سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :12

 

سنڌي ترجمو

 

درجو  يارهون

 

حضور دل يا مشاهدي حاصل ڪرڻ جي همتائڻ ۾

آيت

انهن نمازين لاءِ ويل آهي، جيڪي پنهنجين نمازن (جي حقيقت ۽ مشاهدي) کان غافل ۽ بيخبر آهن.          (پ-30:س-ماعون: ع-32)

 

حديث

ابي ذره رضه کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله ﷺ ته: الله تعالى هميشہ ٻانهي کي نماز جي حالت ۾ تيستائين مقبول رکندو آهي، جيستائين (دل جو) رخ نه هٽايو اٿس، پوءِ جڏهين هٽائي ويندو آهي ته مان به کانئس رخ هٽائي ويندو آهيان      (رواه احمد- ابو دائود- نسائي- دارمي)

مثنوي

ڇاڪاڻ ته اصل نماز آهه پاڻ وسارڻ

يعني پاڻ، فرزند ۽ خواهش وسارڻ

جيڪڏهن دل غير جي محبت ۾ گروي آ

انهيءَ نماز جي قيمت اڌ جؤ به نه آ

 

بيت

جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه سجود

وڃائي وجود، تهان پوءِ تڪبير چؤ.

 

 حڪايت

هڪڙي  سائل، مفتي کان پڇيو ته: نماز جي حالت ۾ روئڻ جي ڪري نماز ڀڄي پوندي آهي يا نه؟ مفتي فرمايو ته: جيڪڏهن الله جي خوف يا محبت کان رنو آهي ته نماز ۾ ڪو به نقص نه آيو، ۽ جيڪڏهن الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن غم جي ڪري رنو ته نماز تباهه ٿي ويندي، ڇاڪاڻ ته نماز جو اصل مطلب ۽ مقصد آهي دل جو حضور، نه مٽي ۽ پاڻيءَ جي بوتي کي کڙو ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته حضور قلب کان سواءِ نماز ئي نه آهي، جو فرمان آهي ته: ۽ اسان توهان جي دلين ۽ نيتن کي ڏسون ٿا.

 

 

درجہ دوازدهم

 

در صبر بر مصائب

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ: و بشر الصابرين الذين اذا اَصابتهم مصيبةءٌ قالوا انا لله و انا اليہ راجعون.   (پ-2: س- بقرة :ع-19)

 

حديث

عن محمد بن خالد السلمي عن ابيہ عن جده قال، قال رسول الله ﷺ ان العبد اذا سبقت لہ من الله منزلةءٌ لم يبلغ بعلمہِ ابتلاه الله في جسده او في مالہ ثُم صبره حتى يُبَلّغُہُ المنزلةٌ سبقت لہ من الله.

(رواه احمد و ابو داؤد)

مثنوي

هر زمان گويد بکوشم عشق نو

گر ترا غمگين کنم غمگين مشو

زان حديثِ تلخ ميگويم ترا

تاز تلخيها فرو شويم ترا

تلخ گردانم ز غمها خوءِ تو

تا بگردد چشم بد از روءِ تو

 

بيت

هاريا! هندوءَ زال کؤن، هيان هيٺ نه ٿيءُ

پرت پيالو پيءُ، ماٺ ڪري پؤ مچ ۾.

 

 حکايت

درويشي را زخم پلنگ رسيده مرتد مديد مشقت مزيد کشيده ليکن از آنجا کہ برجاده محبت رسوخ قدم و ثبوت دم داشت لِوائ شکوه بلايء در ميدان وفائ نمي افراشت، بلک پيشکش سپاس و هدايا حمد بيقياس بہ بار گاه محبوب لا ابالي لباس بعدد انفاس مي کماشت، پر سيدندش کہ موجب شکرانہ متوافره و باعث تفرج متکاثره چيست؟ گفت آنکہ بمصيبتي مبتلا شده ام نه بمعصيتي. يعني اصابتہ مصائب و اضافہ نوائب بسبب امتحان صدق محبت هوادار است و محک وفائ موّدت اين جان نثار نه ناشي از ممر انحراف حق و ايثار باطل مطلق.

