سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :3

 

 

روايت [4] *

چيل محمود شيخ *

 

1-      ساراهيم سچو ڌڻي، صاحب ربّ ستار،
        جمجما سلطان هو، بيحد ڏاڍو قهار،
        هليو ڏاڍي حب مان، ڪرڻ شوق شڪار،
        جنهن سان ڪوڙين ڪٽڪ ڪيترا، ديمين جي ڌڌڪار،
        امر ساڻ الله جي، ڪو لڙي پيو هو لار،
        ويو پرزا ٿي پيرن سان، جنهن جو وري نه گڏيو وار،
        تنهن سبب ”شيخ“ چئي، تنهن تي ڪاوڙيو قهار،
        مغز سور مٿي جو، هن لاءِ آيو هو آزار،
        ڪنڌ مٿو ڪاپار، ڌڙ کان ڀانيان ڌار ٿيو.

 

2-     تنهن مهل طبيب کي، حڪم ڪيو حاڪم،
        دوا دارون درد جا، اچي دوست ڪريو هن دم،
        هينئڙو هيڻو ٿيو، ويڙهي ويا گوندر غم،
        وسري ويا وجود کان، ڪامل دنيائي ڪم،
        مُنجهائي معالم، خاتم سڀ خطا ڪيا.

 

3-     خاتم سڀ خطا ڪيا، ورچي ويڄ ويا،
دوا دارون درد جا، هئا ڪاتبن ڪيا،
ڦڪي فرق نه ڪري، جنهن کي ٻٽي پهر پيا،
جمجما جيها، خاڪ گهڻا کائي ڇڏيا.

 

4-     سينگاري رکيئون سيج تي، ڪو جمجما جوڙي،
لنگهي پيس سور لڱن مان، ڇڏيئينس عضوا الوڙي،
مغز سور مٿي جو، ٿو ورنهه ولوڙي،
خاڪ اندر کوڙي، ڪيائونس ڌڙ حوالي ڌوڙ جي.

 

5-      ڌڙ حوالي ڌوڙ جي، جنهن جي مٿي جهلي ٿي مار،
جنهن جي مغز ۾ ماڪوڙن جا، هئا بيحد بيشمار،
پهرائي هليا پٽن تي، ڪاهي ڌڻ ڌنار،
لڳس کُر لوڻن ۾، ٻيا ڪي سئو هزار،
ڌڙ کان ڇنِي ڌار، هئا سسِي کي سال ٿيا.

 

6-     سسِي کي سال ٿيا، آيو عيسيٰ نبي اتانهين،
مٿو ماڙهوءَ جو، ڪو ڏوران ڏٺائين،
ڪري عدالت اندر ۾، پنهنجي دل سان دوڙايائين،
کڻي هٿ حضور ڏي، اهو عرض ڪيائين:
’سسِي ۾ ساهه پئي، سڻ سٻاجها سائين!
جيڪي ڪم ٿي ڪيائين، پڇڻ لاءِ حقيقت حال جي‘!

 

7-     سسِي ۾ ساهه پيو، ٿو کلي ڳالهائي،
هلڻ لاءِ حيران ٿيو، وريو واجهائي،
هاٿي هنبارين سان، منهنجا ڪيڏانهن ويا ڪاهي؟
نَوَ سئو نغارچين جا، ويا واڄا وڄائي،
سامهون مون سلطان سان، ڪونه لڙائي لائي،
جوڙي ڪونه جواب ڏي، اڳيان نه ڳالهائي،
دنيا دولت دورنگي، وئي لاڳاپا لاهي،
جيڪا ٿو واحد وهائي، تنهن کي اڳيان اچي ٻيو ڪونه ڪو.

 

8-     صاحب! هن سسِي جي، توکي واحد آهي ووڙ،
تازي ايندا هئا تڪڙا، ٻيا ڊڊا ويندا هئا ڊوڙ،
هاٿي هنبارين تي، مٿي ٻڌندا هئا موڙ،
ڪئين هوندا هئا ڪيترا، ٻيا رڌيندا ٻوڙ،
مالڪ کي ”محمود“ چئي، سگهه جڳائي جوڙ،
سور رکي ويم سوڙهه، ڪا پهرين منزل پنڌ ۾.

 

9-     ڪهڙو نالو تنهنجو، آهي ڪهڙي ذات سندياءِ؟
يا هئين زميندار زمين جو، تو ڪهڙي ونڊ ونڊياءِ،
يا هئين ملو قاضي مسيت جو، تو اُبتا انگ لکياءِ،
يا هئين چور چڪار، ڪي ڌاڙيچن منجهاءِ،
يا هئين حلوائي هٽ جو، وريئي مچ مٽاءِ،
ڪهڙي مرض مارئين، تو ڪٿي جوڙي جاءِ،
يا پئي رهيو هئين پٽ ۾، توتي مِرن ميڙا ڪياءِ،
سامهون ئي ڳالهه سڻاءِ، ڪا سِسي پنهنجي سور جي.

 

10-    نالو سڏائين جمجما، ظاهر ذات نواب،
ساعت پسان ٿو سک جي، جيئن خيال پسجي خواب،
عزرائيل آيو اوچتو، جيئن ڪاسائي ڪري ڪباب،
ملائڪ مهل پڇاڻي جي، ڪو تکو رکائين تاب،
مون تي حرف حساب، تنهن فائق رکيو هو ڦَرَ جو.

 

11-    دانهن فريادي ڦَرَ جي، صاحب ربّ سُئي،
دنيا دولت دورنگي، هوند ته مون وٽ هئي،
خزاني جا کوهه گهڻا، مايا شيءِ مُهي،
ويا ٿم ڪنڌ ڪُهي، ڌڙ کان سِسي ڌار ٿيو.

 

12-    جڏهن چڙهي ٿي عرش مٿي، نوح نبيءَ جي ٻيڙي،
انهيءَ ملڪ مان مون مايا ٿي ميڙي،
سا سهيڙيم ”شيخ“ چئي، مون ناحق ڪئي نِيڙي،
ڌڙ کان سِسِي ڌار ٿي، لکن ڪئي ليڙي،
ڪامل تو ڪهڙي، آءٌ سڌ سڻايان سور جي.

