سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :16

 

درجو اوڻيتاليهون

قضا يعني رب جي ڪيل فيصلي تي راضي رهڻ جي ترغيب ۾

آيت

اوهان کي خوف، بک، مالن، جندن ۽ ميون مان ڪنهن نه ڪنهن شيءِ سان ضرور پرکينداسون.                                         (پ-2:س-بقرة:ع-19)

حديث

سعد رضه کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله صلعم: آدم جي نيڪ بخت اولاد مان اهي شخص آهن، جيڪي الله اُنهن لاءِ جو ڪجهه فيصلو ڪيو آهي، تنهن تي راضي رهيا، ۽ آدم جي بدبخت اولاد مان اُهي شخص آهن، جن الله کان خير جي طلب ڪرڻ ڇڏي ڏني، ۽ آدم جي نڀاڳي اولاد اُهي شخص آهن، جيڪي الله جي ڪيل فيصلي تي ناراض رهيا.

(رواه احمد والترمذي وقال هاذا حديث غريب)

مثنوي

اسان قيمت ۽ خون بها حاصل ڪئي سون

(جڏهين) جان، بازيءَ جي طرف ڊوڙائيسون

مون کي قتل ڪر، مون کي قتل ڪر مضبوطيءَ سان

تحقيق منهنجي قتل ڪرڻ ۾ حياتيءَ ۾ حياتي آهي

بلاشڪ منهنجي قتل ڪرڻ ۾ دائمي حياتي آهي

مون کي قتل ڪر، مون کي قتل ڪر، فيصلي موجب

 

بيت

سر ڍونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر ناهه

هٿ ڪرايون آڱريون، ويو ڪپجي ڪانهه

وحدت جي وهانءِ، جي ويا سي وڍيا.

 

حڪايت

حقيقت آگاه صوفين جي سرتاج ۽ احديت انتباه عارفن جي پير طريقت شهيد الحق مشهود مطلق حضرت شاهه عنايت الله قدس سره جي باري ۾ ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙي ڏينهن سندن شهادت جو واقعو کين ڪشف جي رستي معلوم ٿيو، سو وحدت جي نشي مان فرمائڻ لڳا ته فقيرن جو موت راحت آهي ۽ انهيءَ ايندڙ واقعي کي وڏي خوشيءَ سان ۽ منصور جي مثل سرور مان کولي کولي بيان ٿي ڪيائون. مريدن مان هڪڙو فقير جان جهوريندڙ خبر ٻڌي، صوفي صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪرڻ لڳو ته: سنڌ جي حاڪم کي ڪهڙي مجال ائين ڪرڻ جي، ڇو ته سائين جن جا غلام ئي اهڙي طاقت رکندڙ آهن، جو هڪ گهڙيءَ ۾ ملڪ تي آفت برپا ڪري ڇڏين ۽ هندوستان جي والي جو تخت گاه آيت اُنهن مان ڪن کي زمين ڳهي وئي موجب زير زمين ڪري ڇڏين.نظم:

رندن جي شراب خانه جي دروازي تي قلندر هوندا آهن

جيڪي حڪومت کسيندا به آهن ۽ عطا به ڪندا آهن

پاڻ فرمايائون ته اهڙي قسم جي گفتار ڪرڻ تسليم ۽ رضا واري ٽولي کي لائق نه آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي سيد الشهدا حضرت امام حسين عليہ السلام جي عاشقن ۾ شمار ڪيو اٿن، نه مولانا جاميءَ جي مريدن ۾. نظم:

جفا ۽ ملامت سر تي سٺي سون ۽ خوش آهيون

ڇو ته اسان جي شريعت ۾ جو ناراض ٿيو سو ڪافر آهي.

حاضر فقيرن عرض ڪيو ته: مولانا جامي لدني راز جي ماهرن مان نه هو ڇا؟ ۽ فنا في الله جي سير ۾ نه هو ڇا؟ پاڻ فرمايائون ته مولانا صاحب عروجي سير ۾ منتهى کي رسيل هو، فيض جو صاحب فيض بخشيندڙ هو، صرف تسليم ۽ رضا جي مضبوط رسيءَ کي پختو ڪري نه ورتو هئائين. اهو مقام ۽ منزل صرف حضرت حسين عليہ السلام جو شايان شان هو. قضا تي راضي رهڻ ۽ هر قسم جو بار سر تي سهڻ، اسان انهيءَ قسم جي دروازي جا خاڪبوس آهيون.

