سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :10

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان 1989ع سال کي ”سچل سال“ ڪري ملهايو پيو وڃي

 

سچل جي ڇپيل رسالن جو سرسري ۽ تنقيدي جائزو

                خادم عباسي

(1) رسالو سچل سائين جو:

مرزا علي قلي بيگ جو ترتيب ڏنل هي رسالو ماستر هريسنگ بڪ سيلر سکر واري 1902ع ۾ ابوالعلائي اليڪٽرڪ پريس آگري مان پڌرو ڪيو.

هن رسالي جا ٻه ڀاڱا آهن. پهرئين ڀاڱي ۾ 1345 ڪافيون ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ سي حرفيون، بيت ۽ وحدت نامو شامل آهن.

هي ڪلام 1895ع کان مرزا صاحب گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن ته سچل جي وفات کي ئي مورڳو ڇاهٺ سال مس گذريا هئا، مگر افسوس جو وڏي جاکوڙ کان پوءِ به مرزا صاحب کي سچل جي دور جو لکيل ڪوبه نسخو هٿ نه آيو. البت سچل جي وفات کان پوءِ جا لکيل اٽڪل ٻارنهن کن نسخا هٿ آيا جيڪي پڻ هڪٻئي جو نقل هئا، انهن کي ڀيٽي مرزا صاحب 1345 ڪافيون ترتيب ڏنيون.

مرزا صاحب کي جيڪو به ڪلام سچل جي نالي سان مليو، سو لکندو ويو، ۽ ڪابه پرک پروڙ نه ڪيائين. هن رسالي کي گنج سڏڻ به درست آهي. هن ۾ سچي ڪلام سان گڏ ڪچو ڪلام پڻ اچي ويو آهي، جيڪو فني توڙي فڪري لحاظ کان سچل جو ناهي.

تون رب ڏاڍو بي پرواهه، آءٌ ڊڄان تنهنجي ڊاءِ

ذڪريا ڪرٽ وجهايئه سسي ساهه منجهاءِ

حضرت يوسف کوهه وڌو ڀائرن پنهنجو ڀاءُ

حسن مارايئي حسين مارايئي ڏئي جيءَ جفا

ڪربلا ۾ قتل ڪرايئه ترس نه پيئي ڪا

ظلمي آهين رحمي آهين جا وڻئي سا واهه

”سچل“ سڀ مڃي جيڪا رب رضا.(1)

اِها ڪافي بلند شاهه نالي شاعر جي آهي، ۽ منجهس هيءَ مصرع وڌيڪ پڻ آهي.

حضرت يونس پيٽ مڇيءَ ۾ داخل ٿيو منجهه دريا

سيفل کي سڪ بديل جي ليلا مجنون لاءِ(2)

ان کانسواءِ فقير نانڪ يوسف، جيڪو سچل سائينءَ جو خاص طالب هو، ان جو ڪلام پڻ مرزا صاحب هن رسالي ۾ ڏنو آهي. مثال:

آدم جس کا نام، مولا ڪون ڪهاويڳا،

پريم گرو ڌم ڌام، باتيان برج بلاويڳا، (3)

حالانڪه مٿين ڪافي فقير نانڪ يوسف جي آهي ۽ ان ۾ ڪل يارهن مصراعون آهن. مثال خاطر پهريون ۽ آخري شعر عرض رکجي ٿو:

يهي آدم جس کا نام، مولا ڪون کهاويڳا،

پريم گرو ڌم ڌام، باتيان برج بتاويڳا،

نانڪ يوسف عشق ٻليندا، هرجا اپنا حڪم هليندا،

غيب الهه الهام صاحب درس دکاويڳا(4)

ان کانسواءِ هڪ ٻي ڪافي نانڪ جي پڻ مرزا صاحب ڏني آهي.

عاشق شهادت ڪر قبول رک فنا دا خيال ڀي(1)

مٿين ڪافين پڙهڻ کان پوءِ مڃڻو پوندو ته اهي ڪافيون فقير نانڪ يوسف جون آهن.(2)

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته نانڪ جون ڪافيون سچل جي رسالي ۾ ڇو آيون؟ اها اسان کي ڄاڻ آهي ته نانڪ سچل جو طالب ۽ صحبتي هو. نانڪ محبت ۽ عقيدت وچان ڪيترن ئي ڪافين ۾ پنهنجي نالي سان گڏ سچل جو نالو به وڌو آهي. مثال:

ڪڏان نماڻا نانڪ نالي شهر درازين ڌمالي وهواه،

           يوسف يار سچل ديان رمزان برهه ڪيتيان برحالي وهواه،

2- نانڪ نماڻا سوالي يوسف سدا ڌمالي،

           تيڏي نيڻان دي رمز نرالي، سچل سکاليان وغيره.

وري ڪيتريون اهڙيون ڪافيون به آهن جن جي آخري مصرع ۾ نانڪ پنهنجو نالو چيو آهي ۽ ان کان اڳ واري مصرع ۾ مرشد سچل سان عقيدت ڏيکاري آهي.