 

روايت [5] *

چيل بچايو رند

 

1-      ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب ربّ سڌر،
        ٿو صفت صاحب جي ڪريان، جو ڪلنئي جو قادر،
        هڪڙي ڏينهن عيسيٰ نبي الله جو، آيو راهه وٺيو رهبر،
        هڏو ڏٺائين هڪڙو، بنا ڪنڌ ڪپر،
        آهي ڪن اِيامن جو، ساهه بنا هي سر،
        سوال ڪيائين سائين کي، تون آهين پاڪ ڌڻي پرور!
        پوي ساهه سسيءَ ۾، قدرت سان قادر،
        پڇي حقيقت هڏي کان، اُتي خان خبر:
        ’ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪهڙو تنهنجو نالو نر!
        تون هئين مالڪ ملڪ جو، ڪي سائين سوداگر،
        تون هئين چور چڪار، ڪي هئين شاهه سڪندر،
        تون هئين ملو مسيتن جو، ڪي غازي گداگر‘.
        اتي هن جا لڙڪ لڙي پيا، جان مٿان جر:
        ’ڪهڙي حقيقت ڪريان، توسان خوب خبر،
        جيڪا جڙي منهنجي وجود سان، ساٿي خاوند کي خبر،
        اڄ لٿا اٿم، بار ”بچايو“ چئي، جڏهن ساڻي ٿيو آهين سرور،
        وڏي ساڻ وڳر، هوس تالابين تخت تي.

 

2-     هوس تالابين تخت جو، تڏهن ساڻي ٿيم سردار،
        سڻ حقيقت منهنجي، تون عيسيٰ عقلدار!
        ڪئينب ڪروڙيون ڪيتريون، مون وٽ هئا ڪٽڪ ڪارونڀار،
        ماڙيون اڏايم محلاتون، ڪي بنگلا بيشمار،
        منهنجي ڪئين مُهر مڃيندا هئا، چوڏسيون چوڌار،
        ڪري ڪريان ڪيترو، توسان شاهه! شمار،
        سڀيئي خاڪ کائي ڇڏيا، وڏا ڪي وينجهار،
        اُتي حڪم هلي ٿو ڪونه ڪو، آهي قادر ربّ قهّار،
        ٻي بات نه هلي ”بچايو“ چئي، توڻي سڏائي سردار،
        ڪر عيسيٰ اعتبار، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

 

3-     هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو، جمجما سلطان،
        خير خيراتون ڪيتريون، ڪيم ظاهر ساڻ زبان،
        ارڙهن وِهُون اُمرائن جون، هيون منهنجي در مٿي دربان،     

  ٻيون منهنجون بٺيون هيون ”بچايو“ چئي،
        جن تي پڪا ٿي پڪوان،
        منهنجي ڪيئن مهر مڃيندا هئا، هئا ڏيهه ڀريندا ڏان،
        هڪ ڏينهن چڙهيس شوق شڪار تي، وٺي سڀ سامان،
        مون سان هاٿي هنباري ڪيترا، طنبو هئا طولان،
        ٻيا واڄا وڄائيندا ڪيترا، ڀٽ فقير ۽ ڀان،
        هڪڙو ڦر ”فقير“ چئي، هو مٿي پيل ميدان،
        سوکُرن ساڻ کڄي ويو، هتي هو حيوان،
        رکيم ڪين ”رند“ چئي، اهڙو ديد ڌيان،
        وڏائي جڳائي واحد کي، ٻئي کي جڳائي ڪان،
        اڄ آئين عيسيٰ! امر ساڻ، منهنجو ساهه سڌير ٿيو.

 

4-     منهنجو ساهه سڌير ٿيو، جڏهن عيسيٰ آيو،
        مون کي سور مغز ۾، تَهِين ويل پيو،
        ويئي لذت لِڱن کان، هينئين هلڻ ڇڏيو،
        طبيبن طمع لاءِ، وڏو وَس ڪيو،
        مون وٽ هزارين حڪيم هئا، جن پئي خزانو کپايو،
        تن جي ڦَڪِي فرق نه ڪري، جو نه هو ربّ جو رايو،
        لڳي مهر زبان تي، جو اولاڻو آيو،
        راڻين جي روئڻ جو، پرلاءُ مونکي پيو،
        وائي وري ڪانه ڪا، سڀيئي وَس ويو،
        ويو بادشاهون بس ٿي، وڃي لاشو ٿي رهيو،
        ڌوئي واسي ڏوپ سان، کنيائون کٽولو،
        وجهي مٽي منهن ۾، کاڄ ڏنو خاصو،
        جهليئون مهماني ميّت جي، اهڙو ڏاج ڏنو،
        بخش گناهه ”بچايو“ چئي، هن سيّد جو صدقو،
        اڄ عيسيٰ! آهين آيون، منهنجو ساهه سڌير ٿيو.

 

5-      پهرين حقيقت منهنجي، ٻڌ ڪامل! ڪَن ڪري،
        کڻي کٽولو هليا، ڪاهيائون ڪست ڪري،
        ميّت لوڏو نه سهي، هو هلن ڪين هري،
        ڪانڌي موٽيا پوئتي، مٿان ڌوڙ ڌري،
        آيا مَلڪ الله جا، مٿان ڪست ڪري،
        وڌو پساهه پڃري ۾، قادر ڪرم ڪري،
        ڪهڙو تنهنجو ربّ، ڪهڙو تنهنجو رسول، آئين ڪهڙو ڪلمو پاڪ ڀري؟
        ڪهڙي هاج هُتي ڪري آئين، ڪهڙيون ڪمايون ڪري،
        عيسيٰ! قبر جي ڪهڪاءُ کان منهنجي وائي ڪانه وري،
        هتي ته مون وٽ هزار هئا، اتي وانگِي ڪونه وري،
        هيءَ ڀي ڏينهن تنهن جو، جيڪو ڏاتار ڀر ڏري،
        جن بانور ڪيو ”بچايو“ چئي، آهي پرور تنهن کان پري،
        هاڻي ويهان ڪهڙي ڳالهه ڪري، عيسيٰ! انهيءَ ڏينهن جي.

