سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :23

تبصرا

(نوان سنڌي ڪتاب)

وکر سو وهاءِ

غلام حسين رنگريز، سنڌ جي انهن باشعور ۽ ذميوار اديبن مان آهي، جن جي لکڻين جو محور پنهنجي ڌرتيءَ جا ماڻهو، سندن مسئلا ۽ ان نسبت سان عالمي برادريءَ جا مسئلا رهيا آهن. رنگريز شاعر به آهي، پر نثر ۾ مضمون نويسي هن جي پسنديده فيلڊ آهي، ۽ مضمون نويسيءَ جو فن وڏو محنت طلب هوندو آهي، جيڪو وسيع مطالعي، ٻوليءَ جي ڄاڻ ۽ مسئلن تي گرفت جي تقاضا ڪري ٿو.

سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام ڳاڻ ڳڻيا مضمون نويس اهڙا رهيا آهن، جن ۾ اهي صلاحيتون موجود آهن. رنگريز انهن اديبن مان هڪ آهي، جنهن جو نه رڳو مطالعو وسيع آهي، پر کيس ٻوليءَ جي ڀرپور ڄاڻ به آهي ۽ ان سان گڏ مسئلن کي سمجهي ٿو ۽ انهن کي سمجهائڻ جي صلاحيت به رکي ٿو.

سندس مضمونن ۽ مقالن جو هڪ ڪتاب ”سرمد ڇا ٿو سوچي؟“ اڳ ئي ڇپجي، سنڌ جي علمي ادبي حلقن ۾ ناماچاري حاصل ڪري چڪو آهي، ۽ هي زير مطالع ڪتاب ”وکر سو وهاءِ“ پڻ پڪ ئي پڪ سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن خاص ڪري نئين ٽهيءَ جي ليکڪن ۾ سٺو مان حاصل ڪندو، ڇو ته هن ۾ جن مسئلن کي ڇُهيو ويو آهي ۽ جن تي قلمراني ڪئي وئي آهي، انهن ۾ معلومات سان گڏ رهبريءَ (Guidance) وارو عنصر به شامل آهي.

هن ڪتاب ۾ فاضل ليکڪ دنيا جي بهترين انقلابي شاعريءَ (فلسطين، ويٽنام ۽ ڪوريا جي شاعري) کان برصغير جي ڀڳتي، وحدت الوجودي ۽ جديد فڪر ڏانهن پيرا کڻندڙ شاعرن (ميران ٻائي ۽ ٽئگور) جي شاعري به بحث هيٺ آندي آهي. ان کان سواءِ شاهه لطيف جي عظيم شارح ۽ عاشق ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي ادبي اهميت ۽ علمي خدمتن جو به اعتراف ڪيو ويو آهي. پر سندس ٻه مضمون بنهه اڄ جا، اڄ جي سنڌ جا ۽ اڄ جي سنڌي اديبن جي اڄوڪي صورتحال جا عڪاس مضمون آهن، جن ۾ سنڌي ادب ۾ داخل ٿيندڙ فراريت ۽ ڀاڄوڪڙائپ وارن لاڙن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، ان جي قومي ۽ ادبي سطح جي نقصانن جي ڪٿ ڪئي وئي آهي، ۽ سنڌي اديبن کي ”ٻوليءَ ۽ تهذيب“ جي وجود جي بقاءَ لاءِ نظرياتي ۽ سياسي ويڇا وساري هڪ ٿيڻ جو سڏ ڏنو ويو آهي. اهي مضمون ”ادب ۾ ڀاڄوڪڙائپ ۽ نراسائي“ ۽ سنڌ جي موجوده صورتحال جي عنوانن هيٺ ڪتاب ۾ موجود آهن.

