سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :7

سنڌ جي ڪن درگاهن جون رسمون ۽ انهن جو مٿالاجيءَ (Mytholigy) جي روشنيءَ ۾ مطالعو

(هڪ سرسري جائزو(

ڊاڪٽر غلام علي الانا

سنڌ جو هر طبعي ڀاڱو ۽ جاگرافيائي خطو، سماجي، ثقافتي ۽ تمدني لحاظ کان جدا جدا خصوصيتن سان هميشـﮧ ڀريو پئي رهيو آهي. انهن جدا جدا سماجي ۽ ثقافتي خوبين تي کوجنا کان پوءِ سنڌ جي سماجي، ثقافتي ۽ علم الانسان يعني ائنٿراپالاجيءَ (Anthropology) جي وسيع موضوع تي مواد سهيڙجي ويندو، جنن جي اسان کي اڃا سطحي معلومات به حاصل ڪانه ٿي سگهي آهي.

سنڌ جي انهن خطن ۽ حصن مان ڪهڙي خطي ۽ حصي جو ذڪر ڪجي؟ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين، سون مياڻيءَ کان پاري ننگر تائين، هر خطو ۽ هر حصو پنهنجن پنهنجن ڳُڻن وارو آهي. ”گنجي ۾ گڻ گهڻا“ به ان مطالعي جو هڪ موضوع بڻجي سگهي ٿو، بکر جي پنهنجي خوبي آهي، جتي پلو به وڃيو پنهنجو مٿو ٽيڪي؛ ٺٽي جي پنهنجي خوبي آهي ته نورائيءَ جون پنهنجون رسمون؛ سيوهڻ ته سڀني کان سرس. اهڙيءَ طرح مانڌر، ماڃر، جهم پير، جوڻ ۽ جاتي؛ منڇر، مڪلي، منگهو پير، ۽ مغل ڀين؛ هالا ۽ هاليجي پير پٺتو ۽ پاري ننگر؛ ڪينجهر ۽ ڪالڪان پنهنجين پنهنجين رسمن جي ڪري مشهور ته آهن پر اهي ماڳ ۽ مڪان ماهرن، خصوصاً علم الانسان جي ماهرن جي نظرن کان دور رهيا آهن.

انهن سماجي ۽ ثقافتي، آدرشي توڙي روحاني مرڪزن مان گهڻن کي ته ”شريف“ جي لقب سان به نوازيو ويو آهي، مثلاً: سيوهڻ شريف، نورائي شريف، لنواري شريف، گرهوڙ شريف، بڪيرا شريف ۽ ڊٺڙو شريف وغيره. انهن سڀني مرڪزن کي پنهنجي پنهنجي انفرادي، تهذيبي ۽ تمدني تاريخ آهي، انهن کي پنهنجو پنهنجو سياسي، معاشي ۽ معاشرتي ماحول ميسر رهيو آهي. انهن شهرن، ڳوٺن، ماڳن ۽ مرڪزن جي تاريخ جو اهم حصو اڃا تائين ڪن سياڻن ۽ سگهڙن جي سينن ۾ سٿيل رهيو آهي. معرڪن، محفلن ۽ ڪچهرين ۾ اهي سگهڙ ۽ سياڻا جڏهن انهن خطن جو احوال اوريندا آهن تڏهن راتيون ختم ٿي وينديون آهن، پر انهن جو داستان اڻپورو رهجي ويندو آهي. انهن سگهڙن جي بيان جو واسطو تاريخ سان گهٽ پر ’مٿالاجي‘(Mythology) سان وڌيڪ هوندو آهي.

مٿالاجيءَ (Mythology) جو سنڌي زبان ۾ ترجو ”ڏند ڪٿا“ ڪيو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ ڏند ڪٿا لفظ Mythology جو مناسب ۽ موزون ترجمو نه آهي، ڇو ته ’مٿالاجي‘ لفظ جو جيڪو مفهوم ۽ مقصد آهي سو ’ڏند ڪٿا‘ مان صحيح نموني سان ادا نٿو ٿئي.