 

6-     ٻي به حقيقت منهنجي، سڻج تون سلطان،
        قادر جي قدرت جي، ڪمي آهي ڪانه،
        جيڪي راڻيون هيون رتولن ۾، سي سنگ نه هليم ساڻ،
        انهن کي اولاد جي، ڪا هئي طلب تمام،
        جوڳي آيو جُوءِ ۾، ڪو سامي سرت سجان،
        ويهي ڍارو ڍاري، ڪيائين بات بيان،
        مڃيو بيعت بُتن جي، آن تي راض ٿيندو رام،
        آءٌ به آيس رات جو راڻين وٽ، ڪيائون اهو بيان،
        هئم روح هڪڙي راڻيءَ سان، دل جو ڦاٿل دام،
        ويس رکي رايو تنهن جو، ڌريم ڪين ڏيان،
        اهو به آيم اولانبو اتي، جتي وڃي ٿيس مالڪ جو مهمان،
        اٿئي قلم وَ ڪريم جي، ٻيو ڇا آدم ڪري انسان،
        ربّ ڌاران ”رند“ چئي، ٻي ڪنڌي آهي ڪانه،
        پناهه ڏيندو پاڻ، تڏهن لهندا بار ”بچايو“ چئي.

 

7-     ٻي به حقيقت منهنجي، سڻج تون سردار!
        مون جيڏا مون سرتا، مون ياقي ڪيا يار،
        تن کي پَٽ پوشاڪون ڪيتريون، ڏنم هزارين هٿيار،
        ماڙيون محلاتون ڪيتريون، ڏنم، بنگلا بيشمار،
        تن کي پرڻايم پدمڻيون، ڏيئي هزارين هار،
        مون ڀانيو مون سان هوندا، باقي منهنجا يار،
        آيم موت مٿي تي، جڏهن ڪاوڙيو ڦهّار،
        تڏهن ڪونه مليو ڪنهن کي، وري نه ملي وار،
        لڳي لهر لڱن کي، وِڙلا ٿيم وار،
        ڪئين ڏهاڙا ڪيترا، هئس پيو منجهه پاتار،
        پوءِ ڪيائون مٿو حوالي مال جي، ڌڙ کان ڇني ڌار،
        بخشين ڏوهه ”بچايو“ چئي، صاحب ربّ ستّار،
        عيسيٰ! ڪرين اعتبار، ته آءٌ هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

 

8-     ٻي به حقيقت منهنجي، ٻڌ عيسيٰ عقل ساڻ،
        ڪئين ڪرڙين ڪيترا، مون وٽ صوبا هئا سلطان،
        عقل اڪابر ڪيترا، مون وٽ لکين هئا لقمان،
        جوڙايم جنگين لاءِ، توفون، ۽ طولان،
        ماري مسڪينن کي، سوڙها ڪيم سامان،
        عيسيٰ جنهن مايا من مغرور ڪيو، سا به نه هليم ساڻ،
        اهڙي سُڌ نه پيم سُر جي، نه ته هي طمع ڇڏيان ها تمام،
        ڦران ها فقير ٿي، جوڳي منجهه جهان،
        وجهي قنديل ڪنڌ ۾، در در وٺان ها دان،
        ته وساريم ڪين واحد کي، سارو ڏينهن سبحان،
        بخش گناهه ”بچايو“ چئي، راضي ٿي رحمان،
        ڪل پيئي هئي ڪانه، مون کي قادر جي قدرت جي.

 

9-     ٻي به حقيقت منهنجي، ٻڌ دانَهه دل لائي،
        مون ڪيا دور دنيا ۾، ڇڏيم ڪرها ڪڏائي،
        ڪٽڪ مون سان ڪيترا، جن سان ڇڏيم ملڪ مڃائي،
        ڏنم نام ڌڻيءَ جي، ڪئين لک به لٽائي،
        کنيم بار بکين جا، ڇڏيم اَڙيا اوڍائي،
        عيسيٰ! انهيءَ ڳالهه جو، عجب مون کي آهي،
        جيڪي ڏنم نام الله جي، سو اُت اگهيوئي ناهي،
        ڪئين سڪندر، ڪئين دارا، ڪئين سپڙ، ڪئين سالار، سي به ويا وارو وڄائي،
        مون کي به پوءِ پروڙ پئي، نه ته ڇڏيان ها خوديءَ کي کائي،
        ويهي پنهنجي وجود کي، ڇڏيان ها جيئري جلائي،
        ”ڪل نفس ذائقةالموت“  اهو مٿي تي آهي،
        هاڻي بار مون بندي جا، من لطف سين لاهي،
        عيسيٰ! تو آئي، منهنجا لٿا بار ”بچايو“ چئي.

 

10-    لٿا اٿم بار ”بچايو“ چئي، جڏهن آيو آهين نبي نوراني،
        دنيا ۾ دولت جي، مون وٽ ڪانهي ڪمي،
        گهوڙا ٻيڙا ڪيترا، مون وٽ ڪوڙين هئا ڪامي،
        لکين لشڪر ڪيترا، مون وٽ هئا صوبا سلامي،
        عاقل هئا عقل جا، مون وٽ جيءَ ڀريا جاني،
        ٻيا مالهي اچيو ملهه وڙهن، مون وٽ ارڏا اخواني،
        عالم هئا علم جا، مون وٽ سچا سجاني،
        ڦيريدار فقير هئا، جن جي هئي ڪرامت ڪاني،
        ”وحده لاشريڪ لہ“ جڏهن آيت آندائين،
        حجت تڏهن هر ڪنهن جي، ڇني ڇڏيائين،
        بخش گناهه ”بچايو“ چئي، سوال سڻج سائين!
        لطف سان لاهين، مون تان عيسيٰ! ڏوهه الله جا.