مثال:

ساءَ سچل گرديو هماري شهر درازن والي،

        جنهن وکلائي روز ازل ڪنون سهڻيان چشمان جالي،

        مين قربان جناب آهين تان جنهن آپي نيهڙا لايا،

    نانڪ يوسف يار ظهورا هر جا حق سڃاتا،

    ظاهر باطن سمجهه وکيوسي عينئون اور نه پاتا،

           شامل حال هويا هر همت جنهن اناالحق الايا.

سچل مرشد ڳالهه سچيءَ جو ڏنو سچ ويساهه،

           يار يوسف کي ٿا پڻ ڪوٺين ڪيئي نانڪ شاه،

            پرين تنهنجي اکڙين منجهه الاه، سڄڻ جي اکيڙين منجهه الاه.

اهو ئي ڪارڻ هو جو نانڪ جي ڪافين کي سچل جي رسالن ۾ شامل ڪيو ويو. جيتوڻيڪ سچل جي ڪلام هٿ ڪرڻ ۾ به مرزا صاحب وس ۽ وت کان ڪين گهٽايو تنهن هوندي به ڪيترو ئي بهترين ڪلام ڪين هٿ ڪري سگهيو. مثال:

1- ڪيڙو مست پرينءَ جي ناز مون کي،

 وسريو روزو نه ياد نماز مون کي.

2- ڪنهن کي ڏيان مان دانهن درد جي،

  پيچ پنهل مون سان پائي هليو ويو.

3- جوڙي جادو جگر ۾ لايو تو.

مٿيون ڪلام اڪثر ڪري فقير درگاهن تي وڏي عقيدت جوش ۽ جذبي سان ڳائيندا آهن. هن رسالي جي خاص خوبي اها آهي ته مرزا صاحب ڪافين جي الف- وار Index ڏني آهي، جنهن ڪري ڪابه ڪافي سولائيءَ سان ڳولي سگهجي ٿي: آئينده ڪوبه سڄاڻ عالم جڏهن سچل جو مڪمل ۽ مستند متن تيار ڪندو، تڏهن هن ئي رسالي کي بنيادي ماخذ بڻائيندو.

(2) داستان وڏو سچل سائين جو:

ماستر درمحمد، ماستر هيمراج ۽ ٻين دوستن گڏ ڪيو جنهن کي آريا اسٽيم پريس لاهور مان ڇپائي پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب شڪارپور 1910ع ۾ پڌرو ڪيو.

هن رسالي ۾ 403 صفحا، 727 سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون، ٻه ٽيهه اکريون سنڌي ۽ پنج ٽيهه اکريون سرائڪي آهن. هن رسالي جو سمورو مواد علي قلي بيگ واري رسالي تان چونڊ ڪيو ويو آهي ۽ سندس انتخاب پڻ معياري ڪين آهي.

بهتر ٿئي ها ته جيڪڏهن سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام الڳ الڳ ڏنو وڃي ها. هن رسالي جي ڪافين جي سيٽنگ مرزا صاحب جي رسالي کان وڻندڙ آهي. هن رسالي ۾ ڪيترو ئي ڪلام ٻه ٻه ڀيرا اچي ويو آهي. مثال صفحي 28 تي ڪافي آهي.

مون ۾ عيب اپار آءٌ ته سڄڻ تنهنجي ٻانهي آهيان.

۽ ساڳي ڪافي 38 صفحي تي پڻ آهي. صفحي 8 تي ڪافي آهي.

آءُ ٻاروچل ٻيلي مونجهه تنهنجي ماري آهيان.

وري ساڳي ڪافي 100 صفحي تي پڻ موجود آهي. هن رسالي کي ڪابه انفراديت ڪانه آهي.

(3) سچل سرمست:

هي رسالو شڪارپور جي آغا غلام نبي صوفيءَ (وفات 1941ع) ترتيب ڏنو، جيڪو فقير ولڀداس (ڊپٽي ڪليڪٽر) جي امداد سان شڪارپور پريس مان 1933ع ۾ پڌرو ٿيو. جڏهن آنجهاني گربخشاڻي صاحب شاهه لطيف جو مستند متن عالمانه انداز سان مقدمو لکي پڌرو ڪيو، جنهن جي مهاڳ ۾ گربخشاڻي صاحب ڄاڻايو آهي ته ”سچل وغيره شاهه جي دز کي رسي نه سگهيا.“ تڏهن صوفي صاحب ان مقابلي ۾ هي سچل جو رسالو تيار ڪيو. جيتوڻيڪ ٻنهي عالمن جي علي ڪاوش ۾ ڏينهن رات فرق آهي. 320 صفحن تي حيات سرمست ۽ 493 صفحن تي مشتمل ڪلام ۽ شرح لکيل آهي. هن رسالي ۾ 39 سنڌي 9 سرائڪي 4 اردو ۽ 6 فارسي غزل آهن، البت بيتن جو ڀاڱو ٻين رسالن جي ڀيٽ ۾ سوايو آهي.

