سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:پنج گنج

باب: --

صفحو :15

سنڌي ترجمو

درجو ٽيويهون

تيسين رڙ ۽ رو، جيسين سينو صاف ٿئي

آيت

اوهان هن (هولناڪ ڏينهن جي) ڳالهه کان تعجب ڪريو ٿا ڇا؟ ۽ کِلو ٿا ۽ روئو نٿا.                                          (پ-27:س-نجم: ع-3)

حديث

عقبه بن عامر فرمايو ته مون رسول الله ﷺ کي ڏٺو. پوءِ عرض ڪيم ته نجات ۽ ڇوٽڪارو ڪهڙي شيءَ ۾ آهي؟ پاڻ فرمايائون ته پنهنجي زبان پنهنجي قبضي ۾ رک، پنهنجي خطائن ۽ گناهن تي روءُ

(رواه احمد و الترمذي)

مثنوي

جي تون يوسف نه آهين ته يعقوب هج

اُن وانگر هميشہ روڄ راڙي ۾ هج

جيستائين ٻار نه روئندو تيستائين کير جوش ۾ نه ايندو

جيستائين ابر نير نه وهائيندو تيستائين چمن نه کلندو

جيڪي شخص انهي واسطي نير وهائن ٿا

سي گوهر آهن ۽ ماڻهو ڳوڙها سمجهن ٿا.

بيت

کل تڏهن جڏهن کٽين، تهان اڳي رو

اڃان مٿي تو، ٿي ڀورا ڀل ٿئي.

 

 

حڪايت

هڪڙو درويش روئڻ ۾ يعقوب صفت هو ۽ محبت جي زمين ۾ نِيرن جو ٻج پوکيندو رهيو. تنهن تي دوستن چيس ته:ايڏي روئڻ ڪري اک جي قوت اصلي حالت ۾ نه رهندي، انهيءَ طرح ڳوڙهن وهائڻ ڪري اکين جو نور وسامي ويندو. جهاد جي ميدان ۾ ڊوڙندر، مشاهدي جي جلوي کي ڳوليندڙ سينہ  بريان ۽ ديده گريان درويش چوڻ لڳو ته ٻن ڳالهين مان آخر هڪ ته ٿيندي، يا مشاهده جا گل حاصل ڪندس يا نا اميديءَ جو ڪنڊو اميد جي پير ۾ کائيندس، سو جيڪڏهن سراسر منتظر مشتاق کي ديدار جي دولت نصيب ٿي ۽ وصال جي خوشبوءِ، يوسف جي پهراڻ مان منهنجي دماغ کي پهتي ته انهي روشن خيال محبوب جي هٻڪار، هن ڏکويل جي ديد ۽ اک جي ڌنڌ کي دفع ڪري ڇڏيندي ۽ وسوڙيل جي دل ۽ اک تان هر قسم جون اونداهيون هٽي سگهنديون، پر جيڪڏهن هن دائمي ديدار جي منتظر اک مايوس رهي ته آخري پساهه رکندڙ اميدوار بلبل، نا اميدي جي پڃري ۾ ۽ ڏکن جي بنديخاني ۾ بهتر آهي. غير جي ڏسڻ کان ۽ الله کان سواءِ ٻين جي ميل ميلاپ کان مهجور ۽ وڇوڙيل سٺي آهي.

 


 

فارسي متن

درجہ بيست و چهارم

در حصول صفائي سينہ و انقلاع بنايُ کينہ

آيت

قال الله تعالى جل جلالہ  و عم نوالہ: و نزعنا مافي صدورهم من غل تجري من تحتهم الانهار.                                                 (پ-8:س- اعراف: ع-5)

حديث

عن آنس رضه قال قال رسول الله ﷺ: يا بُنَيّ ان قدرت ان تصبح و تمسي و ليس في قلبک غش الاحد فافعل ثم قال يا بُني و ذالک فن سنتي فمن احب سنتي فقد احبني و من احبني کان معي في الجنة.

(رواه الترمذي)

مثنوي

آئينہ کز زنگ آلايش جدا ست

پر شعاع از نور خورشيد خدا ست

آئينہ دل چون شود صافي و پاک

نقشها بيني برون از آب خاک

هم بہ بيني نقش و هم نقاش را

فرش دولت را وهم فراش را.