 

 

روايت [6] *

نال زبان ايمان ڪَنُون ڪر آ کان صفت الاهي،
ڪَنُون شوق شفيق دي پيدا ڪيتس اي جڳ سارا،

ڪيتس مير محمد دا ڪل عالم تي اشارا،
چار ئي يار نبي دي يارو عالم جنهان افلاڪي،
چارئي هوسن روز قيامت حوض ڪوثر دي ساقي،
دين دروني جنهن ڪون هووي حُب تِنهان دي ڀانوي،
حُب انهان دي جنهن ڪون هووي، مول نه سوغم کاوي،
بغض جيڪي يدين رکسين چَؤن يارين دي پارون،
غر ٿيسن وچ آڙهه دي بي جاءِ نهين تنهن ڌارون.
هن ڪجهه آکن اک سڻاوان پيش گذشته شاهانا،
حضرت عيسيٰ آيا سير ڪريندا مڙس نبي مردانا.
ڀر ڪنڌي درياءَ ڪناري جاوت سير ڪِتوسي،
سِري بشر دي نال نظر دي پَٽ پيئي ڏٺوسي،
سري صحرا وچ پيئي ڏٺپسي ڌڙتن ڌار جدائي،
ماس مغز سب کل تنهين ڪون ٿي ڳئي فوت فنائي،
هاري آهس هار ڏنديندي در وانگون ڀڄ داڻي،
هڏ تنهين دي ڌار هڏين تون، جي بيشڪ خاڪ سڌاڻي،
ڏينڀو رهن ڪويليان محڪم تنهن وچ جاءِ مقيدي،
اڇي تمام آڇائي تنهن دي جيوين برف سفيدي،
آني اکيان ني تن پکيان خاڪ ٻرن سي خاني،
نانگ ڪويليان وچ ڪنين دي واٽين جوڙ ڪيتاني،
ديدان اپڻي پار سري دي جان وت عيسيٰ چائي،
رهيا وچ عجب دي آکيس: اي تون ربّ الاهي!
پس ڪر خار پريشان تنهن ڪون برسر خاڪ سَٽيوئي،
ربّ غفور رحيما تيڪُون عرض اهو مئن ڪردا،
ڪر معلوم مئن اتي احوال ڳجها اين سِر دا،
تا مئن ڄاڻان اين بندي دا ڪيا احوال ٿيوسي،
وحي آيا لهه صحيح سمائون قدرت نال الاهي،
آوڻ نال الايس عيسيٰ! آک ’چه مي تو خواهي؟
عيسيٰ ترت جواب الايا وَلدا گهِن سرتي دا،
ڪرسي زبان ته ڏيوي ميڪون حال مدت گذر دا.
آکيس، آک اي عيسيٰ! نال تيڏي بَهه ٻولي،
قصي موت حياتي دي سب پيش اڳوڻ تون کولي،
چل گيا ول پار سري دي عيسيٰ ترت روانا:
ڏي جواب سري تون ميڪون، هي حڪم ربانا،
حال احوال سنڀال سڀئي ڪر جيڪي ڏينهن ڏٺياني،
صورتوند سونهارا آهوين، ڪِ تون بد پيشاني،
ڪءِ تون شاهه زمين دا اهوين، ڪِ تون مرد گدائي،
نال غني دي غني ٿيون، ڪِ ڪيتئي سڀ سخائي؟
جنّت دي وچ جاءِ تيڏي، ڪِ جهنم جاءِ ٿيو ئي؟
آکي نال نبي احوال اهو مئن ڪرنش تان ڪرهيندا،
سڻ تون مرسل عرض ميڏا، هان ڪُهنا مڙس ورهه دا،
جمجما سلطان ميڏا نانءُ ملڪ اهس مُلڪاندا،
ٻڪريان وانگر ماڻهيان تي مئن آهس چوبان اُهندا،
جا بناءِ جميعت دي مئن وڍ مصر دي جوڙي،
ربّ ڏني پاتشاهي ميڪون مشرق مغرب توڙي،
هميشه نال حڪومت دي مئن روءِ زمين نوائي،
مشتري ٿي اڱڻ ميڏي وچ ٻهون ڪيتي روشنائي،
دنيا دولت مال خزاني از قارون زيادي،
قارون آها پيش اساڏي وانگر مرد گدا دي،
صد هزار غلامان دي گيسو آهي عالي،
صد هزار غلامان دي سي روم ولايت والي،
صد هزار غلامان دي سي ترڪي اطلس پوش جنهان ڪون،
صد هزار غلامان دي سي زياده شمس قمر نون،
خالي ڪونه رهيا تنهان وچ ڳهڻي زر زيور تون،
ناڻي نال خريد ڪيتي مئن بندي ات هي بردي،
هر هڪ مرد هميشه حاضر تيغان نال سپر دي،
 ليل نهار نياز ڪنون او ڪرن سلام اسان ڪون،
ڪنهن ڪون قدرت ڪانه ٿيوي چاٻولي سخن زبانون،
ڏهه هزاران بورچيخانا سنجهه صباحين بليدي، سوين گداگر شهر تني دي روز اُتاهون پلدي،
 چِهل هزار اُٺان دي آهن ڪالي رنگ جِنهان دي،
ڍوهن بار هميشه اصل مور نه ٿيون واندي،
چار هزار سگان دي آهن ڇڙدي وتن شڪاري،
نبو سئو باز اساڏا آها نام جنهان دا بحري،
ايجها شاهه زمين تي آهس قابض هر ڪنهين تي،
نال نگاهه نوابت دي ڪر مرسل مهر مُهين تي،
 نو سئو سال پنجاهه ٿئي اينڪون موت پڄاڻي،
دوزخ وچ ڪتوني داخل ڪونه خدا ڪون ڄاڻي،
سري اُندي گهن نال سبب دي، وچ دنيا دي آئي،
ڇُڙڪر مال مصردي جڏان ڪاڻ چرڻ دي ويندي،
پيرين نال ٽلندين اينڪو جهنگل ني سٽيندي،
 ڪر سنگهير جڏان وت سانجهي وقت شهر دي،
مارن کُر کُرانڊيان اينڪون وچ ڪپار قهر دي،
چندين روز ٿئي آ اينڪون ايجهي بهت عذابي،
ازالون پيش لکي ڪا اين تي رنج اتي بيتابي،
