سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :13

سنڌي ترجمو

درجو پندرهون

صحبت سپرين جي سراسر اسرار

آيت

پاڻ کي انهن سان صبر ۾ رک، جيڪي پنهنجي رب کي صبح ۽ شام سڏيندا آهن ۽ سندس ديدار طلبيندا آهن.

(پ-15:س-ڪهف: ع-4)

حديث

ابي سعيد الحذري کان روايت آهي ته: مان ضعيف مهاجرن جي جماعت ۾ ويٺو هوم ۽ سچ پچ انهن مان هڪڙن جي ٻين جي ستر سان اوگهڙ ڍڪيل هئي ۽ هڪڙي قاري اسان وٽ قرآن ٿي پڙهيو. جڏهن رسول الله ﷺ آيو پوءِ اسان وٽ بيهي رهيو. پوءِ جڏهن رسول الله ﷺ اچي بيٺو ته قاري خاموش رهيو. پوءِ پاڻ اسلام عليڪم چئي فرمايائون: ڇا ٿا ٻڌو؟ عرض ڪيوسون ته: الله تعالى جي ڪتاب ڏانهن ڪن ڏئي رهيا آهيون. پوءِ پاڻ فرمايائون ته: انهيءَ الله جا حمد ۽ شڪرانا آهن، جنهن منهنجي امت مان اهڙا شخص به ڪيا، جن جي باري ۾ مون کي حڪم ٿيو ته مان پنهنجو پاڻ کي انهن سان صبر ۾ رکان، جو ارشاد فرمايائون. پوءِ هن ڪري اسان جي وچ ۾ ويٺا ته پنهنجو پاڻ کي برابريءَ ۾ رکن! انهيءَ کان پوءِ پنهنجي هٿ سان حلقي ڪرڻ جو اشارو ڪيائون ۽ پنهنجا منهن سندن سامهون ڪياسون. پوءِ پاڻ فرمايائون: اي ترقي ڪندڙ مهاجرن جي جماعت! اوهان کي قيامت جي ڏينهن ڪامل نور جي مبارڪ هجي. اوهان دولتمند ٿلهن کان اڌ ڏينهن اڳي جنت ۾ داخل ٿيندئو ۽ اهو ڏينهن پنج سئو سالن جو  هوندو.    (رواه ابو دائود)

 

مثنوي

وقت جا اولياءَ اسرافيل سمجهه

انهن کان مردن کي حياتي ۽ نما سمجهه

مردي جو روح جسم جي قبر اندر آهي

انهن جي آواز کان ڪفن مان اٿڻ آهي

انهن جي صحبت خاڪ کي اڪسير ڪري ٿي

انهن جي گفتار مرده دل کي تاثير ڪري ٿي

 

بيت

ڪن ٿي ڪيچين ڪڇيو، ڪڇ نه ڪڇيو تن

اشارتون ان جون، ڪي سڪوتيا سمجهن

وٽان ويهي تن، سڻ ته سوز پرائيين.

 

حڪايت

عهدي تان لٿل هڪ وزير کي ازلي توفيق اچي همراهه ٿي، جو حقيقتن وارن جي حلقي ۾ داخل ٿي پيو. الستي سرمستن ۽ صفا پرستن جي چوڪاٺ تي ارادتمنديءَ جو سر اچي رکيائين ۽ سندن صحبت ۾ رباني راز جا نڪتا جيڪي سراسر فيض ۽ بخشش هئا، سي دل و جان سان ٻڌڻ لڳو. تان جو روشن دلين وارن جي اثر ڀري گفتار جي جهلڪارن، سندس خطرن ۽ وهمن واري انبار کي ساڙي صاف ۽ پاڪ ڪري ڇڏيو ۽ ڪاملن جي صحبت وجد وارن شعلن سان محبت جي شمع، سندس جان جي محلات ۾ روشن ڪري ڇڏي. بادشاهه وري ٻيو دفعو کيس وزارت جي ڪرسيءَ جي آڇ ڪئي پر وزير کي پسند نه آئي. بادشاهه فرمايو ته: ملڪي معاملات جي سلجهائڻ واسطي عقلمنديءَ جي ضرورت پئي آهي. وزير جواب ڏنو ته: حقيقت ۾ عقلمندي اها آهي ته انهيءَ مصيبت جي ڪن کان، جا سڀني خطائن جي جڙ آهي ۽ محض کيڏ آهي، تنهن کان پاڻ کي عد نفسک من اصحاب القبور (پنهنجو پاڻ کي قبر وارن مان شمار ڪر) جي حڪم موجب فنا ٿيڻ کان اڳي فنا ٿي وڃي.

