سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :11

فارسي متن

درجہ هفتم

در محنت کشي

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ: ام حسبتم ان تدخلو الجنة ولما ياتکم مثل اللذين خلوا من قبلکم مستهم الباساءُ و الضر آءُ.

(پ-2:س-بقرة:ع-26)

حديث

عن جابر رضه قال، قال رسول الله ﷺ: يودُ اهل عافية يوم القيامة حين يعطي اهل البلاءَ الثواب لو ان جلودهم کانت قرضت في الدنيا بالمقاريض.

(رواه الترمذي، و قال هذا حديث غريب)

مثنوي

رّان  بلاها کانبيا برداشتند

سر بچرخ هفتمين افرا شتند

هر کہ در راه محبت پيشتر

بر دل او بار محنت بيشتر

نزد عاشق درد غم حلوا بود

ليک حلوا برخسان بلوا بود

 

بيت

ڌاڳا هڏ نه ڌوءِ، دل ڌوتائين دک سين

لاهوتي لطيف چئي، روح اندر روءِ

ڪونه ڏٺوسي ڪوءِ، سنياسي سور ري.

 

حکايت

در روضة الشهداءِ مذکور است کہ وقتي عندليب نوبهار معراج شيخ منصور حلاج قدس سره نغمه سرائي مناجات وجدان سمات کرديده ميگفت: اي بهار پيرائي باغستان قلوب عاشقان واي نزهت بخشائي بهارستان صدور صادقان! هر خار جفائي کہ خواهي بر گلبرگ وجود بلا آمود و جان غم اقتران من بزن و نظري بکن کہ اگر غنچہ وار از اين دلفگار آثار تنگدلي و انکسار باظهار رسد، هر آئينہ مشام روح وحدت فتوح را از شم گلهائي وصال لا يزال مايوس نما و بلبل خاطر احديت ماثر را در قفس محن هجران بي پايان محبوس فرما.


 

سنڌي ترجمو

درجو ستون

جفا وارن جس، جفا ريءَ نه ٿئي

آيت

اي شائقو: اوهان جنت ۾ ائين ئي داخل ٿيڻ سمجهيو آهي ڇا؟ حالانڪ اڃا اوهان کي انهن جهڙا (امتحان) نه آيا آهن، جيڪي اوهان کان اڳي ٿي گذريا، جن کي سختيون ۽ سور پهتا.       (پ-2:س-بقرة:ع-26)

حديث

جابر رضه کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله ﷺ: عافيت ۽ سلامتي ۾ گذارڻ وارو قيامت جي ڏينهن اُمنگ ڪندو جنهن وقت مصيبت وارن کي عيوض عطا ڪيو ويندو، ته جيڪر هي به پنهنجون کلون دنيا ۾ قينچين سان ڪتري ڇڏين ها. (رواه ترمذي ۾ فرمايل آهي ته هي حديث عجيب و غريب آهي.)

مثنوي

جن سٺو ڏک ڏيل ۾ مثال انبيا

سي ستن آسمانن ۾ سرفراز ٿيا

جو عشق جي راهه ۾ چست ۽ چالاڪ آ

تنهن جي دل تي دک درد جو انبار آ

عاشق لاءِ دک درد سڀ حلوو اٿئي

مڪار لاءِ دک درد سو بلوو اٿئي

 

بيت

ڌاڳا هڏ نه ڌوءِ، دل ڌوتائين دک سين

لاهوتي لطيف چئي، روح اندر روءِ

ڪونه ڏٺوسي ڪوءِ، سنياسي سور ري.

 

 

حڪايت

روضة الشهداءِ ۾ ذڪر ٿيل آهي ته هڪڙي وقت منصور حلاج وجد ڀريا گيت پي آلاپيا ته: اي عاشقن جي دلين جي باغ کي سينگاريندڙ بهار، ۽ سچن جي سينن جي بهارستان کي سبزي بخشيندڙ! هر قسم جي جفا ۽ سختيءَ جو ڪنڊو، جيڪو وڻئي سو دکايل وجود پن تي هڻ ۽ منهنجي غمگين جان تي هڻي نظر ڪر ته جيڪڏهين هن فقير مان غنچي ۽ مکڙيءَ وانگر تنگدلي ۽ انڪساري جا آثار ظاهر ٿين ته هن کليل وحدتي خيال کي، دائمي وصال واري گل جي خوشبوءِ کان مايوس ۽ نااميد رکجانءِ ۽ احديت واري بلبل دل کي وڏي وڇوڙي جي ڏکن واري پڃري ۾ کڻي بند ڪجانءِ.