 


سنڌي ترجمو

درجو ٻارهون

ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري

آيت

انهن صابر شخصن کي خوشخبري ڏي جن کي جڏهن ڪا مصيبت يا ڪو ڏک پهچي ٿو، تڏهن چوندا آهن ته: اسان ته الله جا ئي آهيون ۽ اسان هن ڏانهن ئي ورڻ وارا آهيون.            (پ-2:س-بقرة: ع-19)

حديث

محمد بن خالد السلمي پنهنجي پيءُ کان ۽ سندس پيءُ سندس ڏاڏي کان روايت ڪئي آهي ته فرمايو رسول الله ﷺ ته ٻانهي کي الله جي طرفان جڏهن ڪا منزل يا ڪو مرتبو اڳيان اچڻ وارو هوندو اهي، (پر) کيس (اُها منزل) سندس علم جي ڪري نٿي پهچي سگهي ته الله سندس جسم ۽ سندس مال کي امتحان ۽ آزمائش ۾ وجهندو آهي، انهيءَ کان پوءِ جي انهي شخص تيستائين صبر ڪيو، جيستائين الله جي طرفان آيل منزل پهچي وڃيس.

(رواه احمد۽ ابو دائود)

مثنوي

هر وقت ڪوشش اٿم، تو سان نئين عشق جي

جي غمگين ڪريان توکي، ته غمگين نه ٿي

ڪڙي ۽ ڪؤڙي ڳالهه تو سان هن ڪري ڪريان

ته باقي ڪڙايون توتان ڌوئي ڇڏيان

غمن کان تنهنجي خوءِ ۽ زندگي ڪؤڙي ڪريان

ته توتان نظر بد کي هٽائي ڇڏيان

 

بيت

هاريا! هندوءَ زاال کئون، هيان هيٺ نه ٿيءُ

پرت پيالو پيءُ، ماٺ ڪري پؤ مچ ۾.

 

حڪايت

هڪڙي درويش کي چيتي شينهن زخمي ڪري وڌو، انهيءَ ڪري گهڻو وقت مشقت ۽ اهنج سهندو رهيو. ڇو ته محبت جي رستي ۾ راسخ القدم هو ۽ دم جي ڌمال ۾ ثابت الخيال هو. انهيءَ ڪري وفا جي ميدان ۾ مصيبت جي شڪايت جو علم کڙو نٿي ڪيائين، بلڪ بيپرواه محبوب جي درگاه ۾ بيحد حمد ۽ ثنا جي سوغات دم بدم پيش ڪندو رهيو. ڪن شخصن کائنس پڇيو ته: ايتري شڪراني ڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي ۽ ايڏي ساري خوشي ڪرڻ جو ڪارڻ ڇا آهي؟ جواب ۾ فرمايائين ته: هن ڪري جو مان مصيبت ۾ مبتلا آهيان، نه معصيت ۽ نافرمانيءَ ۾، يعني ڏک ۽ ڏوجهرا عاشق کي سچي محبت جي امتحان ڪري پهتا آهن ۽ هن جان نثار جي عشق جي وفائي ڪري اهنج رسيا آهن، نه حق جي نافرماني  ڪرڻ ڪري ۽ نه محض باطل شيءِ جي قربانيءَ جي ڪري.

 

فارسي متن

 

درجہ سيز دهم

 

در تعليم عروج و تحصيل خروج

آيت

يا اَيّها النفس المطمئنة ارجعي الى ربّک راضيةُ مرضةُ فاادخلي في عبادي و دخلي في جنّتي.                                                   (پ-30: س- فجر :ع-14)

حديث

عن ابي هريره رضه قال، قال رسول الله ﷺ ينزل ربنا تبارک و تعالى کل ليلة الي السماءِ الدنّيا حين يبقى ثلث الليل الاخر و يقول من يدعوني فاستجيب لہ من يسالني فاعطيہ، ومن يستغفر فاغفر لہ.