فارسي متن

درجه شانزدهم

در محنت کشي

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ: ولا تحسبن الذين قتلوا في سبيل الله  امواتاً بل احياءٌ عند ربهم يرزقون. فرحين بما آتهم الله من فضلہ

(پ-4:س-آل عمران: ع-17)

حديث

عن ابن عباس رضه قال، آن رسول الله ﷺ: قال لا صحابہ انہ لما اصيب اخوانکم يوم اُحد جعل الله ارواحهم في جوف طير خُضُر تردُ النهار الجنة  تاکُل من اثمارها و تاوي الى  قناديل من ذهب معلقة في ظر العرش فلما وجدوا طيب ماکلهم و مشربهم و مقيلهم قالوا من يبلغ اخواننا عنا اننا احياءُ  في الجنة  لئلا يزهدوا في الجنة ولا ينکلوا  عند الحرب ققال الله تعالى  انا ابلغهم عنکم. فانزل الله تعالى ولا تحسبن الذين قتلوا في سبيل الله امواتاّ  بل احياءُ عند ربهم الى آخر الا آيات

(رواه ابو دائود)

مثنوي

خوش آن مرده کہ از خود رستہ شد

در وجود زندگي پيوستہ شد

موم و هيزم چون فدايُ نار شد

ذات ظلماني او انوار شد

چونکہ اندر مرگ بيند  صد وجود

پس چون بروانہ بسوزاند وجود

 

بيت

پاٻوهيو پڇن، ڪٿي هٽ حبيب جو

عاشق اجل سامهون، اُڀي ڳاٽ اچن

نيزي هيٺيان نينهن جي، پاڻ نه پاسي ڪن

ڪسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.

 

حکايت

روزي مگس دون همت پروانہ والا نهمت را ملامت کرد و بدان حريق  نار مجاهده و غريق بحر مشاهده رويُ عتاب آورد کہ خود راچرا در ورطہ هلاک مي اندازي و جان عزيز را فدايُ  شعلہ بي باک  مي سازي و چون من ذوقنون از هر اطعمہ متلذذه حظي چرا بر نگيري و از هر اشربہ مطيبہ بهره نه پذيري. پروانہ از آنجا کہ همت مردانہ  داشت و نهمت عاشقانہ  بہ جوابش پرداخت کہ مقصود اتم مشتاقان و مطلب اهم عشاقان نفي وُجود ماسوا است و اثبات شهود بقا، چون از ظلام اوهام کہ ثمرهه شجره هستي نافرجام است بدلالت جذب محبت و جوش مودت بجانب نور جلال و تجليہ جمال رخت ميکشم دمبدم ساتکين عشرت لايزال  از ميخانہ وصال کمال مي چشم، صورت هُسرت من در معني عين يسرت است و نائره محنت في الحقيقة محض روضہُ رحمت.

 

 

سنڌي ترجمو

درجو سورهون

جهد ڪر جيسين جيئين، ته هميشہ حيات ٿئين

آيت

جيڪي شخص الله جي راهه ۾ قتل ڪيا ويا تن کي هرگز مئل نه سمجهو بلڪ اهي پنهنجي رب وٽ حيات آهن (۽) اُنهن کي رزق ڏنو ٿو وڃي. الله پنهنجي فضل سان جو ڪجهه به کين ڏنو آهي، تنهن سان فرحت ۾ آهن.                                                  (پ-4:س-آل عمران: ع-17)

حديث

ابن عباس کان روايت آهي، فرمايائين ته: رسول الله ﷺ پنهنجن انهن اصحابن کي ارشاد فرمايو، جيڪي احد واري لڙائي جي ڏينهن پنهنجي ڀائرن وٽ اڃا نه پهتا هئا، ته الله انهن شهيدن جي روحن کي سبز پکيءَ جي پولار ۾ رکيو آهي، جيڪي جنت جي نهرن تي ڦرندا رهن ٿا (۽) انهيءَ جا ميوا کائين ٿا ۽ سون جي قنديلن ڏانهن رهن ٿا، جيڪي قنديل عرش جي پاڇن ۾ ٽنگيل آهن. پوءِ جنهن وقت پنهنجا پاڪ کاڌا، پاڪ پيئڻ جون شيون ۽ آرام جو هنڌ حاصل ڪيائون، تنهن وقت چوڻ لڳا ته آهي ڪو، جو اسان جي طرفان، اسان جي ڀائرن کي خبر پهچائي ته اسان جنت ۾ جيئرا آهيون، ۽ جهاد ڪرڻ وقت سستي نه ڪن. تنهنڪري الله تعالى فرمايو ته: اوهان جي طرفان مان ٿو خبر پهچايان، تڏهين الله تعالى نازل ڪيو ته جيڪي شخص الله جي راهه ۾ قتل ڪيا ويا، تن کي هرگز مئل نه سمجهو بلڪ پنهنجي رب وٽ جيئرا آهن.