غلام حسين رنگريز ”فلسطيني شاعري ۽ آزاديءَ“ واري مضمون ۾ جتي فلسطيني (عربي) شاعريءَ جو قديم سماجي ۽ تهذيبي پس منظر بيان ڪيو آهي، اتي موجوده وقت جي تقاضا موجب لکجندڙ انقلابي ۽ آزاديءَ جي روح سان ٽمٽار ادب کي به بحث هيٺ آندو آهي. فلسطين جي سرزمين جنهن عالمي سامراج ۽ اُن جي ٻالڪي (اسرائيل) جي قبضي جو شڪار آهي، اُتي فلسطيني شاعرن اُهو ڪردار ادا ڪيو آهي، جو سندن هڪڙو سگهارو انقلابي شعر اسرائيل جي وزير دفاع موشي دايان کي ”ويهن ڪمانڊوز گوريلن جي برابر“ نظر اچي ٿو. سچ پچ جڏهن شاعريءَ ۾ اها سگهه پيدا ٿي وڃي ته پوءِ اُن شاعريءَ جي خالق سرزمين غلام بنجي نه ٿي سگهي. فلسطيني شاعري اسان جي نوجوان شاعرن لاءِ اُتساهه جو ڪارڻ بنجي سگهي ٿي.

”ويٽنامي شاعري“ وارو مضمون پڙهندڙ تي اها حقيقت واضح ڪري ٿو ته هن سرزمين جي شاعري پڻ جدوجهد مان ڦُٽي نڪتي آهي ۽ شاعري ويٽنام جو قومي ورثو رهي آهي. هن بهادر قوم تاريخ جي هر دؤر ۾ هڪٻئي پٺيان شاعرن جون ڪهڪشائون، شاعري جي اُڀ تي چمڪايون آهن. اهو ئي سبب آهي، هن قوم مان آزاديءَ جو جذبو ڪنهن به دور ۾ ختم ٿي نه سگهيو آهي ۽ ”ماڙين ماريس ڪينڪي“ ڪوريا جي قومي شاعر ڪم اچي ها جي شاعريءَ ۽ جدوجهد تي روشني وجهندڙ مضمون آهي. ڪوريا جو هيءُ شاعر، ڪوريا جي لفظي معنى ”بلند ۽ حسين“ وانگر واقعي ”بلند ۽ حسين“ شاعر رهيو آهي، جيڪو رياستي ڏاڍ اڳيان ڪڏهن به نه جهڪيو آهي ۽ ڏکڻ ڪوريا جي استحصالي سرڪار ۽ سندن آقا عالمي سامراج جي گڏيل عتاب هيٺ عمر قيد جي سزا ڪاٽي رهيو آهي.

هن مضمون ۾ نه رڳو نازڪ جذبن واري شاعر ڪم اچي ها جي شاعراڻي جذبن کي بيان ڪيو ويو آهي، پر ڪوريائي عوام جي طويل ۽ شاندار جدوجهد تي به روشني وڌي وئي آهي.

”ميران ٻائي ۽ سندس شاعري“ ۾ ڪوي ٽئگو وارا مضمون ننڍي کنڊ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ تي روشني وجهن ٿا. ميران محبت ۽ ڀڳتيءَ جا گيت ڳائي، ”محبت ۽ ڀڳتي“ جي جذبن کي جيڪا امرتا بخشي، ُانهن نه رڳو هند پر سنڌ جي شاعرن کي به متاثر ڪيو. لطيف تي به ميران جي ڀڳتيءَ جا اثر معلوم ٿين ٿا. ٽئگور، بنگال جي ٻوليءَ جو وڏو شاعر آهي، جنهن بنگالي ادب ۽ شاعريءَ کي نوان موڙ، اُمنگ ۽ احساس عطا ڪيا هئا. ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جي چڻنگ دکائيندڙ شاعرن ۾ ٽئگور جي وڏي Contribution رهي آهي. ٽئگور جي ادب ۽ شاعري ۾ سماجي ۽ قومي پهلوءَ سان گڏ انسان دوستيءَ جو پهلو پڻ نمايان نظر ايندو.

هن ڪتاب جو آخري مضمون ”وکر سو وهاءِ“ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ شاعر مدد علي سنڌيءَ جي نثري شاعري ”پُنرملن“ جي مهورت جي موقعي تي لکيل آهي. هن مضمون ۾ رنگريز ”سنڌي ادب“، ”صاحب ڪتاب“ (مدد علي سنڌي) ۽ سندس تخليق (پنرملن) بابت روشني وجهندي لکيو آهي ته ”مدد... ڪلهه جنهن جو جهول ڳاڙهن سُرهن گلن سان ڀريل هو، اڄ سو ٿوهر ٿانيڪو آهي.“ هن وڌيڪ لکيو آهي ته مدد علي سنڌيءَ جو سفر ”اڳتي قدم“ کان شروع ٿيو هو ۽ اڄ ”شام“ کي پنهنجي منزل بڻائي چڪو آهي. بهرحال ليکڪ نثراڻي نظم جي هن ڪتاب کي اسٽائيل جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب به سڏيو آهي.