(متفق عليہ)

مثنوي

پنبہء وسواس بيرون کن ز گوش

تابگوشت آيد از گردون خروش

از عقول و از نفوسِ با صفا

نامہ مي آيد بجان کہ اي بي وفا

بار را کہ آن پنج روزه يافتي

روز يارانِ کهن بر تافتي

 

بيت

سرتين سخت سنيهڙا، مڪا ڏانهن ملير

چانور کاڌءِ چور مان، هِري ساڻ حمير

ڪنڊا ڪرڙ ڪرير، ويئي وطن جا وسري

 

حکايت

تاجري را طوطي گويائي در قفس بود کہ هر نفس بکلمات دلاَ ويز و سخنان عذوبت آميز در دلکشائ و روح افازئ وي کوشش مينمود  وقتي- بازر گان را اتفاق سفر هند افتاد طوطي پيامش داد کہ چون بہ مرغزار هند بجنس اين خاطر نزند ملاقي بشوي بحضرت آن طائفہ سبز پوش بپائ ارادت روي، و بعد از ادائ لوازم اخلاص و محبت ازين محبوس قفس محنت عرضداري کہ مخلص صميم و محب قديم را از صحبت سراپا موهبت محروم داشتن از رابطه مروت بفايت بعيد است و از آئين خُلّت نهايت دور. تاجر را چون ملاقات طوطيان مرغزار هند دست داد پيشکش آن مشتاق پيش نهاد، طوطي از آنها بعين اصفايُ پيام حسرت فرجام بيفتاده بي حس و حرکت ماند بازر گاني باز چون بارگي توجہ بجانب وطن مالوف خود داند، طوطي محبوس ماجرا از وي پرسيد. رمز مُوتواقبل انت موتو شنيد، پس بار شاد مربي چون خود را از حس و حرکت باز داشت، زود تر علم مناص بعرصہ اطلاق افراشت.

 


 

سنڌي ترجمو

درجو تيرهون

اُڏر پکيئڙا ور واهيري، نڪر منجهان ناسوت

آيت

اي اطمينان وارا وارا جيءَ! پنهنجي رب ڏانهن رجوع ٿيءُ. تون اُن کان راضي آهين، هو تو کان راضي آهي، تنهنڪري منهنجن (خاص) ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ ۽ منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ.

(پ-3:س-فجر: ع-14)

حديث

ابي هريره رضه کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله ﷺ ته: الله تعالى هر هڪ رات دنيا جي آسمان ڏانهن ان وقت نزول ڪري ٿو، جنهن وقت آخري رات جو ٽيون حصو باقي رهندو آهي، ۽ (ان وقت) فرمائيندو آهي ته آهي ڪو جو مون کي سڏي ته مان سندس سڏ کي قبول ڪري وٺان؟ آهي ڪو جو مون کان سوال ڪري ته مان کيس عطا ڪريان؟ ۽ آهي ڪو جو مون کان بخشش گهري ته مان کيس بخشي ڇڏيان؟

(متفق عليه)

مثنوي

ڪن مان وسوسن جي ڪپهه ڪڍي ڇڏ

تان ٻڌين آواز آسمان مان، سڻي ڇڏ

پاڪ هستين، صاف عقل وارن کان ٿو اچي

جان ۾، اي بي وفا پيغام ٿو اچي

ته ان پنجن ڏينهن جي يار کي هٿ ڪيو اٿئي

قديمي يار کان سو منهن موڙيو اٿيئي.

 

بيت

سرتين سخت سنيهڙا، مڪا ڏانهن ملير

چانور کاڌءِ چور مان، هِري ساڻ حمير

ڪنڊا ڪرڙ ڪرير، ويئي وطن جا وسري

 

