سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :4

 

قاضي پير محمد جو تعارف: قاضي پير محمد روهڙيءَ جو رهاڪو هڪ شريف خاندان جو فرد هو ۽ شادي ڪيل نوجوان، بيپرواه، لاجواب حسين شخص هو. سنڌي، عربي ۽ فارسي چڱي ڄاڻندڙ هو ۽ خوشخطيءَ ۾ ته پنهنجو مٽ پاڻ هو، تنهن ڪجهه وقت گذرڻ بعد بيدل صاحب کي پنهنجي محلي ۾ مسواڙ تي هڪ جاءِ جي وٺڻ جو مشورو ڏنو.  انهيءَ ڪري بيدل صاحب قاضي صاحب جي گهر جي بلڪل سامهون اٺ آنا مسواڙ تي جاءِ وٺي ويٺا.، انهيءَ جاءِ جو صورت حال هن طرح سان هو. هڪ ڪشادو صحن ۽ وڏو ڪمرو هو، جتي تڏا ۽ توريون پيل هونديون هيون، جنهن تي سندن صحبت ۾ رهندڙ سادات، عالم، فقير ۽ عام ماڻهو سندن ريجهه رهاڻ ۽ عارفانا نڪتا ٻڌڻ واسطي اچي ويهندا هئا. بيدل صاحب جتي ويٺو هوندو هو، اهو هنڌ ايترو هيٺ هو، جو سندن کٽ پوڻ کان پوءِ وڃي ڪمري جي ٿلهي جي برابر لڳندي هئي ۽ کٽ جي لڳ کوه جي پاڻيءَ جو هڪ دلو رکيو هوندو هو، جنهن مان پاڻي ڀري پيئندا هئا. انهيءَ اوطاق جي پاڻي ۽ صفائيءَ جي خدمت اڪثر سندن طالب سليمان فقير ڪندو رهندو هو.

بيدل صاحب جي انتقال کان پوءِ مٿين جاءِ جڏهين سندس مالڪ وڪڻڻ لاءِ تيار ٿيو ته فقير صاحب جا مريد ۽ معتقد جاءِ جي مالڪ کي اوترا پيسا ڏيڻ لڳا، جيڪي کيس ٻين وٽان مليا ٿي پر انهيءَ هوندي به هڪ نفساني ضد ڪري، ٻين ماڻهن کي وڪرو ڪري ڏنائين. اُها جاءِ هن وقت ٻن حصن ۾ تقسيم ٿيل آهي ۽ نئين نموني ٺهيل آهي. جتي بيدل صاحب جي کٽ پئي هوندي هئي، انهيءَ هنڌ جاءِ جي مالڪ احترام طور هڪ پڪ سريءَ جو ٿلهو ٺهرائي ڇڏيو آهي.

ٻي شادي ۽ اولاد: سنه 1271 هه ۾ بيدل صاحب، قاضي صاحب جي صلاح مشوري سان ٻي شادي آدم پوٽيءَ سان ڪئي، جنهن مان ٽي پٽ تولد ٿيا:

1- فقير محمد محسن عرف بيڪس، جو 26 جماد الثاني سنه 1275 هه ۾ تولد ٿيو.

بيست و ششم جماد الثاني زاد

محسن و مولدش مبارک باد

پنج هفتاد يڪ هزار و دو صد

بدز هجري رسول شاه رشاد

2- محمد فريد جمعرات 23 جماد الاول سنه 1277 هه ۾ تولد ٿيو.

شب آدينہ بيست وسيم

از جماد الاول فريد زاد

يا رب از فتنہ دار مامونش

يہ نبي و آلہ الامجاد

3- خدا بخش، جيڪو ننڍڙي هوندي ئي گذاري ويو.

مثالي محبت: قاضي پير محمد صاحب جي عادت هوندي هئي ته جنهن ضد تي چڙهندو هو، اهو ڪم فقير صاحب کان ضرور پورو ڪرائيندو هو. بعضي ته حاڪماڻي ۽ ظالماڻي روش کان ڪم وٺي ڏاڍا ڏکيا لفظ ڳالهائيندو هو، انهيءَ ڪري ڪن مريدن کي، خاص ڪري سيد قاسم علي شاه جو غصي جي ڪري منهن ۽ بت ڪانڊارجي ويندو هو پر فقير صاحب جي ڪري خاموش رهندو هو. اهڙي صورت ۾ فقير صاحب محفل ۾ فرمائيندا هئا ته: عزيزو! جنهن شخص کي قاضي صاحب جي روش نه وڻندي هجي، سو هتان اٿي هليو وڃي. ڇاڪاڻ ته هادي سائينءَ جو سندن هن چيل شعر تي عمل هوندو هو.