بهرحال، مٿي ڄاڻايل ڪن شهرن، ڳوٺن، ماڳن ۽ مڪانن مان گهڻن سان ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون منسوب آهن، جن تي جيتوڻيڪ هن زماني ۾ ڪن ماڻهن طرفان ڀروسو نٿو ڪيو وڃي، پر انهن تي جڏهن سوچجي ٿو تڏهن ائين چوڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي ته انهن ڏند ڪٿائن جي پس منظر ۾ ان شهر يا ڳوٺ جي نه فقط تاريخ لڪل آهي، پر حقيقت ۾ انهيءَ ساري پس منظر ۾، سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي تاريخ جي پيڙهه ٻڌل آهي. انهيءَ سماجي ۽ ثافتي تاريخ جو واسطو علم الانسان يعني ائنٿرا پالاجيءَ سان آهي. اهڙيءَ طرح مٿالاجيءَ جو اڀياس، انئٿراپالاجيءَ جي دائري ۾ اچي ٿو.

مٿالاجيءَ جي مواد سهيڙڻ کان پوءِ ان سهيڙيل مواد جي پس منظر جي روشنيءَ ۾، سنڌ جي تاريخ جي تهه ۾ وڃي، اهڙي سرمايي جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي ممڪن آهي ته ڪي دوست ممنوع ليکين، پر علم الانسان جي تاريخ جا ماهر، اهڙي مواد ۽ سرمايي جي هٿ اچڻ تي سرها ٿيندا. منهنجي خيال موجب سنڌي سماج ۾ مروج اهڙين ڏند ڪٿائن جو مطالعو نه فقط سنڌي سماج ۽ سماجي تاريخ جو هڪ دلچسپ مطالعو ثابت ٿي سگهندو، پر اهڙي مواد جي مطالعي جي مدد سان، سنڌ جي سماجي تاريخ جا اهي موضوع ۽ پهلو، منظر عام تي ايندا جيڪي هونئن شايد اسان جي ڪوتاهي يا لاپرواهيءَ سبب هميشـﮧ ۽ هميشـﮧ لاءِ زمين دوز ٿي وڃن، جن تي پوءِ پڇتائڻ سان ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو.

مٿالاجيءَ وارو مواد سهيڙڻ، سميٽڻ ۽ ان جو مطالعو ڪرڻ لاءِ، سنڌ ۾ مروج ڌار ڌار ڌرمن ۽ مذهبن کان سواءِ ڌار ڌار رسمن، رواجن، قاعدن ۽ قانونن، ڀرمن ۽ وسوسن، ٽوڻن، ۽ ڦيڻن وغيره جي گهري ۽ اونهي اڀياس جي ضرورت آهي. هي اڀياس گهڻي محنت ۽ گهڻو وقت گهري ٿو. هن لاءِ محققن ۽ ماهرن کي آزاد خياليءَ جي اجازت هجي. هنن کي ڪٽرپڻي کان آجو رهي هر ڌرم، هر مذهب، هر سماج، هر قبيلي، هر ذات، هر نيت، هر ريت ۽ هر خطي جي ماڻهوءَ جي اُٿڻي ويهڻي، نيت ۽ ريت، رسمن، رواجن، روايتن ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو گهڻي گهرائيءَ سان اونهو اڀياس ڪرڻو پوندو، انهن تي سوچ ويچار ڪرڻو پوندو ۽ هڪ هڪ نقطي جي تاريخي پس منظر جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ تقابلي مطالعو ڪرڻو پوندو.