فارسي متن

درجہ چهلم

 

در شفاعت خواص عوام را

آيت

قاَلَ الله تَعالى جَلَّ جَلاَّلَہُ وَ عَمَّ نوالَہُ: وَلَسَوفُ يُعطِيکَ رَبّکَ فَتَرضى.

(پ-30:س-ضحى:ع-1)

حديث

عَن اَنسِ رضه اِنَّ النّبيَّ ﷺ: قَالَ شَفَاعَتِيِ لاَهلِ الکَبائِر مِن اُمّتِي.

(رواه الدارمي والترمذي و ابن ماجہ عن جابر)

مثنوي

بندگانِ حق رحيم  و بردبار

خويُ حق دارند در اصلاح کار

مهربان بي رشوتان ياري کنان

در مقامِ سخت و در روزِ گران

هين بجو اين قوم را اي مبتلا

هين غنيمت دار شان پيش از بلا

بيت

سَرڻن جا سوٺا سهي، وسيلو ولهن

لُڏي ڪين لطيف چوي، اڳيان لال لکن

جِتِ ڪورين ڪين ڪڇن، اُت پاٻوهون پڌرو.

 

 حکايت

آورده اند کہ وقتي کہ دارالسلطنت دهلي در تصرف عسکر سياست پيکر سلطنت پناه سطوت دستگاه نادر شاه رسيد حکم شاهي بحسب تقدير الاهي بقتل عام يک محلہ از محلات وي نافذ گرديد، ناگاه از دست يکنفر خونريزي عارف سرزده کہ بعد از انفصال سرش از تن بگفتگو آمده مخاطب بقاتل شده چنان سخن راند کہ خون دو مردم برگردن تو بماند، مرد سپاهي باستماع اين سخنان دهشت ترجمان و وحشت عنوان از اُرد شاهي رو بفرار آورده کرم پويُ باديہ استعفاء جريم خود گرديد و از غايت هيجا و نهايت جولان در اندک زمان رخت اقامت در ملک عربستان کشيده بر در بارگاه عالم پناه شفيع مجرمان وسيلہ عاصيان سرور کائنات شافع العصاة يوم العرصات عليہ و على آلہِ افضل الصلواة و اکمل التحيات رسيد و رويُ التجا بجناب شفاعت نصاب آورد و قدم استقامت برجاده حصول مطلب افشرد بعد از مرور ايام چند بسبب مداومت اِمطار اقطار تشوبر آن دامنگير سراپا تقصير از سنگلاخ حرمان سبزه اميد غفران رست يعني اشارت فيض بشارت درگاه والا در بارهُ آن آوارهُ بظهور پيوست و انامل تلطف احمدي عقده مهماتش کشاد هاتف تعطف سرمدي درگوش جانش بدين کونہ آوازي داد کہ عفو اين قسم جرائم کہ هدر شدن خون بيگناه مي باشد منحصر بر استرضايُ حضرت سيد شهداءُ کربلا عليہ التحيتہ والثنا است و موقوف بر خشنودي آن زينت آل عبا چراکہ سائر شهيدان حاضر حضور نور ديده سيد الثقلين خواهند بود و جميع مقتولان دست در فتراک سرور سينہ نبي الخافقين و حصول اين مرام يعني وصول چو نتو عام در درگاه مقدس آن قائم مقام خير الانام عليہ و على آلہ الصلواة والسلام بوساطت جناب ولايت انتساب سلطان العاشقين برهان الصوالين مخزن اسرار يکتايُ حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي قدس سره کہ در ملک سنده طرح اقامت انداختہ اند و لوايُ تعشق و تعرف افراختہ  صورت ايجاد خواهد پذيرفت و گلبن مقصود تو بابياري الطاف آن جامع الاوصاف بکام دل خواهد شگفت آن مرد غمناک سراپا درد سينہ چاک يعين اِصغايُ  اين مڙده رهکرايُ گرديد بعد از طي مراحل و قطع منازل بشرف خاکبوسي خدام کرام مشرف شده و بصدق عقيدت و رسوخ طويت دست در دامن فيض ميامن حضور تلطف دستور زده اظهار مطلب گردانيد جناب کرامت مآب بحکم اِنَّ اللهَ سِرُ ويِحبُ سِرّاً نخستين از تعد اين امر نازڪ پهلو تهي کرده آخر برحال سراپا نکال آن متعطش رشحات زلال بخشيد تا شبي بعد نصف الليل آن سرخيل عشاق وحدت ميل مانند سهيل برنگ دادن اديم روح آن صداقت فتوح متوجہ گشتہ عزم نزول از مکان تشريف فرمودو آن غمديده از خود رميده را همراهي سراپا آگاهي خود قبول نمود عاقبت الامر برسر شاهراهي کہ تحت المکان بود منتظر قدوم کدام ممينت لزول توقف گزيد تا آنکہ کوکبہ عالم ارواح مُمَثظل بشکل اشباح بهمراهي شاهنشاه کہ کشور مطهر قاب قوسين او ادنى تختگاه اوست و افسر منوّر لَلولاکَ خلقتُ الاَ فلاک کلاه وي. فرد:

