سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :3

 

 

پوءِ جيترا ڏانهن فقير صاحب اُتي هئا ته نينگر کي پڙهائيندا رهيا. انهيءَ  نينگر وڏي هوندي پنهنجو تخلص اصغر رکيو. فقير صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ علي گوهر جي تاريخ هن طرح لکي آهي:

جناب پير علي گوهر آن کريم رشيد

چو رمز اِرجعي از پرودگاه راز شنيد

گزاشتہ جسم دربن واگاه ناسوتي

بسوي گلشن لاهوت مرغ جانش پريد

بسوي اصل خود آردر جوع هر چيزي

بہ بحر وحدت آن قطره سفر رسيد

بتافت رخ ظهورات آن سراپا نور

بقاف معنى سيمرغ وش نهان گرديد

دلم چو سالش بجست هاتف گفت

بہ آفتاب بہ پيوست نور حيّ وحيد

سنہ 1268 هه

پير ڳوٺ ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ ڪري سندن جلال ۽ جذبو سمائجي ويو. ان کان پوءِ پريالوءِ روانا ٿي ويا. مخدوم محمد اسماعيل جي زيارت کان پوءِ شريعت جي اتباع جو شوق پيدا ٿيو. ان بعد پاڻ روهڙيءَ ۾ اچي پنهنجي والد صاحب جي خدمت ۾ قدم بوس ٿيا. ٻئي ڏينهن فقير صاحب پنهنجي والد جي فرمان موجب سکر مولانا عبدالرحمان وٽ پڙهڻ ويا ته سهي، پر جوش ۽ جلال ڪري اڳتي پڙهي ڪونه سگهيا. جيئن هڪ ڏينهن جو واقعو آهي ته فقير صاحب شرح مُلاّ جو دستخط تي پڙهي رهيا هئا ته طبيعت جوش سان ڀرجي وئي ۽ منهن مبارڪ سرخ ٿي ويو ۽ اوچتو اکين مان زور سان نير وهي ڪتاب جي لفظن کي ميٽي ڇڏيو. تڏهين مولانا صاحب فرمايو ته: ٻچا! اوهان جو ڪجهه پڙهيو آهي، سو اوهان واسطي ڪافي ۽ وافي آهي. اڳتي اوهان پڙهي ڪونه سگهندا، تنهنڪري والد صاحب کي سلام عرض رکي، پرهڻ جي باري ۾ مجبوريءَ جي معذرت پيش ڪجو! مولانا صاحب جو فرزند مولوي عبدالڪريم ڳالهه ڪندو هو ته بابو جڏهين به شاگردن کي پرهائيندي انهيءَ جاءِ تي پهچندو هو ته فقير صاحب جي ڏٺل صورت حال جي ڪري، سندن اکين مان نير وهي ايندا هئا.

لعل شهباز جي ٻي ظاهر ملاقات: ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ فقير صاحب وٽ هڪ نوراني صورت وارو درويش آيو ته پاڻ اُٿي آداب بجاءِ آڻي درويش کي باعزت وهاريو. درويش فرمايو ته:  اوهان جي سنڌي ڪلام ٻڌڻ واسطي آيا آهيون. فقير صاحب عرض ڪيو ته: قبلا! سنڌي زبان کي گويا تالو لڳي ويو آهي، انهيءَ ڪري سنڌي ۾ ڪو به ڪلام چيل نه آهي. درويش فرمايو ته اوهان سنڌي زبان ۾ ڪلام شروع ڪري ڏيو،  انشاءَ الله هاڻي ڪو به اٽڪاءُ نه ٿيندو. ائين چئي اُٿي کڙا ٿيا ته فقير صاحب به اٿي ساڻن دروازي تائين گڏجي آيا. پوءِ واپس وري اچي پنهنجي وٿاڻ  تي ويٺا. صحبت وارن مان ڪنهن کانئس سوال ڪيو ته:  قبلا! ڪير درويش هئا. پاڻ فرمايائون ته: سنڌ جا سلطان لعل شهباز هئا ۽ ٻه قرب ڪري ويا:  پهرين وحدت  الوجود جو حال عطا ڪيائون. ٻيو سنڌي زبان جو تالو کوليائون.

