سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :5

 

غزليات هندي

بهر صورت که بن آوﻵ ووئي ساجن صحيح کرنا

صدق سيتي آگي اسدﻵ ادب کـﻶ حال مين کهڙنا

ووئي سالڪ طريقت هـﻶ ووئي ماهر حقيقت هـﻶ

ووئي صاحب شريعت هـﻶ پيچهون تـﻶ پير مت دهرنا

ووئي ماري انالحق دم کري اظهار سر مبهم

ووئي باندهي کمر محکم جو آپـﻶ آپ سون لڙنا

ووئي رومي فرنگي هـﻶ ووئي ترسا فرنگي هـﻶ

ووئي مردانه جنگي هـﻶ لباسان ديکهه مت ڊرنا

سمجهه سر عشق کا بيدل نه ره اس بات سـﻶ غافل

سدا باهمت کامل حرف همہ اوست کا پڙهنا

آئينه وه بنايس پاني مڻي رلا کر

جلوه ديا اسينون صيقل عجب لگا کر

آدم نهين يه الله صورت کاويس پهنـﻶ

آيا اسي جگت مين اپني تئين چهپا کر

هشيار رهه تون بيدل همہ اوست کاهو قائل

نظارا نور حق کا مظهر مين جا بجا کر

دوئي کـﻶ وهم سـﻶ بيدل تيري دل گر هوئي فارغ

ظهور ذات مطلق کا جهان چاهين وهان هوگا

بيدل صاحب جو سنڌي ۽ سرائڪي شعر ۽ شاعري به قابل غور آهي. فقير صاحب هيٺين ارڙهن سرن ۾ سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام چيو آهي:

1.

سر بسئونت

2.

سر جهنگلو

3.

بروه

4.

ڌناسري

5.

بلاولي

6.

آسا

7.

سورٺ

8.

سسئي

9.

ديسي

10.

سارنگ

11.

پورب

12.

جوڳ

13.

نٽ ڪلياڻ

14.

گنوري

15.

ڪامول

16.

مالڪوس

17.

وهاڳ

18.

سهڻي

هر هڪ سر مان مثال پيش ڪرڻ جي ته گنجائش نه آهي. صرف نٽ ڪلياڻ مان هڪ ڪلام ۽ سر آسا مان ٻه ٽڪرا نموني طور پيش ڪريان ٿو:

 

نٽ ڪلياڻ

ٿل: عقل جو ويو اختيار، عشق انالحق جو دم ماريو

1- عشق عقل جي لڳي لڙائي، عشق کٽي جنگ عقل هارائي

هيڪل هڪ هسوار، ڪيڏي ڪٽڪ کي بره بچايو

2- دست ڌري آيو حسن جو ڀالو، چينچل چشمن جو ڪري چالو

 گوءِ کڻي نروار، باهه بره جي سنڌن کي ساڙيو

3- يار بي رنگي نور نهاني، پهري پوش آيو انساني

عشقئون ٿي اظهار، سهسين ويس سان پاڻ سينگاريو

4- ڪاٿي پير مريد سڏائي، ڪاٿي پاڻ سان لنئوڙي لائي

 ڪاٿي ڪري ڪوڪار، قم باذني مئو جياريو

5- ڏس تون باولي بره جي بيدل، لامڪانون ٿي ڪري نازل

ڏور دوالي يار، بيخودي جو باز اڏايو.

 

متفرقه

ٿل: سمجهه رک سالڪ سچا ڏس هوبهو محبوب آءِ

ثم وجہ الله ڪني سڻ سوبسو محبوب آءِ

1- جنهن پيتو ساغر صفا جو تنهن وساريو هي وجود

اُن جي فڪرت ۾ مدامي روبرو محبوب آءِ

ڪل شيءِ هالڪ الا وجہ تحقيق ڄاڻ

سرت رک بيدل سمجهه، بي توبه تو محبوب آءِ

ٿل: عشقا! آک تون ڪون هين وت ڪيها ڪام ڪريندائين

1- ڪڏان فرشتان نون آدم دا سجدا آڻ ڏيويندائين

ڪڏان وت سٽ او هيڪو زمين تي زاروزار  روئيندائين

عشقا! آک تون..................

2- آتش تيز خليل دي اُتي باغ بهشت بنيندائين

ماه ڪنعان زليخا ڪيتي مصر وچ وچيندائين

عشقا! آک تون..................

3- چندين بار جرجيس نبي نون آتش وچ سٽيندائين

زڪريا نون ڪرٽ چيرا وت يحى زور ڪهيندائين

عشقا! آک تون..................

