سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :9

            

سنڌي ترجمو

 

درجو پهريون

 

دوا ڇڏي دورنگي جي، سوز جي صلاح ڪر

آيت

ماڻهن مان ڪي شخص دعوى ڪندا آهن ته اسان جو الله (جي وحدانيت) ۽ آخري ڏينهن (يعني باطن جي حالات) تي يقين آهي، حالانڪ اُهي (پنهنجي دعوى ۾) بي يقين آهن.

تنبيہ: جن کي يقين آيو تن دعوى ڇڏي منهن مونن ۾ وڌو.

(پ - 1 : س - بقره : ع - 2)

حديث

مهاجر بن حبيب کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله ﷺ:

الله تعالى ارشاد فرمايو آهي ته حڪمت ۽ سياڻپ وارو هر هڪ ڪلام مان قبول نه ٿو ڪريان. پر مان سندس همت ۽ شوق کي قبول ڪريان ٿو پوءِ جيڪڏهن سندس همت ۽ عشق منهنجي طاعت ۾ هوندو ته مان سندس خاموشيءَ کي پاڻ لاءِ حمد ۽ ثنا پر عظمت بڻائي ڇڏيندو آهيان، توڻي جو ڪجهه نه ڳالهائين.                     (رواه الدارمي)

 

مثنوي

اسين اندر ۽ حال ٿا ڏسون

اسين ٺٺ ۽ ٺانگر نٿا ڏسون

عشق جي آتش ڪا اندر ۾ دکاءِ

فڪر ۽ عبارت کي هردم جلاءِ

بيت

عاشق ايئن نه هون، جيئن تون سڄي آڱرين

منهن پايو مونن ۾ راتيو ڏينهان رون

ڪنهن کي ڪين چون، ته اسين عاشق آهيون.

(شاه)

حڪايت

قدسي ڪلام جي شرح ۾ لکيل آهي ته هڪڙي سڌون ڪندڙ ۽ بوالهوس ماڻهو، ڪنهن بادشاه کي دعوت ڪري، گهر جي ٻاهرئين حصي ۽ مهمان خاني کي ٻهاري سان صفا ڪرايو ۽ رستي تان ڪک ۽ ڪچرو کڻائي پاڪ ۽ صاف ڪري ڇڏيو. جا جاءِ بادشاهه جي وهڻ واسطي مقرر ٿيل هئي، سا ساڳي طرح سان گند ۽ غبار سان ڇڏيل هئي. جڏهين بادشاه سلامت پنهنجا قرب جا قدم کڻي انهيءَ اوطاق تي آيو ته سندس نفيس ۽ نازڪ طبيعت کي ناپاڪ جاءِ نه وڻي، تنهن ڪري اها ٻاهرين سموري خدمت بيڪار سمجهي واپس موٽي ويو.

وضاحت: اي طالب! پهريؤن قلب کي صاف ڪرڻ جو فڪر رک، پوءِ ڪو ٻيو.

 


 

فارسي متن

 

درجہ دوئم

در ترڪ تقليد و تحصيل تحقيق

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ  و عم نوالہ : اتامرون الناس بالبر وتنسون انفسکم.                                            (پ-1:س-بقرة:ع-5)

حديث

عن ابي هريره رضه قال، قال رسول الله ﷺ: يخرج في آخر الزمان رجال يختلفون الدنيا بالادين يلبسون للناس جلود الضان من اللّن السنتهم احلى من السکر و قلوب الذباب يقول الله تعالى ابي يفترون ارُ علي يجترون نبي حلفت لا بعثن على اولائک منهم فتنہ تدع الحليم فيهم حيران.                                            (رواه الترمذي)

مثنوي

خورده گيرد در سخن بربا يزيد

ننگ دارد از درون او يزيد

مصحف بر کف چون زين العابدين

خنجر پر زهر اندر آستين

از برون چون گو کافر پُر حلل

و اندرون قهر خدائي عزو جل

بيت

منهن ۾ موسى جهڙو، اندر ۾ ابليس

اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوه نه ڇڏئين.

 

حکايت

در مثنوي معنوي آمده است کہ شغالي در خم رنگ افتاده از هيئت نخستين بگريد پس بوسيلہ تبديل لون جسماني برانبائي جنس خود تفضيلي و ترجيحي طلبيد کہ مرا شغالي مي نه داريد بلک طائوس شماريد بني نوع وي بحکم آنکہ هر دعوى را دليل مي بايد روش طائوسانہ و لحن راحت نشانہ از و خواستند ميسرنہ شد دعوى او باطل انگاشتند و او رابيتز وير و تقليد منسوب داشتند.