(رواه ابوداود)

 

مثنوي

اهي مردا خوش آهن، جيڪي پاڻ کان آزاد ٿيا

هن زندگيءَ ۾ ئي وڃي محبوب سان مليا

موم ۽ ڪاٺيون جڏهين باهه تي قربان ٿين

سي ظلماتي ذات ڇڏي وڃي انوار ٿين

جڏهين مرڻ ۾ سوُ وجود ڏسي ٿو

تڏهين ٿي پرواني وانگر وجود ساڙي ٿو.

 

بيت

پاٻوهيو پڇن، ڪٿي هٽ حبيب جو

عاشق اجل سامهون، اُڀي ڳاٽ اچن

نيزي هيٺيان نينهن جي، پاڻ نه پاسي ڪن

ڪسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.

 

حڪايت

هڪڙي ڏينهن بي همت مک اعلى همت پرواني کي ملامت ڪئي، ۽ مجاهدي جي باهه ۾ سڙندڙ مشاهدي جي درياءَ ۾ غرق ٿيندڙ کي ميار ڏني ته پاڻ کي مصيبت جي ڪُن ۾ ڇا لاءِ ٿو وجهين ۽ پياري جان کي بي ڌڙڪ باهه جي شعلي تي وڃي ٿو سٽين؟ مون چال باز وانگر هر لذيذ طعام مان مزو ڇو نه ٿو وٺين، هر پاڪ ۽ مٺي پاڻيءَ مان حظ ڇو نه ٿو وٺين؟ اهو پروانو جيڪو مردانو همت وارو هو ۽ عاشقن واري جرئت رکندو هو، تنهن جواب ڏنو ته: مشتاقن جو وڏي ۾ وڏو مقصد ۽ عاشقن جو اهم مطلب آهي الله کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه فنا ڪري ڇڏڻ ۽ الله جي ذات کي باقي ۽ ثابت رکڻ، وهمن ۽ وسوسن جون اونداهيون، جيڪي فنا ٿيندڙ هستي جو ڦل آهن تن کي، جنهن وقت عشق جي جذبي ۽ محبت جي جوش مان جلالي نور ۽ جمالي تجلي سان ڇڪي ٿو وڃان ته دم بدم ڪامل وصال جي ميخاني مان دائمي خوشي ۽ قرار جو حظ ٿو چکيان. منهنجي ڏکي صورت حال حقيقت ۾ سراسر سکي آهي، سختيون ۽ سور حقيقت ۾ محض رحمت جو باغ آهن.

 

فارسي متن

درجہ هفتدهم

در ادراک سعادت بيداري و تحصيل فوائد جان نثاري

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ: تتجافى جنوبُهُم عن المضاجع يدعون ربهم خوفاّ و طمعاّ و مما رزقناهم ينفقون.  فلا تعلم نفسُ ما اُخفي لهم من قرة اَعين. جز آءٌ بما کانو يعملون.

(پ-21:س-سجده: ع-2)

حديث

عن ابي امامة رضه قال، قال رسول الله ﷺ: عليکم بقيام الليل فانہ داب الصالحين قبلکم وهو ربةُ لکم الى ربکم و مُکفرةُ للسيئاة و منهاة عن الاثم.