حضرت عيسيٰ ڦير الايا: اي سڀ حال ڪيتوئي،
حال پيا ڪر نال ميڏي، موت صفن دا صاف پيالا، ڪيوين لوڪ پيتوئي؟
هڪ ڏينهن هرڻين دي مئن ڪرڻ شڪار سڌاڻا،
ڪر شڪار جڏهان ول ٿيس ماڙي طرف روانا،
شاهي تاج پهر سڀ سر تي ڪيا افسوس سڻائي،
لسب اتي جو اطلس آهس سون سڀئي سرتائي،
مرض ڳڌا اسباب سڀيئي لسب  سياه تنهن ويلي،
ساهه سرڻ وچ باهه پياهي جان جگر سب جَلدي،
سخي نال ايندي سر آهي روز عظيم ازل دي،
ويڄ طبيب طِبان ڪڍ ڏيکن ڪرن هزار دعائين،
اثر نه ٿيوي ڪو لهر جتلا مرض ڪنون اين تائين،
 ورد وظيفي وير ولي ٿي عاجز مرد مدامي،
في الجملہ حال اهين ڪون گذرن ست ڏهاڙي،
آسمان ڪنون هڪ صورت ٿي جان سياه پهاڙي،
چار جهين دي هٿ آهي منهن، چار تهيندي ڄاڻي،
اُٺ جهين دي پير آهن ناشڪ تهين وچ آڻي،
آوڻ نال گهتيونس چنبي ترس نه ڪيتس ڪوئي،
 مار چنبا ارواح ڳڌس تي ڪهل نه ڪيتس ڪوئي،
 داهان تون اغواهان ميڏيان سڻندس مَلڪ سمائي،
ساهه ڪڍڻ دي سختي جان وت پهتي اين تن تائين.
حضرت عيسيٰ ڦير الايا اي ڀي سڻيم حقيقت ساري،
حال ٻيا ڪرنال ميڏي، ڪيا ڪيتئي قبر انڌاري؟
شهر سڄا پُر شور ٿيا ڪل درندي دانهن ڪريندي،
خاڪ مٽي منهن پاء ڪراهون برسردست مريندي،
خالق همہ تي چرخ فلڪ دا ايجها ورق ولايا،
ڪوئي نه رهيا شاد ڪٿهين هر ڪوئي درد نمايا،
مرد زنان سرپاء ڪراهون آءُ ڪَٺي ٿئي اين تي،
چا اکيان ڪجهه شاهه اسان ڏون، کڙي ڪوڪارن تنهن تي،
زور زبان ڪون ڇچوڙ ڳيا تڏهن وائي وات نه ولدي،
ڪهي حال تنهين ڪون ڏيوان ڦير تنهان ڪون ولدي،
آهين دانهين نال ڪهين دي ڪوئي نه پِڇني ولسي،
چا ڪفن سرپاء ڪراهون آڪَٺي ٿئي اين تي،
آخر ڪفن ڍڪا ڪراهون ڏي ڪر واس عطر دي،
جوڙ جنازا چاء تني دا ڍڪن پاء قبر دي،
ٿيم عذاب حسابان ٻاهر ويندي راهه وچالي،
تهون پڇي ول ڪيتوني اين ڪون ني ڪر خاڪ حوالي،
لٽ قبر ڪون سٽ اتاهين وچ لت لتان پئي ڏيندي،
لوڙ ايندي سر جوڙ ڪراهون ڇوڙ سڀئي ول ويندي،
ڪانڌي ٿئي پِڇون تي پابندي چاءِ کٽولي سر تي،
نوڪر چاڪر ڪوئي نه رهيا ماڳ مٽي دي ڀر تي،
ميڏي ٻاجهون ٻئي سڀ چلئي مئن رهيس هڪ اٿاهّن،
رات جٿان ظلمات انڌاري آيس جال تٿاهين،
مَلڪ آئي پلڪ تنهين وچ گرز مڱر دي چائي،
آوڻ نال آلاون ڪولون اها گفتار الاهي،
ڏي خبر تون پاڪ سچي دي ڪريندا ربّ ڪهڙا،
دين ڪهڙي وچ هويون هميشه آک نبي هي جهڙا،
ڪرڻ سوال جواب تنهين دا اينڪون مول نه آيا،
غضب ڪنون چاگرز اُلاريا وچ سر مَلڪ ڀُڪايا،
تهون پڇي تب تاءِ ڪنون ول مَلڪ ڏوجهي داوارا،
جان جگر تي جي سڀ سخت عذابين ساڙيا،
گرز انيڪون جي ملڪيت مارئي بهت عذاب سڌاڻي،
هڏ سڀئي ڀڄ ايندي خسخاس جيڏي ٿئي داڻي،
داڻي ميل ڪراهون تنهن دم ماڻهو جوڙ مليندي،
سوئي سوال جو پُڇيا آهني انسان ڦير الاندي،
ڪرڻ سوال جواب تنهين دا اينڪون مول نه آوي،
ڪرن حساب حسابين دي جٿ اينڪون ڪونه ڇڙاوي،
تنگ ڪتوني قبر اندي چوطرف زمين دي چاري،
آکن اک اهو دن خاڪ آوڻ دا ياد نه آها تيڪون،
تئن جيهي ڪئين شاهه زمين تون لڏ ڳئي لک هزارين،
موت جنهان ڪون مار ڪراهين ڪيتن تن تلواران،
راتيان ڏينهان روح تيڏي ڪون مال ميلڻ دا سعيا،
ڪوئي تيڪون دم گور آوڻ دا هرگز ياد نه آيا،
دور دراز قصا هي اهيندا ڪيا ڪر آک سڻائين،
حال ڪيها تئن نال ڪران، سائين! ڳالهه ڪڇڻ دي نانهين،
ڪر ڪا مهر مسيحا مين تي اَک تون نام الاهي،
ربّ غوفر ڪون ڪيتس سجدا ڪارڻ سوال سري دا،
سوال مليس في الحال نبي دا آگي عرض اگهايا،
ڄنگهين ٻانهين نال جثي دي جوڙ ڪيتا ربّ سارا،
روح پيوس وچ رڳان دي، ٿيا صورتوند سونهارا،
ترت تنهين دم سرت ٿيس، ڳئي ڏرٿ ڏڄندر تهيندي،
ٻاجهه الله دي ٻاجهه بنون ٻيا ڪير لاهي ڏک ڪهيندي،
چاليهه ڏينهن تنهين ڪنون پڇي جمجما آها جيندا،
کاوڻ پيوڻ ٿولا ڪيتس ڪيتس، ياد الله ڪون،
ڪلمي نال عمر ڏوهي ڏي جان پهتي ڏنهن ملاڪون.
لا اِلٰہ اِلالله محمد رسول الله