هن موضوع تي سوچڻ ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ قلندر شهباز جي درگاهه تي ٿيندڙ رسمن ۽ رواجن، منگهي پير جي درگاهه جي رسمن ۽ رواجن، سچل، لطيف، مغلڀين، اڏيري لال ۽ گاجي شاهه جي درگاهه جي ريتن، رسمن ۽ رواجن جي مطالعي ڪرڻ لاءِ ڪئين سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا. پهريون سوال هي آهي ته سنڌ ۾ قلندر شهباز جي درگاهه هڪ اهڙو آستان يا ادارو (Instituion) آهي، ۽ هڪ اهڙو گهڻ- پاسائون مرڪز آهي، جنهن کي پنهنجا انوکا اصول، پنهنجا نيم ۽ قانون آهن. اهي اصول، دستور ۽ قانون، اهي رسمون ۽ روايتون اهڙيون ته اَمٽ، اٽل ۽ اڻٽر آهن، جو اهي زماني کان جاري آهن؛ وقت بدلبو رهيو آهي،بدلبو رهي ٿو، حالات بدلبا رهيا آهن، حڪومتون مٽبيون رهيون آهن پر قلندر شهباز جي درگاهه جون ريتون ۽ رسمون توڙي روايتون جاري آهن. انهن ۾ ڪابه ڦير ڦار نه ٿي آهي ڇو ته هن آستان جو هر گهڙي، هر پلُ ۽ هر لمحو انهن قانونن ۽ ريتن رسمن جي دائري ۾ ڦري ٿو. اهڙيءَ طرح ٻين آستانن جا نالا به پيش ڪري سگهجن ٿا.

ٻيو سوال هي آهي ته اهي اصول، قانون، روايتون ۽ ريتون رسمون ڪيئن شروع ٿيون ۽ عمل ۾ ڪيئن آيون؟ آيا اهي قلندر سائينءَ جي زماني کان اڳ جون آهن، يا اهي قلندر شهباز جي زماني ۾ سندن زندگيءَ ۾ شروع ٿيون، يا سندن جامي بدلائڻ کان پوءِ وجود ۾ آيون.

ٽيون سوال هي آهي ته ڪنهن دوست ڪڏهن اهو سوچيو به آهي ته قلندر شهباز تي ڀيريون ڇو ٿيون وڄن؟ ڌمال ڇو ٿي لڳي؟ ڌمال ۾ ايترو تواتر ڇو آهي؟ ڪنهن اهو به ڪڏهن سوچيو آهي ته اتي هر سال مينديءَ جا جلوس ڇو ٿا نڪرن؟ ميندي هر سال مولچند مهراج ۽ گل محمد شاهه لڪياريءَ جي گهرن مان ڇو ٿي نڪري؟ مشالچين جي ميندي ڇو ٿي نڪري، ۽ هر ميندي روزانه ۽ ٽي ڏينهن لڳاتار ڪڍڻ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ عام مينديءَ جو سبب ڇا آهي؟ هي نُڪتو به سوچڻ جهڙو آهي ته قلندر جي مينديءَ جا جلوس حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به ڇو ٿا ڪڍيا وڃن؟ ڪنهن ماهر ڪڏهن اهو به ويچار ڪيو آهي ته لطيف ۽ سچل جي درگاهن تي راڳ جي روايت لازمي ڇو آهي؟ ڪنهن سُڄاڻ ڪڏهن ڪالڪان ديويءَ جي داستانن، ڪلان ڪوٽ جي احوال، ستين جي ٿان جي ڪهاڻين، يڪ ٿنڀيءَ جي روايتن، ڌارا تيرٿ جي رسمن، نئنگ وارن چشمن سان واسطو رکندڙ ڏند ڪٿائن، ست گهرين سان واسطيدار ڳالهين جي پس منظر جي روشنيءَ ۾ مٿالاجيءَ (Mythology) تي ڪڏهن سوچيو آهي ۽ ويچار به ڪيو آهي؟ انهن جي علامتن جي اڀياس جي گهڻي ضرورت آهي. اسان ڪڏهن اهو خيال به ڪيو آهي ته اسان جي گهريلو هنرن، ڪاريگرين ۽ ڀرت وغيره ۾ جيڪي چِٽَ، گُل، ٻوٽا ۽ شڪليون نظر اچن ٿيون، انهن جو پس منظر ڇا آهي؟ اهي چٽ، گل ۽ شڪليون ڪهڙي مفهوم جي علامت آهن؟ اهي ڇا جي نمائندگي ڪن ٿا. مثال طور اُڪر جي ڪم ۾ ڀرت جي ڪم ۾ سورج مکيءَ جو گل عام طور نظر ايندو آهي، اهو گل ڇا جي علامت آهي؟ سيوهڻ جي ڪاشيءَ جي ڪم ۽ هالا، نصرپور ۽ بلڙي شريف واري ڪاشيءَ جي ڪم ۾ مروج علامتن ۾ اها علامت ڪهڙي مفهوم جي طرف نشاندهي ٿي ڪري؟ انهن علامتن ۾ بنيادي فرق ڪهڙو آهي؟ ٿري ڀرت ۾ مور، اُٺ ۽ ماڻهوءَ جون شڪليون ڪهڙي حقيقت جي علامت آهن؟ ڀرت ۾ تُلسيءَ جو ٻوٽو ڇا جي علامت آهي؟ ٿر جي هندن جي ڀرت ۾ ٽڪنڊي شڪل ڪهڙي حقيقت جي علامت آهي؟ اهڙيءَ طرح ڪئين ٻيون شڪليون، چٽ ۽ نشان علامت طور ڪم آندا ويندا آهن. انهن سوالن يا رازن جا حل ۽ انهن جو اڀياس سنڌي ثقافت جي اهم موضوع يعني مٿالاجيءَ سان واسطو رکن ٿا. اهي راز اڃا راز ئي آهن. اهي سوال اڃا حل ئي نه ٿيا آهن، جيتوڻيڪ سنڌ ثقافت تي هن وقت تائين گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ کوجنا ڪئي ويئي آهي. هن مقالي ۾ ڪوشش ڪئي  ويئي آهي ته قلندر شهباز ۽ ٻين درويشن جي آستانن سان واسطيدار علامتن، اشارن ۽ ڪتابن جي باري ۾ سوچجي ۽ تحقيق ڪجي؛ جيتوڻيڪ هي ڪو اهڙو آسان ڪم به نه آهي.

سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاهر پنجاب ۾ اسان مان گهڻن، جن جن درويشن جي آستانن ۽ درگاهن تي حاضري ڏني هوندي، اهي ڄاڻن ٿا ته اڪثر درگاهن جي ٻاهرين توڙي اندرين دروازن تي گهنڊ، وڏا مٽر ۽ چڙا لٽڪيل هوندا آهن. انهيءَ قسم جا گهنڊ گاجي شاهه جي درگاهه، جاتيءَ ۾ مغل ڀينءَ جي درگاهه، پير پٺي ۽ جمعيل شاهه ڏاتار گرناريءَ جي درگاهه، منگهي پير جي درگاهه، شاهه ڪريم، ٽنڊي باگي طرف شاهه طريل جي درگاهه، بدين ۽ شاهه قادريءَ جي درگاهه توڙي ٻين اڪثر درگاهن تي لڳل هوندا هئا. اهي گهنڊ قلندر شهباز، شاهه لطيف ۽ سچل جي درگاهن تي به ٽنگيل هوندا هئا، پر جڏهن کان سرڪاري اوقاف کاتي طرفان درگاهن جو قبضو سنڀاليو ويو آهي، تڏهن کان هن وقت (اوقاف) کاتي جي سنڌي ثقافت يا ڏيهي صوفيانه ڳالهين سان نفرت ڪندڙ آفيسرن، سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي تاريخ جي پس منظر کان غير واقف هجڻ سبب يا ڪٽرپڻي واري رويي سبب پنهنجو رايو عوام جي روايتن تي مسلط ڪري، اهي گهنڊ ماٺ ميٺ ۾ هٽارائي ڇڏيا. حقيقت ۾ اهي گهنڊ سنڌ ۾ توڙي پنجاب ۽ ٻين هنڌ تصوف، ٻڌمت، درياء پنٿ، ڀڳتي پنٿ ۽ ويدانت جي اثر ۽ تاريخي پس منظر جي علامت هئا، جيڪي علم الانسان ۽ مٿالاجيءَ جي ماهرن جو ڌيان ڇڪائيندا هئا. انهن جي هٽائڻ سان هن خطي ۾ علم الانسان ۽ انسان ذات عقيدي جي ارتقا جي مطالعي لاءِ مواد هميشـﮧ لاءِ ختم ڪيو ويو!

سوچڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته اهي گهنڊ ڇا جي علامت آهن. ڪهڙي اشاري لاءِ ڪم ايندا آهن. انهن جي ٽنگڻ ۾ جيڪو مقصد مفهوم رکيل آهي، تنهن جي انهن صوفين، درويشن، عالمن ۽ فاضلن کي به خبر هئي جيڪي سوين سالن کان هنن آستانن تي پشت بپشت حاضري ڏيندا رهيا آهن. انهن مان ڪنهن به انهن کي هٽائڻ لاءِ سوچيو به ڪونه هو، يا انهن گهننڊن جي مقصدن، مفهوم ۽ علامت جي خبر انهن کي آهي، جيڪي باقاعدگيءَ سان جوڳ پچائيندا آهن، اسم اعظم جو ورد ڪندا آهن، صوفي طريقي سان نفس ماريندا آهن. اهي گهنڊ، دراصل هڪ عظيم اشاري جي علامت آهن.

قلندر جي درگاهه جي مختلف رسمن جو ذڪر ڌار ڌار ڪتابن ۽ مضمونن ۾ اچي چڪو آهي. انهن ۾ ڌمال، ميندي، شادمانو، هسواري ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون رسمون آهن، جن جو ذڪر ڪتابن ۾ ملي ٿو. انهيءَ هوندي به تقابلي مطالعي لاءِ هت ڪن رسمن جو بيان ڪرڻ مناسب ٿيندو.

قلندر جو ملنگ ٿيڻ يا ملنگن جي حلقي ۾ داخل ٿيڻ:

قلندر جي درگاهه جي رسم موجب قلندر جو نئون ملنگ ٿيڻ وقت اهو لازمي هوندو آهي ته ان جو مٿو ڪوڙي، مٿي ۾ ڦليهر وجهي، گودڙي ڏيئي، سڄو شهر پِنائيندا اٿس. ان کان پوءِ ’مُهر‘ لڳائڻ بعد، جنهن ڪافيءَ جو هو طالب ٿيندو آهي ان ۾ وڃي رهڻ شروع ڪندو آهي.

قلندر جي فقيرن ۽ ملنگن ۾، سواءِ ڪنهن مذهبي مت ڀيد جي سڀ مذهب وارا ماڻهو- هندو چاهي مسلمان- شامل ٿي سگهن ٿا. انهن جو لباس به هڪجهڙو ۽ هڪڙو، يعني الفي، گودڙيءَ ۾ جُبو هوندو آهي. هر ملنگ نفيل ۽ ڪشتو ساڻ کڻندو آهي. هر ملنگ ڪنٺا ۽ ڪولابا پائيندو آهي. انهن کي ملنگ ’حلا و صلا‘ به چوندا آهن.

جيڪڏهن ٻڌمت جي بکشوئن جي طريقي جو مطالبو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته قلندر جي ملنگن جون گهڻيون رسمون ٻڌمت وارن بکشوئن جي رسمن ۽ رواجن سان گهڻي قدر ملن ٿيون. بکشو به ڪجهه اهڙي طريقي سان حلقي ۾ داخل ٿيندا آهن، مٿا ڪوڙائيندا آهن، گيڙوئان ڪپڙا پائيندا آهن، صبح ۽ شام گهٽين مان پنندا آهن. ماڻهو کين خيرات ڏيئي پاڻ کي خوش قسمت سمجهندا آهن. قلندر شهباز جي ملنگن ۽ ٻڌمت جي بکشوئن تي تقابلي مطالعي ۽ کوجنا جي وڏي ضرورت آهي.

ڌمال:

ڌمال لفظ اصل ’دمار‘ ۽ ’ڊمار‘ آهي. هي هڪ ٻٽو دهُل هو جو ڍڳي تي رکي شهزادن جي آمد وقت يا شهزادن جي حضور ۾ وڄايو ويندو هو. هن جو واسطو ’شِو ديوتا‘ سان گهڻو آهي. شِو جي ’دمار‘ جي شڪل ”وقت پيما دهلڙيءَ“ جهڙي آهي.