 


 

فارسي متن

درجہ هشتم

در تاکيد ذکر الله

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ: يا ايهاالذين آمنو اذکرو الله ذکراً کثيراً.                                       (پ-22:س-احزاب: ع-6)

حديث

عن عبدالله بن بسر رضه: قال جاءَ اعرابي الى رسول الله ﷺ: فقال اي الناس خير قال طوبى لمن طال عمره و حسن عملہ قال يا رسول الله ﷺ اي الاعمال افضل قال ان تفارق الدنيا و لسانک وطبٌ من ذکر الله.

(رواه احمد و الترمذي)

مثنوي

تا نخواني لا و الا الله را

در نيابي منهج اين راه را

تيغ لا در قتل غير حق براند

در ننگر زان پس که بعد لاچہ ماند

ماند الا الله باقي جملہ رفت

شادباش اي عشق شرکت سوز رفت

 

بيت

ڪڍي تلوار لا جي، کڻي خچر کي هڻ

سنڌن جون سيد چوي، وٿون سڀ وڪڻ

تهان پوءِ کڻ، قدم ڪوهيارل ڏي.

 

 

حکايت

ذاکري شبانگاه بذکر محبوب حقيقي وطب السان بود توتر و توالي در تذکره اسم متعالي مقدر ايام وليالي مي نمود، ديو مرجوم کہ کنايہ از خطره هستي موهوم است در خاطر خطيرش وهم انداز شد، اين همہ الله الله را لبيک کجا و اين همگي دعوت را اجابت کو. بيچاره ازين وهمايت حرمان سمات عروهٌ وثقي اميد را از دست داد و بدين اختلال متحير مانده سر ببالين غفلت نهاد چون از عالم اجسام بمثال برد در عالم رويا خضر عليہ السلام را معائنہ کرد، گفتش که باعث را ماندن تو از ذکر الاهي چيست و موجب امتناع تو از ذوق متناهي کيست؟ درويش عذر عدم تلبيسہ آشکار نمود. خضرش فرمود کہ محبوب مطلق ميفرمايد کہ اشتغال محبان بتذکره من منشي از جذب جلال ما است و ياد دهانيدن نام خود آنهارا مبني از عطوفت کمال ما.

 


 

سنڌي ترجمو

درجو اٺون

ذڪر بنا جا گذري، سا سڀ عمر اجائي

آيت

اي ايمان وارئو! الله جو گهڻي کان گهڻو ذڪر ڪريو.

(پ-22:س- احزاب: ع-6)

حديث

عبدالله بن بسر کان روايت آهي، چيائين ته: رسول الله ﷺ ڏانهن هڪڙو دهقاني آيو، تنهن پڇيو ته ماڻهن مان بهتر ماڻهو ڪهڙو آهي؟ پاڻ ڪريمن فرمايو ته واه واه انهي شخص واسطي آهي، جنهن پنهنجي عمر ڊگهي ڪئي ۽ پنهنجا عمل سهڻا ڪيا. سائل عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ عملن ۾ افضل عمل ڪهڙو آهي؟ پاڻ فرمايائون ته دنيا کي ڇڏڻ ۽ پنهنجي زبان کي الله جي ذڪر سان تر ۽ تازو ڪرڻ.

(احمد ۽ ترمذي)

مثنوي

جيسين لا الہ الا الله نه چوندين

تيسين هن راهه کي ڪڏهين نه لهندين

لا جي تلوار غير حق ۾ تون هلاءِ پيو

تنهن کان پوءِ ڏس لا بعد ڇا رهيو

الا الله کان سواءِ ٻيو سڀ ويو

اي عشق شاد هج سڀ سڙي جي ويو

 

بيت

ڪڍي تلوار لا جي، کڻي خچر کي هڻ

سنڌن جون سيد چوي، وٿون سڀ وڪڻ

تهان پوءِ کڻ، قدم ڪوهيارل ڏي.

