سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :7

 

(جيڪا به تنهنجي دعا آهي، سا جلد قبول ٿئي. تنهن لاءِ مان آمين چوندو آهيان.)

عقيدو يارهون: ساز ۽ سرود جي باري ۾.

 

ڪافي روپ بروه

 

ٿلهه:

ذوق سرود پڇو درويشان

بي دردان نون خبر نه ڪائي

1-

اَلسماءُ معراج الاولياءُ،

فتوى يارن هيءَ فرمائي

2-

بره آواز ڪري بي رنگي،

مستيءَ وارن موج مچائي

3-

انحد جي لونءَ لونءَ ۾ يارو،

نوبت زوريءَ نينهن وڄائي

4-

نال تنبور سرندا طبلا،

مشتاقن ڏين مت اهائي

5-

عبديت اولو ٿي بيدل،

صوفين جي وٺ رمز سجائي

 

ڪافي روپ بروه

 

ٿلهه:

سالڪ رمز سرود جي سمجهن،

مورک مول نه مڃن ڪڏاهان

1-

راڳ جا مائل من جا قائل،

وٺن سي رمزن واريون راهان

2-

سڻي سرود سڪر ۾ بيخود،

بي سر پهرن قرب کلاهان

3-

پنهنجو پاڻ ويکن ۽ وسهن،

ناميان جاڏي ڪرن نگاهان

4-

ناچ نچائن، ڳائڻ ڳائن،

عرشون لڳن انهن جون آهان

5-

نيهن ۾ پاڻ نچائن بيدل

درد جو يار، دليون ٿج خواهان

 

قاضي پير محمد جو انتقال

سنه 1284 هه ۾ بيدل صاحب جو ٻيو نمبر فرزند محمد فريد ستن سالن جي عمر ۾ گذاري ويو، جنهن جي مزار فقير صاحب جي درگاهه جي ڏکڻ طرف ٿلهي تي آهي. اهو صدمو اڳي ئي هيو ته سنه 1285 هه ۾ شوال جي 3 تاريخ آچر رات، سندن غمٽار محبوب ۽ مونس، داعي اجل کي لبيڪ چئي، هي جهان ڇڏي، فقير صاحب کي ڏوجهڙي ۾ وجهي ويو. سندن مزار مولانا عبدالحليم جي ٽڪري تي، ريلوي لائين مٿان چوديواريءَ ۾ آهي.  قاضي صاحب جي انتقال کان پوءِ بيدل صاحب سندن رحلت جون تاريخون ۽ سندن باطن جو حال بيان ڪيو آهي، تنهن مان صرف ٻه ٽي مثال پيش ڪريان ٿو:

آخي و عضدي بمزلة الروح من جسدي، مقبول بارگاه صمدي مغفور مرحوم قاضي پير محمد غفرالله لہ.

1. سالڪ طريق پير محمد کہ در زمان

گوبرده در سلوڪ طريقت ز سالڪان

2.  باخاص و عام داشت ره خدمت و نياز

مي ديده نرو جلوه همہ اوست راعيان

3.  بعد از بلوغ سير الي الله سر نمود

سال چهل جدا ز تن آمد بہ ملڪ جان

4.  سيم شوال درشب يڪ شنبه نيم شب

دست از نشان بہ شست در آن بحربي نشان

5.  وقت عروج طائر روحش فرشتہ گفت

پرواز ڪرده نيم شب سوئي آشيان

سال 1285 هه

تاريخ وفات درويش محبت ڪيش محو ذات احد، مغفور مرحوم قاضي پير محمد الحقہ الله باالصالحين وادخلہ في زمرة العاشقين و نور الله مرقده بنور اليقين.

چونکہ قاضي پير محمد باهدى   کرد اندر عشق حق جان رافدا

دل از سال وصل او داده خبر     گفت بد پروانہ شمع خدا

پير محمد مظهر فيض الله                 چون سوئي عالم بقا پيموده راه

هاتف از سال و صالش باز گفت              در جهان جان گرفت آرام گاه

                                                  سال 1285 هه.

