سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :2

 

خليفي بيگ محمد جي محويت جو هڪ مثال

 هڪ دفعي دستور موجب سياري جي موسم ۾ پنهنجي اوطاق ۾ باهه ٻاري ويٺو هو. تان جو کيس محويت ۽ استغراق ٿي ويو. انهيءَ حالت جي ڪري سندس وارن کي اچي باهه لڳي پر کيس ڪا به خبر ڪا نه رهي. جڏهن وارن جي سڙڻ جي بوءِ سندس فرزند فقير عبدالله کي ڪوٺيءَ جي ٻاهرين حصي ۾ پهتي ته جلد اُٿي اُها باهه وسائڻ لڳو ته خليفو صاحب چوڻ لڳو ته: ابا ڇا آهي؟ ٻڌايو ويو ته :قبلا! وارن کي باهه لڳي هئي. سنه 1272 هه ۾ پاڻ انتقال ڪري ويو، سندس مزار به سيد صوفي جان الله شاه جي درگاه تي خليفي محمد محسن صاحب جي لڳ آهي.

فقير عبدالله جي اولاد جو احوال

فقير عبدالله سنه 1287 هه ۾ ٻي شادي ڪئي، جنهن مان ٻه نينگر تولد ٿيا:  پهريون (1) بيگ محمد 1290 هه ۾ ۽ ٻيو (2) غلام اللطيف 1295 هه ۾.

فقير عبدالله پنهنجي وڏي پٽ کي سنڌي تعليم ڏياري. تان جو ميان بيگ محمد پرائمري ماستر ٿيو. ننڍي پٽ سنڌي تعليم سان گڏ عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪري، سڄي زندگي فقيري خيال ۽ راڳ ويراڳ ۾ گذاري. انهيءَ کان سواءِ جهوڪ شريف جي سجاده نشين صوفي عبدالستار کان زباني راه وٺي، سيد رکيل شاهه ۽ نصير فقير جو پير ڀائي ٿي، دم جي ڌمال ڏنڻ لڳو. فقير عبدالله جي انتقال جو جڏهن وقت قريب آيو ته دستور موجب فجر نماز لاءِ سرديءَ جي موسم ۾ اُٿي ٻاهر نڪتو ته کيس سرديءَ جي سٽ آئي ۽ انهيءَ بيماريءَ ۾ سنه 1301 هه ۾ رحلت ڪيائين. سندس مزار بيدل صاحب جي مزار جي لڳ ڪٽهڙي جي اندر آهي ۽ سندس مزار تي هي نظم لکيل آهي:

 

نظم

وه معلم و فقير حق آگاه

(عجيب قسم جد استاد ۽ حق کان باخبر فقير هو)

گل گلزار فيض عبدالله

(عبدالله فيض جي باغ جو گل هو)

يوم يک شنبہ بيست و پنجم

(آچر ڏينهن پنجويهين تاريخ)

کرد رحلت بجنب باغ ارم

(رحلت ڪيائين باغ ارم ڏانهن)

سنه 1301 هه

 

فقير قادر بخش عرب بيدل جي اولاد جو احوال:

فقير بيدل صاحب پهرين شادي پنهنجن عزيزن مان سنه 1257 هه ۾ ڪئي، جنهن مان فقط هڪ نياڻي تولد ٿي، پوءِ ڪجهه وقت گذرڻ بعد حرم گذاري ويا. ٻي شادي سنه 1271 هه ۾ ڪيائين، جنهن مان ٽي پٽ تولد ٿيا:

(1) محمد محسن عرف بيڪس 26 جماد الثاني 1275 هه ۾ (2) محمد فريد 23 جماد الاول 1277 هه ۾ (3) خدا بخش جيڪو ننڍي هوندي ئي گذاري ويو.