 

بيت

صوفيّ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو

تهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو

  

حکايت

شيري درنده هر روز جانوري بچنگ مي آورد و هر صباح حيواني بہ وظيفہ مي بُرد روبهي حيلہ ساز در بارگاه حضرتش قدم جرئت نهاده بعرض رسانيد و دليرانہ پيش آمده يکران اظهار در مضمار بيان دوانيد کہ اي سرير پيرايُ کشور شهامت و رونق افزايُ افسر کرامت در قلمرو بندگان عالي شان شير ديگر پُر شور باغي مغرور از جاده راستي دور دست تطاول بخون ما سايہ پروردگان عطوفت لم يزل دراز دارد باوجود تسلط عاليہ حضور صدمت ظهور دمار از روزگار حيوانات برمي آرد، هزبر دران بغرو دلاوري در ضمن حيلہ گري و بهانہ وري جامہ مفالات سرسري پي نبرده سراغ طلب مقران سرمايہ شورو شفب گرديد. روبہ زو فنون دليل آن جهالت مشحون گشتہ برسر چاهي رسيد و قرار گاه آن شرارت انتباه درچاه عرضداشت.  ليث خشم آگين چون نظر دهشت آئين بہ آب فرو گماشت عکس خود را تماشا گره دشمن خود پنداشت چندان کہ برکناره بيرصولت و جملہ مي آورد بہ همان و تيره از شير سلفي نظاره ميکرد تا کہ عرق حسدوي بحدي متحرک گرديد کہ خود را از شَفا حفرَةءٌ من النار بزير انداخت بحکم فحوائي تهديد انتمائي لهم اعبنءٌ لايبصرون بما خود را از ديگري نشناخت.

 


 

سنڌي ترجمو

درجو چوويهون

ڪيني ۽ غير جي عمارت کي پاڙئون

پٽي، سيني جي صفائي حاصل ڪرڻ

آيت

جو ڪجهه انهن جي سينن ۾ غير ۽ غبار آهي، سو اسان ڇڪي ڪڍي ڇڏيوسون.(هاڻي) انهن جي (محلاتن) هيٺان نهرون وهن ٿيون.

 (پ-8:س- اعراف: ع-5)

حديث

انس رضه کان روايت آهي ته: مون کي رسول الله ﷺ فرمايو ته اي ٻچا! جيڪڏهن توکي صبح ۽ شام ڪرڻ جي طاقت آهي (ته هن طرح سان ڪر) جو تنهنجي دل ۾ ڪوبه حجاب ۽ غير خيال نه اچي، ائين ڪري ڏي. پوءِ پاڻ فرمايائون ته: اي پٽ! اها منهنجي سنت آهي، سو جنهن شخص منهنجي سنت سان محبت رکي،  تنهن يقيناً مون سان محبت رکي آهي، ۽ جنهن مون سان محبت رکي آهي، سو مون سان گڏ جنت ۾ هوندو.

(رواه الترمذي)

مثنوي

جو آئينو ڪٽ ۽ آلايش کان جدا آهي

سو خدائي سج جي نور کان پُر شعاع آهي

جڏهن دل جو آئينو صاف ۽ پاڪ ڪندين

تڏهن خاڪ ۽ پاڻي مٿان نقشا ڏسندين

چٽ ته ڏسندين ۽ پڻ چٽيندڙ به ڏسندين

دولت جو فرش سهي ۽ فرش وڇائيندڙ به ڏسندين

 

بيت

صوفيّ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود

تهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو

 

حڪايت

هڪ ڦاڙيندڙ شينهن ڏهاڙي هڪ جانور پنهنجي قبضي ۾ آڻيندو هو ۽ هر صبح جو هڪ حيوان کائڻ لاءِ کڻي ويندو هو. هڪڙي چالاڪ لومڙ جرئت رکي شينهن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ۽ دليريءَ سان پيش اچي بيان شروع ڪري ڏنو ته: اي دٻدٻي جي ملڪ جا مالڪ! ۽ معزز آفيسرن جي رونق وڌائيندڙ! اوهان جي وڏي شان واري حڪومت ۾ پُر شور باغي ۽ مغرور، حق جي راه کان دور، اوهان جي پاڇي ۾ هميشہ مهرباني هيٺ رهندڙن تي رت پيڻ لاءِ ظلم مچائي ڏنو آهي ۽ اوهان جي زبردست تسلط ۽ ضابطي هوندي اوهان جي جانورن مان کائي ٿو وڃي. مغرور زوراور شينهن، لومڙ جي چالاڪي ۽ بهاني بازيءَ ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏيئي، وڏي شور ۽ گوڙ سان انهيءَ جي تلاش ۾ نڪري پيو. چالاڪ لومڙ انهيءَ جاهل مجهول شينهن کي هڪڙي کوهه جي مٿان وٺي آيو ۽ انهيءَ شرير شينهن جو ڏس کوهه جي تري ۾ ڏنائين. جڏهن ڪاوڙ ڀرئي شينهن، وهشت ڀري نظر پاڻيءَ  ۾ هيٺ وڌي ته پنهنجو عڪس ۽ پاڇو ڏسي، ان کي پنهنجو دشمن سمجهائين. کوهه جي ڪناري تي جا به جنبش ۽ جولان ڪيائين ٿي، سو ساڳيو هيٺين شينهن کان ڏٺائين ٿي، تان جو سندس حسد ۽ ڪينو اهڙي حد کي وڃي پهتو، جو پاڻ کي باهه جي کڏ جي ڪناري تان کڻي هيٺ اڇلايائين. انهن کي اکيون به آهن ته به اُن کي نٿا ڏسن جي حڪم موجب پاڻ کي ٻيو ڪري سمجهائين.

