سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :14

 

درجو اڻويهون

قلبي مراقبو ۽ خدائي ڏات جو ظهور

آيت

(آءُ) اوهان جي اندر ۾ آهيان، سو اڃا نٿا ڏسو ڇا؟.         (پ-26:س-ذاريات: ع-1)

 

حديث

ابو هريره رضه کان روايت آهي ته نبي ﷺ الله تعالى جي طرف کان ارشاد فرمايو ته مون کي نه زمين ٿي سمائي ۽ نه آسمان، پر مومن ٻانهي جي دل سمائي ٿي وڃي.

 

مثنوي

انسان جي اندر ۾ هزارين جبريل آهن

سؤ مسيح جانور جي پولار ۾ مخفي آهن

هزارين احمد جسم  جي اندر ۾ آهن

رباني گنج نانگ جي جسم ۾ مخفي آهن

توڻي خاڪ جي شڪل عنبر واري آهي

اندر ۾ نوراني صفات واري آهي.

 

بيت

هو ناهي هن ري، هي نه اُنهون ڌار

الانسان سري و انا سِره، پُرجهج هيءَ پچار

ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي.

 

حڪايت

مراقبي جي حالت ۾ ويهندڙ بيبي رابع بصري قلندري قدس سرها کي عرض ڪيائون ته: ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جي تون باغن جي نون ڦٽل ٻوٽن جو چهچٽو ڏسين؟ يعني گل گلڪاري ۽ نازبوءِ جهڙا قدرتي ڪرشما الله جي رحمت جي آثارن کي ڏسو جي حڪم موجب سر کڻي ڪاريگريءَ جو رنگ روپ ڏسي جيڪر عبرت جي اک کولين؟ پاڻ فرمايائين: اي ظاهري حسن جا ديوانؤ! ۽ انهيءَ سونهن جا مستانؤ! هڪ ڀيرو اندر اچي وڃو ته ڪاريگر کان منهن هٽائي، ڪاريگري ڏانهن نه ڏسندؤ! کنت کنزاً مخفيا (آءُ هڪ مخفي خزانو هوس) کي مَن عَرَفَ نَفسَہ فَقدَ عَرَفَ رَبَہ (جنهن شخص پنهنجي دم کي سڃاتو، تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو) جي ڪنجيءَ سان کولي ڏسو ته حقيقي بادشاه جي درگاهه ۽ حقيقي محبوب جي مشاهدي جو جلوه گاه فاحببت ان اعرف فخلقت الخلق (مومن جو قلب الله تعالى جو عرش آهي) جي حڪم موجب انسان کان سواءِ ٻئي هنڌ نه آهي.

 

فارسي متن

درجہ بيستم

در صفت جوهر حقيقت انسان و علوّ رتبہ خليفہ رحماني

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ: لقد خلقنا الانسان في احسن تقويم.                                                                             (پ-30:س-تين: ع-20)

حديث

    عن اَبي هريره رضه قال، قال رسول الله ﷺ:خلق الله آدم على صورتہ.        

(متفق عليہ)

مثنوي

گنج مخفي بُد ز پُرّي چاک کرد

خاک را تابان تر از افلاک کرد

گنج مخفي بُد ز پُري جوش کرد

خاک را سلطان اطلس پوش کرد

ره پديد آمد چون آدم شد پديد

زو کليدِ هر دو عالم شد پديد

 

بيت

آدم ڪَل الله جي، آه جليلي جاءِ،

ڪعبو اهوئي آه، ڪوهه نه پوڄين پوڄيا.

 

 

حکايت

منقول است کہ چون طينت فخر محبت آدم عليہ السلام برشحات سحات رحمت خالق الانام صورت تخمير يافت ودست قدرت سرمدي بحکم خمرت طينة آدم بيدي روايت وجود ملائک مسجودش رابعرصہ احسن تقويم بر افراخت سالک سبيل ملامت و حامل بار غرامت، تاجر متاع تذليل داغدار ازل عزازيل باهفتاد هزار فرشتہ بجهتہ نظاره تصوير آن قدسي سر رشتہ بر زمين آمده و بقوت لطافت در قالب مجوف آن هيئت مشرف ساري شده بعده بجود تقديس وجود اطلاع داد کہ داخل اين پيکر ابداع منظر جز بچيزتهي درون منظور نگرديد مگر گنبذي بي در کہ مظنون کرامت، متوافر و محسوب رحمت متکاثر است، در جوف کالبوش بنهجي معمور است کہ دست مدرکہ چون من هشيار ازان بستان سرائ اسرار گلهاي مدخل زنهار نچيد بلک شامہ خيال رائحه کيفيت آن گلدستہ حکمت نشميد، زيرا کہ غيرت الاهي پيرامون آن مرکز راز نامتناهي خط اِني اَعلم ما مالا تعلمون کشيده است و آن خلوت خاص و پرده گاه اخلاص را بحکم اَلقب حَرَمُ الله حَرّمَ الله ان يّلج فيہ غيرهٌ بجهتہ ما وايُ کبريايُ خود گزيده.