فقير محمد محسن عرف بيڪس جي اولاد جو احوال

بيدل صاحب جا ٻه نينگر محمد فريد ۽ خدا بخش ننڍي عمر ۾ ئي رحلت ڪري ويا، باقي فقير محمد محسن عرف بيڪس 1138 هه  تائين ظاهري علم فقير عبدالله کان حاصل ڪيو ۽ معنوي علم ۽ سلوڪ پنهنجي والد بيدل صاحب کان پرايو. جڏهن پاڻ تيرهن سالن جو ٿيو، تڏهين سندس والد فقير بيدل صاحب سنه 1289هه ۾ رحلت فرمائي ويو ته کيس سورن اچي سيهو ڪيو. جيئن پاڻ فرمايو اٿس ته:

ماهي مئن نون بخش ڏکان دا ڏاج

روئيندي پٽيندي مئن رين گذاري

ٻاٻل مائي مئن جيئري ماري

جيوين رانجهن ڇوڙيا راڄ

انهيءَ ڪري جسم کي جوشون جلائي جيءَ ۾ جهاتڙيون پائڻ لڳو. رات جو گهر ڇڏي مولوي عبدالحليم صاحب جي ٽڪريءَ تي دم جي ڌمال جي ڌن مچائڻ لڳو ۽ ڏينهن جو رنگين ڪپڙا پهري شهر جون گهٽيون گهمڻ لڳو. جڏهين سندس عمر سترهن سالن جي ٿي، تڏهن فقير عبدالله کي خيال آيو ته نينگر کي شادي ڪرائجي ته سندس طبيعت مان جوش گهٽجي ۽ قرار اچي، سو صاحبزادي کي شاديءَ لاءِ چيائين پر هن صفا انڪار ڪري ڇڏيو. تنهن تي سيد رسول بخش شاهه بڪار وارو هڪ ٻيو سيد نامعلوم ۽ ٽيون ڀائي ڪشنچند  پير ڳوٺ وارو اهي ٽيئي بيدل صاحب جا پيارا مريد هئا. عبدالله فقير انهن ٽنهي تي زور رکيو ته ڪنهن طرح سان صاحبزادي کي شادي ڪرڻ لاءِ مڃايو. آخرڪار پنهنجي سالي سندس نڪاح ۾ ڏنائين. پر درد جي دونهين کيس فرصت نٿي ڏني جو شادي ڪرڻ مان جو مقصد آهي سو ٿئي. انهيءَ ڪري فقير عبدالله وري ٻيهر بيڪس سائين ڏانهن مٿين ٽنهي ڄڻن جي ميڙ موڪلي، جن وڃي عرض ڪيو ته قبلا! شادي ڪرڻ مان مطلب آهي ته اولاد پيدا ٿئي، سو مهرباني فرمايو ته جيئن اوهان جو نينگر اکين سان ڏسون. پاڻ مشڪي چوڻ لڳو ته چاچا ڏاڍو زورآور آهي! اسان کي ته نينگر ڄائو آهي تعجب مان پڇڻ لڳا ته قبلا! اهو نينگر ڪهڙو آهي؟  فرمايائون ته چاچا جو وڏو پٽ بيگ محمد چاچا جو آهي ۽ سندس ننڍو پٽ فقير غلام لطيف اسان جو آهي. اهو ٻڌي سڀ خاموش ٿي ويا.

انهيءَ کان پوءِ فقير صاحب نينگر تي شفقت جي نظر رکڻ لڳو ۽ لب مبارڪ سندس منهن ۾ وڌي، انهيءَ ڪري سڀني مريدن ۽ معتقدن جون نظرون نينگر ڏانهن کپي ويون. جڏهين فقير محمد محسن عرف بيڪس سنہ 1298 هه ۾ رحلت فرمائي ته تڏهين دستور موجب ٽئين ڏينهن تي وعظ واري مسجد ۾ فقير بيڪس صاحب جي دستار فقير غلام اللطيف کي ٻڌائي وئي. هيءَ دستار سيد وڌيل شاهه ٻڌائي، جو اُن وقت مسجد ۾ موجود هو.  فقير غلام اللطيف پنڌرهن سالن تائين ته عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ  جي تعليم ۾ گذاريو، انهيءَ کان پوءِ ميران پور جي سجاده نشين صوفي عبدالستار کان رباني راه وٺي ذڪر فڪر ۽ دم جي ڌمال ۾ گذارڻ لڳو. سيد رکيل شاه ۽ نصير فقير جلالاڻي سندس پير ڀائي هئا.