قلندر شهباز جي حضور ۾ وڄندڙ ڌمال جو مقصد به ساڳيو ئي آهي پر هت ڌمال ’وڄت جو اکر‘ آهي، جو ڀيرين تي وڄائيندا آهن. قلندر شهباز کي ’شهنشاهه قلندر‘ به ڪري مخاطب ٿيندا آهن.

ناچ:

ڀير تي ڏؤنڪي يا نوبت جي ٻولن تي ماڻهو مست ٿي نچڻ لڳندا آهن. فقراء جا قدم، ڪنڌ، ڪلها ۽ هٿن جا چنبا لڳندا رهندا آهن. انهيءَ وقت يعني ڌمال وقت ماڻهو مخصوص انداز ۽ مختلف انداز ۽ نموني ۾ نچندا آهن. اهڙيءَ طرح ناچ جي مختلف انداز جا مختلف نالا آهن. جهڙوڪ: مُهر ناچ، ڪلنگي ناچ، قدم ناچ ۽ شينهن ناچ وغيره. انهن مان مُهر ناچ ڪلهي سان ظاهر ڪندا آهن، ڪلنگي ناچ جي خبر ڪنڌ مان پوندي آهي، قدم ناچ پير جي کڻڻ ۽ ڇڏڻ سان ڪبو آهي. شينهن ناچ لاءِ ملنگ يا ناچو شينهن جو چنبو هٿ جي اشاري سان ظاهر ڪندا آهن.

اهڙيءَ طرح هر ناچ جي پنهنجي پنهنجي علامت پڻ آهي. هت ڪي پڙهندڙ يا کوجڪ شايد هي سوال پڇن ته شينهن جي چال يا ڪلنگي چال جو پس منظر ڇا آهي؟ يا شينهن جي قلندر شهباز جي درگاهه سان ڪهڙي نسبت آهي؟ اهي ناچ ڌار ڌار ڪافين جا ملنگ توڙي مريد ۽ منتا مڃڻ وارا نچندا آهن. ڌمال وقت هڪڙي ڪافي قدم واري هوندي آهي ته ٻي ڪافي ڪلنگيءَ واري، ته ٽين ڪافي مهر واري ۽ چوٿين ڪافي چنبي واري هوندي آهي.

شادمانو:

هيءَ دهل جي وڄت جو نالو يا انگ آهي، جنهن جي معنى آهي خوشيءَ جو اظهار، ماستر محمد پريل لکي ٿو (ص 210) ته:

”هيءُ قلندر شهباز جي فقيرن ۽ سيوهاڻين جي نگاهه ۾ شهنشاهي اعزاز آهي. شادمانو هسواري مينديءَ جي سرگس وقت دهلاري وڄائيندا آهن. ان وقت وڄت جو ٻيو ڪوبه اکر وڄائڻو نه آهي.“

وڄت جو هي انداز منفرد آهي.

هڪ خاص رسم جيڪا فقط قلندر شهباز جي درگاهه تي ادا ڪئي ويندي آهي، اها آهي ’نيکيٽي‘، نيکيٽي شاديءَ جي رسم آهي جا اصل ڪنوار جي گهر ادا ٿيندي آهي. اها رسم ڪنوار جو مائٽن جي گهران موڪلائڻ جي رسم آهي.

قلندر جي عرس جا ٽي ڏينهن لڳاتار صبح جي پهر ۾ ڌمال لڳندي آهي ۽ شام جو ميندي نڪرندي آهي. عرس جي چوٿين رات ’نيکيٽي‘ نڪرندي آهي ۽ سڀ ماڻهو لال باغ ۾ ويندا آهن. هت اها ڳالهه سمجهڻ لائق آهي ته نيکيٽيءَ جي رسم جو فقط هن درگاهه سان ڪيئن واسطو رهيو آهي؟

هڪ ٻي رسم جنهن طرف ماستر محمد پريل پنهنجي ڪتاب ”گلزار قلندر“ (ص 206) ۾ ذڪر ڪيو آهي، اها هيءَ آهي ته:

”ڪافيءَ جي سرگروهه جي دستاربنديءَ کان پوءِ فقيرن طرفان ان جي دست بوسي ڪرڻ ۽ قسم کڻڻ ته’آءٌ پنهنجي مرشد جي هر امر جي ۽ هر حالت ۾ اطاعت ڪندو رهندس.‘

هيءَ رسم ٻيءَ ڪنهن به درگاهه تي معلوم نه ٿي آهي. اهڙيءَ طرح الفي پهرڻ، نفيل جو وڄڻ، حال ڌاڳا پائڻ، جنهن کي فقيرانه ڪنٺا ۽ ڪولابا به چون. هن درگاهه جون خاص انوکيون رسمون آهن.

اهي ڪنٺا ۽ ڪوبالا قلندر شهباز جي عرس يا درگاهه جي جاٽ جي خاص علامت آهن. نه فقط جاٽي پاڻ عرس جي موقعي تي اهي ڳچين ۾ پائيندا آهن، پر اهي پنهنجن عزيزن، پيارن ۽ دوستن لاءِ سوکڙيءَ يا تبرڪ طور به وٺي ويندا آهن. عام زبان ۾ انهن کي ’ڳانا‘ چئبو آهي.

هڪ ٻي ڳالهه، جا توجهه لائق آهي سا هيءَ آهي ته سنڌ جا هندو قلندر شهباز کي ’راجا برٿري‘ سڏيندا آهن، جنهن جو واسطو شِو پنٿ سان هو.

اهڙيءَ طرح سنڌ جي ٻين به ڪيترين ئي درگاهن جون رسمون انوکيون ۽ عجيب آهن. مثال طور مڪليءَ تي مخدوم آدم جهڙي برگزيده عالم ۽ فاضل جي ڏهاڙي واري موقعي تي حاضرين ۾ مڇي ۽ ماني ورهائي ويندي آهي. انهيءَ رسم لاءِ به ڪي ڏند ڪٿائون بيان ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح شاهه بندر جي ويجهو سيد حاجن شاهه جي سالياني ڏهاڙي واري موقعي تي انهيءَ ڏانهن مريد ۽ خادم ڪڪڙن جون ديڳيون لهرائيندا آهن يا ڪُنيون ڪندا آهن، ۽ دستور آهي ته جنهن گهر ۾ جيترا مرد ڀاتي هوندا، اوترا نر ڪڪڙ ڪُهبا.

جاتيءَ ۾ مغل ڀينءَ جي درگاهه تي دائما مچ ٻرندو رهي ٿو. اهو مچ هرگز وسائڻو نه آهي. هن مچ کي ’جوت‘ چوندا آهن. درگاهه جي اڳيان جوت دائما جلائڻي آهي ۽ وسائڻي هرگز نه آهي. جوت جو تصور نور سان آهي، اها ئي جوت دريا پير اُڏيري لال جي درگاهه تي به دائما جلندي رهندي آهي ۽ هرگز وسامڻ نه ڏبي آهي، پر اڏيري لال واري جوت ”ڏيئي“ جلائڻ سان جلائبي آهي ۽ مغل ڀينءَ جي درگاهه تي جوت مچ جي صورت ۾ جلندي آهي. بهرحال جوت، جوت آهي، جنهن جي روشني دائما رهڻي آهي.

مغل ڀينءَ جي درگاهه تي هڪ ٻي خصوصيت جا نظر ايندي آهي،ا ها هيءَ آهي ته اتي بيشمار- ٻليون ننڍيون توڙي وڏيون- ڦرنديون رهن ٿيون. ڪوبه ماڻهو انهن جو نالو ڪونه وٺندو آهي، بلڪ هر ڪو انهن جو احترام ڪندو آهي. نه فقط اهو پر جاتيءَ جي شهر ۾ رواج آهي ته درگاهه جي مريدن ۽ ٻين ماڻهن جي گهرن مان انهن ٻلين لاءِ روزانو مڇي ايندي آهي. روزانه مڇي نه موڪلڻ جاتيءَ جي رهاڪن لاءِ بدسئوڻ آهي.