(رواه الترمذي)

مثنوي

هين قم الليل تو اي شمع همام

شمع دائم شب بود اندر قيام

اشک مي بارو همي سوز از طلب

همچون شمع سر بريده جملہ شب

شو قليل النوم مما يهجعون

باش در اسحار از يستغفرون

 

بيت

سُتا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري

جو تو ساڻيهه ڀانئيو، سو مانجهاندي جو ماڳ

سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي

 

حکايت

حضرت شاهه اويس قرني قدس سره را حکايت کننده در وادي رياضت و باديہ مشقت چنان گرم بودي کہ شبي از غايت شوق و نهايت ذوق فرمودي کہ هذه ليلة الرکوع و برکوعش سحر نمودي، و شبي از جذب متوافره و وجد متکاثره بظهور آوردي کہ هذا ليلة السجود بسجودش بسر بردي محبو سان قفس وجود بدان عندليب روضہ شهود معروض داشتند کہ خاطر عشق ماثر توکہ ملبع فيض جلال و محزن سر کمال است از احتمال بارگران يرياضت جاودان بملال نمي گرآيد و از ارتکاب شدت اندوه ستوده نمي آيد. فرمود شب دراز کہ خلوتگاه اهل راز روز بازار عشقباز است بہ چشم همت دل محبت منزل بساعت مساوي مي نمايد، حقا کہ اگر طوالت ليل بقدر ما بين الازل را بد بود، جان مشتاق سراپا اشتياق بحسب اشارت قرب بشارت واسجد و اقترب بفرط طلب از مجود معبود کہ تقريب مقصود است سير نہ شود.

 


 

سنڌي ترجمو

درجو سترهون

جاڳڻ ۾ ئي جس، جس جاڳڻ سان ٿئي

آيت

سندن پاسا سمهڻ جي هنڌ کان الڳ ٿي، پنهنجي رب کي خوف ۽ اميد سان سڏيندا آهن ۽ جيڪو کين رزق ڏنوسون، تنهن مان خرچ ڪندا آهن. جيڪو اکين جو ٺار، انهن لاءِ مخفي رکيو ويو آهي تنهن کي ڪو به جيءُ نه ڄاڻندو آهي..   (پ-21:س-سجده: ع-2)

 

حديث

ابي امامہ کان روايت آهي ته: فرمايو رسول الله ﷺ رات اٿي کڙو ٿيڻ اوهان تي لازم آهي، ڇاڪاڻ ته اهو (رات جو قيام ڪرڻ) اوهان کان اڳين صالحن جي عادت هوندي هئي ۽ اهو (رات جو قيام ڪرڻ) اوهان لاءِ ۽ اوهان جي رب وٽ قرب (وڌائيندو) ۽ بڇڙاين کي ميٽي ڇڏيندو ۽ گناهن کان روڪي ڇڏيندو.                          (رواه ترمذي)

مثنوي

تون رات جو اٿي کڙو ٿيءُ اي شمع حمام

شمع ساري رات هوندي آهي اندر قيام

طلب جي ڪري سڙي ٿي ۽ نير وهائي ٿي

تون به شمع وانگر ساري رات سر وڍائيندڙ ٿي

ننڊ ٿوري ڪر، جيڪي ٿورو سمهن ٿا تن مان ٿي

جيڪي اسُر مهل بخششون گهرن ٿا تن مان ٿي

 

بيت

ستا اٿي جاڳ، نند نه ڪجي ايتري

جو تو ساڻيهه ڀانئيو، سو مانجهاندي جو ماڳ

سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي

 

حڪايت

حضرات شاهه اويس قرني جي ڳالهه ڪندا آهن ته رياضت جي وادي ۽ مشقت جي ميدان ۾ اهڙو گرم هو، جو ڪنهن رات وڏي شوق ۽ نهايت ذوق مان فرمائيندو هو ته هيءَ رڪوع جي رات آهي ۽ رڪوع ۾ گذاريندي صبح ڪندو هو؛ ۽ ڪنهن رات جهجهي جذبي ۽ گهڻي وجد ڪري ظاهر ڪندو هو ته هيءَ رات سجدي جي رات آهي، سو سجدي ۾ گذاريندي پوري ڪندو هو. عام ماڻهن مشاهدي جي باغ جي بلبل کي عرض ڪيو ته: اوهان جي عشق ڀريل دل، جا جلالي فيض جو سرچشمو ۽ ڪمال اسرار جي مخزن آهي، سا هر وقت رياضت ۽ مشقت جي وڏي بار کڻڻ کان ملول نه ٿي ٿئي ۽ ايتري سختي سهڻ جي ڪري جهُرندي نٿي وڃي؟ حضرت قرني فرمايو ته: سڄي رات، راز وارن لاءِ خلوتخانو ۽ عاشقن واسطي ڏينهن جي بازار آهي، ۽ اها عشق جي همت واري اک ۾ هڪ گهڙي جي برابر نظر اچي ٿي، سچ ڪري پڇو ته جيڪڏهن ازل کان ابد جيتري ڊگهي رات هجي ته به مشتاقن جي جان، جا سراسر اشتياق آهي، سا سجدو ڪر ۽ قرب حاصل ڪر جي قرب ڀري بشارت موجب ڪڏهين نه ڍاپي ۽ معبود جي ڀرپور طلب ڪري سجدي ڪرڻ کان نه ڍائبي، ڇاڪاڻ ته قرب حاصل ڪرڻ مقصد آهي.

