سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :14

 

سنڌي ترجمو

درجو ٽيٽيهون

دائمي مخفي ذڪر ۾ رهڻ ۽ روحاني آئينو صاف ڪرڻ.

آيت

پنهنجي رب جو پنهنجي اندر ۾ بنا آواز مخفي ذڪر ڪر، ۽ غافلن مان هرگز نه هج.                          (پ-9:س-اعراف:ع-24)

حديث

نبي صلعم فرمايو آهي ته الله جو ذڪر ڪريو، حامد ۽ ساراه وارو ذڪر. عرض ڪيائون ته: يا رسول الله صلعم! حامد ذڪر ڪهڙو آهي؟ پاڻ فرمايائون ته خفي ذڪر آهي.

 

مثنوي

خفي ذڪر فڪر کي جنبش ۾ آڻي ٿو

انهيءَ سج (جي گرميءَ وارو) ذڪر (هستيءَ)  کي ڳاري ۽ ماري ٿو

عام ماڻهو هر وقت الله الله ڪندا رهن ٿا

(پر) اهو اثر نه ڪندو، جڏهين عشق ۽ سوز ڀريل نه ڪندا

جنهن وقت جان حق سان ملي وئي

اُهو ذڪر اِهو آهي، ۽ اِهو ذڪر اُهو آهي.

 

بيت

ائين چرخو چور، جيئن ڀُوڻ ڀڻڪو نه سڻي

اوڳي پنهنجي ارٽ کي، وجهه ڏيهاڙي ڏور

کُهي نيڻ نه کوڙ، متان آتڻ اچڻ نه ٿئي

 

حڪايت

نقل آهي ته جناب وحد نصاب، برهان الوصالين، سلطان العارفين شيخ بايزيد بسطامي قدس سره العزيز کان سوال ڪيائون ته ڪهڙو سبب آهي، جو اوهان کان زباني ذڪر نٿا ٻڌون، حالانڪ زباني ذڪر، زبان کي رطوبت بخشيندڙ آهي ۽ دل و جان کي ميٺاج عطا ڪندو آهي ۽ الله تعالى جي اسم جي ذڪر جو ترانو سڀ دک دور ڪندڙ آهي، ۽ موسى جهڙي هستيءَ کي مستانو بڻائيندڙ آهي؟ پاڻ فرمايائون ته وصال جي وحدت سراءِ ۾ زبان بيگاني ۽ اوپري آهي،(۽)  ذاڪر ۽ مذڪور جي درميان ۾ نٿي سمائجي سگهي. حقيقي محبوب جو ذڪر هڪ مخفي گوهر ۽ موتي آهي، سو عاشقن جي زبانن جي ترازيءَ جي پُڙ ۾ نٿو سونهي ۽ بي ريا عبادت خفي ذڪر ۾ حاصل ٿئي ٿي. قلب جي مُکڙي انهيءَ بخشش جي ٿڌڙي هوا سان، ان وقت ئي گل وانگر ٽڙي پوي ٿي.

 


 

فارسي متن

درجہ سي و چهارم

در بيان تنبيہ بر عظمت شان فقرا و تحريض بر تعظيم اين زمره بي سروپا

آيت

قال الله تعالى جلَّ جلالہُ وَ عَم نوالہُ وَلا تَطرُدِ الذيِنَ يَدعُونَ رَبُهم بالِغَدَاةِ وَالعَسِيّ يُردُونَ وَجَهه مَاعَليکَ مِنِ حسابهِم مِن شيءِ وَمامِن حٻسابِک عَليهِم مِن شيءِ فَتَطرُدَ هُم فَتکُونَ مِن الظالمِينَ.

 (پ-7:س-انعام:ع-6)*

حديث

عَن اَنسِ رضه اَنَ النّبي ﷺ قال: اَللهُمَ اَحيِنيِ مِسکيناً وَاَمتِني مِسکيناً و اَحشُرُ فِي زَمرَةِ المَساکينَ فَقَالَت عَاشيِتهُ لِمَ يَا رسول اللهِ، قالَ اَنهُم يَدخُلونَ الجَنته قَبلَ اَغنِياءَ هُم بہِ ربعينَ خَريِفاً يَا عَائشِيہ لا تُرَ دَّيَّ المساکينَ وَلو بِشقِ تَمرَةءٌ، يَا عَائشيةَ اَحبِي المساکينَ وَقرَ بَيهِم فَان الله يقربک يوم القيامة.