مڇي- مانيءَ جي سُکا ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي درگاهه جي مڃيندڙن وٽ به عام آهي. مريد ۽ مڃيندڙ درگاهه تي سُکا طور مڇي ماني ورهائيندا آهن.

اڏيري لال کي سنڌ جا هندو (اهي چاهي ڪٿي به لڏي ويا هجن) ۽ مسلمان دريا پير ڪوٺيندا آهن. سنڌ جا دريا پنٿي هندو چيٽي چنڊ جي رات هت وڏو ميلو لڳائيندا آهن، ۽ اها رسم هندستان توڙي ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي به ادا ڪندا آهن. ڪي سنڌي هندو هن موقعي تي ٻاهران اچي شامل ٿيندا آهن ۽ پِيرَ جي جاٽ ڪندا آهن. دريا پير جي علامت طور بهراڻا ڪڍندا آهن. ست سنگ ۽ ڀڄن ڀاو ڪندا آهن. جل ۽ جوت جي پوڄا ڪندا آهن. انهيءَ پوڄا ۽ پير جي انهيءَ ڏهاڙي واري زيارت کي هندو ماڻهو عقيدي وچان ”جاٽ“ سڏيندا آهن.

هن موقعي تي درياءَ تي رهندڙ مهاڻا به سلام ڀرڻ ايندا آهن. مٺن چانورن جون ديڳيون لهرائيندا آهن، ۽ دريا پير تي نذر و نياز ۽ خير خيراتون ڪري، سڄي سال جي خير ۽ برڪت لاءِ دعائون گهرندا آهن. انهيءَ موقعي تي هندو جل ۾ اکا وجهندا آهن. هن رسم کي جل جي پوڄا چئبو آهي. هت کوهه آهي، جنهن جي پاڻيءَ جي پوڄا ڪئي ويندي آهي.

اڏيري لال واري جاٽ وارن ڏينهن ۽ ڏهاڙي واري موقعي تي، درگاهه جا سڀ مريد، هندو توڙي مسلمان، درگاهه جي پڙ اندر گوشت يا مڇيءَ جو واهپو يعني رتوڇاڻ ڪونه ڪن.

درگاهه اندر چٽيل تصويرن ۽ ٻي چترڪاريءَ ۾ پير اڏيري لال کي مڇيءَ تي سوار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. درگاهه تي هندو پئنچات طرفان چوويهه ڪلاڪ لنگر جاري رهندو آهي، جنهن ۾ دال ۽ چانورن کانسواءِ سيري جو پرشاد به ڏيندا آهن. هن درگاهه جي رسمن سان ڪئين ڏند ڪٿائون منسوب آهن.

جل (پاڻي جي پوڄا جي رسم، قلندر شهباز جي درگاهه جي رسمن مان به هڪ آهي. لال باغ تي لال جا ملنگ ۽ جاٽي سڄي رات هستي ۽ مستي توڙي وجد جي ڪيفيت ۾ گذاريندا آهن، اتي ماڻهو جل جي پوڄا ڪندا آهن. ڪي آستاني جي پوڄا ڪندا آهن ۽ ڪي جسم کي خاڪ لائيندا آهن.

اهڙيءَ طرح منگهي پير جي درگاهه تي واڳن جو احترام ڪرڻ، انهن کي خوراڪ ڏيڻ ۽ اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي رسمون ڏند ڪٿائن سان ڀريل آهن، جن کي اڃا گڏ ڪري لکڻ جي صورت ڪانه ڏني ويئي آهي.

حاصل مطلب ته سنڌ جي ماڳن ۽ مڪانن، درگاهن ۽ آستانن سان واسطيدار ريتن رسمن ۽ ڏند ڪٿائن جو اڀياس اڃا اڇوتو رهيو پيو آهي. هي اڀياس سنڌ جي سماجي اڀياس سان دلچسپي رکندڙ ماهرن لاءِ عموماً ۽ علم الانسان جي شاگردن لاءِ خصوصاً ڏاڍو دلچسپ رهندو.

سنڌ جي تاريخ جي هن بي بها خزاني کي گڏ ڪرڻ جي نهايت ئي گهڻي ضرورت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com