انهيءَ کان پوءِ کيس آواز ڪلام ڪرڻ جو شوق ٿيو، انهيءَ ڪري ٽولو ٺاهي هر روز شام جو بيدل صاحب جي  درگاهه تي آواز ڪلام ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي شعر ۽ ڪلام ۾ پنهنجو تخلص مسڪين رکيائين. مشهور ڳائيندڙ لعلو ۽ منو سندس شاگرد هئا. کيس پنج فرزند هئا: (1) داتا بخش (2) حيدر بخش (3) مهدي بخش (4) سبحان بخش (5) سردار بخش.

فقير غلام اللطيف  اٺٽيهن سالن جي عمر ۾ 23 ربيع الثاني جي سنہ 1333 هه ۾ رحلت ڪئي. سندس مزار بيدل سائين جي ڏاکڻي ٿلهي تي آهي ۽ سندس مزار جي تختيءَ تي هي فارسي نظم لکيل آهي:

 

پُر نور فقير از زمره فقرا بود

(اهو نور ڀريو فقير، فقرا جي ٽولي مان هو)

خوش طبع و خوش خلق و مسڪين بود

(خوش طبع، خوش خلق ۽ مسڪين هو)

آن منظور نظر فقير محمد محسن بود

(اهو فقير محمد محسن جو منظور نظر هو)

فرزند آن و سرگروه فقرا بود

(سندس فرزند ۽ فقراءَ جو سرگروهه هو)

تاريخ آن از هاتفہ پرسيدم و گفت

(انهيءَ جي تاريخ هاتف کان پڇيم ته چيائين)

آن هادي خوش رو از لطيف بود

(اهو خنده پيشاني هادي، لطيف کان هو)

 

فقير قادر بخش بيدل جو احوال

تعليم: فقير صاحب جي ولادت سنہ 1330 هه ۾ ٿي. (سندن ولادت جو احوال صفحي 21 تي ڏسڻ گهرجي.) ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ بلند خيال هئا، انهيءَ ڪري جڏهن عمر جا پنج سال پورا ٿيا ته 1236 هه ۾ کين تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم گاهه ۾ وهاريو ويو. انهيءَ کان پوءِ سندن والد صاحب به وقت به وقت پنهنجي نينگر کي تعليمي نڪتن ۽ تصوف جي اسرارن کان واقف ڪندو رهيو. تنهنڪري ستن ورهين جي عمر ۾ ئي برک ۽ بيمثال تعليم يافته ٿي پيو، ۽ تقوى ۽ طاعت، ورد ۽ وظائف جي شغل ۾ رهڻ لڳو.

تلقين: سندن والد صاحب سنہ1243 هه ۾ صوفي جان علي شاهه وٽ سندن بعيت ڪرائي، ذڪر فڪر جي تلقين ڪرائي. انهيءَ کان پوءِ ڪهڙي ذڪر فڪر ۾ لڳي ويا ۽ ڪهڙي جوش مان جيرا جلائڻ لڳا، اهو صورتحال هن طرح سان بيان ٿيل آهي:

ذال ذڪر دي نال اُٺائين ساهه پساهه سدائي

ٻاجهه ذڪر دي جا ئي گذري سا سڀ عمر اجائي

فاذڪروني اذڪرڪم سڻ رانجهن راه بتائي هوئي صفائي

يي ياد مولى دي وچ نت رهين ٻاجهه ذڪر نه دم اُٺاوڻاهي

نال فڪر فنا دي راتيان ڏينهان خيال ٻڌ خودي نو گواوڻا هي

در پير منان دا متان ڇوڙين، اهين خاڪ دي نال رل جاوڻا هي

بيدل مرشد جڏان وت مهر ڪري، تڏان مطلب ڪلي پاوڻا هي

دم دي سرت سنڀال رکين، دم هي اسرار الاهي دا

دم دي نال تون جوشون جالين، دم دي وچ دوئي نون ڳالين

دم نون بيخود هوڪي پالين، ويکين نور صفائي دا

دم دي سرت سنڀال رکين، دم هي اسرا الاهي دا

فڪر نفي اثبات ڪسي دن، مار ڪي ڦر جيوا ويگا

لا اِلله  دي شيشي ڪولون، ماهي مک وکلاويگا

بيدل مطرب عشق دا آخر، گيت اناالحق ڳاويگا

جوشون جلائي جسم کي جيءَ ۾ ڪي پائج جهاتڙيون

ريءَ درد سڀ ڳالهيون ڦڪيون وهوا برهه جون باتڙيون

جي تو طلب تڪرار آ گوندر گذارج راتڙيون

تو سر سگهو ٿينديون ادا بيشڪ برهه برساتڙيون

نحو و فقہ سـﻶ ميري خاطر ملول هـﻶ

کسب- فنا مين ڪوشش کرتا هون اور بس

بيدل نه هو درد کـﻶ درياءَ مين اتنا غرق

مين بهي تيري خيال مين رهتاهون اور بس

يا رب دوئي کـﻶ سـﻶ مجکون فراغ بخش

وحدت کي ميکده سـﻶ لبالب اياغ بخش

اندهارﻵ مين پڙا هون مين کثرت کـﻶ وهم سـﻶ

وحدانيت کـﻶ لطف سون روشن چراغ بخش

ازانسواءِ رسالت ماب جي درگاهه ۾ هيٺين التجا اڪثر ڪندا رهيا:

مين هون پابند ڪثرت مين اغثني يا رسول الله

پڙا هون چاه ظلمت مين اغثني يا رسول الله

بهت بدکار هون ليکن صبح اور شام رکهتا هون

نظر تيري شفاعت مين اغثني يا رسول الله

گنهگاران کي حالت پر نهين هر گز کوئي مشفق

سوا تيري قيامت مين اغثني يا رسول الله

تيرﻵ ديدار سـﻶ ابتک نه هون فائز کہ رهتا هون

نفس اپني کي شامت مين اغثني يا رسول الله

لطائف سب ميرﻵ اپنـﻶ نظر رحمت سـﻶ زنده کر

پکڙ لـﻶ هاتهه غفلت مين اغثني يا رسول الله

سلوک راه عرفان ميرﻵ پر في الفور آسان کر

مين هون عاجز مشقت مين اغثني يا رسول الله

نهين کوئي رهنما بيدل مسڪين بـﻶ سر وپاکا

تيرﻵ بن راه- وحدت مين اغثني يا رسول الله

انهيءَ ڌن ۽ ڌيان ۾ ۽ الله وارن  جي درگاهن تي مراقبا ڪندي برابر ٽي سال گذري ويا. انهيءَ هوندي به تعليم ۾ ڪو ناغو نه پيو. انهيءَ زماني ۾ هڪڙي وقت مخدوم شاهه حيدر حقانيءَ  جي درگاهه روهڙيءَ  تي ٽي راتيون رهيا،  جنهن جي وصال جو سنہ فقير بيدل صاحب هنن لفطن ۾ فرمايو آهي:

شاهه حيدر که هست غوث زمان

هادي فيض بخش عالمان

سال معراج او خرد مي جست

گفت دل شڪل مصطفى است بدان

1039 هه

پهرين ۽ ٻي رات خواب ۾ ڏٺائون ته هڪ نوراني شڪل واري کين ارشاد فرمايو ته اوهان جي امانت اسان وٽ آهي. آخر ٽين رات فقير صاحب عرض ڪيو ته: قبلا! اوهان ڪٿي جا آهيو؟ ارشاد ٿيو تهآءُ لعل شهباز سيوهڻ جو آهيان.