 


 

سنڌي ترجمو

درجو ويهون

انسان جي حقيقي جوهر ۽ رحمان جي وڏي

شان واري خليفي جي صفت ۽ ثنا ۾.

آيت

اسان انسان کي تمام سهڻي صورت ۾ خلقيو آهي.

 (پ-30:س-تين: ع-20)

حديث

ابو هريره رضه کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله ﷺ الله آدم کي پنهنجي صورت تي خلقيو آهي.                        (متفق عليہ)

 

مثنوي

مخفي گنج هو، ڀر جي ڀرجي نروار ٿيو

خاڪ کي آسمان کان به روشن ڪيو

مخفي گنج هو، ڀرجي ڀرجي جوش ڪيائين

خاڪ کي ريشم پوش سلطان ڪيائين

جڏهين آدم پيدا ٿيو، تڏهين رستو کليو

انهيءَ کان ئي ٻنهين جهانن جي چاٻيءَ جو ظهور ٿيو

 

بيت

آدم ڪَل الله جي، آه جليلي جاءِ،

ڪعبو اهوئي آه، ڪوهه نه پوڄين پوڄيا.

 

 حڪايت

بيان ٿيل آهي ته جنهن وقت الله تبارڪ  و تعالى حضرت آدم عليہ السلام جي مبارڪ مٽيءَ کي پنهنجي قدرتي هٿن سان هن فرمان موجب ڳوهيو ته آدم جي مٽيءَ کي مون پنهنجي هٿ ڳوهيو ۽ تمام حسين صورت جو صاحب، ملائڪن جي مسجود جي وجود جو جهنڊو بڻائي کڙو ڪيو، ته ان وقت شيطان جنهن کي ملامت جي رستي جو ويندڙ، براين جو بار کڻندڙ، ذليل واپار جو وڻجارو ۽ ازلي داغدار يعني عزازيل جي لقبن سان سڏيو ويو آهي، ستر هزار فرشتن سان، ان پاڪ ۽ موهڻي صورت کي ڏسڻ لاءِ زمين تي آيو ۽ خود داد طاقت سان آدم عليہ السلام جي اندر گهڙي ويو ۽ اندريون نظارو ڏسي واپس وري فرشتن جي پاڪ جماعت کي ٻڌايائين ته مون اندر هڪ گنبذ ڏٺو، جنهن کي ڪو به دروازو ڪونه هو، سمجهه ۾ ائين آيو ته هن ۾ ڪو وڏو اسرار جو خزانو ڀرپور آهي. گهڻي ڪوشش ڪيم ته ڪنهن طرح ڪجهه واقف ٿيان پر ڪجهه به ڪين بڻيو. اوچتو منهنجي نظر وڃي هنن لفظن تي پيئي، جيڪي ان گنبذ تي لکيا پيا هئا. اِني اعلم مالا تعلمون يعني مخفي خزاني جي راز جي صرف مون کي ئي ڄاڻ آهي. وري ٻئي هنڌ هي لکيل نظر آيو القلب حرم الله حرم الله ان يلج فيہ غيره يعني الله تبارڪ و تعالى جي حرم سراءِ آهي، ان ۾ ٻئي جو اندر داخل ٿيڻ، الله حرام ڪري ڇڏيو آهي.