 

 

روايت [7]*

چيل سانوڻ فقير خاصخيلي*

 

1-      ساراهيان سچو ڌڻي، جو آهي باري بيپرواه،
قادر جي قدرت جي، ڪمي مور نه ڪا،
خليفو ڪري خلقيائين، مير محمد شاه،
الله جَلّ جَلالَہُ، آهي نرمل جنهڻ جو نانءُ،
اول خلقيائين آدم کي، پوءِ خلقيائين ٻيا،
ڪري ويٺو قدرت مان، ڇا منجهان ڇا،
تنهن پاڪ جي پيٽ مان، لاکين لک ٿيا،
ويهاريائين وجود ۾، جوڙي جاءِ بجاءَ،
ٻانهي کي ٻاجهه مان، ٿو رازق روز رساءِ،
پاڻ جوڙي پاڻ ڌڻي، ٻئي جي نه آهي جاءِ،
وصف تنهن واحد جي، ڪري نه سگهان ڪاءِ،
ساري دنيا ”سانوڻ“ چئي، خلقي پاڻ خدا،
پهرين وجهي پساه، پوءِ ٿو ماري موت سان.

 

2-     پوءِ ٿو ماري موت سان، ڏس تنهن رازق سندا رنگ،
قادر پنهنجي قدرت سان، خلقيا خان ختنگ،
ڪئين خان کپي ويا، واري اندر ونگ،
عيسيٰ نبي الله جو، آيو جهولئون وٺيو جهنگ،
سِسو ڀر سمنڊ جي، ڏٺائين هڏ هتنگ،
مٿو تنهن ماڻهوءَ جو، وڏو آهي وتنگ،
ٿو بَائي بر ۾، درياء پاسي ڌڌنگ،
سڃو پيو هو ”سانوڻ“ چئي، جنهن جا روءِ ڦريا هئا رنگ،
ساهه بنا هيءَ سنگ، آهي ڪن ايامن جو.

 

3-     آهي ڪن ايامن جو، تنهن جي سڻ بات بُري،
سِسو ڀر سمنڊ جي، جهونو ٿيو جهُوري،
کپي سو خاڪ ۾، ڀڄي ويو ڀُري،
ايندي ويندي ان کي، ڪيائون کُرن سان کُري،
منجهس ماڪوڙين جا، ويا ڍڳ ڍري،
نڪتا ٿي نيشن مان، سانگيئڙا سُري،
 لڳس ٿي لَٽَ جي، مٿي لُوهه، لُري،
واري تنهن جي وات جا، چنڊيندي ڇُري،
سِسو ڏسي ”سانوڻ“ چئي، چهڪ پيا چُري،
ويا آهن ڏينهن گذري، پارس کي پَٽ ۾.

 

4-     پارس کي پٽ ۾، ٿيا جُڳ جيئي،
رکيو هو راءِ جو، مارڳ مٿيئي،
کڻي آيس کُرن سان، ڌڻ به ڌڪيئي،
ڀڃي تنهن ڀڳل کي، ڪيئون لتاڙي لئي،
عيسيٰ پيو عجب ۾، ڏسي حال به هڏيئي،
سِسي ڀر ”سانوڻ“ چئي، وير رهيو ويهي،
پوءِ پرور کي پيئي، ڪا ڪهل هن ڪفيل تي.

 

5-      ڪهل تنهن ڪفيل تي، پيئي پيغمبر،
مٿو تنهن ماڻهوءَ جو، تو بَکائي منجهه بر،
نڪو پير پٽ ۾، نڪو بت ڀَڀَرُ،
نڪي هٿ حبيب جا، نڪو ٻانهن ٻُر،
نڪا نيشاني نڪ جي، نڪو ڪن ڪوپر،
نڪا ڄڀ ڄاڙي تنهن جي، نڪو ماس نه مر،
 نڪا ڇٽ تنهن ڇڳير ۾، نڪو ڳڀ نه ڳر،
نڪا لوئي لڱن تي، نڪو سينو سپر،
عاشق جي اکين جا، ڇڻي پيا ڇپر،
ڏند ڏاڙهون تنهن جا، ڄراٽي ويئي ڄر،
سوگهو پيو هو ”سانوڻ“ چئي، قابو منجهس وير ولر،
سُريو تنهن سِسي تان، هليو ڪن هلر،
عيسيٰ پيو عجب ۾، ڇانگئون ڏسي ڇَر،
پيو فائق منجهه فڪر، حضرت پسي هڏي کي.

 

6-     ڏسي حال هڏي جو، ٿيو دانهن کي دليل،
مٿو آهي ماڻهوءَ جو، آهي ڪو اصيل،
بيهي رهيو بر ۾، ڪري قول ڪفيل،
هادي کنيا هٿڙا، وارث! ڏي وصيل،
پرتئون سو پڙهڻ لڳو، عيسائي انجيل،
پڙهيو تنهن فقير تي، ڦيڻا وجهي فيل،
اُڀئون اُلهي آئيو، جودئون جبرائيل،
جنهن اچي روح روان ڪيو، واحد جي وڪيل،
پيو ساهه سسي ۾، هن کي جياريو جليل،
خبر پڇي خليل، سا حقيقت هڏي کان.

 

7-     حقيقت هڏي کان، پڇي پاڻ پرين،
’سچي ڪر ”سانوڻ“ چئي، جيڪا هوءِ محب تنهنجي من،
ڪه مرد مڻيادار هئين، ڪر منجهان عورتن،
ڪه تون پريو مڙس آهين، ڪِ منجهان جوانن،
ڪِ اُمتي آهين البيلو، ڪِ منجهان نبين،
ڪِ بادشاهه آهين ملڪ جو، ڪِ منجهان وزير،
ڪِ فقير آهين آدمي، ڪِ منجهان پينارن،
ڪِ رئيس آهين ڪنهن راڄ جو، ڪِ منجهان پاڳارن،
ڪِ کارائيندل آهين خلق کي، ڪِ منجهان بخيلن،
 ڪِ تون پڙهيل آهين آدمي، ڪِ مُلون مسيتن،
ڇا آهي نالو تنهنجو، هتي آئين ڪهڙي ئي ڪمن،
ويٺل آهين، ڪهڙي گام جو، ڪهڙي ولايتن،
 ڪهڙو توسان ويل ٿيو، پئين ڪهڙن منجهه ڏکن،
هڏا! انهيءَ حالن، ڇو پيو آهين پَٽ ۾.