قلندر دل اندر، من اندر قلندر

سدا شائقن جي، دل اندر قلندر

سرور سنده قلندر کہ زين سلطان بود

مخزن سرّ لدن مطلع نور جان بود

شهبازيست کہ در عالم تکين عروج

وصف طيرانش بيرون زحد امکان بود

در دريائي معارف چمن باغ بقا

مرقد روشن او شهر بہ سيوستان بود

جامع شرع و توحيد شہ قطب الدين

مير مخدوم حسيني و ولي عثمان بود

دل چو تاريخ و صالش بجستہ ز سروش

هاتفم گفتہ او لعل يمن عزفان بود

سنه 1650 هه

مک ماهي دا: شهباز قلندر جي دوباره نوازش کان اڳي، بيدل صاحب ورد وظائف ۽ تقوى طاعت ۾ مشغول ئي هئا ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سنہ 1245 هه ۾ اوچتو ڪرمچند جي اولي اهڙو تير تفنگ لڳو، جنهن سرت گنوائي ساري. جيئن پاڻ فرمايو اٿن:

ٿل: عشقي سانون چاٽي چکائي

ڀل ڳئي ساڏي سرت سڀائي

1. صرف نحو تي فقہ مئن پڙهيا

تقوى  وچ ٻهون مين کريا

پيچ زلف وچ جڏان مين اڙيا

مذهب دين دي وسري وائي

2. عشقي اپنا تاب ويکايا

علم عقائد ياد نه آيا

جلوي حسن دي هوش گنوايا

چسم سيہ جڏان چوٽ لٻائي

بيدل

مجاز جي حقيقت سندن تصنيفات ۾ ڪافي بيان ٿيل آهي پر اسان بوالهواس ۽ سَڌون ڪندڙن کي گمراهيءَ کان بچڻ لاءِ سندن صرف ٽي نڪتا پيش ڪريون ٿا:  مجاز هڪ حال آهي نه قال، يعني جيڪڏهن طالب بت پرست. مان وحدت جو نور نظر نه آيو ته اها صورت بُت اهي ۽ طالب بُت پرست. جيڪڏهن حال غائب نه آهي ۽ اڃا غير ۽ دوئي  نظر ٿي اچي ۽ مرڻ کان اڳي پاڻ نه مئو آهي ته اهو عشق قال، برباد ۽ باطل آهي. جيئن پاڻ ارشاد فرمايو اٿن: مَنٌ يَّعٌشِقُ عَلى صُوٌرَتِ وَلَمٌ يُطُلِعَ مَعنَاه کَعٌبُدُ الصّنَمِ (بيدل) يعني جيڪو طالب ڪنهن صورت تي عاشق ٿئي ٿو ۽ ان جي معنى  ۽ حقيقت کان آگاه نہ آهي، سو بت پرست وانگر آهي.

بيدل ويک حسن دي اولي نور سارا نروار     (بيدل)

قاف قدر معشوقاندا سوئي جاني،

جوئي آپ ڪنون آزاد هوندا

جان جان غير سراپا گم نهو،

تان تان بره سڀون برباد هوندا

نيهن لاوڻ دي وچون سالکان نون،

موتو اقبل الموت مراد هوندا

بيدل گم ٿيون سيئي پُر پيون،

اينوين عشق ڪنون ارشاد هوندا

بيدل

غلام محمد جو بيک: فقير صاحب ڪرمچند جي عشق ۾ وحدة الوجود جي ڪرشمن ۾ برابر ٽي سال گذاري فنا جا مقام ۽ منزلون طئي ڪري اڃان مس فارغ ٿيا ته اوچتو سنہ 1248 هه ۾ غلام محمد دارونگر (مغل) حال درزڪو ڪم ڪندڙ شڪارپوري جي بيک ۾ هڪ اهڙو قهري ڪان لڳو، جو دانهن ڪري چوڻ لڳا:

ظوئي ظاهر هوندا تيڏي اکيان وچون

ڪوئي غازي غمزي باز هين تون

دل نال ڪرشما لُٽ ڳڌءِ

سهڻي چال سراپا ناز هين تون

پنبڙين تير ڀواندي سيڱ تينون

ڪيسا تِکڙا تير انداز هين تون

بيدل درس تيڏي وچ مست هويا

سانون ساقي محفل راز هين تون

عين عشق تيڏا هـﻶ امام ساڏا، ڏوجها مذهب دين نه ڄاڻندا مين

مين طرف تساڏي سجود ڪيتا، قبلا هورنسي ڪو پڇاڻندا مين

مين ٿون علم عقائد ڀل ڳيا، ٿيسان خادم در خوباندا مين

بيدل بره جيسي ڪائي چيز نهي، چاوندا قسم ڀلي قرآن دا مين

انهيءَ مقناطيس ڪشش غلام محمد کي به اهڙو جڪڙي وڌو جو کيس گهر ۾ رهڻ ئي نه آيو ۽ وقت بوقت شڪارپور ڇڏي سڌو فقير صاحب وٽ روهڙيءَ هليو ٿي آيو. اها روش به ڪافي وقت هلي. غلام محمد جي مائٽن کي اها روش نه وڻي. انهيءَ ڪري کيس فقير صاحب وٽ اچڻ کان ڪافي روڪيائون ۽ ڪيترا حيلا هلايائون پر ڪجهه به ڪين وريو. آخرڪار غلام محمد کي سندس مائٽن هڪڙي ڪمري ۾ بند ڪري قلف هڻي ڇڏيو ۽ ماني وغيره جو انتظام به اندر ڪمري ۾ رکيو ويو. غلام محمد جي وڇوڙي ۽ جدائيءَ فقير صاحب جي اندر ۾ اهڙو دود دکيايو، جو فرمائڻ لڳا ته:

جان بہ لب آمده است زهجران حبيب کو

(هجر ۽ وڇوڙي کان جان چپن تي اچي وئي آهي ڪٿي آهي يار)

دردم زحد گذشت خدارا طبيب کو

(درد حد کان لنگهي ويو آهي خدا واسطي ڪٿي آهي طبيب)

آفاق کرد ساخت مرا دور چشم تو

(مون کي تنهنجي ديدار کان دنيا جي دور پري ڪري ڇڏيو آهي)

آخر زکس بپرس کہ بيدل غريب کو

(آخر ڪنهن کان پڇ ته سهي ته غريب بيدل ڪاڏي وڃي)

اندر ٻاهر مينون ٻهڻ نه آوي

ٻاهر ڦران تيڏا برهه ستاوي

فوج حسن دي چڙهه چڙهه آوي

جوڙ ڪري جنسار جذبي دل جڙي هي

بره ڪاسائي دي دست پيوسي

حسن ڪيتي قربان ٿيوسي

سر نشانا ناز ڪيتوسي

تير ستم دا گهاوندا گهڙي گهڙي هي

بيدل

آخرڪار هن طرح فرمائي سڌا شڪارپور روانا ٿي ويا ته:

بيدل ڇوڙ بزرگي سڃي

پيڇون يار سهڻي دي وڃي

بند حيا و شرم دا ڀڃي

نيڻن ويک نظارا عشقي ديد اڙي هي

شڪارپور پهچڻ شرط امين شاه چشتي جي مزار تي ڪجهه وقت مراقبو ڪري، دلربا ڏانهن رخ رکيائون ۽ گهر جي اهڙي هنڌان اچي بيٺا، جتان غلام محمد جي ڪوٺي هئي. فقير صاحب جوش جي حالت ۾ اشهد آڱر سان ديوار کي ليڪو ڪڍيو، نتيجي ۾ ديوار کي شگاف ٿي پيو. غلام محمد ٻاهر نڪري آيو ۽ ٻئي گڏجي روهڙيءَ پهتا. جڏهن گهر وارا ڪوٺيءَ جو تالو کولي اندر گهڙيا ته ڏسن ته ڪوٺي خالي آهي. سو جاچڻ لڳا ته متان غلام محمد ديوار کي ڪو سوراخ ڪري نڪري ويو هجي، پر ڪو به سوراخ يا شگاف نظر نه آين. وڏي سوچ ويچار ۾ پئي سڌو روهڙي فقير صاحب وٽ آيا. ڏسن ته غلام محمد فقير صاحب وٽ ويٺو آهي. انتظار دور ٿيو ۽ فقير صاحب جي قدمن تي ڪري پيا، ۽ چيائون ته: قبلا! اسان جيڪي به اوهان سان بي ادبيون ۽ گستاخيون ڪيون آهن، تن جي معافي ملي. غلام محمد اوهان جو آهي ۽ اوهان کي پرتو آهي. اسين هن وقت واپس وڃڻ جي اجازت ٿا وٺون، جو گهر وارن کي تسلي ڏئي انتظار دور ڪريون. ائين چئي موڪلائي هليا ويا.