جسم جور جفا انهان ظالمان دا عين مهر وفا ڪر ڄاڻ سڀو

گهٽي زهر انهان دي دستئون پي، اها شهد شفا ڪر ڄاڻ سڀو

انهيءَ سنگدليءَ جي باوجود قاضي صاحب کي فقير بيدل صاحب کان سواءِ آرام ۽ چين نه هوندو هو.

ڀڳت دوار ڪومل، بيدل صاحب جي صحبت ۾ گهڻو وقت رهيو هو، انهيءَ مون سان احوال ڪيو هو ته اسان اهڙا گهڻا موقعا ڏٺا، جو فقير صاحب، قاضي صاحب کان رسي، قاضي محلي واري اوطاق ڇڏي، بسترو کڻائي پنهنجي گهر واري اوطاق ۾ رهندا هئا ۽ صبح جو دستور موجب پنهنجي محبت ۽ صحبت وارن سان ريجهه رهاڻ ۾ لڳي ويندا هئا ته اوطاق جي ٻاهران درين جي سوراخن کان قاضي صاحب جهاتيون پيو پائيندو هو. پوءِ جڏهين ڪنهن صحبت واري جي نظر قاضي صاحب تي پوندي هئي ته اُهو فقير صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪندو هو ته قبلا! ٻاهران قاضي صاحب واجهائي رهيو آهي فقير صاحب انهيءَ ٻڌڻ شرط اڃا ٻاهرئين دروازي تائين مس ايندا هئا ته قاضي صاحب به اڳتي وڌي فقير صاحب کي ٻانهن ۾ هٿ وجهي پنهنجي محلي واري اوطاق ۾ وٺي ويندو هو. انهي درميان ڪو گفتو يا هڪ ٻئي کي ميار ڏيڻ جو سوال جواب اسان ڪڏهين نه ٻڌو ۽ نه وري ڪڏهين خبر ئي پئي ته ڪهڙي ڳالهه تي رٺا ۽ ڪهڙي ڳالهه تي پرتا.

ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد قاضي صاحب جي طبيعت ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو ۽ فقير صاحب جو بيعت ٿي غلامي ۾ نالو داخل ڪرايائين.

مشهور مريد ۽ طالب: سنہ 1263 هه ۾ قاضي پير محمد به بيدل صاحب کان ذڪر فڪر جي تلقين وٺي دم جي ڌن ۾ لڳي ويو، باقي ٻيا شخص جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا تن اڳي پوءِ مختلف وقتن ۾ کائن تلقين ورتي. (1) سيد قاسم علي شاه بڪاري (2) سيد حمزه علي شاه(3) سيد حبيب الله شاه (4) سيد صفدر علي شاه (5) ميان سيد علي شاه (6) سندن فرزند فقير محمد محسن (7) سليمان فقير ميربحر (8) قاسم علي فقير ميربحر (9) حيات فقير پرديسي (10) پنوه فقير پرديسي (11) قاضي غلام حسين (12) قاضي غلام مهدي (13) قاضي غلام حيدر (14) ڀائي ڪشن داس پير ڳوٺائي (15) مائي رامي پير ڳوٺ جي ٽڪاڻي ۾ رهندڙ.

ان کان سواءِ جيڪي ارادتمند شخص پاڻ کي مريد سڏائي اڪثر سندن خدمت ۾ رهندا هئا ۽ سندن صحبت جا پياسي هوندا هئا، تن مان ڪن جا اسم گرامي ڏجن ٿا: (1) ڪريم بخش خنياگر (2) ميان عبدالوهاب ريشم باف(3) حاجي جمڙو شيخ (4) جمعدار آندل (5) ديوان ڪشنچند خيرپوري (6) منشي هيمراج (7) منشي پريمچند (8) منشي سلامت راءِ (9) ڪرمچند وغيره.

بيدل فقير جي تصنيفات جو سلسلو

قاضي پير محمد بيعت ٿيڻ کان ڪجهه وقت پوءِ جن ڪتابن جي لکائڻ ۾ فقير صاحب جو ڪاتب ۽ مددگار هيو انهن ڪتابن جي فهرست هن طرح سان آهي:

1- پنج گنج

هي ڪتاب سنه 1264 هه ۾ لکيو ويو. هن ۾ چاليهه درجا آهن، هر هڪ درجي ۾ ڪو موضوع مقرر ڪري ان کي پنجن دليلن سان ثابت ۽ مستند ڪيو ويو آهي. اهي پنج سندون هن طرح سان آهن:

1-       قرآن جي آيت عربيءَ ۾

2-      حديث مبارڪ عربيءَ ۾

3-      مولانا روميءَ جو بيت فارسيءَ ۾

4-      شاه عبداللطيف جو بيت سنڌيءَ ۾

5-      ڪنهن معتبر ڪتاب جي حڪايت فارسيءَ ۾.