آغا صاحب جي ايتري عقيدت هوندي به درگاهه بابت ڄاڻ اڻپوري آهي. مثال: صفحي 127 تي لکي ٿو ته ”اسان جي ڪامل قربدار سان گڏ انهيءَ قبي اندر سندس والد صلاح الدين صاحب سندس ڏاڏي فقير صاحبڏني صاحب ۽ سندس ستگر پير عبدالحق جون تربتون آهن.“ اها هر هڪ ڄاڻوءَ کي خبر آهي ته سچل جي والد صاحب جي قبي اندر قبر ڪين آهي، پر قبي سان لڳو لڳ اڀرندي طرف کان دروازي جي ڀرسان آهي.

تاريخ دانيءَ بابت صوفي صاحب جي ڄاڻ هن ريت آهيِ

”لات منات ٻه وڏا بت جيڪي محمود غزنويءَ سومناٿ ۾ ڀڳا.“ (1) پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. لات ۽ منات عرب ڪافرن جا بُت هئا، جيڪي ڪعبي ۾ رکيل هئا ۽ پيغمبر اسلام جن فتح مڪي وقت ڀڃرايا.

شاهه بلاول به خدائي دم هنيو، جنهن تي کيس گهاڻي ۾ ملن پيڙايو(2) . مخدوم صاحب جن خدائي دم ڪونه هنيو هو، پاڻ وڏا عالم ۽ خدا پرست ديندار هئا، مگر وطن پرستي ۽ عوام دوستيءَ جي الزام ۾ گهاڻي ۾ پيڙايا ويا.

شاهه عنايت جڏهن عارفيءَ ۾ چوٽ ڪئي تڏهن اچي دل ۾ خيال ٿيس ته هينئر عشق جو مارڳ به ماڻي ڏسان، سو عمل جي زور تي هنن مغلن جي گهراڻي مان هڪ مهرالنساءِ نالي ڇوڪريءَ کي پاڻ وٽ حاضر ڪري مٿس نيڻن جو نظارو ڪرڻ لڳو. هميشـﮧ رات جي غير حاضري مهرالنساءِ مائٽن کي تشويش ۾ وڌو، آخرڪار ڇوڪريءَ کان پڇيائون. ڇوڪريءَ سموري حقيقت سڻاين. تنهن تي مغل شهنشاهه ڪاوڙ مان ڪلهوڙن کي لکي موڪليو ته شاهه عنايت جو سر وڍي دهليءَ موڪليو. ڪلهوڙن حڪم جي تعميل ڪئي. (1)

شاهه عنايت جي شهادت جو اصل ڪارڻ هو، ديس ڀڳتي ۽ پورهيت طبقي سان پيار. ڏيهي پير، وڏيري ۽ ملان جي مفاد وٽان اها ڳالهه ڪانه هئي، تنهنڪري انهن دهليءَ جي حاڪم مغل سامراج وٽ وڃي هاءِ گهوڙا ڪئي ۽ شاهه صاحب جهڙو درويش صفت ۽ محب وطن انسان پنهنجي چند ساٿين سميت شهادت ماڻي تاريخ ۾ امر ٿي ويو.

آغا صاحب کي رسالو مرتب ڪرڻ وقت مير صاحبن کان ڪوئي نسخو مليل هو، جيڪو پڻ اڻپورو هو. ان جو ثبوت رسالي ۾ موجود ڪلام مان ملي ٿو.

مثال:      عشق لڳيئي ته ڪر آمين نا منجهه ڪفر نا مجهه دين(2)

هن ڪافيءَ ۾ هيٺيان مصرع کٽل آهن.

سٽون سورن جون ڪهڙيون پڙهين ٿو

ورهه نه پڇندءِ والضالين.

ديد ڏسي ڪي ديد اڙائن نينهن نه پڇن ٿا نابين(3)

2-  صورت سڀ سلطان پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو(4)

هن ڪافيءَ ۾ هيءَ مصرع ڪونه آهي.

ڪٿي انالحق چئي ڪٿي ڦيرائي فرمان(1)

3- محبوب ڳولي ڏس من ۾(2)

هن ٿلهه سان سچل جون ٻه ڪافيون آهن، مگر آغا صاحب ٻنهي ڪافين جا ٿلهه گڏي لکيا آهن، تنهن هوندي به هيٺيان مصرع کٽل آهن.

ٻيائي سان ٿو ٻاهر ڳولين اٿئي بر بحر ۽ بن ۾

چهرا چوريءَ ڏسيو چلين ٿو اٿئي چاهه چمن ۾

زلف زنجير کان زاهد ڀڳا اهي ظاهر پرست ظن ۾

عاشق سوين احوال آکن اناالحق جي ”ان“ ۾

ڪل يوم هو في شان آيو ورنهه ڪنهن ون ۾

مرشد ڪامل سانول سپرين آيو صاف صحن ۾(3)

3- ناهي ٻاروچو ٻيو آهي اهو جو روز ڏسان ٿي(4)

هيٺيان مصرع پڻ هن ڪافيءَ ۾ ڪونه آهن.