 


 

فارسي متن

درجہ بيست ويکم

در تحصيل و عمل تقريب حق عزوجل

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ: مثل الذين حملو التّوراة ثم لم يحملوها کمثل الحمار يَحمِل اسفاراً                                        (پ-28:س-جمعة: ع-1)

حديث

عن الحسن البصري رضه قال العلم عِلمانٌ فعلمءٌ في القلب فذالک العلم النافع و علمءٌ علي اللسان  فذالک حجة الله عز و جل على ابن آدم .  (رواه الدارمي)

مثنوي

علم چون بر دل زني ياري شود

علم چون بر تن زني باري شود

علم نبود غير علمِ عاشقي

ما بقيٰ تلبيس ابليسِ شقي

دفترِ صوفي سوادِ حرف نيست

جز دلِ اسفيد همچون برف نيست.

 

بيت

اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار

اندر کڻي اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

 

 

حکايت

از مخدوم محمد عارف سيوستاني قدس سره مروي است کہ سلطان العلماءَ علامتہ الوريٰ موسسِ اساس معقول و معاني مولانا سعد الدين تفتازاني، وقتي بخدمت سراپا معرفت ساقي محفل عرفان سرمست ساغر وجدان منفي تعين دوري مثبت اطلاق حضوري مولانا قاضي حميد الدين ناگوري قدس سره مشرف شده بعرض رسانيد. ترقب دارم کہ از علوم قلبي و فيوض وهبي بدين مستوقد نور روحاني و مقتبس ضيايُ سبحاني حرفي زني و مشکواة  صدر و زجاج قلب اين سراپا طلب را بايقاد مصباح سرّ منور کني. فرمودند معلوم باد کہ نتائج علوم ظاهره نسبت بدان رموز طاهره بمشابہ موم است بمقابلہ عسل و حصول اين مدعا نسبت بہ تحصيل ماسوا بسا مشکل، نخستين نائره عشق و مستي بد آنقدر التهاب يابد کہ موم شعور کلّي براه اجمال شتابد و آتش وجد الستي چنان شعلہ افروزد کہ عقول همگي را خرمن بسوزد انکاه تنک سينہ طالب بي کينہ مالا مال انگبين فيوضات لدني شود، و خم صدور مشتاق حضور لبريز شهد حالات سلوني گردد، پس اگر افتطاعت انقياد امر قطع القارين فصل الصوفين داري، وزمام اختيار بقبضہ اقتدار موتوا قبل ان تموتو سپاري بحکم مضمون اعجاز مشحون اهل الجنة بُلہءٌ تکاور همت بشاهراه بي خودي بران والا قدم از صراط مستقيم هُدى شريعت غرا مجنبان. علامہ افتاءَ مسائل را کافي مهمات انگاشتہ رايت رندي در ميدان آرزو مندي نافراخت، و بفوز عظيم والذين اُتوالعلم درجات قانع گشتہ بباده کشي پيمانہ احديت نہ پرداخت.

 

سنڌي ترجمو

درجو ايڪيهون

عمل ۽ الله تبارڪ و تعالى جو قرب حاصل ڪرڻ

آيت

جن ماڻهن کي توريت کڻايو ويو (عمل ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو) پوءِ اهو نه کنيائون (انهيءَ تي عمل نه ڪيائون) تن جو مثال گڏهه جي مثال وانگر آهي، جو بار کڻي ٿو.                                                                     (پ-28:س-جمع: ع-1)

حديث

حسن بصري رضه کان روايت آهي: فرمايائين ته علم ٻن قسمن جو آهي. هڪ علم قلب ۾ آهي، اهو نفعو ڏيندڙ آهي ۽ ٻيو علم زبان تي آهي،ا هو الله تبارڪ و تعالى جو آدم جي اولاد تي حجت آهي.

(رواه الدارمي)

مثنوي

جيڪڏهن علم دل تي رکندين ته مدد ڪندو

جيڪڏهن علم جسم تي رکندين بار ڪندو

عاشقن جي علم کان سواءِ ٻيو علم ڪو علم نه آهي

انهيءَ کانسواءِ جيڪي آهي،سو بدبخت ابليس جو فريب آهي

صوفيءَ جو دفتر ڪارا حرف نه آهن

برف وانگر صاف کان سواءِ ٻيو نه آهي

 

بيت

اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار

اندر کڻي اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

 