انهيءَ کان پوءِ پاڻ تصوف جي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ ۽ وحدت الوجود يا همہ است (سڀ سو آهي) جي خيال ۾ ٽٻيون هڻڻ لڳا. جيئن پاڻ فرمايو اٿن:

1.  هستيءَ کي همہ اوست ۾، ڪيو گم جني

      ڏٺو ترت تني، اکين شعاع شهود جو

2. هوڪو همہ اوست جو، سڻج ساڻ يقين

      اينما تولوا فثم وجہ الله، حق ريءَ آهي ڪين

      فرق ڪفر ۽ دين، بيشڪ بهانو اٿئي.

3. هوڪو همہ اوست جو، سڻج ڌيان ڌري

     الا اِنہ بڪل شيءِ محيط، پرين ناهه پري

     ٿو سهسين ويس ڪري، سڀوئي آهه سپرين.

4. هوڪو همہ اوست جو، سڻي رک ويساهه

     وهو الله و في السمٰوات والارض، هرجا آپ الله

     اوهو شهنشاهه، اولي عبديت جي.

5. مڙوئي محبوب آهه، سدائي سڀ پار

     ولا اسم الا وجود واحد، صورت سهس هزار

     جامان سو جنسار، پهريندڙ هڪ پرين.

فقير صاحب انهيءَ ڌُن ۽ ڌيان ۾ هئا ته سنہ 1256 هه ۾ فقير غلام محمد، بيدل صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته: قبلا! بندي جا ٻه سوال آهن. هڪ ته پنهنجي غلاميءَ ۾ داخل ڪري، ذڪر فڪر جي تلقين ڪري ۽ طريقت ۾ هلائي پار پهچائيو. ٻيو ته پنهنجي قدمن ۾ رکجو. فقير صاحب قرب جي نظر سان ڏسي مشڪڻ لڳا ۽ تلقين ڪري طريقت ۾ داخل ڪيائون. انهيءَ کان پوءِ فقير غلام محمد ناز ڇڏي نياز ۽ مريدانو رويو اختيار ڪيو.

سندن مريد: انهيءَ کان پوءِ سندن جوانيءَ جي وقت ۾ جيڪي شخص طريقت ۾ داخل ٿي فيض ياب ٿيا، تن جا اسم گرامي هي آهن:

1-                   فقير عبدالله سندن سوٽ جو ساڻن گڏ رکيل آهي.

2-                  لعل محمد فقير

3-                  ڏاڙهون فقير، جيڪي سڄي عمر سندن خدمت ۾ رهيا ۽ فوت به اُتي ٿيا ۽ درگاهه جي مقام ۾ رکيا ويا.

4-                  ديوان شوڪت راءِ خيرپوري.

5-                  پارو شاه ٽڪر تي رهندڙ ڀائي وسڻ رام جو گرون.

پهرين شادي: سنہ 1257 هه يعني 27 ورهين جي عمر ۾ سندن والد کين شادي ڪرائي، جنهن مان هڪ نياڻي تولد ٿي. انهيءَ کان پوءِ سندن حرم فوت ٿي ويا. جيڪي بيدل صاحب جي درگاه ۾ اولهه طرف زناني مقام ۾ رکيل آهن.

ابتدائي دور جون تصنيفون: سنہ 1258 هه ۾ فقير صاحب رياض الفقر فارسي نظم ۾ لکيو، جنهن ۾ اهل بيت عظام، اصحاب ڪرام ۽ اولياءَ الله جي خدمت ۾ عقيدت جا گل پيش ڪيل آهن ۽ ڪيترن عارفن جي سخنن جي شرح به ٿيل آهي. هيءُ ڪتاب 80 صفحن جو آهي.