سيوهڻ شريف جو سفر: فقير صاحب لعل شهباز جي ڏس ملڻ بعد خواب جي حالت ۾ ئي روهڙي دريا جي حاجي تڙ ڏانهن سيوهڻ شريف وڃڻ لاءِ روانا ٿيا، جتان انهيءَ زماني ۾ ٻيڙا سيوهڻ ۽ ڪراچي تائين ويندا هئا. پر جڏهين اُتي پهتا ته ٻيڙو ڪنارو ڇڏي اڳتي نڪري ويو هو. پاڻ اهو ڏسي غمگين ٿي بيهي رهيا ته اوچتو هڪ نوراني شڪل واري شخص کين مٿي کڻي ٻيڙي ۾ ويهاري ڇڏيو، فقير صاحب انهيءَ درويش کان نالي جي پڇا ڪئي ته جواب مليو ته آءُ سيد عبداللطيف آهيان، تان جو اک کلي وئي. ان وقت سندن عمر 15 سال هئي.

سندن شاهه صاحب جي باري ۾ فرمايل اظهار عقيدت هن طرح سان آهي:

مرشد وقت سيد السادات

مظهر جلوهائي غيب شهود

شاهه عبداللطيف کز لطفش

طالبان مير سند بامقصود

ساقي بزم عشق و محفل درد

اولين نور آخرين بنمود

پيشوائي موحدان کہ رهاند

سالکان را کلام او زقيود

عرش و کرسي زوجد او در چرخ

آسمان پيش مسجد او بسجود

فيض بخش- جهان در ايامي

کس بمثلش نديده و نشود

سال وصلش سروش غيبي گفت

شاهه شاهان عشق وجد وجود

      سنہ 1165 هه

صبح ٿيڻ تي پاڻ دريا جي حاجي تڙ تي پهتا ۽ ڏٺائون ته راتوڪي خواب موجب ٻيڙو ڇٽي ويو آهي. خيال آيتن ته رات شاهه صاحب وڏا قرب ڪيا، هاڻي ڏسجي ته ڪهرو ٿو سبب بڻجي ته اوچتو هڪ زميندار گهوڙي تي چڙهي اچي ويو ۽ ننڍي ٻيڙيءَ تي سوار ٿي وڏي ٻيڙي کي وڃي پهتو. زميندار سان گڏ فقير صاحب به ٻيڙيءَ تي سوار ٿيا.

وڏي ٻيڙي هلندي هلندي هڪ هنڌ لنگر هنيون، تنهنڪري سڀئي ٻيڙي وارا هيٺ ٻيٽ تي لهي ماني کائڻ لڳا. فقير صاحب ٻيڙي تي ئي ويهي رهيو. تان جو هڪ نوراني صورت درويش ظاهر ٿيو، جنهن جي هٿ ۾ ماني ۽ کير هو سو فقير صاحب جي اڳيان رکيو، فقير صاحب ماني ۽  کير کائي ٿانو واپس ڪري عرض ڪرڻ لڳا ته پنهنجي نالي کان واقف ڪريو، وراڻي ملي ته آءُ خواجه خضر آهيان، ائين چئي غائب ٿي ويو. اهو صورت حال موجود ماڻهو ڏٺو ته حيرت ۾ پئجي ويا ۽ سيوهڻ شريف جي پهچڻ تائين هرڪا خدمت سرانجام ڏيڻ لڳا.