4- موسى ڪنون سڻ اَرني اَرني لن تراني ڏسيندائين

حضرت نون معراج بُلا ڪي محرم راز بنيندائين

عشقا! آک تون..................

انهيءَ قسم جي ٻئي ڪلام ۾ هن طرح جو جواب مليل آهي:

بيدل ميڏي ذات ڪيا پڇيندائين ڀول ڀلايا مين وومين

 

حقيقي حال ۽ تبليغ حال

بيدل صاحب پنهنجي في بطن احاديث جي ڪتاب ۾ معنوي اسلام جي باري ۾ ارشاد فرمايو آهي ته جهڙي طرح ظاهري اسلام جا پنج بنيادي اصول آهن، اهڙي طرح معنوي اسلام جا به اهي ساڳيا بنيادي اصول آهن. يعني 1- ڪلمہ شهادت 2- نماز، 3- زڪوات، 4- حج ۽ 5- روزو.

اصول پهريون: ڪلمہ شهادت هيءَ شهادت ڏيڻ ۽ هي يقين رکڻ ته الله کان سواءِ ٻيو ڪو به موجود نه آهي ۽ محمد مصطفى صلعم سندن عبد ۽ رسول آهي. عبد معنى ذات ۽ صفات جو برزخ (پردو) جميع تجليات جو مظهر ۽ عبديت جو پارٽ ادا ڪندڙ رسول معنى وحدانيت جو پيغام رسائيندڙ.

مٿئين اصول جي حقيقت ٻين لفظن ۾ هن طرح بيان ڪئي اٿن:

لا جو کنو هٿ ڪري، لڙائي ڪا لاءِ

و جاهدو في سبيلہ، جوش جيئون جاڳاءِ

پير تون پڙ جو پاءِ، سانگو لاهي سر جو.

لا جو کنو هٿ ڪري، جسم سان تون جهيڙ

وساري وجود کي، ڀير نفيءَ جو ڀير

گهر نفيءَ جي گهيڙ، ته اوڏو ٿئين اثبات کي.

لا جو کنو هٿ ڪري، جهيڙ جسم ساڻ

فضل الله المجاهدين على القاعدين پرزا ڪنجاءِ پاڻ

ڄاڻ وڃائي ڄاڻ، نفيءَ ۾ اثبات کي.

(بيدل از وحدت نامه سنڌي)

1-       الا الله اثبات ڪر، اهو آهي اسلام

طالب ڇڏي تفرقو، اچي وٺ آرام

معبودي جي مام، نفي سان نروار ٿئي.

2-       الا الله اثبات ڪر، اهو ئي ايمان

انت الموجود في الدين، مڃ ٿي مسلمان

معبوديءَ جو مان، پاڻ سڃائي پاءِ تون.

3-       الا الله اثبات ڪر، جيئن ڪيو حلاج

لا الله الا انا فعبدون، هيءَ حلاجي حاج

ماڻي تون معراج جي، پاڻ پروڙين پنهنجو.

(بيدل)

ٻئي هنڌ فرمايو اٿن:

فڪر نفي اثبات ڪسي دن مار ڪي ڦر جيواويگا

لا الله دي شيشي ڪولون ماهي مک وکلاويگا

بيدل مطرب عشق دا آخر گيت انا الحق گاويگا

اصول ٻيو: قام الصلواة. مٿين بيان ٿيل وحدتي خيال ۽ معراج کي قائم ۽ برپا رکڻ مراد ۽ مقصد آهي. هن فرقاني فرمان موجب والذين هم في صلواتهم دائمون (اهي شخص پنهنجي نمازن ۾ دائمي ۽ هميشہ ئي هوندا آهن) جي آيت انهيءَ لاءِ دليل ۽ سند آهي. ظاهري نماز پنج وقت مقرر آهي ۽ هيءَ نماز هر وقت ۽ هر حالت ۾ قائم ۽ دائم رکڻي آهي:

بيت:                           نماز خلق تسبيح و سجود است

نماز عاشقان ترڪ وجود است

ترجمو: خلق جي نماز تسبيح ۽ سجدو آهي. عاشقن جي نماز وجود وڃائڻ.

مثنوي مولانا رومي:

زانکہ ترڪ تن بود اصل نماز

ترڪ خويش و فرزندانه آز

ترجمو: اصل نماز وجود وڃائڻ آهي پنهنجو پاڻ کي، اولاد ۽ خواهش کي وسارڻ.