دريءَ منجهارؤن دوست ڏٺوسين لالڻ پاتو ليو

سهي سڃاتم سپرين يار يقينئون ٿيو

خلق لا يشاءُ فهو عينها شڪ وچئون سڀ ويو

کڻي وڃان خوشيءَ سان سرتيون جي منهن ڏيو

عقل مت شرم سڀ نينهن انهن جي ٿيو(5)

5- مئن تان ڪوئي خيال هان لڀسان نال خيال دي(6)

هن ڪافيءَ ۾ پڻ هي مصرع کٽل آهي.

اصل انهان آگاهه نهين جي شائق شيءِ شڪال دي (1)

6- نه مئن تاب نان بي تاب نه مئن ابر نه آفتاب(2)

هن ڪافيءَ ۾ پڻ هيءَ مصرع ڪونه آهي.

نه مئن ملان نه مئن قاضي نه مئن شور شراب(3)

7- ساروئي سر آهي ڪاٿي سچل ڪاٿي ذات سچل جي(4)

هن ڪافيءَ ۾ هي مصرعون ڪونه آهن.

الا الله اثبات مڙوئي ”لا“ کي ڇڏ تون لاهي

اهو اندر اهو ٻاهر ڪيئن چوان ائين ناهي(5)

 (4) سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام:

هي ڪتاب نماڻو فقير (درگاهه جي معتقد هڪ هندو عورت) سنڌ پرنٽنگ پريس بڙودي (هندستان) مان ڇپارائي 1952ع ۾ پڌرو ڪيو.

هن رسالي ۾ 700 سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون، 5 سي حرفيون ۽ 184 چونڊ سنڌي ۽ پنجابي بيت (بقول مرتب) ڏنا ويا آهن. پڇاڙيءَ ۾ ڏکين لفظن جي معنى به ڏني ويئي آهي. نماڻي فقير جي چونڊ سچل جي ڇپيل سڀني رسالن کان معياري آهي. خاص خوبي اها ته جيڪو ڪلام مرزا علي قلي بيگ واري رسالي ۾ ڪين آهي، اهو هن رسالي ۾ موجود آهي.

رسالي جي ترتيب ڏيڻ جو ڪارڻ مرتب ٻڌائي ٿو ته ”ملڪ جي ورهاڱي ۽ دنيا جي بگڙيل حالتن ماڻهن جا من مُنجهائي وڌا آهن، جيڏانهن نهار تيڏانهن اشانتي ۽ نراسائي نظر پيون اچن. اهڙي وقت جڏهن ڪابه شي دل کي آرام ۽ تقويت ڏيندڙ آهي ته اها آهي سنتن جي وائي يا درويشن جو ڪلام.“

ڪتاب جي منڍ ۾ تصوف تي 6 صفحا کن لکيل آهن ۽ مختصر ۽ جامع لکيو ويو آهي. ڄڻ ته مرتب جبل ٽڪي رستو تيار ڪيو آهي. تصوف جي سمجهاڻي نهايت صاف ۽ سولي نموني ڪئي اٿس.

هن رسالي ۾ مرتب سچل سائين جي ڏاڏي صاحبڏني موراڳيءَ جو ڪلام به ڏيئي فقير جي ڪلام کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

نماڻي فقير سچي سائينءَ جي رسالي جو ڪم نهايت محبت ۽ محنت سان ڪيو آهي. تنهن هوندي به ڪيترو ڌاريو ڪلام رسالي ۾ داخل ٿي ويو آهي.

وهواه سڄڻ سائين عيد ڪرايئي، نيڻن خوب نظاري جي(1)

هيءَ ڪافي ڇتي فقير سانگيءَ جي آهي ۽ گهڻو ڪري مختلف درگاهن تي ڳائي ويندي آهي. پراڻن قلمي نسخن ۾ پڻ موجود آهي(2).

هيٺ ڏنل ڪافيءَ جي فن توڙي فڪر مان ڀانئجي ٿو ته هي ڪافي ڪنهن ٻئي شاعر جي آهي. ڇاڪاڻ ته منجهس نه ٻوليءَ جي رواني آهي ۽ نه وري خيال جي اڏام.

توبهه منهنجي توبهه زاري توبهه يار پڙهائي وي

هڪ توبهه ڏوجهي ٽيجهي يار پڙهائي وي

نان مئن منڱي نان مئن پرڻي ٻانهين يار چڙهائي وي

سچو آکي سڪ منجهارئون مرشد ڪيتي ستاري وي(1)

ساڳئي نموني هيٺين ڪافيءَ جو غور سان اڀياس ڪريو ته ان ۾ اوهان کي سچل جي فن توڙي فڪر جي لحاظ سان سچل جو نٿو لڳي.

آپي شاه، آپي گداءُ، آپي امير امراءُ

آپي ڌيءُ آپي پيءُ آپي پٽ آپي ماءُ

آپي جوءِ آپي مڙس، آپي ڀيڻ آپي ڀاءُ

آپي موج آپي لهر سچل آپي دم دم درياه(2)

اهڙيءَ طرح هن رسالي ۾ پڙهڻين جون چڪون پڻ آهن ۽ اهي ڀلون آهن جيڪي سچل جي سڀني رسالن ۾ موجود آهن.