شهنشاهي سريرِ قاب قوسين احمد و مرسل

کہ بر پيشاني تقدير مرقوم ست فرمانش

عليہ الصلواة والسلام مع اهلبيتہِ العُظام و اصحابِہِ الکرام رسيد و چون چسم آن سر گروه عاشقان نامي و سر آمد عارفان گرامي بمشاهدهُ جمال جانفزايُ  و چهرهء دلکشايُ محبوب خدايُ . شعر:

کالزُهرِ في تِرفِ والبدرِ في شرفِ

والبحر في کردمِ والدَّهرِ في هممِ

کانّہُ و هوَ فردءٌ في جلالہِ

في عسکرِ حينَ تلقاهُ و في حشمِ

فائز شده دست رجايُ بفتراک حضرت سيد الشهداءُ عليہ التحية والثناء زده لب باستمداد آن واسخ الاعتقاد کشاد، جناب شاه شهيدان عليہ و على من تبعہ التحية والرضوان  في الفور باحضٰار آن مقبول معنوي يعني  مقتول دهلوي فرمان داد، چون حاضر شد فرمودند کہ ترا گردن انقياد بمطاوعت  اين سيادت نڙاد سراپا صدق وسداد بايد نهاد و شهيد موصوف بحسب امر معروف باسترضاء خسرو اقليم يکتايُ حضرت شاه صاحب بهتايُ قدس سره تن در داده از خطايُ قائل خود در گذشت و خارهايُ ادبار آن معتصم حبل متين اعتبار بوسيلہ جريلہ آن صاحب کمال والا اقتدار  بگلهاي اقبال مبدل گشت.

 

خاتمہ

 


سنڌي ترجمو

درجو چاليهون

خاص شخص عام ماڻهن واسطي شفاعت ۽ سفارش ڪندا

آيت

تنهنجو رب توکي اُهو (شفاعت جو تاج) عطا ڪندو، جو تون راضي ۽ خوش ٿي پوندين.

 (پ-30:س-ضحى:ع-1)

حديث

انس رضه کان روايت آهي ته: فرمايو نبي صلعم ته منهنجي شفاعت منهنجي امتين منجهان ڪبيرن گناهن ڪرڻ وارن لاءِ هوندي.

(رواه الدارمي والترمذي و ابن ماجه عن جابر)

مثنوي

خدا جا بندا رحيم ۽ بردبار هوندا آهن

اصلاح ڪار ۾ خويُ حق ۽ شفيق هوندا آهن

بنا رشوت جي مهربان ۽ مددگار هوندا آهن

ڏکئي هنڌ ۽ ڏکين ڏينهن ۾

اي مصيبت ۾ ورتل! اهڙن انسانن کي ڳول

مصيبت کان اڳي،اهڙن انسانن کي غنيمت سمجهه.

بيت

سَرڻن جا سوٺا سهي، وسيلو ولهن

لُڏي ڪين لطيف چوي، اڳيان لال لکن

جِتِ ڪورين ڪين ڪڇن، اُت پاٻوهون پڌرو.

