه عنايت اله قدس الله رُوحہ وَ اَفاض علينا فتوحه روزي بطريق مکاشفہ از مقدمہ شهادت مقرون سعادت خود بجمعي کہ جرَّعہ چشان جام ارشاد و باده کشان ساغر اتحاد بودند خبر ميدادند و بحکم مَوتُ الفُقراءِ رَاحةءٌ بکمال بهجت و سرور مانند شاه منصور به تشريح قضيہ مستقبل لب مي کشادند بعض از مريدان درگاه باستماع اين خبر جانکاه بتصرفي کہ داشتند لوايُ جرائت در ميدان جواب بجناب مستطاب چنان افراشتند کہ حاکم سنده راچه مجال کہ بارتکاب اين چنين امر محال سراپا وبال دست اندازي کرداند و تکاور تعنت در مضمار تعصب دواند کہ متوسلان حضور کرامت دستور و معتقدان حضرت جلالت رتبت جراءني دارند کہ بيک صدمہ جلالت حال سراپا کمال آفت برعالمي بگمارند و تختگاه والي هندوستان رابيک جولان الوهيت عنوان بموجب فرمان مِنهُم من خسفنابہِ وَبَدارَهِ الاَرضِ بحيطہ تصرف زمين سپارند. نظم:

بردر ميکده رندان قلندر باشند

کہ ستانند و دهند افسر شاهنشاهي

فرمودند کہ باينقسم مقالات لب کشودن و باين نوع مکالمات متبادر بودن شائستہ ما زمره اهل تسليم نيست و باستہ عشاق دل دو نيم ني چرا کہ مارا از داغداران تولاَّ حضرت سيد الشهدا عليہ التحية والثنا شمرده اند نہ در مريدان مولوي جامي محسوب کرده اند. نظم:

جفا بريم ملامت کشيم خوش باشيم

کہ در شريعت ما کافريست رنجيدن

حاضران عرضداشند کہ عارف نامي مولانا جامي قدس سره مگر از سالکان راه معاني و ماهران راز لدني نبوده و بريد روح معني فتوحش رابطہ سير في الله را بکام همت مردانہ نہ پيموده؟ فرمودند کہ مولانا ممدوح در سير عروج مقامات روح و تماشايُ منازل کمال رشدت و فتوح منتهي بودند بکل عقده تقايُ مستفيدان طريقت و مستفيضان حقيقت بانامل ارشاد کبرى مو کشودند ليکن معتاد طبيعت آن مظهر راز معيت تصرف و کرامت بود نہ اعتصام بجبل متين تسليم و رضا و پسند خاطر خاکبوسان عتبہ امامت رتبہ قرة عيني نبيَّ الخافقين سيدنا و مولانا ابو عبدالله الحسين عليہ التحيات الوافيات من رب المشرقين و المغربين  احتمال بار بلا و محنت بود و رضا دادن بقضا.


*  حاشيہ تي حافظ جو هي بيت لکيل آهي:

دلا در عاشقي ثابت قدم باش

کہ در اين ره نباشد کار بي اجر

(اي دل عاشقيءَ ۾ پختو رهجان ڇاڪاڻ ته هن راهه ۾ اجوري بنا ڪم ڪونه آهي.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com