(رواه الترمذي والبيهقي في شعب الايمان)

 

مثنوي

اوليا اطفال حقند اي پسر

در حضور و غيبت آگہ باخبر

گفت اطفال من اند ابن اوليا

در غريبي فرد از کار وکيا

از برايُ امتحان خوار وي يتيم

ليک اندر سر منم يار و نديم

بيت

ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻان ڇڄ

پاند جنين جي پاند سين، لڳو ٿئي لڄ

سمون ڄام سهڄ، اُڀو ڪري اُن سين.

حکايت

سرمست پيمانہ رحيق مختوم عبدالله بن اُم مکتوم رضه خاکبوس عتبہ فلک رتبه درگاه عرش اشتباه نبوي گرديده در حين مشغول بودن آنحضرت بدعوت قريش از ممر نابينايُ و کمال نشہ آشنايُ بحضور وافر السرور بتکرار عرضداشت کہ جرعہ چند از ساتکين دنى فتدلى بکام جان تشنگان صهبايُ معنى بريزيد و بصور مقالات لدني آيات کشتگان تيغ محبت را در عرصات اثبات برانگيزيد. جناب محبويت نصاب ازجناب از آنجاکہ بدعوت اشراف قريش اشغال داشتند تکرار عرضداشت اورا مکروه پنداشتند بحدَّي کہ رقوم کلوح و اعراض بر صفحہء جبين آن محبوب نازنين بظهور آمد و حروف عبوست و کلاح بر ورقہ ناصيہ آن جناب عاليہ مسطور شد در اثنايُ اين حال پيک ذوالجلال جلَّ و على پيغام عبسَ وتولى بمسامع اجلال حضور سراپا نور رسانيد. حضرت رسالت پناه ﷺ بعد از نزول اين فحوايُ کہ باعث بر دلبري درويشان وحدت کيش و وحدت کيشان حقيقت انديش بود و در اکرام و نوازش آن محب صميم و مخلص قديم کوشش بليخ مي نمود حتى کہ هنگام قدوم عظمت لزوم آن فارس ميدان محبت و شهسوار مضمار معرفت کلمہُ مرحبا بمن عاتبني فيہ ربى مي فرمود.

سنڌي ترجمو

درجو چوٽيهون

 

فقرا جي اعلى شان کان خبردار ڪرڻ ۽ هن بي سروپا

ٽولي جي تعظيم ڪرڻ جي ترغيب ۾

آيت

(پنهنجي محفل مان) اُنهن الله وارن کي نه تڙ جيڪي صبح شام پنهنجي رت کي سندس ديدار جي تمنا رکي سڏيندا آهن. انهن درويشن جو ڪجهه به حساب اوهان تي نه آهي ۽ نڪي اوهان جو ڪو به حساب انهن تي آهي. سو جي اُنهن کي تڙي ڇڏيؤ ته اوهان نامناسب ڪم ڪندڙن مان ٿي پوندؤ.                      (پ-7:س-انعام:ع-6)*

 

 حديث

انس رضه کان روايت آهي ته نبي صلعم فرمايو: اي الله! مون کي مسڪينن ۾ زنده رک ۽ مون کي مسڪينن ۾ مار ۽ مسڪينن جي ٽوليءَ ۾ اُٿار. بيبي عائشہ رضه فرمايو ته: يا رسول الله! ڇا جي ڪري (اهڙي دعا گهرو ٿا)؟ پاڻ فرمايائون ته اهي مسڪين شاهوڪارن کان چاليهه سال اڳي جنت ۾ داخل ٿيندا. اي عائشہ! مسڪينن کي واپسي نه موٽائجانءِ توڙي اڌ کارڪ جو هجي اي عائشه مسڪينن سان سان محبت رکجانءِ ۽ اُنهن جي قريب رهجانءِ، ڇاڪاڻ ته الله توکي قيامت جي ڏينهن قريب ڪندو.