وري سنہ 1259 هه ۾ سلوڪ الطالبين ۽ رموز القادري في شرح قصيده غوثيہ لکيائون. سلوڪ الطالبين فارسي نظم ۾ آهي ۽ پنهنجو تخلص طالب ڏنو اٿن. هي نظم سي حرفي جي صنف ۾ چيل آهي. فقط الف جي چيل شعرن جو انداز اٺ (8) آهي، اهڙيءَ طرح نظم ۾ جملي پنجاسي (85) شعر آهن. رموز القادري ۾ سيد عبدالقادر جيلاني قدس سره جي عربيءَ ۾ چيل سقان الحب جي شعرن جي فارسي نظم ۾ شرح آهي. هيءُ ڪتاب جملي ٻائيتاليهه (42) صفحن جو آهي.

سندن والد صاحب جو انتقال: انهيءَ کان پوءِ ساڳئي سال 1259 هه ۾ سندن والد خليفو محمد محسن صاحب گذاري ويو، جنهن جي وصال جو مفصل بيان اڳ اچي چڪو آهي. سندن آخري آرامگاه صوفي مير جان الله شاه جي درگاه تي آهي.

فقير غلام محمد جو انتقال: سندن والد بزرگوار جو صدمو اڃا پورو لٿو ئي نه هو ته سنه 1261 هه ۾ سندن محبوب ۽ مريد فقير غلام محمد اربعا ڏينهن 19 جمادي الثانيءَ ۾ پرواز ڪري ويو، بيدل صاحب، فقير غلام محمد جي مزار اهڙي هنڌ مقرر ڪئي، جو قدمن ۾ رهڻ واري وصيت بلڪل پوري ٿي ۽ فقير غلام محمد، فقير بيدل صاحب جي بلڪل قدمن ۾ آهي.

بيدل صاحب فقير غلام محمد جي فراق ۾ ڪافي شعر چيا آهن، پر هتي صرف هڪ عربي (ترجمي سان) ۽ ٻه فارسي شعر هن لاءِ پيش ڪجن ٿا ته فقير غلام محمد جو مرتبو ۽ پاڻ ۾ جو عشقي جذبو هون، سو معلوم ٿي وڃي.

عربي شعر (ترجمي سان)

1 يا اَخيٌ اَين اَنت، اِن الدهر فرق بيننا.

(اي منهنجا ادا! تون ڪٿي آهي، آءُ ڪٿي آهيان بيشڪ زماني اسان جي وچ ۾ فراق ۽ جدائي وجهي ڇڏي.)

2 ما اطعنا فراقکم، لَکن برضاءِ القدير سلمنا.

(اسان کي توهان جي فراق سهڻ جي طاقت نه آهي پر قادر جي رضا کي تسليم ۽ قبول ڪيوسون.)

3 -  کنت دهراً انيسنا، فالان ليس الا خيالکم معنا.

(ڪو زمانو اهڙو هو، جو تون اسان سان اُنس ۽ محبت ونڊيندو هئين، هاڻي اسان سان صرف توهان جو خيال ۽ تصور آهي.)

4  منذ يوم الوداع عيني جرت الدع حسرت حزنا.

(وداع ۽ جدائي جي ڏينهن کان وٺي، ڏک ۽ غم جا نير وهي رهيا آهن.)

5  خلت اَن لا تکون تفارقنا، اذ تفارقت بغتة انا.

(مون ڀانيو ٿي ته تون اسان کان جدا نه ٿيندين پر اوچتو تون مون کان ڌار ٿي وئين.)

6 قدرمان الزمان من بعدک بنبال الهموم ممتحنا.

(توکان پوءِ مون کي زماني امتحان وٺندي ڏکن ۽ ڏولاون جا تير اڇلائي هنيا)

7 -  لست انا قادر اعلى فرج، ضاق عيشي بذکر ماکنا.

(مون کي طاقت نه آهي اُن زندگيءَ  کي ڪشادي ۽ بافرحت بنائڻ جي، جيڪا منهنجي زندگي تنگ ۽ ڏکن ڀري ٿي پيئي آهي، (روح رهاڻ کي) ياد ڪري جنهن ۾ گڏ هئاسون.)