حڪايت

هڪڙي واپاري کي هڪ ڳالهائيندڙ طوطو پڃري ۾ هو، جو هردم دل کي وڻندڙ ڪلما ۽ ميٺاج ڀريا ٻول ٻوليندو هو ۽ دل ۽ روح کي فرحت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هڪڙي وقت واپاري اتفاق سان هندستان جي سفر تي سنبريو. طوطي کيس پيغام ڏنو ته: جڏهن هندستان جي جهنگل ۾ هن ملول دل جي جنس وارن سان ملاقي ٿئين ته سبز پوش طوطن جي جماعت جي حضور وٽ اراتمنديءَ سان وڃي، هن ڏکن واري پڃري ۾ بند ٿيل جي طرفان، اخلاص ۽ محبت جي لوازمن جي ادا ڪرڻ کان پوءِ عرض ڪجانءِ ته

۽ پراڻي مشتاق کي آب حيات صحبت کان محروم رکڻ مروت جي رابطي کان بلڪل پري آهي ۽ ڪريم صفت کان نهايت دور آهي.

جڏهن واپاري هندستان جي طوطن واري جهنگل ۾ پهتو، تڏهن انهي مشتاق جون سوکڙيون پيش ڪيائين. انهن طوطن مان هڪ طوطي کي جڏهن حسرت ڀريو پيغام ڪن پيو ته بي حس ۽ حرڪت ٿي پيو يعني مري ويو. واپاري صورت حال ڏسي جڏهن پنهنجي وطن ڏانهن موٽي آيو، تڏهن بند ٿيل طوطي کانئس احوال پڇيو ۽ مرڻ کان اڳي مرڻ جو ڏس ٻڌي، پنهنجي مربي جي ارشاد موجب انهي ئي وقت پاڻ کي حس ۽ حرڪت کان روڪي ڇڏيائين ته (واپاري) ان وقت ئي کيس مردو سمجهي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ته (هڪدم) اُڏري آزاد ميدان ۾ آزادي جو علم کڙو ڪيائين، يعني اڏري پنهنجي واهيري وري ويو.

 

فارسي متن

درجہ چهاردهم

 

در ترک انانيّت و مشاهدهء هويت

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ: فاينما تُولُوا فثم وجہ الله ان الله واسعُ عليمُ.                                                (پ-1:س-بقرة: ع-14)

حديث

عن ثُوبانُ رضه قال، قال رسول الله ﷺ قال موسى يا رب اَقريبءٌ انت فانا جيک ام بعيدهءٌ فانا ديِک فانّي اَحسُ حِس صَوتِکَ ولا ادراڪ فَاُينَ انت. قال تعالى انا خلفُڪ و اَمامڪ و عن يمينک و عن شمالک يا موسى؟ انا جليسءٌ عبدي اذا ذکرني و اَنا معَہُ اذا دعاني.

(رواه الديلمي)

مثنوي

هر کرا باشد ز سينہ فتح باب

او زهر ذره ب بيند آفتاب

چون محمد پاک بود از نار و دود

بر کجا رو کرد وجہ الله بود

چون رفيقي وسوسہ بد خواه را

کي بداني ثم وجہ الله را

 

بيت

ڏسڻ ڏسين جي، ته همہ کي حق چوين

شارڪ شڪ نه ني، انڌا انهيءَ ڳالهه ۾.

 

 حکايت

زني برقع پوش بخدمت حضرت سيد الطائف  شيخ جنيد بغدادي قدس سره آمده از شوهر خود شکوه نمود کہ باوجود مصاحبت من نکاح ديگر را متقاضي است و صحبت ثانيہ را متلاشي. پير طريقت فرمود کہ بہ  ااز رتکاب اين قسم فعل ملامت را نيايد و غرامت را نہ شايد، زيرا کہ در شريعت عزّ او ملّت بيضا تجويز تزويج اربعہ اشهر است و تحليل چهار منکوحہ اظهر، عورت عرضداشت کہ اگر امر حجاب مافع نه باشدو آيات احتجاج نازل نہ برقع از رخسار بردارم و آفتاب جمال خود از تتق نقاب بر آرم تا خود بخود انصاف دهي کہ باوجود مشاهده حسن بي نشان و معائنه رويُ رخشان من التفات بجانبي حلال نيست و بسويُ مباح نہ. شيخ باستماع اين سخن از خود رفت و مستغرق دريايُ  وجد و حالت گشت- پس از مدت چون بہ افاقہ آمد. جرعہ نوش پيمانہ ازلي شيخ ابوبکر شبلي قدس سره کہ حاضر مجلس رشدت مونس بود معروض داشت کہ موجب مدهوشي چہ بود و جان وحدت تو امان را کدام حالت رويُ نمود.  فرمودند کہ کليم بي جهئة را مشاهده نمودم کہ بوساطت برقع پوشي خطاب بامن کرد کہ اي پروانہ شمع حقيقت اگر آن جلايُ جمال لا يزال ما در عالم اجسام ممکن بود، احدي از من بغير ملتفت نه شدي و از لقائي جلوه شهود بہ تمنائي ملاقي وجود متمائل نه گشته.