 

8-     ڇو پيو آهين پٽ ۾، بيڪس ٿيو بيران،
عيسيٰ پيو عجب ۾، حال ڏسي ٿيو حيران،
مٿو جنهن ماڻهوءَ جو، سو آهي ڪو انسان،
حڪم ٿيو هڏي کي، جاڳي اٿيو جولان،
پيو ساهه سِسي ۾، هن تي راضي ٿيو رحمان،
مهندا اٿي مرسل جي، بيهي ڪيائين بيان:
عيسيٰ! اڳئين واري جو، آءٌ آهيان انسان،
جاني! مون کي جڳ ٿيا، ڇڏئي هي جهان،
ڪهڙيون توسان ڪريان ڳالهيون، خبرون اٿئي خان:
نالو منهنجو اٿئي پڌرو جمجما سلطان،
رهندو هوس روم ۾، هو مصر منهنجو مڪان،
ايڏا منهنجا حڪم هئا، ايڏا هئا ايمان،
هيڏا مننهنجا لشڪر هئا، هيڏا منهنجا سامان،
دانهن ڌڻي! توسان، ڪڏهن ڪوڙي ڪندس ڪان،
حقي ڳالهه حقان، عيسيٰ! اٿئي ايتري.

 

9-     پهريون مذڪور منهنجو، سڻ خاوند! تون کمي،
تون خليل آهين خدا جو، عيسيٰ آدمي،
پلٽي پيا پرين تي، ڳوڙها، سر ڳَمِي،
وهيو آب اکين مان، ريلا رت رمي،
دنيا دولت جي، مون وٽ هئي ڪانه ڪمي،
مشرق مغرب وچ ۾، هوم حڪم حاڪمي،
مون جهڙو ٻيو ڪونه ٿيو ملڪ ۾، بادشاهه غني،
سورن ۾ ”سانوڻ“ چئي، مون لاءِ اها راهه رمي،
سائين! سڀني، هو حڪم منهنجي هٿ ۾.

 

10-    ٻيو مذڪور منهنجو، سڻ تون نيڪ نبي!
لهندا انهي پٽ ۾، ڪئين لعل لڀي،
مون جهڙو ملڪ ۾، هوندو ڪونه ڪڀي،
جهڙي سونهن سج جي، تهڙو شان شبي،
عيسيٰ اڇيءَ دل سان، مون جهڙو نه هو ٻيو مومن مذهبي،
نَو لک ناڻي مال جا، ڏهاڻي ڏيندو هوس في سبي،
سائين جي صاحبي جي، ڪهڙي ڳالهه ڪبي،
اها بادشاهي خدا جي، ڪهڙي رنگ ربي،
ڪئين مير مرسل هئا، ڪئين نيڪ نبي،
ڪئين ڪامل ڪويسر هئا، ڪئين تفنگ طالبي،
ساڻ نه هلندي ”سانوڻ“ چئي، سدا جڳ صاحبي،
هتان هر ڪو چاس چٻي، هلندو هن دنيا مان.

 

11-    حضرت عيسيٰ! ٽيون مذڪور، سڻ شاهن جا شاهه،
خدا ڏاڍو بادشاهه، باري بيپرواهه،
هي دنيا عيسيٰ نبي ڪنهن کي ٿيندي ڪانه نيباهه،
نرمل! ويندو نڪري، هي پرائو پساهه،
ڪامل! ڪبو ڪهڙو، ساهه تي ويساهه،
ڪئين مير مرسل هئا، ڪئين اصلي گمراهه،
هرڪو ويندو حڪم ڇڏي، وٺي رباني راهه،
رهندو نالو الله جو، ٿيندو سارو جڳ قناء،
سنئينءَ لڳندا ”سانوڻ“ چئي، جيڪي ڪندا ڪاهو ڪاهه،
دور وڏي داناهه، هئس ته تالابين تخت تي.

 

12-    چوٿون مذڪور منهنجو، ٻڌ ڪامل! ڏيئي ڪن،
ته لک حڪيمن جو هو، جي دوا دارون ڪن،
ٻه لک سئيسن جا هئا، جي بيٺا فرمائشون ڪن،
ٽي لک واڻين جا هئا، جي بازرون بنائين،
لک پخالين جو هو، جي پاڻي پهچائين،
ڪئين اوٺا ڪئين انڙ، هئا ٿورا منجهه ٿرن،
منهنجي هئي مُهر مٿي ملڪن، هوس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

 

13-    پهرين رات پيڙي، مون ۾ طاقت ڇڏيئين ڪونه،
عيسيٰ! آب اکين مان، پڌر پلٽيو پون،
مٽ مائٽ جمجما جا، بيٺا رت روئن،
اٺئي پهر الله کي، بيٺا ائين چون،
ته جمجما سلطان جا، هڏ حياتي هئن،
اهو سور مڙيوئي سون، جنهن پٺيان خاوند خير ٿئي.

 

14-    بيجي رات ٻيڻو، وڏيئي دردَ تَنج،
عيسيٰ! آب اکين مان، هليو پئي هنج،
لڳي سوڙهه ساهه کي، ٿيس مرڻ منجهه،
هادي! انهيءَ هنڌ تي، پهر لڳا پنج،
راڻيون روئن راءِ جون، ڏک ڏسيو ڏنجهه،
اهو رباني رنج، ٿيو جمجما سلطان تي.

 

15-    ٻيجي رات ٻيڻو، وڌي ٿيو درد دماء،
نڪا سار سرير ۾، نڪا سڌ سماء،
لڳيون ٿي لالڻ جون، اکيون آسماء،
يار ڀائر مڙيئي، سڀئي ٿيا بي طماع،
آسرو جيئڻ جو پليو جمجماء،
ڏاڍي زور زماء، اچي جهليو موت مارڻ لاءِ.

 

16-    ٽيجي رات ٿيڻو، سور نه ٿو ساهي،
ڦري ويٺا فوجون ڪري، صوبا ۽ سپاهي،
لڳي مُهر زبان تي، آئي اکين اونداهي،
جمجما سلطان جي، اڄ ساٿ ڪئي سنڀاهي،
عيسيٰ! امر الاهي، مڃيو مون مٿي تي.

 

17-    چوٿين رات چڪي پيا، ڪريان واڪا ۽ وس،
قدرت سان قادر جي، وڌي ٿيو سور سرس،
خدا ڏاڍو بادشاهه آهي، جنهن کي پئي ڪونه ترس،
ڏکن منهنجي ڏيل تي، غازي! ڪيا آهن گس،
بچڻ جو بس، لٿو آسرو انهن کي.