فقير صاحب سيوهڻ شريف جي پتڻ تان لهي سڌو قلندر شهباز جي درگاه ڏانهن روانا ٿي ويا. جڏهن درگاه  جي ٻاهرئين دروازي وٽ پهتا ته سوره مزمل جي تلاوت شروع ڪري درگاه شريف ۾ داخل ٿيا. داخل ٿيندي ئي مٿن مدهوشي طاري ٿي وئي ۽ انهيءَ حالت ۾ برابر ست ڏينهن ۽ اٺ راتيون درگاه ۾ محو ۽ مدهوش پيا رهيا. خادمن ڪافي زور لڳايو ته فقير صاحب کي درگاه کان ٻاهر ڪجي پر ڪو به حيلو هلي نه سگهيو، تنهنڪري انهيءَ حالت ۾ ئي ڇڏي ڏنائون. اٺين ڏينهن جيئن اک کلي تيئن پاڻ ۾ قلندري رنگ جون صفتون ۽ جوش جلال ڏٺائون. انهيءَ ڪري کين لعل شهباز جون اهي سڀ ٻوليون ڳالهائڻ آسان ٿي پيون، جيڪي قلندر شهباز ڄاڻندو هو. فقط سنڌي مادري  ٻوليءَ تي ٻنجو اچي ويو، تنهنڪري  سنڌي زبان ڳالهائڻ جي جاءِ تي ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ ۾ جواب ڏيندا هئا. انهيءَ وقت وجد جي حالت ۾ هي شعر چوڻ لڳا.

ميرا مرشد مڪمل هـﻶ قلندر

حسيني حيدري سلطان سرور

قلندر چون محمد رهنما هـﻶ

قلندر چون علي مشڪل کشا هـﻶ

قلندر نور حسن المجتبى هـﻶ

قلندر نسل شاهه کربلا هـﻶ

ميرا مرشد مڪمل هـﻶ قلندر

حسيني حيدري سلطان سرور

قلندر آفتاب اوليا هـﻶ

قلندر مظهر سر صفا هـﻶ

قلندر صورت شير خدا هـﻶ

قلندر محض ذات ڪبريا هـﻶ

ميرا مرشد مڪمل هـﻶ قلندر

حسيني حيدري سلطان سرور

بيدل

فقير صاحب فنا في القلندر ٿي، قلندري فيوضات ۽ جلالي انوار ۾ رڱجي لعل ٿي نڪتا ۽ دل دلبر کي ڏيئي بيدل  بڻجي پيا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ قلندريه دربار ۾ عرض ڪيائون ته: قبلا!

تن تابع شرع، جان بوجدان

بيرون ز خيال کفر و ايمان

(يعني: ظاهر هر شريعت جي حد اندر هجي ۽ باطن لا مڪان تي)

 جو عرض قبول پيو ۽ اُن سان گڏ ارشاد ٿيو ته ائين ٿيندو پر هتان پير ڳوٺ سيد رشد الله شاهه وٽ وڃجو ۽ ان کان پوءِ پريان لوءِ مخدوم محمد اسماعيل وٽان ٿي پوءِ روهڙيءَ وڃجو. انهي فرمان مطابق سڌو پير ڳوٺ آيا ۽ اچي مسجد شريف ۾ ويٺا. ان وقت معلم سيد علي گوهر شاهه کي مثنوي جا ڪجهه سبق پڙهائي رهيو هو. فقير صاحب ڪجهه اڳڀر وڌي اُنهن بيتن جي شرح ڪرڻ لڳو، جن بيتن جي معنى نينگر کي سمجهه ۾ نٿي آئي ۽ اهڙي ته سيلس نموني ۽ موثر نموني ۾ سمجهايائون، جو نينگر کي سمجهه ۾ اچي ويو. انهيءَ ڪري استاد ۽ شاگرد جو رخ فقير صاحب ڏانهن ويو ۽ کين محبت ڏيڻ لڳا.

جڏهين صاحبزادو فارغ ٿيو تڏهين پنهنجي والد صاحب کي عرض ڪيائون ته: هن قسم جو فقير آيو آهي، سو مون کي اجازت ڏيو ته جيترا ڏينهن هتي آهي، اوترا ڏينهن مان وٽس پڙهان. سندس والد صاحب فرمايو ته: ان فقير کي مون وٽ وٺي اچ.  جڏهين فقير صاحب کي عرض ڪري پير صاحب وٽ وٺي ويا ته ڏسندي ئي فرمايائون ته رات هي فقير اسان سان مليو هو. پٽ کي چيائون ته توهان ان فقير وٽ ڀلي پڙهو، هي اسان جو معزز مهمان آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com