جهور نه لهي جهڙ جي نا ڪڏهن اوڳاڻن(3)

هن ڪافيءَ ۾ ”اوڳاڻن“ کان ”اوڪاڻن“ لفظ برابر آهي. اوڪاڻن معنى بند ٿيڻ (مينهن وسڻ، اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ).

لعلڻ جنين نه لوءِ، سي اوڪاڻين نه اکيون(4)

                                           (شاهه)

”سور نه جهلڻ جهڙو“ کان ”سور نه سلڻ جهڙو“ يا ”سور نه سهڻ جهڙو“ وڌيڪ موزون آهي.

سچل هي مسڪين الهه دا عشق تسان ڏي تڳيان(1) .

هن ڪافيءَ ۾ ”عشق تسان ڏي تڳيان“ کان ”توه تسان ڏي تڳيان“ درست آهي، ڇاڪاڻ ته عام چوڻيءَ ۾ توه تڳڻ چيو ويندو آهي ۽ قلمي بياض پڻ ان ريت آهي(2).

حال ڏسي پنهنجو ڀال ڀلائج پر پڄاڻون وره ورائج

ڪج ڊڀ دارون دک واريءَ جو(3) .

هن ڪافيءَ ۾ ”وره ورائج“ اصطلاح غلط آهي ۽ ”وره وسائج“ درست آهي.

مثال:

دوست اوهانجي در تي ويٺي وره وسائي(4)

هيڪلڙي حب ۾ ويٺي وره وسائي(5)

انهيءَ پڙ ۾ پهلوانن جوشن کان جيءَ جلايا ها،

کنيا جي موج مستيءَ جي اهي هن عار آيا ها(6)

عار معنى لڄ يا شرم. ان لفظ جي هتي ڪابه معنى ڪانه ٿي نڪري. مگر ان کي هيئن ”آر“ لکي ڏسو ته مطلب واضح ٿي پوندو. آر معنى تيز وهڪرو يا ڇڪ، درياهه جي تک، پاڻيءَ جو مارو، سير، دل جو لاڙو يا ميلان، سڪ، حب، پيار، قرب، اٿل، ليٽ (7).

ڏيئي توڪل تڪيو آر لنگهيا آسان (شاهه).

ويرمَ لاهي ويهه مٿي آر اوڙاه جي (شاهه).

۽ ان لفظ جو استعمال سچل هڪ ٻيءَ ڪافي ۾ به ڪيو آهي.

اديون ڙي وره واريون اينديون ڙي هن آر(1)

چوري چوري سير ڪرين ٿو تنهنجو چاند چمن ۾ الا (2)

هن سٽ ۾ چاند چمن جي ڪابه معنى ڪانه ٿي نڪري، مگر تنهنجو ”چاهه چمن“ ۾ پڙهڻ سان مطلب پڌرو ٿئي ٿو.

بهرحال نماڻي فقير سنڌ کان ڏوراهين ڏيهه ويهي محبت من ۾ پائي جيڪي ويهي ڪتيو آهي اهو اڻ توريو ئي اگهامڻ جهڙو آهي. سچل سائينءَ جا هيل تائين جيڪي به رسالا ڇپيا آهن، نماڻي فقير جو هي تحفو ڇپائيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

(5) سچل جو رسالو سنڌي ۽ سرائڪي:

مرتب رشيد احمد لاشاري، ڇپائيندڙ آر- ايڇ- احمد اينڊ برادرس حيدرآباد، اسٽينڊ روڊ پريس مان 1958ع ۾ ڇپيو.

هن رسالي جو مواد مرزا علي قلي بيگ واري رسالي تان چونڊ ڪيو يو آهي. مرتب جي چونڊ پڻ معياري ڪين آهي.

1910ع ۾ جيڪو سچل جو رسالو ڇپيو هو، ان کان پوءِ اڌ صديءَ تائين سچل جو رسالو ڪونه ڇپيو. البت آغا صوفي 1933ع ۾ سچل جو رسالو 500 ڪاپيون ڇپايون، جيڪو درگاهه جي معتقدن لاءِ ئي اڻپورو هو.

1952ع ۾ نماڻي فقير هندستان ۾ سچل جو رسالو ڇپايو، مگر اهو به سنڌ ۾ ناياب هو. بازار ۾ سچل جي رسالي جي کوٽ هئي ۽ ان ضرورت کي محسوس ڪندي آر- ايڇ- احمد برادرس واپاري خيال کان سچل جو رسالو ڇپائڻ گهريو.

هن رسالي جو ڪوبه ادبي معيار ڪونه آهي. منجهس ڪابه پرک پروڙ نه ڪئي ويئي آهي. ايتري قدر ته ڪيتريون ئي ڪافيون ٻه ٻه ڀيرا اچي ويون آهن. هت اسين رڳو رديف ”ر“ مان مثال ڏينداسون ته لڳ ڀڳ سموريون ڪافيون ٻه ٻه ڀيرا آيل آهن.

”ويندي تان وڻڪار جيڏيون هيءَ سگ هوت بلوچ جي.“

صفحو 36.

وري اها ساڳي ڪافي 45 صفحي تي موجود آهي.