مثنوي

اي پٽ! اولياءَ، الله جا ٻچا آهن

ظاهر ۽ باطن کان آگاه ۽ باخبر آهن

فرمايو اٿس ته اولياءَ، منهنجا ٻچا آهن

ڪم ڪار کان (الڳ) غريبيءَ ۾ تن تنها آهن

امتحان جي ڪري خوار ۽ يتيم آهن

پر اندر ۾ منهنجو سرّ اسرار، دوست ۽ ساٿي آهن.

 

بيت

ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇي هاڻان ڇڄ

پاند جنين جي پاند سين، لڳو ٿئي لڄ

سمون ڄام سهڄ، اُڀو ڪري اُن سين.

 

 حڪايت

الستي شراب جو سرمست عبدالله بن مڪتوم رضه اعلى نبوي درگاه ۾ اهڙي وقت خاڪ بوس ٿيڻ لاءِ اچي حاضر ٿيو، جنهن وقت رسول الله صلعم قريشن کي دعوت ڏيڻ ۾ مشغول هو، تنهن مستاني، نابينائي ۽ معرفت جي ڪمال نشي جي ڪري، سرور ۽ راحت سان مالا مال ڪندڙ حضور جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته: (يا نبي!) دَنى فَتدلّى جي ساغر مان حقيقت جو شراب، اُڃايل جان جي وات ۾ پالو ڪريو ۽ لدني آيتن جي ظاهري گفتار سان محبت جي تلوار جي ڪٺلن کي اثباتي ميدان ۾ کڙو ڪريو. حضور سائين، جو شريف قريشن جي دعوت ڏيڻ ۾ مشغول هو، سو بار بار عرض ڪرڻ کين ناپسند لڳو، انهيءَ ڪري سندن منهن مبارڪ ۾ غصي جا آثار ۽ نيشان ظاهر ٿيڻ لڳا. انهيءَ حالت ذوالجلال کان عبس وَتوَلى (گهنڊ وڌائين ۽ منهن ڦيريائين)  جو پيغام حضور سراپا نور تائين پهچي ويو. حضرت رسالت پناهه صلعم هن آيت جي نزول کان پوءِ وحدت وارن درويشن ۽ حقيقت انديش موحدن جي دلبري ڪرڻ لڳا ۽ اهڙن ۽ سچن پختن محبن ۽ قديمي مخلصن جي نوازڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪرڻ لڳا.

 
 

فارسي متن

درجہ سي و پنجم

دربيان رفع تکلفات شرعيہ از رجال الله و

عفو تکاليف عرفيہ از واصلان درگاه

آيت

قال الله تعالى جل جلالہُ و عم نوالہُ: و اَعبد ربک حتى يَاتيک اليقينُ.                                                    (پ-14:س-حجر :ع-6)*

حديث

قالَ النبي ﷺ: اَلصّلواة مِن عادتي لا من عبادتي.

مثنوي

شرع بهرِ زندگان و اغنياست

شرح بر اصحاب گورستان کجاست

آن گروهي کز فقيري پي برند

صد جهت زان مردگان فاني ترند

همچون جرجيس اندهر يک در شرار

کشتہ گشتہ زنده گشتہ شصت بار

بيت

ڇڏيائون سڀ سانگ، ڪندا ڪوهه نماز کي

جاڏي عالم آسرو، تاڏي ڪن نه تانگ

نڪو پڙهن ڪلمون، نڪو ٻڌن ٻانگ

لاهوتي بي لانگ، عدم کئون اڳي ٿيا.

حڪايت

وقتي ساقي ميکده اسرار ازلي و شمع کاشانہ انوار لم يزلي شيخ ابوبڪر شبلي قدس الله سره بقصد اقامت نماز استاده از نشہ رحيق را زميفرمود کہ اگر درين حالت کہ بيگانگي تبديل يافتہ و خورشيد ربوبيت از افق عرفان تافتہ متوجہ لوازم عبوديت مي شوم شرک کرده باشم، و اگر مراسم بند گيات را ترک داده در عقب جاذبہ معنوي ميروم، حروف اسلام جلي را از لوح جبين خود بکزلک کفر مي تراشم، چراکہ زمرهء ظاهر بينان بسبب ترک فريضہ بکفر منسوب خواهند نمود و طائفہ کور باطنان از مر عدم عبادت من در جهل و عناد خواهند افزود.*

 

 

سنڌي ترجمو

درجو پنجٽيهون

اهل الله تان شرعي حڪمن جو هٽڻ ۽ واصل بالله

تان ظاهري ٻنڌڻن جو معاف ٿيڻ جي باري ۾.