 


 

سنڌي ترجمو

درجو چوڏهون

خودي ڇڏ خدا ڏس

آيت

اوهان جيڏانهن به منهن ڦيريندوئو، اتي الله جو رخ هوندو. ڇاڪاڻ ته الله وڏي وسعت وارو ۽ ڄاڻندڙ آهي.                          (پ-1:س-بقرة: ع-14)

حديث

ثوبان  رضه کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله ﷺ ته: موسى چيو ته اي منهنجا رب! ڀلا جي تون ويجهو آهين ته مان توکي آهستي سڏيان، يا جي پري آهين ته مان توکي وڏي سڏ سڏيان. ڇاڪاڻ ته مان تنهنجي آواز جي حس کي محسوس ڪريان ٿو ۽ توکي ڏسان نٿو ته تون آهين ڪٿي؟ الله تعالى فرمايو ته: اي موسى! مان تنهنجي پٺيان، تنهنجي اڳيان، تنهنجي سڄي پاسي ۽ تنهنجي کٻي پاسي آهيان. مان پنهنجي ٻانهي سان گڏ ويٺو هوندو آهيان، جڏهن هو منهنجو ذڪر ڪندو آهي؛ ۽ مان انهيءَ سان هوندو آهيان جڏهن هو مون کان دعا گهرندو آهي.

(رواه الديلمي)

مثنوي

جنهن جي سيني جو دروازو کليل هوندو

تنهن کي هر ذري مان آفتاب نظر ايندو

جڏهن محمد آگ ۽ دود کان پاڪ هو

تڏهن جيڏانهن به رخ ڪيائين تيڏانهن وجہ الله هو

جڏهين توکي بد خواه وسوسو آ

ڪيئن پسندين هر جاءِ وجہ الله آ.

 

بيت

ڏسڻ ڏسين جي، ته همہ کي حق چوين

شارڪ شڪ نه ني، انڌا انهيءَ ڳالهه ۾.

حڪايت

هڪ برقعي پوش عورت حضرت سيد الطائف شيخ جنيد بغدادي قدس سره جي خدمت ۾ اچي، پنهنجي مڙس جي شڪايت ڪئي ته منهنجي صحبت هوندي ٻئي نڪاح ڪرڻ جو خيال ڪيو اٿس ۽ ٻي صحبت اختيار ڪرڻ جي تلاش ۾ آهي. پير طريقت فرمايو ته: اهڙي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ملامت نه ڪرڻ گهرجي ۽ نندڻ نه جڳائي، ڇاڪاڻ ته معزز شريعت ۽ روشن مذهب ۾ چار نڪاح ڪرڻ مشهور آهن ۽ چار نڪاح ڪرڻ کليو کلايو حلال آهن. عورت عرض ڪيو ته: جيڪڏهن پردي ڪرڻ جو حڪم نه روڪيندو هجي ها ۽ پردي جي جي باري ۾ آيتون نازل ٿيل نه هجن ها ته مان منهن تان برقعو کڻي ڇڏيان ها ۽ پنهنجي جمال جي آفتاب کي نقاب مان ٻاهر آڻيان ها ته پنهنجو پاڻ ئي انصاف ڪرين ها ته بي نشان حسن جو پسڻ هوندي ۽ منهنجي چمڪندڙ منهن جي ڏسڻ هوندي، ٻئي پاسي ڏسڻ حلال ته نه آهي بلڪ مباح به نه آهي. پير صاحب انهيءَ سخن ٻڌڻ سان پاڻ کان پري ٿي، وجد ۽ حالت جي دريا ۾ غرق ٿي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن سجاڳ ٿيو ته ازلي پيالي جي سرڪي ڀريندڙ شيخ شبلي قدس سره جو ان وقت فيض ڀري مجلس ۾ حاضر هو، تنهن عرض ڪيو ته: مدهوشيءَ جو سبب ڪهڙو هو، وحدت گڏيل جان کي ڪهڙي حالت منهن ڏيکاريو؟ فرمايائون ته: بي مثل ڪلام ڪندڙ ذات جو ديدار ڪيم، جنهن برقعي پوش جي ذريعي مون سان خطاب پئي ڪيو ته اي شمع جا پروانا! جيڪڏهن هن جهان ۾ اسان جي لايزال جمال جو حسن جسماني جهان ۾ ممڪن هجي ها، ته ڪو شخص به مون کان منهن نه موڙي ها ۽ شهودي جلوي سي ديدار کان هٽي ها ۽ هُئڻ هستي جي طرف ڪڏهين به مائل نه ٿئي هئا.