 

 

فارسي متن

درجہ هزدهم

در صفت ارباب معرفت و اصحاب وجد و حالت

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ:  الا ان اولياءَ الله لا خوفُ عليهم ولا هم يحزنون لهم البشرى في الحيواة  الدنيا و في الاخرة.

(پ-11:س-يونس: ع-7)

حديث

عن عمر رضه قال، قال رسول الله ﷺ: اِن من عباد الله لاناساّ، ماهم بانبياءِ ولا شُهُداءِ يغبطهم الانبياءُ والشهداءُ يوم القيامة بمکانهم من الله. قالوا يا رسول الله ﷺ تخبرنا منهم. قال قومُ تحابوا بروح الله على غير ارحام بينهم ولا اموال يتعاطونها فوالله ان وجوهم لنورُ و انهم لنورءٌ  و انهم على نور. لا يخافون اذ اخاف الناس يوم القيامة  ولا يحزنون اذا حزن الناس و قرءَ  هذه الايت الاّ اِن اولياءَ الله لا خوفُ عليهم ولا هم يحزنون.                                                              (رواه ابو دائود)

مثنوي

خواب مي بينند آن جا خواب ني

در عدم در ميروند و باب ني

رفتہ در صحرائي بيچون جان شان

روح شان آسوده و ابدان شان

جسم شانراهم ز نورا سرشتہ اند

تاز روح و از ملک بگذشتہ اند.

 

بيت

آگي اڳيئي ڪيا، اهي نسورو نور

لاخوف عليهم ولا هم يحزنون سچن ڪونهي سور

مولي ڪيو مامور، انگ ازل ۾ ان جو.

 

حکايت

حضرت سلطان العارفين شيخ بايزيد بسطامي قدس سره را گفتند، کہ چگونہ بامداد کردي و بچہ حال شب بروز آوردي؟ فرمود کہ نزديک من از صبح اثري نيست و از شام خبري نہ، چہ کہ شهباز جانم ازين عالم دو رنگ برتر آشياني دارد، و پرواز وجدانم ببويء  موانست شاهد بيرنگ بستان سرايُ آفاق و انفس را زنداني شمارد و طبعم از تاليف مشاهده اکوان رميده ودلم بنزهت گاه خلود لا مکان آراميده زيرا کہ مشام روحي از استشام مطيبات معيّت معطر است و مکان سري بخلوت خاص احديت فِيٌ مَقُعَدِ صِدٌق عِنٌدَ مَلِيک مُقتَدرِ.

 

 

 

سنڌي ترجمو

درجو ارڙهون

اولياءَ ڪرام جي صفت ۽ ثنا ۾

آيت

خبردار! الله جي اوليائن کي نڪي ڪو خوف آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿي رهندا. انهن لاءِ دنيا جي حياتي ۽ آخرت ۾ خوشخبري آهي.           (پ-11:س-يونس: ع-7)

 

حديث

حضرت عمر رضه کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله ﷺ الله جي ٻانهن مان اهڙا شخص به آهن، جيڪي نه پيغمبر آهن نڪي شهيد آهن (پر) قيامت جي ڏينهن، الله جي طرفان پنهنجي مڪان ۽ مرتبي ۾ انبياءَ ۽ شهيدن جو شان ۽ شوڪت رکندا. اصحابن عرض ڪيو، يا رسول الله! اسان کي انهن جي خبر ٻڌايو. فرمايو رسول الله ﷺ ته جن جي پاڻ ۾ مٽي مائٽي به نه هوندي ۽ نڪي پاڻ ۾ مال جي ڏي وٺ هوندن، صرف پاڻ ۾ خدا ڪارڻ محبت رکندا آهن. تحقيق انهن جا منهن روشن آهن ۽ انهن جا منهن بلڪل نور آهن ۽ يقيناً اهي شخص نور اعلى نور آهن. ۽ جڏهين عام ماڻهو قيامت جي ڏينهن خائف هوندا، هي انهيءَ ڏينهن بي ڊپا هوندا ۽ جڏهين عام ماڻهو غم ۽ مونجهاري ۾ هوندا، تڏهين هي شخص چين ۽ قرار ۾ هوندا. انهيءَ کان پوءِ هيءَ آيت پڙهيائون، ڪن ڏئي ٻڌو بلاشڪ الله جي اوليائن کي نڪي ڪو خوف آهي ۽ نڪي ڪو غمگين ئي رهندا.