 

فارسي متن

درجہ بيست و پنجم

 در ثبوت رويت سبحاني و حصول مشاهده نوراني

آيت

قالَ الله تعّالى جَل جلالہ: وَعَم نوالہ: وُجُوهءٌ يّومئذ.نّاضرةءٌ الى رَبِهّاَ ناظرة.                 (پ-29:س-قيامت:ع-1)

 

حديث

عَن جريرُ  بن عبدالله رضه قَال، قَالَ رسول الله ﷺ: سَترون ربّکم عَيَاناَ.        (متفق عليہ)

 

مثنوي

چون شوي محرم کشايم با تولب

تابہ بيني آفتابي نيم شب

جز روانِ پاک اُو را شرق ني

در طلوعش روز و شب را فراق ني

خاصہ خورشيد حقيقت کان سري ست

روز و شب آثار او روشنگري ست

 

بيت

پرتوو پنهونءَ جو، جهڙ جيئن جهالا ڏي

آءٌ تنهن آريءَ کي، وٺئو راه روئان گهڻو.

 

حکايت

وقتي ملتسم تراب عتبہ خاندان سرگروه تابعان صادقان طالب صحبت مکمل تابعي وعبل رضه از جناب ولايت نصاب شهسوار مضمار لدني غواص بحار سلوني تخت نشين هل اَتيٰ تاجدار لا فتى حضرت امير المومنين علي المرتضيٰ کرم الله وجہ ورضي عنہ مسئيلت نمود. کہ حضور کرامت ظهور بشرف مشاهده جمال محبوبي کہ حجابہ النور وصف نقاب صفات اوست، و نکتہ لو کشفہ لا حرقت سبحات وجہ ما انتهى اليہ بصره من خلقة نشان تجليہ ذات او مشرف شده اند يا نه؟ فرمودند  کہ اگر ديده مشتاق بہ انوار ديدار آن سر جلوه اسرار روشن نشود، روح عشق فتوح بعبادت باري بدون لقايُ انواري نگردد و دل شيفتہ ساعتي قدم نهمت برجادهُ طاعت نه نهد، و فکر آشفتہ انفاس عزيز را بي حصول نظاره از دست ندهد بلکه قبلہ طاعت عاشقان جلوه جمال لا يزال ست و محراب عبادت واصلان پرتو جلال باکمال.

 

سنڌي ترجمو

درجو پنجويهون

 

سبحاني ديدار ۽ نوراني مشاهدي جي حاصلات جي ثبوت ۾

آيت

اُن ڏينهن ڪيئي مُنهن پنهنجي رب ڏانهن نهاريندڙ خوش ۽ سرها هوندا.                                          (پ-29:س-قيامت:ع-1)

 

حديث

جرير بن عبدالله کان روايت آهي ته، فرمايو رسول الله ﷺ ته: اوهان پنهنجي رب کي ظاهر ظهور ڏسندؤ.                   (متفق عليہ)

 

مثنوي

توسان روح رهاڻ ڪندس جيڪڏهن تون محروم ٿي پوندين

تان جو تون منهنجي سج کي اڌ رات جو ڏسندين

هو پاڪ روح کان سواءِ ٻئي هنڌ نه اُڀرندو آهي

هن جي اڀرڻ ۾ رات ڏينهن جو ڪو فرق نه آهي

اصل حقيقي سج منهنجي سر ۽ اسرار جي کاڻ آهي

ڏينهن رات انهيءَ جا روشن ۽ نروار نشان آهن.