 

حڪايت

هڪڙي ذاڪر شخص، حقيقي محبوب جي ذڪر ۾ لڳاتار رات ڏينهن الله جي اسم سان زبان کي تر ۽ تازو رکيو هو. مردود ديو (شيطان) جنهن کي وهمي هستيءَ جو خطرو ۽ وسوسو به چوندا آهن. تنهن سندس دل ۾ خطرو وڌو ته هر وقت الله الله ڪرڻ جو جواب ۽ واراڻي ڪٿي آهي ۽ هر وقت سڏڻ جي قبوليت جو آواز ڪٿي آهي؟ ويچارو ذاڪر شخص انهي وهم ۽ وسوسي ڪري، اميدن جي مضبوط رسي ڇڏي نااميد ٿي ۽ مونجهاري ۾ پئي غافل ٿي سمهي پيو. جڏهين ننڊ اچي ويس ته خواب ۾ خضر عليه السلام کي ڏٺائين، جنهن کيس فرمايو:  الاهي ذڪر کان غافل ٿيڻ جو ڪهڙو سبب آهي ۽ انتها درجي جي ذوق کان ڪير رڪاوٽ جو ڪارڻ بڻيو؟ درويش جواب نه ملڻ جو عذر پيش ڪيو. خضر عليه السلام فرمايو ته: الله تعالى فرمائي ٿو ته طالب جو ذڪر ڪرڻ ۾ مشغول رهڻ محض اسان جي جنبش ۽ گهر آهي ۽ انهيءَ کي نالو ياد ڏيارڻ، اسان جي ڪمال مهربانيءَ مان آهي.

 


 

فارسي متن

درجہ نهم

در بيان فکر

آيت

يا ايهاالذين آمنوا اصبروا و صابرو و رابطوا و اتقوا لله لعلکم تفلحون..                                  (پ-4:س-آل عمران:ع-20)

حديث

عمران بن حصين رضه ان رسول الله ﷺ قال:  مقام الرجل بالصمت افضل من عبادة ستين سنة.

(رواه البهيقي في شعب الايمان)

مثنوي

چون در معني زني بازت کنند

پر فکرت زن کہ شهبازت کنند

اي بردار تون همين انديشہء

ما بقي تو استخوان و ريشہء

گر گل است انديشہء تو گلشني

و ربود خاري تو هيمہ گلخني

 

بيت

هل هنئين سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار

قاصداڻي ڪار، ڪين رساڻي ڪيچ کي.

  

حکايت

شخصي نحوي بر کشتي رکوب نموده از کشتيان پرسيد که از علم نحو بهره داري يا نه؟ ملاح عرضداشت کہ چيزي نه خوانده ام. گفت کہ نيم عمر تو ضايع گرديد- کشتيبان دل شکستہ تاب جواب نياورده خاموشي ورزيد. اتفاقاً بادمخالف سفينہ را بگرداب انداخت و از سُکان کشتي هريک باضطراب پرداخت، ملاح ازان حافظ مباحث کلمہ و کلام استفسار شنائي نمود نحوي عدم سياحي خود اظهار فرمود. کشتيبان معروضداشت کہ اين زمان بنائي عمر تمام حضور ديانت دستور قريب اهندام است و کشتي دانشمندي و نکتہ داني آن منبع آمال و آماني غريق لجہء استعجام. کہ اينجا محو ماندن مطلوب است نه نحو خواندن.

 


 

سنڌي ترجمو

درجو نائون

فڪر فنا دا ڪماوڻان هـﻶ

آيت

اي ايمان وارئو! صبر ڪريو ۽ (فڪر ۾) ڄميا ۽ ٽٻ رهو ۽ ناتو جوڙي ڇڏيو ۽ الله جو ڌيان ڌريو تان ته اوهان منزل مقصود کي پهچي وڃو.

(پ-4:س-آل عمران: ع-20)

حديث

عمران بن سعصين کان روايت آهي ته رسول الله ﷺفرمايو: خاموشيءَ واري ماڻهوءَ جو مقام ۽ مرتبو سٺ سال جي عبادت کان افضل آهي.

(رواه البهيقي في شعب الايمان)

مثنوي

جي معنى جو دروازو کڙڪائيندين ته کولي ڏيندا توکي

پر جي فڪر جا پر هڻندين شهباز بڻائيندا توکي

اي ادا تون ساڳيو سو فڪر آهين

تو سواءِ جيڪي آهه سو هڏا ۽ ريشو آهين

جي فڪر تنهنجو گل آهي ته گل دستو آهين

جي فڪر تنهنجو ڪنڊا ڪڙڇ آهي ته تنور آهين

 

بيت

هل هيئين سين هوت ڏي پيرين پنڌ وسار

قاصداڻي ڪار، ڪين رساڻي ڪيچ کي.