اهڙي طرح غلام حسين رنگريز جو هيءُ ڪتاب، اڄ جي دور ۾ هڪ اهڙو ادبي دستاويز آهي، جنهن ۾ پنهنجي  ڏيهه ۽ ڏيهين سان پيار جي جذبي سان گڏ ”عالم جي آباديءَ“ وارو تصور به سمايل آهي.

هي ڪتاب ارباب نورمحمد پليجو پبليڪيشن، ٻنون، ضلع ٺٽو شايع ڪيو آهي ۽ 130 صفحن واري هن ڪتاب جو مُلهه 15 رپيا آهي.

 

- تاج جويو

رُڃ ۾ رابيل

”ڪائنات ڪيڏي نه وڏي آهي. اَميبيا کان انسان تائين ڌرتيءَ کان انسان تائين، اُن ۾ الائي ڪيترا ستارا، هزارين گروهه، ڪروڙين وڻ، پهڻ، سمونڊ، پهاڙ، مڇيون ۽ ٻيو ايترو سڀ ڪجهه هوندي به انسان ڊڄي ٿو. پاڻ کي اڪيلو ٿو سمجهي، اڪيلائپ کي پرچائڻ لاءِ ٿو چئي ته ”هيءُ سڀ ڪجهه مون لاءِ آهن.“

اهو پئسيج سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي فلسفيانه ذهن رکڻ واري ڪهاڻيڪار اخلاق انصاري جي هڪڙي ڪهاڻي ”اڪيلو ڪمرو ۽ سيلف پورٽريٽ“ جو آهي، جيڪا ڪهاڻي هن جي ڪهاڻين جي مجموعي ”رُڃ ۾ رابيل“ ۾ شامل آهي. رُڃ ۾ رابيل اخلاق انصاري جي ڪهاڻين جو اهو مجموعو آهي، جنهن جو انتساب سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽرنيشنل هاسٽل جي 49 ڪمري جي نانءِ ٿيل آهي.

سنڌي ادب ۾ ليکڪن ۽ پڙهندڙن جي هڪ اهڙي ٽهي پيدا ٿي آهي، جيڪا پنهنجي سوچ ۾ تخليق جي حوالي سان اڄ جي دنيا ۾ بين الاقوامي ڪلچر جو حصو بڻيل آهي، ۽ اخلاق انصاري جو لاڳاپو به سنڌي ليکڪن جي اهڙي ئي ايج گروپ سان آهي. ”رُڃ ۾ رابيل“ جي ڪهاڻين جا موضوع رومانيت کان وٺي عالمي امن تائين ڦهليل آهن ۽ اهڙي حساب سان اخلاق انصاري ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان هڪ ”اپ ٽو ڊيٽ“ قلمڪار ڳڻي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو اڄوڪي ماڻهو جي سمورن احساسن ۽ مسئلن ۾ شيئر ڪرڻ لاءِ هر گهڙي اُتاولو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ۽ ان ڳالهه جي اڄوڪي سنڌي ڪهاڻيءَ کي تمام گهڻي گهرج آهي، جنهن جي پورائي کانپوءِ ئي جديد سنڌي ڪهاڻي جو تخليقي ۽ تاريخي سفر جاري رکي سگهبو. هن جي همعصر ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار طارق عالم جي لفظن ۾ ”۽ اها ئي هڪ حساس باشعور ۽ تخليقي سگهه رکندڙ ليکڪ جي سڃاڻپ هوندي آهي.“

110 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 15 رپيا آهي ۽ مارئي ڪتاب گهر سکر پاران شايع ڪيو ويو آهي.

 

- رضيه طارق

راهون چنڊ ستارا

ماهتاب محبوب سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو نالو آهي. هن سنڌي عورت کي اڳتي اڀارڻ ۾، پنهنجي لکڻين کي ڪتب آندو آهي ۽ هن معاشري ۾ سنڌي عورت سان ٿيندڙ ناانصافين تي قلم کنيو آهي، پاڻ تحرير ۾ نيون راهون اختيار ڪري سنڌي ادب جو مانُ مٿاهون ڪيو آهي.