 

اصول ٽيو: زڪوات. زڪوات مان مقصد ۽ مطلب آهي ته تزڪيہ نفس يعني نفس ۽ دم کي صاف ۽ پاڪ ڪرڻ. هن زندگيءَ جي ساهه ۽ ساس کي الله جي ذڪر ۾ صرف ۽ خرچ ڪرڻو آهي. ڇاڪاڻ ته جهڙي طرح دنيوي مال مان زڪوات ادا ڪرڻ کان سواءِ فائدو وٺڻ شرعي منع آهي. تهڙي طرح حقيقي حياتيءَ جون معنوي لذتون، ذڪر بنان خطرناڪ آهن.

بيت: زندگي آمد برائي بندگي زندگي بي بندگي شرمندگي

اصول چوٿون: حج. حج مان رب العزت جي جمال جي مشاهدي جي نيت ڪرڻ مقصد آهي. احرام مان، عشق ۽ صداقت جو احرام ٻڌڻ مقصد آهي. سواريءَ مان راه ۾ اعلى همت ۽ بلند حوصلي جي سواري تي سوار رهڻ مقصد آهي. زادراه مان علم اليقين مقصد آهي، يعني هن ڳالهه جو يقين هجي ته جو ڳوليندو سو ضرور لهندو. مثنوي:

حج زيارت ڪردن خانه بود

حج رب البيت مردانه بود

اصول پنجون: روزو. روزي مان الله کان سواءِ ٻيا جيڪي به خيال ۽ خطرا اچن تن کي روڪي ڇڏڻ مقصد آهي. ڇاڪاڻ ته سالڪن جو اصل مقصد پاڻ کي وسارڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ عشق جي ميخاني مان فنايت جو جام پيئڻ آهي.

بيت:                           گرچہ آن وصلت بقا اندر بقا است

ليڪ اول آن بقا اندر فنا است

ترجمو: توڻي بقا جو وصل بقا ۾ آهي، پر پهريون اها بقا فنايت ۾ آهي.

مثنوي:                         آئينہ هستي چہ باشد نيستي

نيستي بگرين گر ابلہ نيستي

از پئي اين عيش عشرت ساختن

صد هزاران جان ببايد باختن

ترجمو: هستي ۽ هئڻ جو آئينو نيستي ۽ ناه ۾ آهي، تنهنڪري، تون نيستي اختيار ڪر، جيڪڏهن نادان نه آهين.

انهيءَ نعمت جي پويان عيش عشرت ڇڏڻ گهرجن، هزارين جانيون قربان ڪرڻ گهرجن. آخر ۾ هي دعا جا لفظ آهن: اي الله! اسان کي عطا فرماءِ.

    مذهب ۽ عقيدا

بيدل صاحب حقيقي حال ۽ عشق جي آڙاه جي باوجود پنهنجو ظاهر اسوه حسنه ۽ رسول الله ﷺ جي رنگ ۾ رڱيو هو. يعني باطن وحدانيت ۾ ٽٻ ته ظاهر شرح جا شائق هئا. جيئن پنهنجي ڪتاب رموز العارفين جي آخري صفحي تي فرمايو اٿن:

سني است باعتقاد مذهب صوفي است باتحاد مشرب

تن تابع شرع، جون بوجدان برون ز خيال کفرو ايمان

(بيدل)

ترجمو: بيدل مذهب جي لحاظ کان سني آهي ۽ اتحاد ڪري سندس مشرب صوفي آهي، سندس جسم شريعت جي تابع آهي. سندس وجود ڀري جان، ڪفر ۽ ايمان جي حد کان ٻاهر آهي.

فقير عبدالقادر کہ صوفي و حنفي است فکند طرح سکونت بقصبه لهري

(بيدل)

ترجمو: فقير عبدالقادر صوفي ۽ حنفي آهي، روهڙي شهر جو رهاڪو آهي.

تقويت القلوب ڪتاب جي 123 صفحي تي فرمايو اٿن:

غم دين خور کہ غم غم دين است همہ غمها فر و تر ازين است

غم دفيا مخور کہ بيهوده است هيچکس در جهان نياسوده است

(بيدل)

 

ترجمو: دين جو غم ۽ فڪر رک ڇاڪاڻ ته اصل شيءِ دين جو غم ۽ فڪر آهي، ٻيا سڀ غم انهي کان تمام گهٽ آهن. دنيا جو غم نه ڪر، ڇاڪاڻ ته اجايو آهي. ڪوبه ماڻهو دنيا ۾ خوش نه آهي.