بيدل جي محويت

قاضي صاحب جي جدائي کان پوءِ بيدل صاحب جن ڪو به ڪتاب ڪونه لکيو آهي پر فراق جا ڪلام ۽ ڏوهيڙا ڪافي چيا آهن. انهيءَ کان سواءِ مٿن اڪثر محويت جو غلبو غالب هوندو هو ۽ عجيب قسم جا واقعا نمودار ٿيندا هئا. پر آءُ صرف هڪ واقعو، قاضي غلام مهديءَ جو لکيل پيش ڪريان ٿو:

ڀائي ويرو مل ويٺل ٽنڊي مستي خان جو، هڪڙي دفعي بيدل صاحب جي زيارت ۽ قدم چمڻ جي ارادي سان روهڙيءَ ۾ اچي فقير صاحب جي اوطاق تي رهيو. جڏهن رات ٿي تڏهين خلاصي ڪنڊ وٺي وڃي سمهي رهيو پر کيس ننڊ نه آئي. ڪافي وقت پاسا اٿلائيندو رهيو. تڏهين خيال ٿيس ته فقير صاحب وٽ وڃي کين زور ٿو ڏيان. انهيءَ ارادي سان رات جو اٽڪل ٻي ٽي بجي فقير صاحب جي کٽ جي قريب اچي ڏسي ته فقير صاحب ٽڪرا ٽڪرا ٿيو پيو آهي. اهو حال ڏسي ويرو مل کي اچي هراس ورتو ته شايد مالڪن کي ڪنهن ماري ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري هو تڪڙو ڀڄي اچي پنهنجي جاءِ تي رلهي پائي سمهي پيو. جڏهين صبح ٿيو، تڏهن خوف وچان ٿڙڪندي فقير صاحب جي کٽ جي ويجهو اچي ڏسي ته سندن کٽ خالي پئي آهي، انهي تعجب ۾ پئجي دروازي تائين پهتو ته سامهون کيس فقير صاحب مليو ۽ فرمايائونس ته ٻچا! ڊڄ نه، فقط اهو وقت اسان وٽ اچڻ جو نه آهي. پوءِ هو سندن قدم چمي، کانئن دعا گهرائي ڳوٺ هليو ويو.

مٿي بيان ٿيل واقعي جي حقيقت شاه صاحب جي بيت سان نروار ٿي ٿئي:

هٿ ڪرايون آڱريون، ڪپجي ويون ڪانهه

وحدت جي وهانءَ، جي ويا سي وڍيا.

بيدل ڪامل ولي الله

 اڪثر عام ماڻهو ڪرامتن جا شائق هوندا آهن، پر منهنجي نزديڪ زنده دل ۽ با خدا بڻائڻ کان سواءِ ٻيون سڀ ڪرامتون گهٽ آهن، تنهن ڪري هادي سائين جي ڪجهه زنده دل طالبن جا اسم گرامي پيش ڪريان ٿو، جيڪي سندن ڪماليت جو ثبوت آهن:

1-       سندن فرزند محمد محسن عرف بيڪس، جنهن جي مزار ساڻن گڏ آهي.

2-       فقير عبدالله، جو سندن سوٽ ۽ ڄاٽو آهي، جنهن جي مزار به گڏ آهي.

3-       غلام محمد فقير شڪارپوري، جنهن جي مزار سندن قدمن ۾ آهي.

4-       قاضي پير محمد، جنهن جي زنده دليءَ جو ثبوت هن کان اڳ آيل آهي.

5-       قاضي غلام حسين مست فقير.

6-       ڀائي ڪشنداس پير ڳوٺ جو.

7-       پارو شاه، جو ڀائي وسڻ رام روهڙيءَ واري ٽڪاڻيدار جو گرون هو.

8-       مائي رامي پير ڳوٺ جي، جا هميشہ مراقبي ۾ رهندي هئي ۽ اڄ ڏينهن تائين پير ڳوٺ ۾ ٽڪاڻو اٿس.

