سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :34

سنڌ جو سپوت

شيخ عبدالمجيد سنڌي

(1889ع-1978ع

1989ع- سؤ سال جنم

 مٺا خان، مقبول احمد، وحيد علي، ڍول فقير حسين بخش خادم، عبدلواحد جمالي ۽ محمد جمن راڳ ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي ثقافت کاتي طرفان شاگرد مقبول احمد لاءِ تعليم لاءِ پنج سئو رپيا ماهوار هڪ سال لاءِ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.

بعد ۾ سنڌ جي گورنر شاهه جي باغ ۾ ٻوٽو لڳايو.

ڀٽ جي ميڙي ۾ هر سال کان هن سال عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ ادبي ڪانفرنس ۾ اهڙن ممتاز، سينيئر ۽ مشهور عالمن ۽ دانشورن کي پڻ ڪوٺ ڏني ويئي هئي، جن کي اڳي ياد ڪونه ڪيو ويندو هو. ٻيو ته ثقافت کاتي طرفان جنهن بهترين سٽاءَ ۽ رٿا موجب آڊيٽوريم ۽ نظم ۽ ضبط پيدا ڪيو ويو هو، اهو پڻ تحسين جي لائق هو. جنهن ۾ کاتي جي سيڪريٽري، محترمه مهتاب اڪبر راشديءَ جي ذهانت ۽ دلچسپي، تندهي ۽ جانفشاني کي وڏو دخل حاصل آهي. ميلي جي پڄاڻيءَ تي سنڌ ثقافت کاتي جي عملدارن، فنڪارن ۽ صوبائي صلاحڪار جناب ارباب وزير احمد ميمڻ جي سربراهيءَ ۾ شاهه سائينءَ جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعائون گهريون. اهڙيءَ طرح ٽي سئو ساله جشن ولادت جون تقريبات باقاعدي شروع ٿي ويون، جيڪي ايندڙ عرس تائين جاري رهنديون.

- الهه بچايو ميمڻ

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com