حڪايت

مخدوم محمد عارف سيوهاڻي کان روايت آهي ته: سلطان العلماءَ علامہ لورى، سياڻپ ۽ صحت جي صاحب مولانا سعد الدين تفتا زاني هڪڙي وقت سراسر معرفت، وجد جي ساغر جي سرمست، عرفان جي محفل جو ساقي، دوريءَ کي دفع ڪندڙ ۽ وحدت جي مشاهدي کي اثبات ڪندڙ مولانا قاضي حميد الدين ناگوري جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو ته: مون کي اميد آهي جو اوهان قلبي، روحي عطا ٿيل فيضن ۽ برڪتن جي علمن مان ڪجهه ٻڌائي، هن طالب  جي اعتقاد کي خداداد فيض سان منور ڪندئو. پاڻ فرمايائون ته: اوهان کي معلوم هجي ته ظاهري علم، طاهر ۽ پاڪ علم جي اڳيان ائين آهي جيئن موم بتي ۽ صرف زباني دعوى سان حقيقت جي ماکي حاصل ڪرڻ، غير وڃائڻ کان سواءِ مشڪل آهي، تنهنڪري پهريون عشق جي باهه ۽ مستيءَ جي باهه جا ايترا اُلا گهرجن، جيڪي عقل جي موم کي پگهرائي ڇڏين ۽ الستي جذبي جي باهه اهڙا شعلا هڻي، جو عقل جو سمورو ڍير ۽ ڍڳ جلي ۽ سڙي وڃي. انهيءَ کان پوءِ طالب جو صاف ۽ بي ڪينه سينو لدني فيض جي ماکيءَ سان ڀرپور ٿيندو ۽ مشتاقن جي سيني جو ٿاڻ سلوني حالات جي ماکيءَ سان ٽٻا ٽٻ ٿي پوندو.

جيڪڏهن پڙهندڙن کان پاڻ پليو ۽ صوفين سان پاڻ ڳنڍيو جي فرمان موجب ائين ڪرڻ جي طاقت اٿئي؛ ۽ اختيار جي واڳ مرڻ کان اڳ مرو جي حڪم موجب بي خوديءَ جي پڪي رستي تي پاڻ کي آڻي ۽ معزز شريعت جي صراط مستقيم جي رستي تان قدم نه هٽائجانءِ. مفتي عالمن گهڻن مشڪل مسئلن کي ڇڏي، رندي رمز جو علم، طلب جي ميدان ۾ کڙو ڪيو آهي ۽ جن کي علم ڏنو ويو جو وڏي ڪاميابيءَ جي شيءِ آهي، سي درجات کان پاسو ڪري احديت جي شراب جي پيالي پيڻ کان سواءِ ٻئي پاسي ڏانهن نه وريا.

فارسي متن

درجہ بيست ودويم

در ترک حب دنيا وطلب قربِ مولى

آيت

آرضيتم بالحيواة الدينا من الاخرة، فما متاع الحيواة الدنيا في الاخرة اِلاّ قليلءٌ.                                  (پ-10:س-توبہ: ع-6)

حديث

عن ابن عمر رضه قال اخذ النبي ﷺ ببعض جسدي فقال کن في الدنيا کانّک غريبءٌ او عابر السبيل وُعدُ نفسک من اصحاب القبور.

(رواه البخاري)

مثنوي

اي کہ صبرت نيست از دنيايُ دون

صبر چون داري زنعم الماهدون

اي کہ صبرت نيست از پاک و پليد

صبر چون داري ازان کِت آفريد

اندک اندک خويُ کن بانور روز

تا چون خفّاشي نماني بيفروز

 

بيت

ٺڳ ويهج نه ٺڳجي، ٺيرهيءَ پاس ٺري

ٻيلن ساڻ ٻري، مُنهن پٽي مريج تون.

 