9-       الله بخش جنهن کي سندن مزار مقدس مان فيض مليو، جنهن جي درگاهه روهڙيءَ جي دريا بندر تي آهي.

10-      قاضي عبدالخالق سکر جو مست فقير، انهيءَ کي به سندن مزار مقدس مان فيض مليو.

انهن درويشن جي زنده دليءَ جا واقعا ۽ مثال، هن فقير جي ذهن نشين آهن. اُهي جيڪڏهين لکندس ته هڪ جدا ڪتاب بڻجي ويندو، انهيءَ ڪري صرف اسم گرامي ڏنا اٿم.

بيدل متوڪل ولي الله هو. انهيءَ زماني ۾ مير علي مراد خان، الله وارن جي خدمت ڪرڻ فخر ۽ ڪار ثواب سمجهندو هو. انهيءَ ڪري ڪن درويشن کي زمينون بخشش طور ڏنائين ته ڪن جي ٻيءَ طرح خدمت ڪيائين. بيدل صاحب جي خدمت ڪرڻ واسطي به هڪ ماڻهو هٿان دعوت نامو ڏياري موڪليائين ته مهرباني فرمائي دعوت قبول ڪري قرب جا قدم گهمائي وڃو. فقير صاحب انهيءَ جي جواب ۾ هيٺيون رقعو تحرير فرمائي، قاصد جي حوالي ڪيائون:

محترم و معزز جناب مير صاحب!

بعد السلام عليکم جي واضح هجي ته هي فقير اوهان ڏانهن اچڻ کان مجبور ۽ معذور آهي، ڇاڪاڻ ته سرور عالم صلعم جو ارشاد آهي ته: نعم الامير و على باب الفقير، و بئس الفقير على باب الامير. 

خادم العلماءُ فقير عبدالقادر روهڙي.

ترجمو: فقير جي دروازي تي، امير جو اچڻ نعمت ۽ افضل آهي، ۽ امير جي دروازي تي، فقير جو وڃڻ بڇڙو ۽ خراب آهي.

ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد مير صاحب ڪجهه ڪڻڪ جا ڀريل اُٺ، رپين جي هڪ ڀريل ڳوٿري ۽ سرڪاري مهر لڳل زمين جي بخشش جو پروانو، هڪ خاص ماڻهو هٿان، بيدل صاحب جي خدمت ۾ ڏياري موڪليو. جڏهين فقير صاحب وٽ اهو سڀ ڪجهه پهتو ته پاڻ زمين جو پروانو ته بروقت ڦاڙي فرمائڻ لڳا ته الحمد الله زنجيرن کان آزاد ٿياسون، باقي مٿن جيڪو قرض هو، سو ادا ڪيائون ۽ ڪجهه سير ڪڻڪ گهر موڪليائون، باقي ٻيو سڀ ڪجهه انهيءَ وقت ئي ماڻهن کي خير خيرات ۾ ڏئي، پوءِ گهر هليا ويا.

لذتن ۽ خواهشن کان ترڪ. سندن طالب فقير قاسم علي ميربحر هڪڙي وقت فقير صاحب جي خدمت ۾ وڏي محبت منجهان هڪ شيشو مکڻ جو ڀريل ٻيو ماکيءَ جو شيشو، سندن کائڻ لاءِ کڻي آيو ۽ سندن خدمت ۾ پيش رکيائين ته مالڪن پڇا ڪئي ته: ابا هي ڇا آهي؟ عرض ڪيو ويو ته: قبلا! هڪ شيشي ۾ ماکي ۽ ٻئي شيشي ۾ مکڻ آهي، مالڪن جي کائڻ واسطي کڻي آيو آهيان. اهو ٻڌڻ شرط سندن حالت بدلجي وئي، منهن مبارڪ سرخ ٿي ويو ۽ نيڻ وهڻ لڳا ۽ وجد طاري ٿي ويو. قاسم علي فقير دل ئي دل ۾ جهرندو ويو ته مون کان الائي ڪهڙي غلطي ٿي وئي آهي، جو مرشدن کي وڏي سوز ۽ بيچيني ۾ وجهي ڇڏيم. سو گهڻي وقت کان پوءِ جڏهين فقير صاحب جو جوش ڍرو ٿيو، تڏهين فقير قاسم علي ادب جا هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته: قبلا سائين! مون کان الائي ڪهڙي خطا پئي، جو اوهان جي دل دکي پئي. فقير صاحب فرمايو ته: ابا! خطا ڪا به نه آهي، فقط مکڻ ۽ ماکيءَ جي نالي کڻڻ وقت نالائق نفس جو سور ۽ پرين جو پور اچي پيو.

