سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :16

”هان... هان... ڪاڪا جلال- واڱڻ کائيندين.“

اوچتو پنهنجي چِڙ وارا لفظ ٻڌي ڇرڪي ڪنڌ مٿي ڪري ٻارڙن ڏانهن تڪڻ لڳندو. سندن هٿن ۾ جنسي واڱڻ ڏسي، تهائين وڌيڪ چڙ وٺي ويندس. هو رومڙ ڪري هڪلائيندو:

تڏهن خوف وچان ٽاهه کائي ٻارڙا ٻاهرين در تائين ڀڄڻ لڳندا ۽ پوءِ ٻيهر ساهه پٽي هٿن ۾ واڱڻ نچائيندي پنهنجي سُريلي آواز ۾ لانڍ ڪندي چوڻ لڳندا.

”واڱڻ پڪو واڙيءَ ۾، نوڙ جلوءَ جي ڏاڙهيءَ ۾، واڱڻ پڪو... واڱڻ پڪو...“ پر جي ڪو ٻارڙو پڪڙجي پيو، پوءِ ته ائين لڳندو اجهو ڪي اجهو ٿو ڪُهيس.

”اڙي، مانکي وٺي ڏيو هيڏي، اڙي مجيد مانکي ڪهاڙو تِکو ڪري ڏي، مانکي ڦوڙاٽي کڻي ڏي... ٻڌاءِ ٻڌاءِ ڪندين اڳنا، اڳنا چوندين اڳنا...“

”پوءِ مانکي ننڍڙي گاڏي ڇو نه ٿو ٺاهي ڏين، اون- اون“ ٻاڙو روئيندي اکيون مهٽيندي چوندو، تڏهن کيس ڀاڪر ۾ ڪندي ٻاجهه ڀريو هٿڙو گهمائيندي.

”پوءِ چوندو ڇو نه آهين، چوندو ڇو نه آهين ڀيٽو، هاڻي او هُتِ ٿي ويهه ته توکي گاڏي ٺهي ملي، ڀلا پڻهين کي چاڙهيندين، ماڻهين کي ڪن پنهنجي ڪنوار کي.“

”مان، مان ته هن نوري سان گوءِ رٿندس، مان...“

”چڱو چڱو، هاڻي ڇڏ ني روئڻ کي. ادا مجيد ڏِس ڪو تختي ٽڪر ٺاهي ڏي مڙس کي گاڏي، پر شرط کٽين ته اڌ ڏئي وڃجانءِ، ها، ٻڌءِ نه...“

ائين ئي زندگيءَ جي گوءِ ۾ هڪڙي هارايو ته ٻئي کٽيو. ان هارائڻ ۽ کٽڻ جي ريس ۾ ٻنهي طرفين ڪنهن به قسم جي ڪا شعوري ڪوشش ڪانه ورتي وئي هئي، پر فطري ۽ ارتقائي طرح اهو عمل جاري رهيو. دڪان توڙي گهر مجيد، جلال جي جاءِ ولارڻ لڳو. جلال کان وڌيڪ مجيد جي پرگهور ٿيڻ لڳي ۽ هڪ کي وساري.

ٻئي جا ڳڻ ڳائي

هڪ جو مُلهه گهٽائي

ٻئي جو اگهه وڌائي

هڪڙي جي تصوير مٽائي

ٻئي جي تصوير سجائي

وقت وهڪرو پيو بدلائي!

هاڻي جتي ڪٿي اوستي جلال بجاءِ مجيد پڪارجڻ لڳو هو ۽ اها ردو بدل ته مرهيات جي جيئري آخري ڏينهن ۾ ئي عمل ۾ ايندي رهي هئي. جلال جي کٽ وٺي رهڻ کان پوءِ ائين ته ٿيڻو ئي هو. سڄو ڏينهن دڪان کان پوءِ گهر سان منهن، ڍڳيءَ سان منهن، ڍور سان منهن، ڪنهن وقت جي مانيءَ کائڻ تي دير لائيندو ته پوڙهي هلي اچي کيس سڏي ويندي.