 

حڪايت

هڪڙو نحوي  علم وارو شخص ڪنهن ٻيڙيءَ تي سوار ٿي ٻيڙيءَ واري کان پڇڻ لڳو ته: نحوي علم مان ڪجهه حاصل ڪيو اٿئي يا نه؟ ملاح عرض ڪيو: ڪجهه نه پڙهيو آهيان. نحوي عالم چيو ته: پنهنجي اڌ عمر ته ائين ئي برباد ڪري ڇڏيئي. ملاح دل شڪستو ٿي ويو، ڪجهه جواب نه ڏئي سگهيو ۽ چپ ڪري ويهي رهيو. اتفاق سان طوفان ٻيڙيءَ کي ڪُنّ ۾ کڻي هنيو. ٻيڙيءَ وارن مان هر هڪ پريشان ٿيڻ لڳو. ملاح انهيءَ پڙهيل شخص کان ٻيڙيءَ جي سلامتي جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳو. نحوي ملا ٻيڙيءَ کي سلامتي سان ڪناري تي پهچائڻ واري علم کان اڻ واقفيت جو اظهار ڪيو. ملاح چيو ته هاڻي ته سائين جن جي سڄي عمر ختم ٿيڻ جي قريب آهي ۽ سائين جن جي قابليت ۽ هر قسم جي نڪتہ دانيءَ جا اسباب درياه ۾ ٻڏڻ وارا آهن. تنهنڪري هتي مڪويت ۽ فڪر ۾ رهڻ مقصود آهي ۽ نه نحو پڙهڻ.

 

وضاحت

دنيا درياءُ آهي ۽ هر قسم جي آفتن ۽ مصيبتن جو انديشو آهي، وجودي ٻيڙيءَ کي منزل مقصود تائين پهچائڻ لاءِ دريائي سفر ۾ فڪر ۽ محويت جي ضرورت آهي.

 

 

فارسي متن

درجہ دهم

در بيان فنا و بقا

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ:ما رميت اذا رميت ولکن الله رمى.                                                                 (پ-9:س-انفال:ع-2)

 

حديث

عن ابي هريرة قال، قال رسول الله ﷺ: ان الله تعالى قال من عاد لي ولياً فقد اذنتہ بالحرب، وما تقرب الي عبدي بشيءِ احب الي ما افرضت عليہ و ما يزال عبدي لتقرب الي بالنوافل حتى احببتہ فکنت سمعہ الذي يسمع بہ و بصره الذي يبصربہ ويره الذي يبطش بها و رجلہ التي يمشي بها و ان سالني لا عطيہ، ولئن استعاذني لا عيذنہ و ما ترددت عن شيءِ انا فاعلہ ترددي عن نفس المؤمن يکرءَه الموت و انا اکره مساءَة ولا بُد لہ.

(رواه البخاري)

مثنوي

چون پري غالب شود بر آدمي

گم شود از مرد وصف مردمي

اويء او رفتہ پري خود او شده

ترک بي الهام تازي گو شده

چون پري را اين دم و قانون بود

کرد گار آن پري را چون بود

 

بيت

ويٺا ئي وهسن، منهن پايو مونن ۾

جوڳي جاٽون ڪن، جو آيا الوهيت ۾.

 

حکايت

سلطان العارفين شيخ بايزيد بسطامي قدس سره بعزم زيارت بيت الله مرحلہ پيمائي ميگرديد. چون سجيہء رضيہء او درويش طلبي بود بمقتضائي المرءُ مع من احب، وقتي بخدمت قطب عالمي همتي مقارنت فرمود کہ ديده نابين و دل خورشيد آئين داشت، پرسيدش کہ اي بايزيد کجا ميروي؟ گفت بمکہ معظمہ ميروم- فرمود کہ زاد راه چہ داري؟ گفت کہ دو صد درم نقره دارم. فرمان داد آن درمهارا پيش من بتہ و پيرامن من هفت کره طواف بکن و طواف بيت الرب نيکوتر انگار، بلکہ زيارت مارا عين رب البيت شمار.

 

 

سنڌي ترجمو

 

درجو  ڏهون

ٿي فنا تان باقي ٿيوين، ٻيا ڪوئي هنر نه هلدا

آيت

(اي پيغمبر) اوهان جڏهين (ڌوڙ جي مٺ) اڇلي ته (اها) اوهان نه اڇلي پر الله اڇلائي.                            (پ-9:س-انفال: ع-2)