 

بيت

پرتوو پنهونءَ جو، جهڙ جيئن جهالا ڏي

آءٌ تنهن آريءُ کي، وٺئو راه روئان گهڻو.

 

 

حڪايت

هڪڙي وقت حضرت وعبل رضه حضرت امير المومنين علي المرتضيٰ رصه کي سوال ڪيو ته سائينجن کي الله تعالى جو ديدار حاصل آهي يا نه؟ پاڻ فرمايائون ته جيڪڏهن مشتاق جي اک محبوب جي ديدار کان روشن نه هجي ها ته محبوب جي ديدار کان سواءِ عشق جا انوار ۽ جهلڪارون ئي نه کلن ها ۽ عاشق جي دل طاعت جي راهه ۾ هڪ گهڙي به قدم رکي نه سگهي ها ۽ نظاري کان سواءِ پنهنجي پياري جان کي ديوانگيءَ جي فڪر ۾ نه وجهي ها، بلڪ عاشقن جي طاعت جو قبلو لا يزال جمال جو ديدار آهي ۽ وصل وارن جي عبادت جو محراب ڪامل جوش ۽ جلال جو مشاهدو آهي.

 


 

فارسي متن

درجہ بيست و ششم

 در تاکيد مجاهده و تحصيل مشاهده

آيت

قال الله تعالى جلّ جلالہ و عم نوالہ: ليس لِلاِنسانِ اِلا ماسَعى وَ اًنَ سَعيہ سَوف يُرى.                                                       (پ-27:س-نجم:ع-3)

حديث

عن ربيعة بن کعب رضه قال، کنت ابيت مع رسول الله ﷺ فاتيتہ بوضوءَ و حاجتہ، فقال لي سل قلت اسالک مرافقتک في الجنةِ، قال او غير ذالک قلت هوذاک قال اعنئي على نفسک بکثرة السجود.                                              (رواه مسلم)

مثنوي

کافرم من گرزيان کرده ست کس

در رهِ ايمان بطاعت يکنفس

درين ره مي تراش و مي خراش

تا دمي آخر دمي فارغ مباش

توبہ کن مردانہ رو آور بره

کہ فَمَن يعمَل بِمثقال يَرَهُ.

 

بيت

آگم ڪيو اچن، سڄڻ ساوڻ مينهن جان

پاسي تن وسن جي، سڀ ڄماندر سڪيا.

 

 

حکايت

در لطائف معنوي مسطور است کہ جناب معذلت نصاب امير المؤمنين عمر بن خطاب رضه بعد از وفات حضور سراپانور صداقت ظهور عشيق عتيق امير المؤمنين ابي بکر الصديق رضه صاحبہ اورا بعقد تزويج خود آوردند. چون بدر خلوت سرايُ وارد شدند از آن عقيقہ کيفيت مجاهده آن مستغرق دريايُ مشاهده کہ در وقت پردگي شب تارکہ پردگاهه وصال يار است مي نمودند پرسش کردند.

عصمت پناه مذکوره اظهار نمود کہ سايہ قدوم فيض لزوم بربساط بيت مي انداختند، سجاده مبسوط فرموده آغازنماز کہ معراج عاشقان است مي ساختند ليکن در سجدهُ اولى چنان استغراق دست ميداد کہ تا طلوع صبح بحکم واسجدو اقترب در آن سجده مي ماندند و بعد از نصف شب تا برآمدن سحر از جگر سوز اثر آن پروانہ شمع شهود و شمع بزم وحدت وجود بويُ جگر کباب بزغالہ بمشام جوار کبار و صغار مير سيد. چنان در روز مردم همسايہ خبر کباب نمودن جگر بزغالہ مي پرسيد چون صبح نشان کيف مدالظل مبرهن مي نمود وسامعہ ساطعہ وي صدايُ آذان کہ اعلام مشتاق باحضار محبوب باجسم و جان است مي شنود همايُ همت محويت نهمت ايشان ظل اقاقت باستخوان جسماني مي انداخت متوجہ بمسجد گشتہ تهيہ ادايُ آداب عبودت مي پرداخت چون فاروق اعظم عارف معظم رضه خبر مجاهده آن فارس مضمار قدم اصفا نمود، عذر خواستہ فرمود کہ مقصود من از ازدواج شما اطلاع برين مقدمہ بود تا باعتصام اسوه حسنہ صديق اکبر در مجاهده کوشيده سعادت ابدي حاصل کرده آيد ترصد کہ باستمساک چنين سجيہ رضہ شاهد ترقي رويُ نمايد.