مثنوي نهر البحر جي 30 صفحي تي نماز جي حقيقت ۽ ترغيب هن طرح بيان ڪئي اٿن:

باش خائف دم بدم پيش آن ودود

در قيام و در رکوع و در سجود

در حديث آمد کہ آن معبود پاک

وقت شغل اندر نماز اهل خاک

حاضر آيد نور ذات پاک

پيش آن الله گو الله جو

در ميان قبلہ و اهل نماز

حق بود حاضر تو نيکو کن نياز (بيدل)

ترجمو: هر وقت الله جي اڳيان خائف رهه. قيام، رڪوع ۽ سجدي ۾. حديث ۾ آيو آهي ته اُهو معبود پاڪ نياز واري نمازيءَ جي شغل وقت انهيءَ پاڪ ذات جو نور حاضر رهي ٿو. انهيءَ الله الله ڪندڙ ۽ الله کي ڳوليندڙ اڳيان نمازيءَ ۽ قبلي جي درميان الله موجود هوندو آهي، تنهن ڪري تون چڱيءَ طرح نياز ڪر.)

بيدل صاحب صرف پنج وقتي نماز جو پابند نه هو پر تهجو خيز ۽ اشراق نماز به اڪثر پڙهندو هو، ان قسم جا دليل ۽ سندون سندن سوانح ۾ موجود آهن.

عقيدو پهريون: الله تعالى جي باري ۾.

اما ذاتہ تعالى اينما تولوا فثم وجہ الله. اما جو هر نور جبين لا تدرکہ الا بصار و يدر کہ الابصار.

ترجمو: جيڏانهن به منهن ڪريو، اتي الله جو رخ آهي. پر نوراني پيشاني جي جوهر ۽ گوهر کي سڀڪا اک ڏسي نٿي سگهي، پر سندس اکيون ڏسن ٿيون.

شرح: مٿين حقيقت کي سمجهڻ لاءِ سندن ڪتاب تقويت القلوب جي 185 صفحي تي محبوب سبحاني جو فرمايل ارشاد ۽ سندن هڪ ڪلام جي ٻن ٽن مصرعن ۾ وضاحت آهي، سا پيش ڪريان ٿو: رايت ربي بعين ربي. (ترجمو: مون پنهنجي رب کي، پنهنجي رب جي اک سان ڏٺو آهي)

جان جان اپنا آپ نه لکين تان تان ذوق ظهور نه چکين

ذات ٿيوين، پڇي ويکين ذات

عقيدو ٻيو: سيد المرسلين جي باري ۾.

احمد مجتبى محمد مصطفى ﷺ سر گروه جميع انبيا و رسل است و وجود مسعودش مقصود ذات و صفات و مبداء و معاد کل.

ترجمو ۽ شرح: احمد مجتبى ﷺ سڀني نبين ۽ رسولن جو اڳواڻ ۽ امام آهي ۽ سندن وجود پاڪ ذات ۽ صفات جو مقصود ۽ هر هڪ شروعات ۽ انتها جو مقصود ۽ مطلوب آهي. سندن هڪ ڪلام ۾ هن طرح شرح ٿيل آهي:

ٿلهه صورت محمدي مين روشن هـﻶ سر سارا

صورت نه کهه اسي کو وه نور هـﻶ نيارا

1. محبوب سر ذاتي آئينہ هر صفاتي

اس کي ظهور سيتي اجلا ڀيا اندهارا

2- شمع جمال خوبان اس کي جهلڪسي روشن

دونون جڳت کي مورت اس سـﻶ هو آشڪارا

عقيدو ٽيون: پنجن تنن جي باري ۾.

شان و شرف خمسہ طاهره عليہ السلام متجاوز از حد تشريح و بيان است وهر مستفيض صوري و معنوي را روئي التجا بجاب جلالت ايشان.

ترجمو ۽ شرح: پنجن تنن پاڪن جو شان ۽ شرف تشريح ۽ بيان جي حد کان ٻاهر آهي (پر ٿورن لفظن ۾ هئين کڻي چئجي ته) هر چيز ظاهري خواه معنوي فيض وٺندڙ، سندن اعلى شان حضور ۾ التجا جو هٿ ڊگهيريندڙ آهي.

عقيدو چوٿيون: خلفاءَ راشدين جي باري ۾.

بيدل صاحب پنهنجي ڪتاب رياض الفقر جي 58 صفحي تي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com