سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :16

 

سنڌي ترجمو

درجو ايڪٽيهون

دنيا جي چشڪن تي موهجڻ ۽ آخرت جي لذتن کي ترڪ ڪرڻ.

آيت

بلڪ اوهان دنيا جي حياتيءَ تي گهور گهوران وڃو ٿا؛ حالانڪ آخرة افضل ۽ بقادار آهي.

(پ-30:س-اعلى:ع-1)

حديث

ابو هريره کان روايت آهي ته: فرمايو رسول الله صلعم ته منهنجو مثال هڪ باهه ٻاريندڙ ماڻهو جي مثال وانگر آهي. پوءِ جڏهن سندس آسپاس روشن ٿي وڃي ته پروانا اچڻ لڳندا آهن ۽ اهي ڦري ڦري وڃي باهه ۾ ڪرندا آهن، ۽ اهو شخص انهن کي پري ڪرڻ لڳندو آهي ۽ (اهي پروانا) انهيءُ تي غالب پئجي باهه ۾ ڪاهي پوندا آهن. آءٌ به اوهان کي باهه (دنيا) کان روڪيان ٿو ۽ اوهان انهيءَ ۾ ڪاهيندا وڃو ٿا.

هيءَ روايت بخاري ۽ مسلم جي آهي. انهي باري ۾ ٻي روايت هن طرح سان ارشاد فرمايل آهي ته: منهنجو مثال اوهان جي مثال وانگر آهي، آءٌ اوهان کي باهه کان پري ڪريان ٿو ۽ باهه کان بچايم، پوءِ اوهان مون تي غالب اچي ان ۾ ڪاهي پيؤ.            (متفق عليہ)

 

مثنوي

اي عقل وارؤ! هن (دنيا) جي گلشن کان،ڪنارو ڪري وڃو

سچ پچ اهو (گلشن) تنور کان به بدتر آهي.

جاهلو! هن گلقند کان ڀڄي وڃو.

نه ته اهو باهه جي اُلن وانگر چپن کي ساڙي ڇڏيندو

جنهن شخص ناز ۽ نعمت جي زندگي گذاري

سو آخر خراب ٿي مئو.

جيڪو شخص جسم ۾ بندٿي رهيو تنهن جي

جان جي قيمت ڪجهه نه آهه.

 

بيت

ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو

دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.

 

حڪايت

جڏهن شقاوت آثار، جهالت اطوار، ۽ خاص خاندان جو وڏو دشمن عمرو بن سعد بن وقاص، ضلالت نشار، ملحد، سراپا عناد، مرتد، ڪفر نڙاد ۽ لعين غوايت آگين ابن زياد جي فرمان سان رسول خدا جي اهلبيت عظام جي رت وهائڻ جي عهدي تي مقرر ٿي ڪوفي کان ٻاهر نڪتو ته ڪنهن خوشرو ۽ خوش چهري شخص، انهيءَ ڪارمنهين طاغي ۽ بدمزاج اک واري کي چئي ڏنو ته: اي ڪاري دل وارا منڪر! اي ڪفر جي رنگت وارا! اهڙيءَ هستيءَ جي خونريزي واسطي وڃي رهيو آهين، جنهن جي حق ۾ معجز نظام ڪلام آيل آهي ته حسين منهنجو آهي ۽ مان حسين جو آهيان ۽ سندس شان ۾ سراسر هدايت واري آيت صرف منهنجن قريبن سان محبت رکو آيل آهي (تون ان جي مارڻ) جو ذمو کڻي آيو آهين ۽ سرڪشي جي ميدان ۾ سرڪش ٿي پيو آهين. حالانڪه هي فرمان آهي ته دنيا جي حياتي صرف دوکي بازي جو سامان آهي سو ايمان جي روڪڙ هڪدم ختم ٿو ڪري ڇڏين؟ عمرو بن سعد جواب ۾ چيو ته: مان يقين سان سمجهان ٿو ته امامت جي ميدان جي شهسوار ۽ ڪرامتي باغ جي گل سان وڙهڻ پاڻ کي اسفل السافلين ۾ داخل ڪرڻو آهي ۽ نبي ۽  مصطفيٰ جي محبت واري اولاد جي مخالفت ڪرڻ ڪري پنهنجي ٻيڙي باهه جي طوفان ۾ غرق ڪرڻي آهي، پر ري رياست جي حڪومت هن ناجائز ڪم جي ڪري شرط ٿيل آهي، اها ياد ٿي اچي (ته سڀ ڳالهيون وسري ٿيون وڃن)، اسان انهن کي اهڙي هنڌان ڪيرائيندا آهيون، جو انهن کي خبر ئي نٿي پوي جي حڪم موجب ۽ هيبتناڪ نظاري هيءَ الله جي اها باهه آهي، جا دلين تي چڙهي ويندي آهي کي دل جي آئيني مان نٿا ڏسن، غفلت جي ڪپهه پوڻ جي ڪري ۽ ڪنن جي گندگيءَ ڪري ڄڀي واري باهه ۾ گهڙندا جو آواز ٻڌي نٿا سگهن ۽ وسوسي سان ڀريل انهن کي باهه تي ڪيئن ٿو صبر اچي جو نڪتو نجات ۽ ڇوٽڪاري ڏانهن نٿو آڻين.