ماهتاب محبوب هونئن ته بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي ۽ ان فيلڊ ۾ هُن زبردست شهرت ماڻي آهي. سندس ڪهاڻيون جيئريون جاڳينديون ۽ معاشري جي عڪاسي ڪندڙ آهن. سندس هيل تائين ڪهاڻين جا چار مجموعا ۽ هڪ خاڪن جو مجموعو ڇپجي چڪا آهن، ۽ اها واحد سنڌي ليکڪا آهي، جنهن جا ايترا ڪتاب ڇپيا آهن. جڏهن ته ماهتاب جي سفرنامن جا ٽي مجموعا ڇپيا آهن، تنهن ۾ ٻه ڪتاب (اندر جنين اڃ ۽ سُرهي سُرهي سار) اڳ ۾ ڇپيا آهن ۽ ٽيون ڪتاب ”راهون چنڊ ستارا“ تازو ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. ”راهون چنڊ ستارا“ سنگاپور، ملائيشيا، سري لنڪا، ٿائيلينڊ، هانگ ڪانگ، مڪائو ۽ چائنا جي سفر تي لکيل آهي. ماهتاب اهو سفر پهريائين 1986ع ۾ ڪيو، ۽ ٻيهر انهن ملڪن ڏانهن 1988ع ۾ وئي. اتي جو ڪجهه به هُن ڏٺو، جيڪو مشاهدو ماڻيو ۽ جيڪي کيس واقعا پيش آيا، تن کي پنهنجي قلم جي ذريعي سهڻن لفظن جو روپ ڏئي ڪتابي سلسلي ۾ آندو.

ماهتاب پنهنجي جنهن منفرد لکڻيءَ سان ڪتاب لکيو آهي، ان جو تاثير هر پڙهندڙ محسوس ڪندو. سندس ٻولي سولي، سهڻي ۽ لفظن جو جڙاءُ ڏاڍو پيارو آهي. ”راهون چنڊ ستارا“ ڪتاب به هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن جي پڙهڻ سان هر ڪو ماڻهو اهو محسوس ڪندو ڄڻ هُو پاڻ انهن ملڪن ۾ گهمي رهيو آهي. هونئن به اهو ليکڪا جو ڪمال آهي جو هوءَ پنهنجي لکڻين ۾ اهڙي جدت آڻيندي آهي، جو سندس هر لکڻي، ٻيءَ لکڻيءَ کان منفرد هوندي آهي ۽ وري ان جو پنهنجو اسٽائيل ۽ ان ۾ پنهنجي سُرهاڻ هوندي آهي. ماهتاب به هن ڪتاب ذريعي پڙهندڙ کي گهر ويٺي ڄڻ اهي ملڪ گهمايا آهن.

ماهتاب ان سفر ۾ جيڪي مشاهدا ماڻيا، تن جي ڀيٽ اسان جي ملڪ سان به ڪئي اٿس. هن اهو پڻ واضح ڪيو آهي ته، ڪاش اسان جو ملڪ به اهڙي ترقي ڪري سگهي. ماهتاب جيڪي ملڪ گهُميا، اتي جيڪو ڪجهه هن ڏٺو وائٺو، تن کي پنهنجي اک جي ڪئميرا سان انڊلٺ جي رنگن جيان سجائي، ڪتاب ”راهون چنڊ ستارا“ ۾ اوتي، پڙهندڙن جي هٿن ۾ ڏنو آهي. هي ڪتاب نه رڳو هڪ سفرنامو آهي، بلڪ هڪ جاگرافي به آهي، جيڪو انهن ملڪن جي صحيح ڄاڻ ڏئي ٿو.

ڪتاب ”راهون چنڊ ستارا“ امن، دوستي ۽ پيار جي نالي ارپيل آهي. ڪتاب تي ٻه اکر نامياري ليکڪ محترم حميد سنڌي لکيا آهن. ڪتاب ۾ ارم محبوب (ماهتاب جي ڌيءَ) جو هڪ خوبصورت نظم پڻ ڏنل آهي، جيڪو ڪتاب جي عڪاسي پڻ ڪري رهيو آهي، ڪتاب جي پُٺ تي شيخ اياز جو ماهتاب لاءِ لکيل مختصر تاثر به ڏنل آهي، جنهن ۾ هن ماهتاب جي جذبي، محنت ۽ مشاهدي بابت لکيو آهي ته:

”سفرنامو تيستائين سفرنامو ناهي؛ جيستائين ابن خلدون وانگر مصنف جون ٻئي اکيون کليل ۽ پير پنڌ ۾ نه آهن ۽ هُو هر شيءِ نه رڳو ڏسي وائسي ٿو پر چت ۾ چيتاري به ٿو.