حديث

ابي هريره کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله ﷺ ته: الله تعالى فرمايو آهي ته جنهن شخص منهنجي ولي سان عداوت ۽ دشمني رکي، تنهن سان مان جنگ جو اعلان ڪريان ٿو. منهنجو ٻانهو ٻيءَ ڪنهن به شيءِ سان مون ڏانهن قرب نه حاصل ڪندو آهي، پر مان مٿس جيڪي شيون فرض ڪيون آهن، تن جي ادا ڪرڻ ڪري مون ڏانهن محبت وڌائيندو آهي ۽ خاص ڪري منهنجو ٻانهو مون ڏانهن نفلي عبادت سان عجيب قرب حاصل ڪندو آهي، تان جو مان انهي سان محبت ڪندو آهيان، تنهنڪري مان ان جو ڪن ٿي پوندو آهيان، جنهن سان هو ٻڌندو آهي ۽ ان جي اک ٿي پوندو آهيان، جنهن سان هو ڏسندو آهي، ان جو هٿ ٿي پوندو آهيان، جنهن سان هو وٺندو آهي ۽ ان جو پير ٿي پوندو آهيان، جنهن سان هو گهمندو آهي، ۽ جيڪڏهن هو مون کان ڪو سوال ڪندو آهي ته ان کي عطا ڪندو آهيان ۽ جيڪڏهن مون کان پناه گهرندو آهي ته ان کي ضرور پناه ڏيندو آهيان. ۽ مون کي ڪنهن به شيءِ ۾ کٽڪو نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته مان فاعل ۽ خودمختار آهيان پر مومن جي نفس ۽ جان جي باري ۾ کٽڪو ٿي پوندو آهي ته متان هو موت کي نا پسند ڪندو هجي. مان به ان جي ناپسندگيءَ کي ضرور ناپسند سمجهندو آهيان.

مثنوي

جڏهين پري يا جن وٺي ٿو ڪنهن آدمي کي

گم ڪري ٿو مرد مان ماڻهپي جي وصف

هو ويو هليو، اُن جي جاءِ تي پريءَ جو ضابطو آ

ترڪي انسان بغير الهام جي فارسي گو آ

جڏهين پري کي ايتري قوت ۽ قانون آ

ته اُن پريءَ جي پروردگار کي ڇا ٿو سمجهين ڇا آ

 

بيت

ويٺا ئي وهسن، منهن پايو مونن ۾

جوڳي جاٽائون ڪن، جو آيا الوهيت ۾.

حڪايت

سلطان العارفين شيخ بايزيد بسطامي قدس سره بيت الله جي زيارت جي ارادي سان سفر ۾ نڪري پيو. المرءُ مع من احب (جنهن شخص جي جنهن سان محبت هوندي آهي اُهو انهيءَ سان هوندو آهي) جي حڪم موجب سندن سهڻي عادت درويش طلبيءَ جي هوندي هئي. هڪڙي وقت اعلى همت واري قطب وٽ وڃي حاضر ٿيو، جنهن جي دل ته سج وانگر روشن ۽ منور هئي پر اکين کان سو نابين هو، تنهن کائونس پڇيو ته: اي با يزيد ڪاڏي ٿو وڃين؟ جواب ڏنائين ته: مڪہ معظم ٿو وڃان. درويش فرمايو ته: سفر جو خرچ ڪيترو کنيو اٿئي؟ جواب ڏنائين ته چانديءَ جا ٻه سئو روپيا اٿم. درويش فرمايو ته: اهي رپيا مون وٽ رک ۽ منهنجي چوڌاري ست دفعا طواف ڪر ۽ منهنجي وجود جي طواف کي بيت الربّ جي طواف کان افضل سمجهه، بلڪ اسان جي زيارت کي نسورو رب البيت جو ديدار ڪري سمجهه.

فارسي متن

درجہ يازدهم

 

در تحريض حضور باطني

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ و عم نوالہ:فويل المصلين الذين هم عن صلواتهم ساهون..                             (پ-3:س-ماعون:ع-32)

 

حديث

عن ابي ذره رضه قال، قال رسول الله ﷺ: لا يزال الله عز و جل مقبلا علي العبد و هو في الصلواة مالم يلتفت فاذا اَلتفَتٌ..

(رواه احمد و ابو دائود والنسائي والدارمي)

 

مثنوي

زانکه ترکِ تن بود اصل نماز

ترک خويش و ترک فرزندان و آز

گر بمهرِ غير دل دارد گرو

آن نمازِ او نير زد نيم جو

 

بيت

جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه سجود

وڃائي وجود، تهان پوءِ تڪبير چوُ.

 

حکايت

سائلي از مفتي پرسيد کہ بُکاء در نماز ناقص است با نہ؟ فرمود کہ اگر از خوف يا محبت حق سبحانہ و تعالى باشد نماز را نقصاني نيست و اگر از غم ما سويٰ الله است نماز تباه خواهد شد، زيرا کہ مقصد اتم و مطلب اهم از نماز حضور دل است نه قيام آب و گل، چرا کہ لا صلواة الا بحضور القلب واقع است ولاکن ينظر الى قلوبکم و نياتکم وارد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com