حکايت

وقتي سرمست شراب لدني و نفمہ سرايُ رباب ارني سر جلوه نور قديم حضرت موسى کليم على نبينا و عليہ السلام من الله العظيم بشرف مکالمہ محبوب بي نشان مشرف بود سامعہ روحاني آشيفتہ کلام رباني صدايُ بي کيف بي جهتہ سبحاني شنود کہ بجانب فلان کہ مجذوب حبالہ وجدان و سر خوش باده عرفان است، قدم رنج بيفرمائي و بطريق ميانچي ميان ماو او مصالحہ نمائي، صاحب يد بيضا مامور فَاضٌرب بعصا دولت چار چشمي درويش وجد کيش حاصل نموده ابلاغ پيام مصالحہ نظام فرمود متحير مشاهده جمال اظهار نمود کہ بسمع اين دل شده حيرت زده رسيده امت کہ شاهد بيچون ذات والا صفات خود را برحمان و رحيم مسمى گرانينده و نيز نقش خلقت نار جحيم بر لوح فطرت کشيده از ممر ثبوت اين دو ضد خدشہ بي حد در دلمن راه يافت و فکر من در تنگنايُ ذبذبہ شتافت حاليا مصالحہ منحصر بر ثبوت احد الامرين است و رفع مناقشہ موقوف بر نفي احدالضدين سلطان ملک لم يزل رسول مکمل را اعلام نمود والهام فرموده کہ اين مجر معتزل مخزن سر ازل را همراه خود بعمرانات ببر و باتفاق اين بيخبر از عالم شر بسر وقت شاغلان دنيايُ  دورن پرور بگذر ماعد مصاعد طور عارج معارج  نور بفرمان حضور عجائب ظهور بصحابت آن مستور اتحاد دستور وارد معموره گشتہ بر سر زمره تاجران محجور کہ اسبيل تجارت تنجيکم من عذاب اليم بغايت دور و از باده و ماالحيواة الدنيا الا متاعءٌ الغرورَ  مخمور بودند مرور نمود، عنقايُ قاف تجريد و شهباز آشيانہ تفريد چون چشم بحال بُعد مالَ  آن محجوبان مشاهده ذوالجلال کشود خود بخود بصلح رضا داد و زود تر زبان بکشاد کہ اي بار خدايا عذر تجاسر اين ذرهُ  احقر بيذير و بجهتہ تعذيب اين سفيهان کہ موصوف بصفت اِستحوَذُ عليهم الشيطان اند، هزار کوره نيران آماده گير کہ ايثار مودت وهو  معکم اينا کنتم بتلاقي منعم يکدم کہ ناشي تحسر دايم است شاغل اند و از استرباح ابدي و منافع طلبي سرمدي بتجارت خسر الدنيا و لاّخرة مائل.

 

 

سنڌي ترجمو

درجو ٻاويهون

دنيا جي محبت کي ترڪ ڪرڻ ۽ الله جي قرب جو طالب ٿيڻ

آيت

اوهان آخرت جي بدران دنيا جي حياتي سان راضي ٿيا آهيو ڇا؟ حالانڪ دنيا جي حياتيءَ جو مال متاع آخرت (جي مقابلي) ۾ هڪ ٿورڙي چيز آهي.                                   (پ-10:س-توبہ: ع-6)

حديث

ابن عمر رضه کان روايت آهي، فرمايائين ته نبي ﷺ منهنجي جسم جي حصي کي وٺي فرمايو ته تون دنيا ۾ ائين رهه ڄڻ ته غريب يا واٽهڙو مسافر آهين ۽ پاڻ کي قبر وارن مان شمار ڪر.

(رواه بخاري)

مثنوي

توکي خسيس دنيا کان صبر نه آهي اي انسان

دوزخ جي باهه کان صبر نه آهي اي انسان

توکي پاڪ ۽ پليت کان صبر نه آهي اي انسان

ته پنهنجي پالڻهار کان صبر ڪيئن ڪندين اي انسان

ٿورو ٿورو ڪري پاڻ کي ڏينهن جي نور تي هيراءِ اي انسان

ته بي نور چمڙي وانگر نه رهجي وڃين اي انسان.

بيت

ٺڳ ويهج نه ٺڳجي، ٺيرهي پاس ٺري

ٻيلن ساڻ ٻري، مُنهن پٽي مريج تون.

 