 

فارسي متن

درجه پانزدهم

در استماع صحبت و استيعاب حکمت

آيت

قال الله تعالى جلالہ و عم نوالہ: و اصبِر نفسک مع الذين يرعون ربهم بالغداة  وا لعشي يريدون وجهہ. (پ-15:س-ڪهف: ع-4)

حديث

عن ابي سعيد الحذري رضه قال، جلست في عصابة من ضعفاءِ المهاجرين و ان بعضهم يستترد ببعض من العرى و قاريُ يقراءُ القرآن علينا اذا جاءَ رسول الله ﷺ فقام علينا فلما قام رسول الله ﷺ سکت القاري فسلم ثم قال ما کنتم تصغون قلنا کنا فستمع اِلى کتاب الله تعالى فقال الحمد الله الذي جعل من اُمتي من اُمرت ان اُصبر نفسي معهم قال فجلس و سطناّ ليعدل بنفسہ فينا ثم قال بيده هّٰکذ فتحلقو و برزت وجوههم لہ فقال اَبشروا يا معشر صعاليک المهاجرين باالنور  التام يوم القيامة  تدخلون الجنة قبل اغنياءَ الناس بنصف يوم و ذالک خمسمائة سنة.

(رواه ابو دائود)

مثنوي

دانکہ اسرافيل وقتند اوليا

مرده را زايشان حيات است و نا

روحهايُ مرده اندر گور تن

برجهد ز آواز ايشان از کفن

صحبت ايشان خاک را اکسير کرد

گفت شان در مرده دل تاثير کرد

 

بيت

ڪن ٿي ڪيچين ڪڇيو، ڪڇ نه ڪڇيو تن

اشارتون ان جون، ڪي سڪوتيا سمجهن

وٽان ويهي تن، سڻ ته سوز پرائيين.

 

حکايت

وزيري معزول را توفيق ازل رفيق شد کہ بہ حلقہء اهل تحقيق در آمد. سر ارادت بر عتبہ والا رتبہ سرمستان الست و محققان صفا پرست نهاد و سامعہ روحاني بسمع کلمات ترقي آيات صحبت سراپا موهبت آن نکتہ سنجان راز رباني کشاد تاکہ بتدريج لمعات بارقہ لامعہ مصاحبت روشن دلان خرمن خطراتش  را پاک بسوخت و اَشعہ وجدان مجالست کاملان شمع محبت در شبستان جانش افروخت. بادشاه بار ديگر بروي عرض وزارت نمود مطبوعش نه فرمود. ملک گفت بجتہ امامت تدبير مملکت خرد مندي درکار است. فرمود خردمند في الحقيقت آن است کہ خود را ازين ورطہء بلا کہ سرمايہ جميع خطا است و محض بازيچہ هوا برکنار دارد و خود را بمقضاي عد نفسک من اصحاب القبور پيش از عدم معدوم انگارد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com