2- فوائد المعنوي

هي نثر ۾ آهي، هن ۾ تصوف جي باري ۾ اندازن ٻه سئو مقالا پيش ٿيل آهن جن ۾ طالب لاءِ حقيقت ۽ مجاز سمجهڻ واسطي ڪافي خزانو بيان ٿيل آهي. هي ڪتاب پڻ سنه 1264 هه ۾ تصنيف ٿيو.

3- تقويت القلوب في تذڪره المحبوب

هي ڪتاب فارسي نثر ۾ 68 صفحن جو آهي ۽ سنه 1266 هه ۾ لکيو ويو. هن ۾ ڪو موضوع ڏنل نه آهي، صرف ڪو موضوع خيال ۾ رکي انهيءَ تي ڪيترائي دليل ۽ سندون ڏئي دل ۽ خيال کي طاقت ڏياري وئي آهي.  اهي سندون هن قسم جون آهن: قرآن جون آيتون، حديثون، اهل بيت عظام ۽ اصحاب ڪرام جا اقوال، ۽ عارفن جا عربي، فارسي، سنڌي ۽ هندي ۾ سخن.

4- ڪرسي نامو

هي ڪتاب سنه 1267 هه ۾ لکيو ويو. هن جو تعارف انهي ڪري پيش نه ڪيو اٿم، جو غير موجود آهي.

5- قرتہ العينين

سنہ 1280 هه ۾ قره العنين في مناقب السبطين فارسي نثر ۾ لکيو ويو آهي. هن ۾ حضرت امام حسين عليہ السلام جي شان ۾ ڪجهه حديثون ۽ روضہ الشهداءِ مان واقعا ڏئي، حضرت سيد الشهداءِ سان عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو ويو آهي. هي 106 صفحن جو ڪتاب آهي.

6- سرود نامي جو تعارف

هن ۾ سنڌي سرائڪي ڪلام لکيل آهي. انهيءَ کان سواءِ ڏوهيڙا، سي حرفيون، سنڌي وحدت نامو ۽ فرائض صوفيه آهي. هي جملي 283 صفحن جو ڪتاب آهي. ڪلام وغيره مختلف وقتن ۾ چيل آهي، شايد ڪتاب ترتيب جي صورت سنه 1280 هه ۾ ورتي آهي.

7- فارسي ديوان بيدل جو تعارف

بيدل صاحب جي سڀني ڪتابن ۾ هي ڪتاب گهڻو ۽ وڏو آهي. هن ۾ صرف فارسي غزل ۾ ڪلام نه آهن، پر شاعريءَ جو فن ۽ هنر نمايان آهي؛  يعني فرد؛ رباعي، مخمص ۽ مسدس کان سواءِ درد ۽ همہ اوست جو عجيب داستان آهي. هي به مختلف وقتن ۾ چيل آهي. صرف قاضي پير محمد جي آخري عمر جي وقت ۾ مڪمل ڪتاب جي صورت ۾ لکيو ويو آهي. هن جي صفحن جو تعداد هن ڪارڻ نه ڏنو اٿم؛ جو هن وقت مون وٽ غير موجود آهي.

8- غزليات هندي

هي اردو غزلن جو ڪتاب آهي؛ اهو به مختلف وقتن ۾ لکيل آهي. سنه وغيره لکيل نه آهي، شايد اڃان وڌيڪ اردو شعر لکڻ جو ارادو هو. پر ڪنهن  سبب ڪري اڌ ۾ رهجي ويو آهي.

9- في بطن احاديث

هي فارسي نثر ۾ آهي، هن ۾ ثابت ڪيو ويو آهي ته اسلام ٻن قسمن جو آهي: هڪ اسلام ظاهري ٻيو اسلام باطني آهي. انهيءَ ڪري ڇهن حديثن جي معنى باشرح لکي اٿن. هن ۾ به ڪو سنه لکيل نه آهي. معلوم ٿو ٿئي مالڪ کي اڃان ڪجهه وڌيڪ لکڻ جو خيال هو پر ڪنهن سبب جي ڪري اڌ ۾ رهجي ويو آهي.

10- انشاءَ قادري

هن ۾ خط و ڪتابت جا عجيب ۽ قسمين قسمين سرناما فارسي نثر ۾ لکيل آهن.