فارسي نظم

1.  آن مخلص يگانه کہ خوش بود محبتش

رفت از جهان، بماند دل داغ حسرتش

2. مقبول حق غلام محمد کہ دور زد

خون شد دلم ز سوز غم و درد فرقتش

3. يا رب دوام باد بحق حبيب تو

فيضان ابر رحمت برخاک تربتش

4. جانش مدام غرق بہ بحر وصال دار

شادان نما بہ هويت نور وحدتش

5. شب چهار شنبہ نوزدهم آخرين جهاد

رستہ ز قيد هستي تاريخ  رحلتش

1.  بزير خاک جا کردي بهرجايت خدا حافظ

غلام احمدي بادت محمد مصطفى حافظ

2. ره نا ديد سر کردي بہ تنهائي مطاعت را

زشر رهزنان بادا علي المرتضى حافظ

3. مذاق روح تو شرين ز شربت جام عرفان باد

زتلحيهائي غم بادت حسن المجتبى حافظ

4. بسويء عالم ارواح زين جا کرده رحلت

زهر کرب وبلا اي جان شهيد کربلا حافظ

5. بہ درويشي بسر بردي حيات مستعار خود

بهر سختيت بادا همت آل عبا حافظ

6. زپا آفگند مارا محنت دوري و مهجوري

ترا اي جان شہ بغداد تاج الاوليا حافظ

نيارد بيدل مسکين بجز فاتح فرستادن

دعايء مخلصان بادت زهر رنج و عنا حافظ

سير سفر

غلام محمد فقير جي راهه رباني وٺي وڃڻ ڪري سندن حالت هن طرح ٿي پئي:

اندر ٻهان مين نون ٻهڻ نه آوي

ٻاهر ڦران تيڏا بره ستاوي

فوج حسن دي چڙه چڙه آوي

جوڙ ڪري جنسار جذبي دل جڙي هي

مين نون تساندڙي يار چنتا لڳ کڙي هي

(بيدل)

انهيءَ ڪري سير ۽ سفر جي ارادي سان مختلف اولياء ڪرام سان ملاقاتون اختيار ڪندي، الله وارن جي وصال جون تاريخون لکيون اٿن. بعضي حضرات جي خدمت ۾ اهڙا عقيدت جا گل پيش ڪيا اٿن، ڄڻ ته سندن مريد ۽ طالب آهن. اهڙي قسم جي بيتن ۽ ڪلامن جا مصرعا آهن پر اُنهن کي پيش ڪرڻ جي گنجائش نه آهي، تنهن هوندي به شاهه خير الدين سکر پراڻي واري جي لاءِ چيل ويهن مصرعن مان فقط ست بيت پيش ڪريان ٿو ۽ شڪر گنج اروڙ واري جي لاءِ چيل ستن مصرعن مان چار پيش ڪريان ٿو.

بيدل صاحب سنڌ خواه پنجاب ۾ جيڪي همعصر يا پرده نشين اولياء ڪرام هئا، گهڻو ڪري تن سڀني سان روح رهاڻ ڪئي آهي. سندن لکيل ڪتاب تاريخهاي رجال الله ۾ سرور عالم صلعم، اهل بيت عظام، اصحاب ڪرام ۽ ٻين حضرات جي وصال جون تاريخون نظم جي صورت ۾ ڏنل آهن. سنڌ ۽ پنجاب جي اولياء ڪرام جون تاريخون ٻاويهه عدد آهن.