سنڌي ترجمو

درجو ڇويهون

جان ٽوڙ ڪوشش ڪري مشاهدو حاصل ڪرڻ

آيت

نه آهي انسان لاءِ، مگر جيڪي سعيو ڪيائين (يعني انسان جي ذمي صرف ڪوشش ڪرڻ لازم آهي) ڇاڪاڻ ته پنهنجي ڪوشش (جو نتيجو) هڪ وقت ڏسندو  (پ-27:س-نجم:ع-3)

حديث

ربيعہ بن ڪعب رضه کان روايت آهي ته مون رسول الله صلعم سان رات گذاري هئي. پوءِ وٽن وضو ۽ ٻي ضرورت واسطي پهچي ويس. پوءِ مون کي پاڻ فرمايائون ته مون کان جو ڪجهه سوال ڪرڻو هجئي سو ڪر. مون عرض ڪيو ته: اوهان سان جنت ۾ گڏ هجان؛ اهو سوال آهي. پاڻ فرمايائون ته ان کان سواءِ ٻيو به ڪجهه؟ وراڻيءَ ۾ چيم ته بس اهو عرض آهي. پاڻ فرمايائون ته منهنجي مدد ڪر پنهنجي نفس تي گهڻي کان گهڻن سجدن ڪرڻ جي(منهنجي ڪوشش نفس ڪشي ڪرڻ ۾ آهي، سو جيڪڏهن تون به منهنجي ڪوشش ۾ حصو وٺندين ته مون سان جنت ۾ گڏ هوندين. (رواه مسلم)

مثنوي

جيڪڏهين مان ڪنهن جو زيان ڪيو آهي

ايمان جي راه ۾ هڪ دم به اطاعت ڪندين ته مان ڪافر آهيان

هن راه ۾ پيو رڙهه ۽ کُرچيندڙ هُج

آخري دم تائين هڪ دم به فارغ نه هُجُ

مردن وانگر توبہ ڪري گهڙي پئو راه ۾

ڇو ته ذري جيترو به عمل ڪندين سو ڏسندين راهه ۾.

 

بيت

آگم ڪيو اچن، سڄڻ ساوڻ مينهن جان

پاسي تن وسن جي، سڀ ڄماندر سڪيا.

 

حڪايت

لطائف معنويءَ  ۾ لکيل آهي ته عدل ۽ انصاف جي صاحب امير المؤمنين عمر بن خطاب رضه سراسر نور ۽ صداقت ظهور قديمي عاشق حضرت ابوبڪر صديق رضه جي وفات کان پوءِ سندن حرمن کي نڪاح ۾ آندو. جڏهين اڪيلا ٿيا ته مجاهد مرد جي باري ۾، مشاهدي جي درياءَ ۾ غرق ٿيل جي شان ۾، ۽ اونداهين راتين ۾ يار جي وصال جي حقيقت پڇڻ لڳو. سندن پاڪ بيبي فرمائڻ لڳي ته جڏهين رات جو بسترو وڇائي سمهڻ جو وقت ٿيندو هو ته پاڻ مصلو وڇائي نماز شروع ڪندا هئا، جا عاشقن جي معراج آهي. پر پهرين ئي سجدي ۾ صبح صادق تائين سجدو ڪر ۽ قرب حاصل ڪر جي حڪم موجب استغراق ۽ محويت ۾ هليا ويندا هئا.  اڌ رات کان پوءِ اَسر ٿيڻ سان، انهي شهودي شمع جي پرواني جي سڙيل جگر مان ۽ وحدت وجود جي محفل جي شمع جي سڙيل جگر مان، گابي جي ڪباب ٿيل جيري جي خوشبوءِ پاڙي وارن جي ننڍن وڏن کي اهڙي پهچندي هئي، جو ڏينهن جو پاڙي وارا ماڻهو ڪباب جي خبرچار پڇڻ ايندا هئا. جڏهين صبح جو نشان ڪيئن نه پاڇي کي پکيڙيائين جي حڪم موجب روشن ٿيندو هو ته اذان جي ٻڌڻ وقت، جا مشتاقن واسطي محبوب جي حضور ۾ جسم ۽ جان سان حاضر ٿيڻ جو اعلان آهي، ٻڌي سندن اعلى همت جي محويت جو هماءُ پکي جسماني عضون ڏانهن ايندو هو ته مسجد ڏانهن متوجهه ٿي عبديت جي آداب ادا ڪرڻ ۾ لڳي ويندا هئا. جڏهين فاروق اعظم ۽ عارف معظم رضه انهي مجاهد مرد جي خبر ٻڌي ته معافي وٺي فرمائڻ لڳو ته: اوهان کي نڪاح ۾ آڻڻ جو مقصد اهو هو ته صديق اڪبر جي سهڻي چال جي مضبوط رسيءَ کي وٺي جدوجهد ۾ ڪوشش ڪري هميشہ واري سعادت حاصل ڪريان ۽ اميد اٿم ته اهڙي سهڻي، سدا ملوڪ ۽ مضبوط طريقي تي ترقي حاصل ٿيندي.