 

 حڪايت

بيان ٿيل آهي ته هڪڙي وقت نادر شاه دهلي جي دارالحڪومت کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي، شاهي حڪم جاري ڪيو ته هتان جي محلن مان فلاڻي محلي ۾ قتل عام ڪري ڇڏيو. اوچتو هڪ سپاهي جي هٿان، هڪڙو عارف شهيد ٿي پيو. سر ڌڙ کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ قاتل کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته ٻن مردن جو خون تنهنجي گردن تي پئجي ويو. سپاهي دهشت ۽ وحشت ڀريا سخن ٻڌي، حڪومت جي نوڪري ڪرڻ کان منهن موڙي فوراً استعيفا ڏئي، لڏو ٻڌي سڌو عربستان روانو ٿي عالم پناهه، شفيع مجرمان ۽ وسيلہء عاصيان حضرت محمد مصطفى صلعم جي دربار اقدس ۾ اچي پهتو. سندن حضور ۾ دل و جان سان خون جي معافي ملڻ جي عريضي پيش ڪندو رهيو ۽ ارادو ڪرڻ لڳو ته جيستائين معافي نه ملندي تيستائين در نه ڇڏيندس. ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد پاڻ ڪريمن نظر عنايت فرمائي سندس جان ۾ ارشاد فرمايو ته انهيءَ قسم جي گنهگارن جو دارو مدار سيد الهشداء حضرت امام حسين عليہ السلام جي رضا ۽ خوشيءَ تي آهي، ڇاڪاڻ ته سڀ شهيد ۽ ڪل مقتول سندن حضور ۾ حاضر رهندا آهن، پر سيد الشهداء تائين سڌو سنئون پهچي نه سگهندين، تنهنڪري سنڌ ۾ سلطان العاشقين و برهان الصوالين سيد عبداللطيف ڀٽائي وٽ وڃي حال اور ته تون پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندين. انهي خوشخبري ٻڌڻ سان غمگين مرد منزلون طئي ڪندي آخر اچي سندن (شاه ڀٽائي) حضور ۾، مضبوط ۽ سچي عقيدي سان دل جو سوز سلڻ لڳو. شاه صاحب پهرين ته تحقيق الله ڳجهو آهي ۽ لِڪ کي پسند ڪندو آهي واري حڪم موجب پاڻ لڪايو ۽ پاسو ڪري ويا پر آخر اُڃايل جي حال تي رحم فرمائي تسلي ڏئي فرمايائون ته تون اڌ رات کان پوءِ فلاڻي سڙڪ جي هيٺاهين هنڌ اچي بيهجانءِ. وسوڙيل غمگين شخص فرمان قبول ڪري، آخر اچي اُنهيءَ جاءِ تي پهتو. تيستائين منتظر رهيو، جيستائين عالم ارواح جو ستارو ظاهري صورت ۾ اهڙي شهنشاه سان همراه هو، جنهن جو تخت قاب قوسين جي پاڪ ولايت ۾ آهي، ۽ لولاکَ خلقتُ الافلاک (جيڪڏهين توکي نه خلقيان ها ته افلاڪ ئي به خلقيان ها جي نوراني آفسريءَ جو تاج مٿس آهي.بيت:

قاب قوسين جي تخت جو شهنشاه احمد مرسل آهي

تقدير جي پيشاني تي سندس فرمان لکيل آهي.

سو عليہ السلام، اهل بيت عظام ۽ اصحاب ڪرام سميت اچي پهتا، ته هيڏانهن عاشقن جو سردار شاه صاحب به خدا جي حسين ۽ جميل محبوب سان ملاقي ٿيو. شعر:

نزاڪت ۾ گل وانگر آهي ۽ شرافت ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر آهي

سخا  ۾ سمنڊ وانگر آهي ۽ همت ۾ دهر وانگر آهي

گويا هو پنهنجي جلال ۾ يڪتا آهي

۽ پنهنجي حشمت ۾ مقابلي جي وقت فوجي آهي.

اهڙي شهنشاه سان ملاقي ٿي حضرت سيد الشهداء عليہ السلام جي ڳجهه ۾ اميد جو هٿ وجهي احوال پيش رکيائون. پاڻ ڪريمن ان وقت ئي انهيءَ معنوي مقتول  يعني دهلي جي شهيد کي حاضر ٿيڻ جو فرمان ڏنو. جڏهن هو حاضر ٿيو ته پاڻ فرمايائون ته: هن خالص ۽ سچار جي سفارش توکي قبول ڪرڻ گهرجي. موصوف شهيد عرض ڪيو ته: قبلا! وحدت جي ولايت جي بادشاه حضرت شاه صاحب ڀٽائي قدس سره جي رضا ۽ خوشي لاءِ پنهنجي قاتل جي خطا معاف ٿو ڪري ڇڏيان. سو نهلي راسخ الاعتقاد جي بدبختي جا ڪنڊا، وسيلي جي ڪري بخت جي گلن سان بدلجي ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com