شاه خير الدين قدس سره

درون روشن ز تنوير کمالات

برون سر خوش باظهار کرامات

زهي مرقد منور ديده دل

زهي را قدر شهنشاهي مکمل

نواز شهايء او بيرون ز تعداد

بر اقطاب و بر ابدال و بر اوتاد

ز فيض مقدم آن مصطفيٰ زاد

معلا قدر شد سکهر چو بغداد

بر اوراق زبرجد گشت مرقوم

صفاتش شاهه خير الدين مخدوم

مسيح از پرده داران حرم او

کليم و خضر مشتاق کرم او

خدا تا دل و جان همقدم باد

سر بيدل بخاک آن حرم باد

شاه محمود شکر گنج قدس سره

زير اين گنبذ خضرايء کہ خوش سامان است

شاه محمود و شکر گنج معلى شان است

قطب اقطاب، زمان غوث الاغواث کريم

هادي اهل طريقت بره عرفان است

پيش تو آمده اين ملتجي اي شاه شهان

زارو خجلت زده از بسکہ گر و عصيان است

بيدل از غايت پندرا ست  بجان ولي

نظر لطف تو هر درد مرا درمان است

بيدل اهل دلون دا تون تهدلون بنده ملهه خريد رهين

عشق جو يارو درازن ۾ عجيب اسرار هو

مست سالڪ منهن سچو عارف اتي اظهار هو

قربدارن جي ڪٽڪ ۾ مرد منصبدار هو

در تنهين داتا جي بيدل پرت جو پينار هو

مٿين چيل ڪلام جي ڪري، ڪن حضرات بيدل صاحب کي سچل سرمست جي مريدن واري فهرست ۾ لکيو آهي. اُنهن جي خدمت ۾ عرض آهي ته پهرين بيدل جي تاريخهائي رجال الله ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا ڪتاب چڱي طرح مطالع ڪري پوءِ اهڙي فتويٰ جاري ڪرڻ گهرجي ها.

انهيءَ سفر جي دوران بيدل صاحب تاريخهائي رجال الله کان سواءِ ٻيا جيڪي ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، تن جي سنہ وار فهرست هن ريت آهي: سنه 1264 هه ۾ نسخہ دلڪشا ۽ نهر البحر ٻه ڪتاب لکيا اٿن.

دلڪشا نسخي جو تعارف

هي هڪ ننڍو ڪتاب ذڪر ۽ فڪر ڪرڻ جي باري ۾ فارسي نظم ۾ لکيل آهي. ذڪر فڪر جي باري ۾ قرآن جون آيتون، حديثون ۽ عارفن جا سخن پيش ڪري، انهن جي شرح ڪئي اٿن.

مثنوي نهر البحر جو تعارف

هي ڪتاب فارسي نظم ۾ 96 صفحن جو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ فرمايو اٿن ته مولانا رومي جي مثنوي بحر آهي ۽ هي انهيءَ جي نهر آهي. هن ۾ قرآن جي آيتن، حديثن ۽ عارفن جي سخنن جي شرح ٿيل آهي. اُهي سندون جملي 88 آهن.

سنه 64 هه ۾ مصباح طريقت ۽ منهاج الحقيقت فارسي شعرن ۾ چيل آهن، هي ٻئي ننڍا ڪتاب آهن. منجهن الف کان يي تائين غزل چيل آهن. هن طريقت ۽ حقيقت جو طور ۽ طريقو بيان ڪيو ويو آهي.

سنه 66 هه ۾ سندالموحدين لکيو اٿن.

سند الموحدين جو تعارف

هن ڪتاب ۾ وحدة الوجود جي ثبوت واسطي 27 عارفن جا شعر سند طور پيش ڪيل آهن ۽ پنهنجي طرفان ڪجهه به پيش نه ڪيو اٿن. هي ڪتاب 36 صفحن جو آهي.

سنه 67 ۽ 68 هه ۾ ڪرسي نامہ ۽ رموز العارفين لکيو اٿن. ڪرسي نامو فارسي شعرن ۾ آهي. وڌيڪ شرح انهيءَ ڪري نه ڪئي اٿم جو مون وٽ غير موجود آهي.

رموز العارفين جو تعارف

هن ڪتاب ۾ 25 عارفن جا حال بيان ٿيل آهن ۽ پاڻ انهن جي فارسي نظم ۾ شرح ڪئي اٿن. هيءُ ڪتاب 46 صفحن جو آهي.