(رواه ابودائود)

 

مثنوي

الله وارا خواب ڏسن ٿا پر اتي خواب نه آهي

ناه جي اهڙي ملڪ ۾ وڃن ٿا،جنهن کي ڪو دروازو نه آهي

انهن جو خيال بي مثل جي ميدان ۾ هليو ويو

انهن جو روح مطمئن ۽ دائم رهيو

انهن جو جسم نور مان جوڙيو ويو آهي

انهيءَ ڪري، روح ۽ ملائڪن کان پار ٿي ويو آهي

 

بيت

آگي اڳيئي ڪيا نسورو نور

لاخوف عليهم ولا هم يحزنون سچن ڪونهي سور

مولي ڪيو مامور، انگ ازل ۾ ان جو.

 

حڪايت

حضرت سلطان العارفين شيخ با يزيد بسطامي کي عرض ڪيائون ته: صبح ڪهڙي ريت ڪيؤ ۽ رات ڪهڙي ريت گذاري ڏينهن ڪيؤ؟ پاڻ فرمايائون ته: مونکي نه ڪو صبح جو پتو پيو نه وري ڪا شام جي خبر آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي جان جو شهباز هن دو رنگي جهان کان مٿي ٿو رهي. ۽ منهنجي وجد جو پرواز بي رنگي باغ جي محبوب جي ورونهه جي هٻڪار ۾ آهي، دنيا جي جهان ۽ نفسي محلات کي بئديخانو ٿو سمجهي، ۽ منهنجي طبيعت عارضي مشاهدي جي نظاري کان ٽهيل آهي ۽ منهنجي دل لا مڪان جي باغستان ۾ مطمئن آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي روح جون دماغي طاقتون معّيت واري مرتبي جي هٻڪار کان معطر آهن ۽ منهنجي سِري مرتبي وارو مڪان خاص احديت جو وڏي طاقت واري بادشاهه وٽ باعزت رهندڙ خلوت آهي.

 

 

فارسي متن

درجه نوزدهم

 

در مراقبہ قلبي و مکاشفہ وهبي

 

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ: وفي انفسکم افلا تبصرون

(پ-26:س-ذاريات: ع-1)

حديث

عن ابي هريره رضه قال النبي ﷺ: حاکيا عن الله سبحانہ و تعالى لا يسعني ارضي ولا سمائي ولا کن يسعني قلب عبدي المؤمن

مثنوي

اي هزاران جبرئيل اندر

صد مسيحايُ نهان در جوف خر

هزاران احمد اندر غار تن

گنج رباني نهان در مار تن

گرچہ دارد خاک شکلِ عنبري

از درون دارد صفات انوري.

بيت

هو ناهي هن ري، هي نه انهون ڌار

الانسان سري و انا سِره، پُرجهج هيءَ پچار

ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي.

 

 

حکايت

مربع نشين چار بالش قلندري بي بي رابعه قدس سرها را معروض داشتند، چہ باشد کہ بہ تماشايُ نو رستہ هايُ بساتين يعني گل و رياحين بيرون آيُ و بہ مقتضايُ فانظروا الى آثار رحمت الله ديده عبرت بچهره صنعت کشاي؟ فرمود اي شيفتگان حسن صورت، و فريفتگان جمال هيئت باري درون آئيد و از صانع بصنعت التفات منمائيد و خزائن کنت کنزاً  مخفياً  رابہ مفتاح من عرف نفسہ  فقد عرف ربہ کشائيد، زيرا کہ بارگاه سلطان حقيقت و جلو گاه مشاهد جملہ هُويِّت بہ حکم والا قلب المؤمن عرش الله تعالى بدون انسان کائن نيست، و حصول معرفت محبوب بي نشان بحب مضمون بشارت مشحون فاحببت آن اُعرف فخلقت الخلق  بجز عرفان ماهيت جنان ممکن نہ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com