 


 

فارسي متن

درجہ سي ودوم

در ايثار قناعت برغنا و خشنودي حق بر هوا

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ: ولا تمُدّن عينيک الى ما متعنا بہ ازواجاً منهم ولا تحزن عليهم.

(پ-16:س-طہ:ع-8)

حديث

عن علي رضي الله عنہ و کرم الله وجہ قال: قال رسول الله ﷺ: من رضي من الله باليَسيِر من الرزّق، رضي الله عنہ بالقليل من العمل.

(رواه البيهقي في شعب الايمان)

مثنوي

بند بگسل باش آزاد اي پسر

چند باشي بند سيم و بند زر

کوزهء چشم حريصان پر نه شد

تا صدف قانع نشد پور در نشد

نيست کسبي از توکل بيشتر

چيست از تسليم خود محبوب تر

بيت

ڳوريون پاسي ڳوٺ، هورنِ هاڙهو لنگهيو

ڪيچ تنين کي ڪوٺ، ڪين جنين جي ڪڇ ۾.

 

حکايت

در حديث آمده است که زوجہ ابي الدّر داء رضه بشوهر خود از ممر ضيق معاش عرضداشت کہ اي گلچين حديقہء صحبت نبوي، و عندليب روضہء رتبہء علوي بدنع مي آيد و غريب مي نمايد کہ باچنين افلاس و استيلايء حرمان و ياس در تحصيل اموال دنيوي جهد وافي و کوشش کافي مبذول نداري و شست تدبير بجهتہ اصطياد ماهي معيشت ناگزيز نمي گماري. ابوالدّ رداء رضه از آنجاکہ از وسعت عالم قناعت خبرداشت علم تکلم در عرصہء پاس آن پاکدامن افراشت کہ از زبان رشوت بيان خطيب منبر قاب اوسين او آدنى يعني حضرت احمد مجتبى محمد مصطفىﷺ بہ اصفايُ ارادت انتمايُ اين کمترين حضار بارگاه عرش اشتباه رسيده کہ مي فرمودند که اي مصاحبان من شمارا عقبہ دشوار درپيش است کہ ارتقاءِ وي گرانبار آنرا محال خواهد بود و مثقلانرا عين وبال لهذا بحکم مضمون ارشاد مشحون هلک المثقلون و نجي المخففون بقلّت مال و تگي حال مي باشم و ريش دل را بناخن تاسف و تحسر نمي خراشم. (1)

 

سنڌي ترجمو

درجو ٻٽيهون

تونگريءَ جي بجاءِ قناعت ۽ خواهشن جي بجاءِ حق جي رضا پسند ڪرڻ.

 

آيت

اوهان هرگز اُنهن مختلف جماعتن جي مال متاع ڏانهن اک به کڻي نه ڏسو ۽ نڪي انهن (اصحابن جي مسڪينيءَ تي) غم ۽ ڏک ڪريو.

(پ-16:س-طہ:ع-8)

حديث

علي رضه کان روايت آهي ته، فرمايو رسول الله صلعم: جيڪو شخص الله کان ٿوري رزق تي راضي ٿيو، تنهن کان الله ٿوري عمل کان راضي ٿيندو.                                                                                       (رواه البيهقي في شعب الايمان)

مثنوي

اي پٽ! بند ٽوڙي ڇڏ ۽ آزاد رهه

ڪيترو سون ۽ چاندي جو فڪر ڪندين

حرص وارن جي اک جو ڪوزو ڪڏهن نه ڀربو

جيستائين سِپَ قناعت واري نه ٿيندي،

لعلن سان ڀرپور نه ٿيندي

توڪل کان وڌيڪ ڪو به هنر ۽ حرفت نه آهي

رضا ۽ تسليم کان وڌيڪ پياري ٻي ڪهڙي آهي.