 


 

سنڌي ترجمو

 

ٻيو درجو

ڇڏ رسمي چال وٺ حقيقي حال

آيت

ڀلا اوهان ماڻهن کي رباني راه جو حڪم ڪريو ٿا ۽ پنهنجي پاڻ کي وساري ڇڏيو ٿا.                                 (پ-3:س-بقرة:ع-5)

 

حديث

ابي هريره کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله ﷺ ته آخري زماني ۾ اهڙا ماڻهو نڪري پوندا، جيڪي دين جي عيوض دنيا طلبيندا، ماڻهن جي اڳيان رڍن جي نرم کلن جو جبو پهريندا، سندن زبانون کنڊ کان به وڌيڪ مٺيون هونديون ۽ سندن دليون بگهڙن جهڙيون هونديون. (اهڙن شخصن واسطي) الله تعالى فرمائي ٿو، ڇا اهي مون سان سينو ٿا سهائين يا مون تي جرئت ٿا ڪن، قسم آهي پنهنجي ذات جو ته انهن منجهان ئي، انهن تي اهڙو فتنو کڙو ڪندس، جو انهن ۾ حليم طبع وارا حيران ٿي ويندا.  (رواه الترمذي)

 

مثنوي

 

جو بسطاميءَ جي سخن ۾ نڪتہ چيني ڪندڙ آ

تنهن جي اندر کان يزيد کي به شرم آ

زين العابدين وانگر هٿ تي قرآن آ

ڇپيل زهر ڀري سو تلوار آ

ظاهر ڪافر جي قبر وانگر پر سينگار آ

اندر قهر خدا سان سو ڀرپور آ

بيت

منهن ته موسيٰ جهڙو، اندر ۾ ابليس

اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوه نه ڇڏئين

حڪايت

مثنوي معنوي ۾ آيل آهي ته هڪڙي گدڙ جي، رنگ جي ڪُونر ۾ پوڻ ڪري، سندس پهرين شڪل بدلجي وئي. انهيءَ جسماني رنگ جي ڦير ڦار ڪري، پنهنجي قوم ۾ هم جنسن تي پاڻ کي وڏو افضل چوڻ لڳو ته مون کي گدڙ نه سجهو بلڪ مور سمجهو. سندس هم جنسن  چيس ته هر دعوى واسطي دليل ۽ سند ضروري آهي، تنهنڪري تون مور واري چال ۽ راحت ڀريو آواز ڪري ڏيکار ته توکي مور سمجهون. مڪار گدڙ ائين نه ڪري سگهيو، تنهنڪري سندس دعوى ڪوڙي ۽ باطل سمجهيائون ۽ کيس مڪار ۽ بنا سوچ جي هلندڙ سمجهيائون.

وضاحت: حال بنا قال خطرناڪ آهي.

 


 

فارسي متن

 

درجہ سيوم

 

در استعجال حصول قرب

 

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ: سار عوالى مغفرة من ربکم

(پ-4:س-آل عمران:ع-13)

حديث

عن معصب بن سعد عن ابيہ قال، الا عمش لا اعلمہ الا عن النبي ﷺ قال التوده في کل شيءِ خير الا في عمل آخرة.

(رواه ابو دائود)

مثنوي

تانمرده است اين چراغ با گهر

هين فتيلش ساز روشن زود تر

هين مگر فردا کہ فودا ها گذشت

تابہ کلي نگلدرد ايام کشت

 

بيت

ڪرين هينئر ڪين هلڻ جي، ويٺو پڇين پر

اڄ آديسي مر، صبح مرندو سڀڪو.

 

حکايت

شخصي در شارع عام خاربن نشاند از ممر نموءِ آن شجره خبيثہ پائي اهل مرور خون مي افشاند. مردمان ملامتش کردند و پيش فرمان روايش بردند. حاکم دروازه تهذيب بروئي آن سزا وار وعيد باز نموده ميعاد کنديدن آن شجر شقاوت ثمر ازان نادان بي بصر گرفت، ليکن آن جوان مرد در ايفاءَ عهد گوهر تاخير در سلک بدسلوکي مي سفت. روز  بروز بحليت گري مي پرداخت و دمبدم استدائي مهلت مي ساخت، متکفل امر حڪومت فرمودش کہ اين قدر عذر روا مدار و چندين خارها در راه خود مکار که هر روز خاربن محکم تر گردد و کننده احقر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com