آيت

ايستائين پنهنجي رب جي عبادت (پيو) ڪر جيسين توکي يقين اچي.                                                    (پ-14:س-حجر :ع-6)*

حديث

نبي صلعم فرمايو ته نماز منهنجي عادت آهي، نه منهنجي عبادت آهي.

مثنوي

شريعت زنده ماڻهن ۽ شاهوڪارن واسطي آهي

شريعت قبر وارن واسطي ڪٿي آهي؟

اُهو ٽولو، جيڪو فقيريءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي

سو مُردن کان به ڪيئي ڀاڱا بلڪل فاني آهي

جر جيس وانگر هر هڪ باهه جي شعلن ۾ آهي

سٺ دفعا مري زنده ٿيو آهي.

 

بيت

ڇڏيائون سڀ سانگ، ڪندا ڪوهه نماز کي

جاڏي عالم آسرو، تاڏي ڪن نه تانگ

نڪو پڙهن ڪلمون، نڪو ٻڌن ٻانگ

لاهوتي بي لانگ، عدم کئون اڳي ٿيا.

حڪايت

هڪڙي وقت ازلي اسرار جي شراب خاني جو ساقي ۽ دائمي نوراني محلات جي شمع شيخ ابوبڪر شبلي قدس الله سره نماز ادا ڪرڻ جي ارادي سان اُٿي، حقيقت جي شراب جي نشي مان فرمائڻ لڳو ته: بيگانگي، يگانگيءَ ۾ تبديل ٿي وئي آهي، ۽ ربوبيت آسپاس کان معرفت جون جهلڪارون ڏئي رهي آهي، سو جيڪڏهين اهڙي حالت ۾ بندگيءَ جي لوازمن ڏانهن متوجہ ٿيان ٿو ته مشرڪ بڻجي پوان ٿو ۽ جيڪڏهين حقيقي جذبي جي پٺيءَ کي لڳي بندگي جي رسم ڇڏي ڏيان ٿو ته ظاهري اسلام، منهنجي پيشانيءَ تي ڪفر جي فتوى لڳائي ٿو. ڇاڪاڻ ته ظاهربين جماعت فرض کي ڇڏڻ ڪري ڪفر ڏانهن منسوب ڪندا ۽ باطن جي انڌن جي جماعت وارا، منهنجي عبادت نه ڪرڻ ڪري مون کي جاهل ۽ مغرور سمجهندا. *

 

 

فارسي متن

درجہ سي و ششم

محبت باعث بي آرامي است و مودت موجب ناکامي

آيت

قاَلَ الله تَعالى جَلَّ جَلاَّلَہُ وَ عَمَّ نوالَہُ: اِنّاعَرَ عَرَضِنَا اٌلاَ مَانَہَّ عَلَي السّماواتِ والارضِ وَالجِبَالِ فَاَبَينَ اَنٌ يّحمِلنَهَا وَاَشفَقنَ مِنهَا وَحَمَلهَا الانِسَانُ اِنہُ کَانَ ظَلُوماً جَهُولاً:                    

 (پ-22:س-احزاب:ع-9)

حديث

عَن اِبن عبّاسِ رضه قالَ رسولُ اللهِ ﷺ: قالَ اللهُ تعالى يا آدَمَ اِني عَرضتُ الاَمانَةَ عَليَ السّماواتِ والاَرضِ فَلَم تُطِقها، فَهَلُ اَنتَ حامِلها بِما فِيها، قالَ وَمالِي فِيها يا رَبِ، قالَ اِن حَمَلتَها اَجَرٌتَ، وَاِن ضَيّعِتَها غُزّبُتَ، فَقالَ قَدٌ حَمَلتُها بِما فِيها. فَلَمٌ يَلبثُ فِيٌ الجَنّةِ اِلاَّ مابَينَ الصّلواةِ اٌلاُوٌلى والعَصرِ حَتّى اَخرَجَ الشّيطَانِ مِنها.                                    (رواهُ الشيخ اِبنِ حبان)