 

بيت

ڳوريون پاسي ڳوٺ، هورنِ هاڙهو لنگهيو

ڪيچ تنين کي ڪوٺ، ڪين جنين جي ڪڇ ۾.

 

حڪايت

حديث ۾ آيو آهي ته ابي درداءَ جي عورت پنهنجي مڙس کي کاڌي خوراڪ جي تنگي ڪري عرض ڪيو ته: اي نبيءَ جي صحبت واري باغ جا گل چونڊيندڙ ۽ اعلى مرتبي جي گلستان جا بلبل! اهڙي مسڪيني ۽ تنگيءَ جي ڪري، جو مايوسي ڇانئجي وئي آهي، جيڪڏهن اوهين دنيا جي مال حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪندؤ يا مڇي مارڻ کان منهن نه موڙيندؤ ته چڱو ۽ بهتر ٿيندو. ابو درداءَ رضه جو قناعت جي وسيع عالم کان واقف هو، سو فرمائڻ لڳو ته مون هدايت ۽ فيض واري زبان مان ۽ قَابَ قَوسَيٌنَ اَو اَدنى جي منبر واري خطيب يعني حضرت احمد مجتبى ۽ محمد مصطفى صلعم کان ٻڌو آهي، جو پاڻ فرمايائون  ٿي ته: اي منهنجي صحبت ۾ رهڻ وارو! اوهان جي اڳيان هڪ ڏکيو لڪ آهي، جو بار وارن کي انهيءَ تي مٿي چڙهڻ ڏکيو ۽ محال ٿي پوندو، بلڪ ڳؤرن شخصن واسطي نسورو وبال هوندو. هن هدايت ڀريل مضمون موجب ڳؤرا شخص هلاڪ ٿي ويندا ۽ هلڪا شخص پار وڃي پوندا، انهيءَ ڪري مال جي ٿورائي ۽ حال جي تنگيءَ ۾ گذاريان ٿو ۽  دل جي زخم کي  ارمان ۽ افسوس جي ننهن سان کرڙيان ۽ ڇليان نٿو. 

 


 

فارسي متن

درجہ سي و سوم

در تواتر ذکر نهاني و تصفيہ آئينہ روحاني

آيت

قال الله تعالى جَل جلالہُ و عَمّ نوالہُ: واِذکُر رَبُکَ في نَفسِکَ تَضَرعّا و خِيفةءٌ وَّدُون؟َ الجَهرِ مِنَ القَوٌلِ بالغرو وآلاَ صَالِ ولاَ تَکنٌ مِنَ الغافِلِين.

(پ-9:س-اعراف:ع-24)

حديث

قال النبي صلي الله و عليه وآلہِ وسلم: اُذکر واللهَ ذکراً حامداً، قِيلَ يا رسُولُ الله وَمَا الذّکر والحامِدُ قَالَ الذّکرُ الخفِي.

مثنوي

ذکر آرد فکر را در احتراز

ذکر را خورشيد اين افسرد ساز

عام مي خوانند هردم نام پاک

اين اثر نکند چو نبود عشق ناک

چونکہ باحق متصل گرديد جان

ذکر او اين ست و ذکر اين ست آن

بيت

ائين چرخو چور، جيئن ڀُوڻ ڀڻڪو نه سڻي

اوڳي پنهنجي ارٽ کي، وجهه ڏيهاڙي ڏور

کُهي نيڻ نه کوڙ، متان آتڻ اچڻ نه ٿئي

 

  حکايت

منقول است کہ از جناب وحدت نصاب برهان الواصلين سلطان العارفين شيخ بايزيد بسطامي قدس سره العزيز پر سيدند کہ باعث چيست کہ ذکر زبان کہ رطوبت بخش لسان و عزوبت ده دل و جان است از حضور دريايُ  نور بظهور  نمي آيد، و ترانہ ذکر اسم جل و علا شانہ بميانچي سخن دافع محن آن کليم طور لدن هوش مستمعان را نمي ربايد. فرمودند کہ زبان درخلوت سرايُ  وصال بيگانہ است و درميان ذاکر و مذکور بہِ نمي گنجد و ذکر محبوب حقيقي گوهر نهانه است کہ در پلہء ميزان السنہ محبان نمي سنجد، حصول طاعت بي ريا در ذکر خفي صورت مي بندد و غنچہ قلبي زود تر بدين نسيم وهبي چون گل مي خندد.


(1)  حاشيي تي حافظ جو هي بيت لکيل آهي:

از زبان سوسن آزاده ام آمد بگوش

کاندرين دير کَهن کار سبگساران خوش است

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com