 

18-    چوٿين رات چُري نه سگهان، طائف تخت تي،
آڻي خيما کوڙيا، موت به مون تي،
لڳي مُهر زبان تي، وچينءَ ويلي،
سون رپو صدقو ڪري، ڇڏيون ريلي،
هر حيلي، من هيءُ بادشاهه بچي پوي.

 

19-    پنجين رات پاٿاري تي، هوس پاسي ڀر پيو،
مرسل! سور مٿي جي، مون کي نهوڙي نيو،
کاڌو پيتو خوف مان، وسري سڀ ويو،
ڪريو دانهن درد مان، پوان اٽليو،
طبيب حڪيم حڪومت جا، پڇان سڀ ڪوٺيو،
تن ڏاهن جي ڏس کان، پتو ڪونه پيو،
ڀلا ڀاڳ منهنجو عيسيٰ! اچي الٽيو،
قسمت ڪم ڪيو، اڄ جمجما سلطان سان.

 

20-    ڇهين رات ڇوٽڪو، مور نه ٿئي منهنجو،
حڪم ٿيو عزرائيل کي، جو مولي مَلڪ مڪو،
ڏسي تنهن ڏونگر کي، منهنجو ساهه سڪو،
جمجما سلطان کي، چئي ايئن چڪو،
ته بندا تنهنجو بند ٿيو، هلي روز دُڪو،
ڪر سر صدقو، ڏيئي روح ربّ کي.

 

21-    ستين رات سورن جا، پيا ڇر ڇُٽي،
ڇٽڪي پيا ڇوهه مان، نيهي نيڻ ٽٽي،
دوا منهنجي درد تي، لڳي ڪانه ڦڪي،
ڀلا ڀاڳ منهنجو، پيو عيسيٰ! الٽي،
آيا ڏينهن کُٽي، اڄ جمجما سلطان جا.

 

22-    جمجما سلطان تي، اڄ شاهد بيٺا شر،
ڪاري روح قبض ڪري، عيسيٰ! سو آخر،
داناءُ هو هن دنيا ۾، هو راهه مسافر،
کڻي سڃو سر، اُٿي راهه روانو ٿيو.

 

23-    ڇنو گل گرنار جو، ڪيڏانهن تخت ويا، ڪيڏانهن مال ميراث،
خدا ڏاڍو بادشاهه آهي، جنهن نمايان ڪئين ناٿ،
دانا! هن دنيا ۾، هو گهڙي ساعت،
 پرهه ڦٽي پرڀات، ڏنائين دم دنيا ۾،

 

24-    ڌوپي واسي ڌوپ سان، جوڙي آندو جوان،
کڻي رکيئون کٽ تي، مر ميّت هوءِ مهمان،
رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، ٿيو ڄاڃين کي ڄاڻ،
کڻي کٽولو هليا، جوڌو هي جواب،
پوندي ويو پِٽ جو، مصر ڏي ماتام،
پُني جا پِٽ جي، عرش مٿي آنہ،
رويو رويو راڻيون، ڏسن ڏکڻ ڏانهن،
توتي جمجما، آيو امر الله جو.

 

25-    کڻي کٽولو هليا، مرڪي مصر ڏانهن،
پڙهندي ويا پرينءَ تي، ڪانڌي ڪلمان،
رکي مڙهه مقام ۾، پانڌي وريا پانہ،
حڪم ٿيو عزرائيل کي، پڇاڻو ٿيو پاناهه،
ماريو تنهن مڙهه کي، ڪُٽيو ڪڍن قبر مان،
اتي جمجما، ڪلمي ساڻ قرار ٿيو.
 لااِلٰہ اِلاالله محمّد رسول الله


* هيءُ  روايت سگهڙ ماڻڪ خان چانڊئي جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

 *  محمود پٽ جان محمد شيخ ڳوٺ باراچاڻي تعلقي شهدادپور ۾ سنه 1866ع ڌاري ڄائو. جوانيءَ ۾ هو پنهنجي اصل ڳوٺ مان لڏي وڃي شهدادپور جي ڀرسان ٽوپڻ ڏاهريءَ جي ڳوٺ ۾ ويٺو ۽ اتي ئي بيت چوڻ شروع ڪيائين. هميشه محفلن، ميڙن ۽ مجلسن ۾ بيت ڏيندو هو. محمود شيخ پڙهيل ڪونه هو. جوانيءَ کان وٺي پنجئي وقت نماز پڙهندو هو. هن ڪيترائي بيت ۽ سربستا قصا بيتن ۾ جوڙيا. اندازاً سنه 1923ع ۾ وفات ڪيائين..

 * بچايو فقير عرف الهبچايو پٽ بنگل خان، رند؛ سندس وڏا اصل جهونجهاڻ ضلعي خيرپور جا ويٺل هئا. جتان پوءِ لڏي اچي کپري جي ڀر ۾ دليل رند (کاڻي ۽ سنڌڙي جي وچ ۾) ويٺا، جتي بچايو سنه 1872ع ڌاري ڄائو. ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ گذاري ويس. جنهن ڪري مال چاري پيٽ گذر ڪندو هو. يتيم ۽ غريب هجڻ ڪري اڻ پڙهيل ئي رهيو. ٻارهن چوڏهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجن عزيزن سان گڏ لڏي وڃي ڳوٺ ٽالهو رند (چنبڙن لڳ) تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ رهيو. سندس استاد منٺار فقير راڄڙ هو. ڪچهرين ۽ محفلن ۾ ويهڻ ۽ بيتن چوڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هوس. سندس ڪلام جو مشهور گفتو ”بخش گناهه بچايو چئي“ آهي. 27 رمضان 1374هه ۾ جهول لڳ پنهنجي ڳوٺ ”بچايي رند“ ۾ وفات ڪيائين.

 * روايت اتر (تعلقي قنبر) مان فتح محمد کان ملي.

 * هي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي محمد خان) مان قاضي الهورايي کان ملي.

 *  سانوڻ فقير خاصخيلي بيتن جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. لاڙ جو ويٺل هو. اٽڪل ٽيهارو سال اڳ وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org