”ڀلي ڪري آئين هت تون گهرجين يار.“

صفحو 36.

وري ساڳي ڪافي صفحو 44 تي موجود آهي.

”ساجن انهيءَ سير ايندي ڙي اڃان.“

صفحو 36.

وري ساڳي ڪافي 50 صفحي تي موجود آهي.

”سا ڪندي ڪينئن قرار، جيڏيون جنهن جيئڙو جتن سان.“

صفحو 37.

وري ساڳي ڪافي 43 ۽ 48 صفحي تي موجود آهي.

”هاري تو پاتو هار، ڄام چنيسر آوڙان.“

صفحو 38.

وري ساڳي ڪافي صفحي 38 تي موجود آهي.

”مون ۾ عيب اپار سڄڻ تنهنجي ٻانهڙي آهيان.“

صفحو 38.

وري ساڳي ڪافي 48 ۽ 49 صفحي تي موجود آهي.

”رئان زارو زار، مان ملان مارن کي آئون.“

صفحو 59.

وري ساڳي ڪافي 51 صفحي تي موجود آهي.

”آءٌ ته ان تئون جي آيا پنهل جي پار.“

صفحو 41.

وري ساڳي ڪافي 55 صفحي تي موجود آهي.

اهڙيءَ طرح صفحو 42، 44، 46 ۽ 50 واريون ڪافيون ترتيب وار هوبهو صفحي 43، 50، 52 ۽ 54 تي موجود آهن.

مٿين مثالن مان ئي ثابت ٿئي ٿو ته هن رسالي کي ڪنهن به تحقيقي ڳڻپ ۾ نٿو آڻي سگهجي.

(6) رسالو سچل سرمست (سنڌي)

عثمان علي انصاريءَ مرتب ڪيو، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد مان ڇپارائي 1958ع ۾ پڌرو ڪيو.

هن رسالي ۾ سچل جو رڳو سنڌي ڪلام ڏنو ويو آهي. هن رسالي ۾ ترتيب توڙي تصحيح ۾ ڪابه نمايان خوبي ڪانه آهي. هن رسالي جون هيٺيون ڪافيون ٻه ٻه ڀيرا آيل آهن.

صفحي47، 50، 73، 93، 99، 115، 120، 121، 151، 160، 162، 163، 164 ۽ 172 تي ڏنل ڪافيون ترتيب وار صفحي 73، 58، 294، 425، 131، 143، 185، 417، 159، 415، 410، 411، 422 ۽ 342 تي به درج ٿيل آهن. ان کان سواءِ ڪيترين ئي ڪافين جون سِٽيون کٽل آهن. مثلاً:

آهيان آءُ اسرار جيڏيون مونکي ڪير ڀانيو ٿيون(1).

مٿئين ٿلهه ۾ هيءَ سٽ ڪانه آهي.

ماريو آهي منصور جي خوني هن خمار(1)

”عاشق ڪيئي اداس، وه واه ڳالهه خاصي(2)

هن ڪافيءَ ۾ هي بند رسالي ۾ ڪونه ٿا ڏسجن.

دل اسان جي سهڻا سائين پهريون ڪيئي پياسي

بيخوديءَ منئون باغ بهاران خوديءَ کنئون خلاصي(3)

جا چوڻ جيهي ناهه، سائي ڪيئن چوان(4)

هن ڪافيءَ ۾ هيٺين مصرع موجود نه آهي.

ور وڪڙ هن واٽ کي هيڏي پير نه پاءِ (5)

سانول سوين ڳڻ تنهنجا ٿي ساريان(6)

هن ڪافيءَ ۾ پڻ هيٺين سٽ موجود ڪانه آهي.

آسروند آهيان جيڪي قول ڪيا سي پاڙيان(7)

اڄ اڱڻ اجهي آيم پرديسي گڏيم ميان(8)

انهيءَ سٽ ۾ به هيءَ سٽ موجود ڪانه آهي.

جن لئي هيس اٻاڻڪي، مولا سي محب ملايم(9)

ڏوراپا ڏيئي ڪنهن هٿ منجهان مارئين(1)

هن ڪافي ۾ ٻه مصرائون کٽل آهن.

ساعت ڀانيان سال ٿي، جا پنوهارن ريءَ پيئي

ڪو رسائي مون راڄ ۾، ڏاڏئي ڏيئي(2)

هن ڪافيءَ ۾ پڻ هي ٻه سٽون ڪونه آهن.

ظاهر ٿي سي ذاتيءَ منجهان سمجهڻ منجهه صفات

لاکي لاهي نفي ڪيوسين الا الله اثبات(3)

انهيءَ کانسواءِ رسالي جي ڪيترن ئي پڙهڻين ۾ پڻ ڪافي غلطيون آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.

1- آهيان آءٌ اسرار، جيڏيون مون کي ڪير ڀانيو ٿيون

آيس هن عالم ۾ باري چڙهي بار

هن ڪافيءَ ۾ ”باري چائي بار“ وڌيڪ موزون آهي ۽ سچل جي ٻين سڀني رسالن ۾ به اهڙي طرح لکيل آهي ۽ فقراء به اهڙي نموني ڳائيندا آهن.