مثنوي

بهر گريہ آمد آدم ير زمين

تابود گريان نالان و حزين

چون بگريد آسمان گريان شود

چون بنالد چرخ يا رب خوان شود

عاشقي رنج ست و تاوان تا ابد

خيزَ لاُقسم بخوان تافيٌ کَبَدِ. (1)

 

بيت

ڪاتيءَ ڪٺي سڀڪا، اکين ڪُٺي آءٌ

جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جيان پوندي مامري

 

حکايت

از سلطان العارفين قدس سره منقول است کہ پيش از ايجاد آدم صفي الله و قبل از وجود آن محرم بارگاه عشق از محبت کامل و مودت شامل ميخواست کہ از مظهري سر بر زند و از کدام آئينہ ظهور کند. اما از آنجا کہ ملائکہ لياقت مظهريت اسرارش و استحقاق مطلميت انوارش نداشتند در خلوت خانہ غيب متواري بود تاکہ چون هت عزازيل علم عبادت رب الجليل بر افراخت. عشق اورا مستحق ظهور خود دانستہ برسرش تاخت ليکن سلطان غيرت بانگ بروي زد کہ آشنا شناس باش و شيشہ  عطريات برکلابہ مپاش. عشق باز مدني درحجلہ هوّيت منزوي ماند و قطرات انتظار از ديده اضطرار مي فشاند تا وقتي کہ آدم از زاويہ غيب بعرصہ شهود جلوه گر گرديد و مشام وجودش نکهت گلشن ظهورات شميد. عشق را ممثّل بصورت شجره منهيہ نموده بد و نمودند و در شيفتگي برو بکشو دند. خواست کہ ثمره آن شجره در بستان سرايُ خلد بکام دل بچندو در آرامگاه جنّت شاهد عشق و محنت را برفاقت گزيند. گفتندش کہ حضول اين دولت ابد پيوند باوجود آسايش و راحت صورت نه بندد و گلبن عشق باوجود اين ناز و نعم بروي تو نخندد چرا کہ منزل کاديءٌ محبت جز بدکان دل غمديده نيست و فردوس اعلى ماوا و ملجا ماتم رسيده ني.


*  انهي آيت جو شان نزول هن درجي جي حاشيي ۾ لکيل هيٺين عبارت تان نقل ڪيل آهي: شان نزول اين آيت بطريق اجمال آن ست کہ ضاديد قريش بجاب رسالت عرضداشتند کہ مارا بامثل اين مسعودو بلال و مقداد و عمار و صهيب و سهيل و امثال آبهارا رضي الله عنهم کہ درويشان و غلامانند در حضور تو همنشين شدن عارست اگر آنهارا از صحبت در رسازي بامصاحب تومي باشم. حضرت فرمود من راندن مومنان نتوانم گفتنا، بس بودن مان بحضور تو ممکن نيست در اثنايُ اين گفتگو امير عمر فاروق رضه فرمود کہ يا رسول الله چينن توان کرد تابہ بينم کہ مهم رؤسا عرب بچہ ميکشد. حضرت رسال پناه درخواست اشراف را قبو کرده، مرتضى علي کرم الله وجہ را امر بکتابت وثيقہ نمود آيت فرود آمد. لا تطرد..... الخ حديث قدسي: اَلمالُ مالي والا غناءُ عالِي والفقراءُ عيالِي ومنُ لم يُنفِقَ مالِي على عيالِي فهوفِي النّٰار ولاُؤبالِي.