قاضي پير محمد جو بهانو. بيدل صاحب مردن جي ملاقات ۽ تصنيفات جي شغل ۾ مصروف ئي هئا ته اوچتو قاضي پير محمد جي بهاني سنہ 1261 هه ۾ کين چشمن جي چوٽ اهڙي لڳي جو دانهن ڪري چوڻ لڳا:

تي ترڪ اُتاولي نين تيڏي، هين سوار برق رڪاب ڏوهين

جهٽ پٽ آون ڦرلٽ جاون، ڪرن عقل دا خانا خراب ڏوهين

وقت سوال جواب اسيران دي، هن لاشڪ ملڪ عذاب ڏوهين

بيدل لڙهه تناندي لڳ رهيا، سهڻا سٽ گناهه ثواب ڏوهين

ٿل:          حيران هون کہ قد تمهارﻵ کو کيا کهون

طوبى کهون که سرو که نخل وفا کهون

1.  تيرﻵ حسن کي ديکهه تجلي اﻵ رشک حور

سورج کهون که چاند که نور خدا کهون

2. مشکين زلف تيري کون اﻵ غيرت ختن

مار سيه کهون که کمند دغا کهون

3. ابرو تماري کون جو هـﻶ شکل هلال عيد

محراب مسجده طاعت اهل صفا کهون

4. تيرﻵ نين پر خمار کون سرمست باده ناز

يا بيخودي کا جام يا سحر بلا کهون

5. مزگان تيري کون جو هين چنگل عقاب کـﻶ

ناوک کهون که نوک سنان جفا کهون

6. غمزﻵ تيري کون جو هين ستمگر غريب کش

جلاد خلق جانون که آفت خدا کهون

7. خال سيہ تيري کون، جو هين عکس داغ دل

اسود حجر که دانہ مرغ هوا کهون

8. لب لعل تيرﻵ سـﻶ در دندان چمکتين هين

مين اس شفق کـﻶ رنگ کون پروين نما کهون

تيري گلي کي خاک کون بيدل کـﻶ واسطـﻶ

غاليه کهون عبير کهون طوطيا کهون

نازنين سب هين سنگدل ليکن

تون هين ممتاز بي نيازي مين

گذري بيدل کي عمر شمع صفت

گريه و سوز و جانگدازي مين

جسم جور جفا انهان ظالمان دا، عين مهر وفا ڪر ڄاڻ سڀو

گهٽي زهر انهان دي دستئون پي، پڇي شهد شفا ڪر ڄاڻ سڀو

بار درد فراق دا چاهون چا، اهو درد دوا ڪر ڄاڻ سڀو

بيدل مطلب ڪُلي عشق سمجهه، ٻيا خيال خطا ڪر ڄاڻ سڀو

فقير صاحب کان ڪنهن سوال ڪيو ته قبلا! اوهان جو مذهب ڪهڙو آهي؟ جواب ڏنائون ته:

مذهب بيدل چہ پرسي زاهد خاموش باش

هر گلي را بلبل و هر شمع را پروانہ ام

بيدل صاحب درد جي دونهين دکائڻ جو شائق هو ۽ ڪسب- فنا جو ماهر هو. جيئن پاڻ فرمايو اٿن:

جو غم کا بار چاهتا هـﻶ اسـﻶ فرحت سون کيا مطلب

جو اپنا سر گنواتا هـﻶ اسـﻶ راحت سون کيا مطلب

اسي ره مين کوئي آوي، جو آوي ول نهين جاوي

جو لذت فقر کي پاوي اسـﻶ دولت سون کيا مطلب

عشق کا زخم پاوي جو، خودي اپني کو کهاوي جو

فنا کـﻶ جل مين ناوي جو اسـﻶ نعمت سون کيا مطلب

موحد رند مرادنہ هوا اپنـﻶ سـﻶ بيگانہ

جو پيوي جام رندانہ اسـﻶ عزت سون کيا مطلب

عشق کيا مرکـﻶ جينا هـﻶ، درد کا جام پينا هـﻶ

جسيکا غم خزينا هـﻶ، اسـﻶ عشرت سون کيا مطلب

خوشي سون لوک بستـﻶ هين، آپت مين ملکـﻶ هستـﻶ هين

جو عاشق دلشکستـﻶ هين اسـﻶ الفت سون کيا مطلب

بهت مذهب هين کثرت مين نجا بيدل مشقت مين

هوا جو غرق وحدت مين اسـﻶ ملت سون کيا مطلب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com