2- تون ڪيئن وڃايو پاڻ، ڳولي لهج پاڻ کي.

مکڻ اکر هڪڙو سوئي کير سنڀاڻ

هن ۾ ”مکڻ اکر“ کان ”مکڻ آکر“ وڌيڪ درست آهي.

3- جهڙو هي عجائب آهه، عجيب ٻيو ڪو اهڙو

هيڏي هوڏي نه ڏسين منهن پاڻيءَ ۾ پاءَ

هن ڪافيءَ ۾ منهن پاڻيءَ ۾ پاءِ کان ”منهن پاڻ ۾ پاءِ“ جنهن جو مطلب آهي نائي نيڻ نهار، درست ٿيندو.

4- برهه بيراڳي ڪيوڙي جيڏيون، مون کي درد ديوانو ڪيو

جو امر اورائو ڏنو سو تاڻ ساڳي ٿيو

هن ڪافيءَ ۾ ”جو امڙ اوراڻو ڏنو“ وڌيڪ موزون ٿو لڳي. بنسبت ”جو امر اورائو ڏنو کان، ۽ ڳايو به اهڙي نموني ويندو آهي.

5- هلي ههڙي حال ميان، وڃي ڏوٿن کي ڏسان

سچوءَ جي ته سرير ۾ مارڻ جي آهي قال.

هن ڪافيءَ ۾ ”مارن جي آهي قال“ کان ”مارن جي آهي مقال“ وڌيڪ موزون آهي.

ان کان سواءِ ڪي سٽون اهڙيون به آهن، جيڪي مختلف ڪافين ۾ ساڳيون موجود آهن. نموني خاطر صرف ٻه مثال هيٺ ڏجن ٿا.

1- اصل آهي انهن سان روح منهنجي جو رلو

اها سٽ هيٺين ٻن ڪافين ۾ ڪتب آندل آهي.

(i) اڙي الــــــــــــو الـــــــو رانــــــــول آيـــــــــــو راڄ ۾

(ii) ڪري سانگ پرين وري آيم، ديس اساڏڙي الو الو

2- چونديس حال حبيب کي، ڳچيءَ پائي گندي

اها سٽ هن ٻن ڪافين ۾ استعمال ٿيل آهي.

(i) آءُ ڪيچ ڪندي وڃي پورهيو پرينءَ سان

 (ii) ويهي آءٌ ڪوهه ڪندي جيڏيون ڙي ڀنڀور۾.

هن رسالي ۾ جيترو مواد محترم انصاري صاحب ڏنو آهي، کانئس اوترو ئي ڪلام رهجي ويو آهي، ۽ اهڙو چونڊ ڪلام رهجي ويو آهي، جيڪو فن ۽ فڪر جي لحاظ کان تمام مٿانهون آهي. اڪثر ڪري ڪلام درگاهن تي پڻ ڳايو ويندو آهي، جنهن جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.

1- سچ ٿا مرد چون ڪنهن کي وڻي نه وڻي

    ڪوئي دوستيءَ جو دم بڻي نه بڻي.

2- جوئي آهيان سو ئي آهيان هندو مؤمن ناهيان.

3-  ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جو ئي آهيان سو ئي آهيان.

4- ساڳيو ئي سر آهي، ڪاٿي سچل ڪاٿي ذات سچل جي.

5- اسين ساڳي خود آهيون ڀلي عام چوي ائين ناهي.

6- ڏسو عشق جو انصاف سڀئي مذهب ڪيائين معاف.

7- عشق لڳئه ته ڪر اَمين، نا منجهه ڪفر نا منجهه دين.

8- شاهه ٿيو سيلاني، نه ڄاڻان ڪنهن ڳالهه کنئون.

9- جي پڇيو ڙي جيڏيون، آهي برهه بيقراري.

10- اتي ڪفر نه ڪو اسلام آهي سڀني کي سلام.

11- ڪرن مڙيئي، قتلام پاڻ ڪريان جي پڌرو.

سچل سائينءَ جي شاعريءَ جا جيڪي به رسالا ڇپايا ويا آهن، ڪوبه مستند ۽ مڪمل نسخو ڪين آهي، ۽ سنڌ جي عظيم محقق ۽ مورخ ۽ سچل سائينءَ جي هڪ مثالي عاشق صادق پير صاحب مرحوم حسام الدين راشديءَ جا اهي لفظ بلڪل صحيح آهن ته ”سچل کي ڪوبه گربخشاڻي نصيب نه ٿيو.“


(1) رسالو سچل جو. مرتب: مرزا علي قلي بيگ، 1902ع صفحو 51.

(2) درگاهه نانڪ يوسف تي رکيل قلمي گنج 1895ع ورق 733. علي محمد فقير کهڙي کان ٻڌم، جيڪو درگاهه شاهه نصيب جو طالب آهي ۽ پاڻ به فقير شاعر آهي.

(3) رسالو سچل سائينءَ جو مرتب مرزا علي قلي بيگ 1902ع صفحو 44.

(4) نانڪ جي ڪافين جو قلمي ڪتاب 1898ع ورق 200.