*  انهي آيت جو شان نزول هن درجي جي حاشيي ۾ لکيل فارسي عبارت تان ورتل آهي ته: رسول الله جي خدمت ۾ هيٺيلن ۽ هوڏي قريشن عرض ڪوي ته مسعود، بلال، مقداد، عمار، صهيب ۽ سهيل، انهيءَ قسم جا ٻيا رضي الله عنهم جهڙا درويش ۽ غلام جيڪي اوهان جي حضور ۾ اوهان سان گهڏ ويٺا آهن، تن سان اسان کي گڏ ويهڻ عار ۽ شرم ٿو لڳي، جيڪڏهين انهن کي صحبت کان پري ڪندؤ ته اسين اوهان وٽ ويهي ڳالهيون ٻڌنداسون. حضرت جن فرمايو ته مومن کي آءٌ هٽائي نٿو سگهان. پوءِ هنن چيو ته اسان جو اوهان جي حضور ۾ ويهڻ ناممڪن آهي. انهيءَ گفتگو درميان امير عمر فاروق رضه فرمايو ته يا رسول الله ائين ڪرڻ ڪري عرب جي رئيسن جون تڪليفون هٽي سگهن ٿيون. حضرت رسالت پناه اشرافن جي درخواست قبول ڪري علي المرتضى ڪرم الله وجہ کي حڪم فرمايو ته اهڙو عهدنامو هنن کي لکي ڏيو. تڏهن ولا تطرد...الخ واري آيت نازل ٿي. حديث قدسي: (هي سمورو) مال منهنجو مال آهي، ۽ (هر قسم جي) تونگري منهنجو عمل آهي ۽ فقراءَ  منهنجو عيال ۽ ڪٽنب آهي. جنهن شخص منهنجي عيال تي منهنجو مال نه خرچ ڪيو، سو باهه ۽ وبال ۾ هوندو.

*  هن آيت جي شرح بيدل صاحب پنهنجي مثنوي نهر البحر جي 46 صفحي تي ڪئي آهي:

قال الله تعالى عزوجل واعبد ربک حتى ياتيک اليقينُ

تا يقين نبود ترا اي مرد راهه

که منم ذات خدا سر الہ

لاف مردي کم زن خاموش مان

کزتو تاحالي نشد رفع گمان

اين يقين را اهل علم ظاهري

کرده تفسيري بمرگ ازماهري

اين هم از معنى مدان خالي همي

کہ چو مير دسالک از خود محرمي

رست از تکليف چون اومات شد

بعد مرگِ معنوي اثبات شد

نيست، تکليف، عبادت بعد ازان

کوشده فاني بذاتِ بي نشان

ليکن اين سر خفي هست از عوام

در نيايد فهم عامش والسلام

 

* هن درجي جي حاشيه ۾ هيٺين عبارت لکيل آهي:

قال الشبلي قدس سره:  اِن صليتُ اَشرکتُ و اِن لم اصل کفرتُ

*  انهيءَ آيت  جي شرح بيدل صاحب پنهنجي مثنوي نهر البحر جي 46 صفحي تي هن طرح ڪئي آهي:

اي سالڪ جيسين توکي يقين نه ٿيو آهي ته مان خدا جي ذات ۽ الاهي اسرار آهيان تيستائين دم نه هڻجانءِ ۽ خاموش رهجانءِ، جيسين گمان وڃي، حال نه حاصل ٿئي. ظاهري علم وارن هن يقين جي (معنى) جيڪڏهن تون ماهر آهين ته تفسيرن ۾ موت ڪئي آهي. اها پڻ معنى حقيقت کان خالي نه آهي. ڇو ته جڏهين سالڪ مري ٿو تڏهين پاڻ کان آگاه ٿئي ٿو. جڏهين هو مري ويو، تڏهين تڪليفن کان ڇٽي پيو. معنوي مرڻ کان پوءِ اثبات ٿئي ٿو، انهيءَ کان پوءِ عبادت جي ڪا تڪليف نه آهي، ڇو ته هو فاني ٿي، بي نشان ذات وڃي ٿيو، پر هي ڳجهه عام ماڻهن کان مخفي آهي، عام ماڻهن جي فهم ۾ نه ايندو،  تنهنڪري السلام عليکم چئي موڪلايون ٿا.

*  هن درجي جي حاشيه ۾ لکيل عبارت جو ترجمو هيٺين ريت آهي:

حشرت شبليءَ قدس سره جا چيل اصل الفاظ هي آهن:

جيڪڏهن مون نماز ادا ڪئي ته مشرڪ بڻجي پيس ۽ جيڪڏهين مون نماز ادا نه ڪئي ته ڪافر ٿي پيس.

(1)  لا اُقسمُ بِهاذَا لبلد لَقَدٌ خَلَقنا الانسانَ فِي کَبَد.

                                    (پ-33: س بلد: ع- 1)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com