 

فارسي متن

درجہ بيست و هفتم

در و ثوق رجائي غفران و اهندام بنايُ حرمان

آيت

قَالَ الله تعالى جَلّ جلالہ وَ عَمّ نوالُہ:قُل يا مِبادِيَ الذينَ اَسٌرَفُوا على انفسهم لاتقنطوا من رحمةِ الله ان الله يغفر والذنوب جميعاً انہ هو الغفور الرحيم.                                 (پ-24:س-زمر:ع-6)

حديث

عن ابي هريرة رضه قال، قال رسول الله ﷺ: لما قضي الله الخلق کتب کتاباً فهو عنده فوق عرشِہٖ ان رحمتي سبقت غضبي و في روايت غلبت غضبي.                                                 (متفق عليہ)

مثنوي

سويُ تاريکي مرو خورشيدها ست

کوئي ناميدي مپو اميدها ست

هين مشو ناميد نور از آسمان

حق چون خواهد ميرسد دريک زمان

تو مگو مارا بدان شہ بار نيست

با کريمان کارها دشوار نيست

 

بيت

عيبن سان ئي وڃ، پيهي در دوستن جي

شڪ مڙيئي ڀڃ، سهڄ ملندا سپرين.

 

 

حکايت

درحديث آمده است کہ دو تن از بني اسرائيل باهم مخالطت داشتند يمي انبار صدور باجناس فرط محبت يکديگرا نباشتندي ليکن يکي متعبّد بود و ديگر مبتدع، پسي وقتي  عابد رفيق خودرا از معصيت ورزي ممانعت کرد، و او اجدية رجائي بر زبان آورد تاکہ روزي زاهد عاصي را مرتک منهيات يافت، بسبب غيرت با او بسبيل زجر و توبيخ لساني شتافت غريق لجہ عصيان عرضداشت کہ عاقبت کار اين گنہ گار را برحمت آمرز گار بگزار و بدينيان چين اعتراض در ابرو مبار کہ ترا بجهة نگهباني مانہ فرستاده اند و رتق و فتق معاملہ اخروي بدست تو نداده اند.

عابد از آنجا کہ کلاه پنداري برسر داشت و قبايُ خود بيني در بربي رعايت ادب بر زبان آورد کہ قسم باسم منتقم قهار کہ نام چون تو هوا پرست در ديوان آمرزيد گان نہه خواهد نوشت و طينت چون تو مفسد باب رحمت نخواهد سرشت، پس چون متقاضي ازل بحکم پروردگار اجل نقد جان هردو بخزينہ بادشاه ابد و ازل حاضر آوردبخشايش الاهي بمقتضايُ فحوايُ مرحمت انتهايُ قل کل يعمل و علي شاکلة مراحم و افيہ بحال آن اميدوار مصروف داشتہ نوشتہ سوءُ القضاءُ را بکزلک يَمحُوالله مايشاءُ ستردو رحمت نامتناهي موجب مضمون ترقب مشحون وسعت رحمتي کل شيءَ عواطف کافيہ دستگير افتاده گشتہ جان ترصد توامان ويرا مخاطب بہ الهام نوازش انجام فادخلي عبادي وادخلي جنتي گرديد، وزاهد خود بين عتاب انتقام نصاب فرموده پرسيد کہ خشنودي جناب رحمت مآب من موقوف بر رضائي تست و عطيہ درگاه مرحمت اشتاه من منحصر برعطائي تو.

گفت ني. منتقم باري فرمان داد کہ اورا درکانِ اسفل السافلين داخل گردانند و درمعرکہ بيئس مثوى المُتکبرينَ نشاندند.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com