 

بيدل صاحب جي شخصيت

بيدل صاحب جيد عالم ۽ ڪامل عارف هئا. وجد جي ڪيفيت طاري هوندي به ظاهر سندن با شرع ۽ سنت محمدي جا پائبند هئا. خانداني نسبت هوندي به بزرگي ۽ خود داري کان ڀڄي، رنديءَ جي رمز ۾ رهندا هئا. جيئن پاڻ فرمايو اٿن:

بزرگيءَ کان ڀڄي بيدل رنديءَ جا رنگ رچاياسي.

اعلى توڙي ادنى ماڻهن لاءِ سندن دروازو هميشہ کليل رهندو هو. جيڪڏهن ڪي شخص وٽن اچي، پنهنجي بزرگي ۽ خانداني بيان ڪندا هئا ته پاڻ فرمائيندا هئا ته: بابا! اوچو اهو آهي جيڪو نيچو آهي. خودي خراب آهي، شاه صاحب پڻ فرمايو آهي ته:

 

ڀانئڻ ڀڃي ڇڏ، نه ته ڄاڻ وجهندءِ ڄار ۾،

آءُ اسين جي چون، آڏو تن نه اڏ

پاڻ تنين سين گڏ، نينهن جنهين جو ناه سان.

 

وحدانيت جي سرور ڪري سندن منهن مبارڪ اهڙو ته سرخ هو، جهڙو لال پٽو انب. نيڻ هميشہ خماريل هوندا هئا. سندن منهن موڪرو ۽ پيشاني ڪشادي هئي ۽ سونهاري دن جي قريب هئي. سندن زلف ڪلهن تائين هوندا هئا ۽ قد پورو پنو هو. سر مبارڪ تي صوفين واري ٽوپي ۽ ڪلهي تي گيڙو رتل بوڇڻ هوندو هو. سادو کائيندا هئا ۽ سادو پهريندا هئا. پاڻي ڀري ڏيڻ لاءِ به ڪنهن کي نه چوندا هئا. انهيءَ ڪري هڪ دلو سندن کٽ جي ڀر ۾ رکيل هوندو هو.

الفقرو فخري والفقرمني جي حديث جي رنگ ۾ رڱيل هوندا هئا. خلق عظيم سندن پيشو هو. ماينطق عن الهوى سندن گفتار هئي. روزانو تهجد نماز کان پوءِ مراقبي ۾ وهڻ جي عادت هوندي هئن. صبح نماز کان پوءِ ڪنهن الله واري جي درگاه تي وڃي مراقبي ڪرڻ کان پوءِ اشراق نماز پڙهي پنهنجي اوطاق ڏانهن واپس وري، قاضي صاحب جي ٻارن کي درس ڏئي پوءِ روح رهاڻ جو رنگ رچائيندا هئا.            

صوفي محمد محسن بيڪس قدس سره روهڙائي

صوفي غلام اللطيف مسڪين قدس سره روهڙائي

سجاده نشين درگاه بيدل و بيڪس قدس سرها روهڙي

بيدل جو سلسلہ طريقت: قلندريه طريقو.

ميرا مرشد مڪمل هـﻶ قلندر

حسيني حيدري سلطان سرور

قلندر آفتاب اوليا هـﻶ

قلندر مظهر سر صفا هـﻶ

قلندر صورت شير خدا هـﻶ

قلندر محض ذات ڪبريا هـﻶ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com