11- تاريخ سنڌ

هي فارسي نثر ۾ آهي. گهڻو ڪري اُهي تاريخي ٽڪرا لکيا ويا آهن، جن ۾ ٻين ملڪن جي بزرگان- دين جي سنڌ ملڪ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ بابت ذڪر آهي.

12- چار خطبا هڪ وصيت نامو

هي چار خطبا شايد جمعي ۾ پڙهندا هوندا، جو فارسيءَ ۾ لکيا اٿن.

 

5-

نسخہ دلڪشا

فارسي نظم

1263 هه

6-

فوائد المعنوي

عربي نثر

1264

7-

پنج گنج

عربي ۽ فارسي

1264

8-

نهر البحر

فارسي  نظم

1264

9-

مصباح طريقت

        

1265

10-

منهاج الحقيقت

        

1265

11-

سندالموحدين

        

1266

12-

تقويت القلوب

         نظم ۽ نثر

1266

13-

ڪرسي نامه

         نظم

1267

14-

رموز العارفين

        

1268

15-

سرور نامه

سنڌي۽ سرائڪي ڪلام

1280

16-

ديوان بيدل

فارسي نظم

1280

17-

غزليات هندي

 

نا معلوم

18-

في بطن احاديث

نثر عربي فارسي

  

19-

انشاءَ قادري

فارسي  نظم

  

20-

تاريخ سنڌ

        

  

21-

قرة العينين

        

1280 هه

22-

هير رانجهو

         نظم

نا معلوم

23-

چار خطبا ۽ وصيت نامو

فارسي نثر

  

 

شعر ۽ شاعري

بيدل صاحب نه صرف وڏو عالم هو، بلڪ عربي، فارسي، سنڌي ۽ سرائڪي زبانن جو ماهر ۽ قادر الڪلام شاعر هو. صرف شاعر نه بلڪ وحدت جي بي پايان بحر جو غواص ۽ لاهوتي موتي آڻيندڙ ٽوٻو هو. انهيءَ حقيقت جو ثبوت، سندن لکيل ٽيويهن ڪتابن ۾ اظهر شمس ۽ نروار آهي. ديوان بيدل فارسيءَ مان هڪ موهيندڙ عربي شعر ۽ ڪجهه فارسي غزل وغيره مثال طور پيش ڪريان ٿو:

وکن في الحب ماتمهل غريقاً

(جيترو ٿي سگهجي اوترو محبت ۾ غرق رهه)

وحيد في الخلائق والزوايا

(مخلوقات ۾ اڪيلو ۽ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهه)

علو الشرف في ترک الرياست

(رياست ۽ وڏ ماڻهپ جي ڇڏڻ ۾، اعلى عزت آهي)

فلا شرف لمن رکب لمطايا

(جو شخص سوارن تي سوار آهي، تنهن لاءِ شرف ۽ عزت نه آهي)

نحن اقرب شنو از قرب خد دور مباش

همچو خفاش ازان جلوه مهجور مباش

ثم وجہ الله هر جا است تجلي حسنش

چونکه او عين عيان گشتہ تو مستور مباش

وهو معکم بتو محبوب هم آغوش شده است

چو مسيحا بتو همدم شد رنجور مباش

افلا تبصر اي بلبل گلزار شهود

چشم دل باز کن و غفلت دستور مباش

وادخلي جنتي از باغ وصالش گلچين

طالب روضہ جنان شيفہ حور مباش

ساغر فيض سقاهم چو بدو دست مدام

جام عشرت طلب، اي بيدل مخمورش

 

شد تجلي گر بهر سو شاهد رنگين قبا

يعني آن بيرنگ باهر رنگ گشتہ رخ نما

حسن صورت راتو مظهر جلوه معنى اشناس

يار بيچون گشتہ روپوش اندرين چون وچرا

 

بيدل اين صورت طلسم گنج معنى مطلق است

سجده او فرض دان بگذر انکار و ابا

بيدل از آئينہ صورت عکس معنى ديده گير

في الحقيقت باطن و ظاهر حقيقت واحدند

پنجن ٻولين ۾ مخمس

 

صاح صاح في الصوامع عاکفي الحرام الصفا (1)

کين همہ پيرا و پنهان است ذات کبريا

صورت و معنى مين يکتا جلوه گرهـﻶ جا بجا

ڪڏا سڏاوي نام احمد آکي لا احصى ثنا

دم انالحق  جو هڻي منصور جي صورت سما

 

بيدل صاحب جو اردو شعر قريباً ڏيڍ سئو سال جي زماني ۾ چيل آهي، جنهن زماني ۾ اردو زبان، عربي ۽ فارسي الفاظ جي محتاج هئي.


(1)   يعني: حرم صفا جي رهندڙن جي آوازن ۾، ٻوليندڙ جو آواز آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com