ماهتاب کليل ذهن سان آسپاس جو چڱيءَ طرح جائزو وٺي انهيءَ جي تصوير ڪڍي ٿي.“

ماهتاب لاءِ شيخ اياز جو اهو ريمارڪس بلاشبه هڪ اعزاز به آهي.

ماهتاب جي هن ڪتاب ۾ رنگين تصويرون به ڏنل آهن، جيڪي ڪتاب کي وڌيڪ سُونهن ٿيون بخشين. ماهتاب، جنهن پنهنجي مطالعي، مشاهدي ۽ سُهڻين ڳالهين ۽ عجيب و غريب واقعن کي هن ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو آهي، ان جي ذري ذري ۾ حقيقت سمايل آهي. ماهتاب محبوب جو هي سفرنامو سنڌي ادب ۾ هڪ اهم اضافو آهي. سهڻي ٽائيٽل سان سينگاريل هي ڪتاب نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد ڇپرايو آهي. چاليهه ۽ سٺ رپين ۾ (اڇي ۽ سادي ڪاپي) هي ڪتاب سنڌ جي مڙني بڪ اسٽالن تان ملي سگهندو.

 

-امام راشدي

يادن جي انڊلٺ

الطاف شيخ پنهنجن پڙهندڙن لاءِ هر دفعي نئين ادبي سوکڙي آڻيندو آهي، جنهن مان هر ادب دوست ذهني تسڪين ماڻيندو آهي. ائين کڻي چئجي ته الطاف شيخ سخي مرد آهي، جيڪو پنهنجي ناڻي تي هر پڙهندڙ کي خيالي جهاز ۽ تصّور ۾ دنيا جو سير ڪرائيندو آهي.

تازو الطاف شيخ جو ڪتاب ”يادن جي انڊلٺ“ منظر عام تي آيو آهي. هن ۾ الطاف شيخ ٻاهرينءَ دنيا کي ڇڏي پنهنجي جنم ڀومي ”سنڌ“ جي ڳالهه ڪئي آهي. وڏن سياستدانن سان ٿيل ملاقاتين جو احوال پڻ ڏنو آهي. وطن ورندي پنهنجن پراڻن ساٿين سان ملندي پراڻن يادن کي تازو ڪري قلم بند ڪيائين. سنڌ جي حالتن جو ذڪر به ڪيو آهي.

”پنهنجي ناراض پرستار“، هن عنوان هيٺ الطاف شيخ يونيورسٽين جي ڪارڪردگي جو احوال ڏنو آهي ته ڪيئن غريب شاگردن کي پنهنجا مٽ مائٽ، ڳهه ڳٺا ڳاري پڙهائڻ لاءِ يونيورسٽين ڏانهن موڪلين ٿا، پر انتظاميه جي ڪري ٻن ٽن يا چئن سالن واري تعليم، اٺن سالن ۾ به پوري نٿا ڪري سگهن!

چئن سالن کان پوءِ جڏهن الطاف شيخ سنڌ ۾ پير پاتا ته کيس ڪافي تبديلي نظر آئي. ڪراچيءَ جي ڇڙواڳ ٽريفڪ ۽ ماڻهن جا منهن مقام وانگي پئي نظر آيس. هن چئن مهينن جي موڪل ۾ به سنڌ واسين لاءِ سنڌ ۾ رهي ڪري سنڌ جي رهندڙن تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي. جنهن ۾ جناب جي- ايم سيد، بي نظير ڀٽو صاحبه، رسول بخش پليجو، مخدوم محمد زمان طالب المولى ۽ سندس پٽن تي سهڻا تاثر لکيا آهن، جيڪي هن ڪتاب ۾ شامل آهن.

جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ رتبو ملندو آهي، اهو پوءِ پنهنجا دوست احباب به وساري ڇڏيندو آهي، پنهنجي اڳ واري زندگيءَ کان پاڻ کي ڪٽي ڇڏيندو آهي. اهڙي هڪ سنڌيءَ سان سندس ٿيل ملاقات جو احوال الطاف شيخ تمام خوبصورتيءَ سان ڏنو آهي ته ڪيئن هڪ پراڻو واقفڪار سڃاڻپ جي اکين کان معذور ٿي ويو. ان کانسواءِ سنڌين سان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ ناانصافين تي قلم وهايو اٿائين. آمريت جي دور ۾ فوجي درندن جيڪو ڪجهه سنڌين سان ڪيو، اهو ڪنهن حد تائين ”يادن جي انڊلٺ“ ۾ موجود آهي. سهراب ڳوٺ ۾ ٿيندڙ ڪاري ڌنڌي ۽ ان جي آپريشن جو پڻ چڱيءَ ريت احوال ڏنو اٿائين.

اها واقعي حقيقت آهي ته ٻاهران ايندڙ ماڻهو ڀل ته جهاز ۾ اخبار به نه پڙهي، پر هو جڏهن اسٽار گيٽ کان گهر تائين پهچندو ته ان کي سنڌ جي سياسي جي سموري پرک پئجي ويندي. پر اڃان به جيڪڏهن هيئن کڻي چئجي ته سنڌ ۾ رهندڙ، سياست کان لنوائيندڙ ڀل اخبار، ريڊيو ۽ ٽي وي نه ڏسي، پر جڏهن گهر کان نڪري بازار راهي ٿيندو ته ان کي هر خبر ڀتين تي لکيل نعرن مان پئجي سگهي ٿي ته سنڌ واسي ڪهڙي گهُرَ ڪري رهيا آهن ۽ ڪهڙن منصوبن جي مخالفت ۾ آهن. ڪيترا اڳواڻ گرفتار آهن ۽ ڪيترن لئه موت جا وارنٽ نڪتل آهن، جيڪي روپوشي واري زندگي گذاري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار الطاف شيخ ”نعرا- گانا- سلوگن- سنڌ جي ديوارن تي“ جي عنوان ۾ ڪيو آهي.

اهڙي طرح ”ٽڪراٽا“ ۾ الطاف شيخ، مختلف موضوعن تي لکيو آهي. پنهنجن پراڻن ساٿين سان سنڌ جا سور پئي سليا آهن، پر موري جي ڀت تان هڪ شعر نوٽ ڪيو اٿائين، جيڪو ڪجهه غلط ئي نظر آيو اٿس يا پوءِ صحيح ياد نه آيس. سندس لکڻيءَ ۾ شعر هن ريت آهي:

آءٌ ٻاڪاري هليو ويندس، تون نڀائي نه ڏيندين ته ڇا ٿيندو،

ماءُ ته پنهجي ساڳي آ، جي ڀاءُ نه ٿيندين ته ڇا ٿيندو.

پر حقيقت ۾ اهو شعر هن ريت آهي: ”نڀائي نه ڏيندين“، نه پر ”سڏ نه ڏيندين“ آهي، جيڪو پوءِ الطاف شيخ کي صحيح ڪرڻ گهربو هو.

”ديڳ يارهين جي پنڌ ۾“ جي عنوان تحت لکيل خاڪي ۾ الطاف شيخ پاڻ سان ملهايل شام جو احوال ڪيو آهي، جنهن جي صدارت جناب مخدوم محمد زمان طالب المولى ڪئي هئي. ان تقريب ۾ مشاعرو پڻ منعقد ڪيو ويو هو. جن جن شاعرن متاثر ڪيو هئس، انهن جو مختصر احوال ڏنو اٿائين. ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ پير علي محمد راشدي تي خاڪو لکيل آهي، ان ۾ ساڻس ڪيل ملاقاتين ۽ ڪجهه شخصيتن تي خاڪو لکيل آهي.

الطاف شيخ جو هي خاڪن نما سنڌ جو سفرنامو بقول سندس جي ته پهريون حصو آهي. اميد ته جلد ٻيو حصو به اسان تائين پهندو، ڇو جو اهڙي اصلاحي ادب جي اسان سنڌ واسين کي گهڻي گهرج آهي. هي ڪتاب نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران شايع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو ٽائيٽل خوبصورت منظر سان سجايل آهي. هي ڪتاب هڪ سئو ڇاهٺ صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 30/ 50 رپيا مناسب آهي. ڪتاب سنڌ جي هر ڪتاب گهر تان ملي سگهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com