(1)  سچل سائين جو رسالو مرتب مرزا علي قلي بيگ 1902ع صفحو 248.

(2) نانڪ جي ڪافين جو قلمي نسخو 1005ع ورق 219.

(1) سچل سرمست، مرتب آغا غلام نبي صوفي 1933ع صفحو 480ع.

(2) ايضاً صفحو 489.

(1) سچل سرمست، مرتب آغا غلام نبي صوفي 1933ع صفحو489.

(2) سچل سرمست، مرتب آغا غلام نبي صوفي 1933ع صفحو 17.

(3)  رسالو سچل سائين، مرزا علي قلي بيگ 1902ع صفحو 26.

(4) سچل سرمست، آغا صوفي 1933ع صفحو31.

(1)  رسالو سچل سائين، مرزا علي قلي بيگ 1902ع صفحو 360.

(2) سچل سرمست، آغا صوفي 1933ع صفحو 131.

(3) رسالو سچل سائين، مرزا علي قلي بيگ 1902ع، صفحو 339.

(4) سچل سرمست، آغا غلام نبي صوفي 1933ع صفحو 214.

(5) رسالو سچل سائين، مرزا علي قلي بيگ 1902ع، صفحو 164.

(6) سچل سرمست، آغا غلام نبي صوفي 1933ع، صفحو 223.

(1) رسالو سچل سائين، مرزا علي قلي بيگ 1902ع، صفحو 238.

(2) سچل سرمست، آغا غلام نبي صوفي 1933ع، صفحو 223.

(3) درگاهه سچل سائينءَ جي ڳائڻي حبيب فقير جي ٻڌايل.

(4) سچل سرمست، آغا غلام نبي صوفي 1933ع، صفحو 216.

(5) رسالو سچل سائين، مرزا علي قلي بيگ 1902ع، صفحو 149.

(1) نماڻو فقير: سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام بڙودو 1952ع صفحو 68.

(2) نانڪ يوسف جي درگاهه تي رکيل ڪافين جو گنج 1895ع ورق 251.

(1) نماڻو فقير: سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام بڙودو 1952ع صفحو 77.

(2) نماڻو فقير: سچل جو ڪلام عاشقي الهام بڙودو 1952ع صفحو 322.

(3) ايضاً صفحو 80.

(4) جامع سنڌ لغات: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، حيدرآباد، 1960ع صفحو 299.

(1) نماڻو فقير: سچل جو ڪلام عاشقي الهام بڙودو 1952ع صفحو 44.

(2) نانڪ يوسف جي ڪافين جو قلمي بياض، ورق 272.

(3) نماڻو فقير: سچل جو ڪلام عاشقي الهام بڙودو 1952ع صفحو 73.

(4) ايضاً صفحو 41.

(5) نماڻو فقير: سچل جو ڪلام عاشقي الهام بڙودو 1952ع صفحو 41.

(6) ايضاً صفحو 267.

(7) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جامع لغات سنڌي حيدرآباد، 1965ع صفحو 38.

(1) نماڻو فقير: سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام بڙودو، 1953ع، صفحو 123.

(2) ايضاً صفحو 212.

(1) عثمان علي انصاري، رسالو سچل سرمست، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع صفحو 51.

(1) مرزا علي قلي بيگ: سچل سائينءَ جو رسالو 1902ع صفحو 147.

نماڻو فقير: سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام بڙدو 1952 صفحو 249، ڊاڪٽر نواز علي شوق: ڪلام حضرت سچل سرمست، ڪافي پبليڪيشن 1981ع صفحو 10.

(2)  عثمان علي انصاري، رسالو سچل سرمست، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع صفحو 73

(3)مرزا علي قلي بيگ: سچل سائين جو رسالو 1902ع صفحو 278، نماڻو فقير: سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام بڙودا صفحو 251.

(4) عثمان علي انصاري، رسالو سچل سرمست، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع صفحو83

(5)  سچل سائين جو رسالو مرتب مرزا علي قلي بيگ 1902ع صفحو 99.

(6) عثمان علي انصاري، رسالو سچل سرمست، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع صفحو142.

(7) نماڻو فقير: سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام بڙدو 1952ع صفحو 253. درگاهه نانڪ يوسف تي رکيل قلمي گنج ورق 128

(8) عثمان علي انصاري، رسالو سچل سرمست، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع صفحو173

(9) نماڻو فقير: سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام بڙدو 1952ع صفحو302 درگاهه نانڪ يوسف تي ڪافين جو قلمي گنج ورق 131

(1) عثمان علي انصاري، رسالو سچل سرمست، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع صفحو163.

(2) درگاهه نانڪ يوسف جي جهوني فقير فيض محمد ٻڌ کان ٻڌي لکيل.

(3) مرزا علي قلي بيگ رسالو سچل سائين جو 1902ع صفحو 130.

نماڻو فقير: سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام بڙودا 1952ع صفحو 372، ڊاڪٽر نواز علي شوق: ڪلام حضرت سچل سرمست ڪافي پبليڪيشن ڪراچي 1981ع صفحو 19.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com