حڪايت

هڪڙي وقت حضرت موسى ڪليم الله عليہ السلام کي الله تعالى سان ڪلام ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو. کيس فرمان ٿيو ته فلاڻي طرف وجد ڀريو مجذوب ۽ معرفت جي شراب جو سرمست آهي، تنهن ڏانهن وڃي ڪري، انسان ۽ انهيءَ جي وچ ۾ دلال بڻجي صلح ڪراءِ. موسى عليہ السلام فرمان موجب سرمست درويش وٽ حاضر ٿي، پاڻ ۾ ٺاهه ڪرائڻ جو پيغام پهچايو. تنهن تي مشاهدي جي مت واري درويش فرمايو ته مون کي هيءَ خبر ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته بي مثل ذات ۽ صفات جي محبوب پاڻ تي رحمان ۽ رحيم به نالو رکايو آهي ۽ مخلوقات کي دوزخ جي باهه ۾ ساڙڻ جو حڪم به جاري ڪيو اٿس، سو انهن ٻن ضدن منهنجي دل ۾ وڏو خدشو پيدا ڪري وڌو آهي!  تنهنڪري منهنجي ٺاهه جو دارو مدار ٻنهي ضدن مان هڪ کي نفي ۽ گم ڪرڻ تي آهي. الله تعالى موسى عليہ السلام کي الهام ذريعي فرمان ڏنو ته هن مستاني فقير کي پاڻ سان گڏ ڪنهن آباديءَ ڏانهن وٺي وڃ ۽ اهڙا شخص ڏيکارينس جيڪي خسيس دنيا جي ڏي وٺ ۾ ئي شاغل آهن. دنيا جي حياتيءَ جو مال متاع صرف دوکي بازي آهي. جي واپار ۾ اهڙا مخمور ۽ مست آهن، جو اوهان پاڻ کي ڏکوئيندڙ عذاب کان بچايو  جي فرمان کان بلڪل دور ۽ حجاب ۾ پيل آهن. لا مڪاني درويش جڏهن هنن کي الله تعالى  جي مشاهدي کان بلڪل پري ۽ حجاب ۾ پيل ڏسي پنهنجو پاڻ راضي ٿي پيو ۽ عرض ڪرڻ لڳو ته: اي خدايا! مون کي پنهنجي غلطيءَ جي معافي ڏي ۽ انهن شخصن تي شيطان غالب آهي جي صفت سان موصوف آهن، اهڙن نالائقن کي هڪ عذاب نه بلڪ انهن واسطي باهه جا هزار کورا تيار ڪر، ڇو ته اهي ماڻهواوهان جتي به هجو اتي الله اوهان سان گڏ آهي جي هميشہ واري نعمت کي ڇڏي هر وقت نڪمي شين ڏانهن شاغل آهن؛ ۽ انهن کي دنيا ۽ آخرت ۾ نقصان آهي واري واپار ڏانهن مائل آهن.

 

فارسي متن

درجہ بيست وسيوم

در تاکيد و بکاءُ تحصيل صفائي

 

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ  و عم نوالہ: اَفمن هذا الحديث تعجبون و تضحکون ولا تُبکُونَ و انتم سامرون           (پ-27:س-نجم: ع-3)

 

حديث

عن عقبة بن عامر قال لقيت رسول الله ﷺ فقلت ما النّجاة قال املک عليک لسانک  و ليسعک بيتک و اَبک على خطبئتک.

(رواه احمد و الترمذي)

 

مثنوي

تو کہ يوسف نيستي يعقوب باش

همچون او در گريہ و آشوب  باش

تا نگريد طفل کي جوشد لبن

تا نگريد ابر کي خندد چمن

آشک کان از بهره او بارند خلق

گوهر است و اَشک پندارند خلق

 

بيت

کل تڏهن جڏهن کٽين، تهان اڳي رو

اڃان مٿي تو، ٿي ڀورا ڀل ٿئي.

 

حکايت

درويشي بُکاءَ يعقوبي داشت و تخم اشک در مزرعہُ محبت ميکاشت، دوستدارش گفت کہ بہ اين قدر گريستن قوت باصره بحالت اصلي نماند و چنين جريان آبديده چراغ بصارت را فرو نشانده پويان باديہ مجاهده و جويان جلوهُ مشاهده باسينہ بريان و ديده گريان فرمود کہ عاقبت الامر از احد الامرين خالي نخواهد بود يا گل مشاهده خواهم چيد يا خار حرمان در پائي رجا خواهم خليد، پس اگر دولت ديدار نصيب اين هوادار سراپا انتظار گرديد و شامہ روحي لائحہ وصال از پيرهن يوسفي شميد در حال لائحہ جمال آن شاهد روشن خيال دفع تيرگي دل و ديده اين محنت کشيده خواهد فرمود و رفع ظلام از بصيرت و بصارت اين مستهام تواند نمود و اگر چشم اميد اين منتظر نويد از نظاهره آسر جلوه جاويد مايوس ماند و بلبل ترقب اين مترصد جان بلب در قفس حرمان و تغب محبوس از ديدن اغيار کوري بهتر و از مواصلتہ ما سوا مهجوري خوشتر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com