”ڇو، ابا ڇو ڳڀو کائڻ نه آيو آهين، هُتِ اَجو ڏسي ڏسي... يڪو در ۾ اکيون، آيو ڪي ڄاڻ آيو. هو بيمار ته بيمار پنهنجي ليکي پيو ٻه ٻه هٿ اُڏامي ته ڀائين ’هن وکت تائين ماني نه کائڻ آيو آ؟“

”ها، بس.“

”ها، بس ها، بس اٿ، ڇڏ ان ٺُڪ ٺُڪ کي، بُسري ٺري ويندي ته پوءِ...“

”ناني، ڏاڍيون ته اوستي کي بُسريون ٿي کارائين، ڀلا ملهه ته نه ويڙهائيندينس؟“

”اڙي ابا توکي شابس آ، سڄو ڏينهن ٿو ڪاٺ ڪٽي، پوءِ جي پيٽ ۾ سڻڀ نه هوندس ته... اٿم ابا اهو اکين آڏو هڪڙي ٽانکي تنهن کي نه کارائيندس ته ٻيو وري...“

”ناني ڀلا ڪڏهن ٿي ڀَتُ کارائين؟“

”ابا دعا ڪيو جڏي ته رب ڪريس ڪٿي موکُ، منهنجون ته ڌڻيءَ در رات ڏينهن دعائون آهن.“

۽ اهڙن دعائن جي سمي، جڏهن گهر ۾ پير پائيندو، تڏهن پوڙهيءَ کان رڙ نڪري ويندي.

”اڙي سدائي جُڙيا، تنهنجي به ڪا وڏي حياتي آ، اصلي هاڻي هاڻي پئي تنهنجو ذڪر ڪيوسي.“

”امان خير ته آهي.“ جو ڇوڏن جي پٺاڙڪ چلهه ڀرسان اڇلائيندي مرڪي چوندو.

”ها ها ٻچڙا، رب خير ڪندو، ڀلا ٻڌاءِ دکان ڪنهن جي آسري؟ ائين ته نه پٺيان... اڄ ڏسين ٿو هٿ کس لڳي پئي آهي، جي ڏِس ته چرچو پر جي نه ڏِسُ ته ساڀيان...“

”دکان تي ويٺا آهن ماڻهو.“ هن پريان چادر ڇنڊيندي چيو هو.

”کڻي اچان ماني.“

”ڇو، بک نه لڳي هوندس ڇا؟“ جلال ستي ئي چيو هو. پوءِ مجيد سان مخاطب ٿيندي چيو هئائين:

”ميان، ٻي ڳالهه ٻڌ. رن آ جو ڄنڊا ئي پٽي وئي آهي. ڀائين ’منهنجي موڀي پٽ کي پرڻاءِ ته ڪا پڇاڙيءَ ۾ اچي نُهڙي سُکُ ڏي.“

”ڏائڻ، تون ڇو ٿي اَرهي رهين.“

”مان ٿو چوان ڪهڙا رکيا ٿي سڱ لاءِ ٽَڪا، جو سڱن جون ٿي ڳالهيون ڪرين. سڱ ته گهُرن ٿا ڇڄ ٽَڪن جا، اهي ڇڄ... هڙ ۾ ٽڪو ڪونهي جو ڪا هريڙ وٺي ڦڪي هڻجي، کوڙ ڏينهن کان ڏسين ٿي تِيڪِيان ٿو، ناهي ڪا هڙ ۾ ٽيڊي پائي جو...“

”استاد، اڄ هڪڙي هنڌان پئسن جو دلاسو مليو آهي. مڙئي رک الله تي جي ملي ويا ته صبح...“

”هِن پاڻ واري ڏاڪدر جي ته لڳي ئي نٿي. چوان ٿو ته نئون ديري مان حاجي ساد الاهه کي پاڻ ڏيکاري اچان، ڏاڍو چڱو ٿو ٻُڌجي. ڀائين ڏاڍا ماڻهو ڇٽايا ٿائين.“

”پوءِ سادلاهه کان ئي سهي، پوءِ شام چوان ڪنهن کي گاڏيءَ لاءِ.“

”نه، ابا سوال آ ويچارو ڪو مڃي نه مڃي... مڙئي هوريان ڏاڍيان لالوءَ واهه تائين رڙهي ويندس. اڳتي ته سواري لڳي پئي آ، هڪ نه ٻي...“

پوءِ جڏهن بيماري هلڪي به ويساهي ڏيندس، تڏهن ويهڻ ڪونه ايندس. سوير ئي اٿي سنج سنڀالڻ لڳندو، اوزار ٺپڻ لڳندو، تڏهن مجيد جلدائيءَ مان کٽ تي اٿي ويهندو.

”استاد، صبح مردان سان تهان کي ڪنهن وڌو آ انهن خفن ۾. ڇڏيوس، ماڻ پاڻهي... اڃان مس مس ته ڪنڌ کنيو ٿي.“

”نه نه مان هاڻي ٺيڪ آهيان، تون هاڻي هيئن ڪر جو مانکي اوزارن جي پيتي دکان ۾ رکرائي پوءِ کڻائي آڻي ڏيس پلال جي ٻنڊ، اجايو ساسي ٿو بک مري.“

”آئون کائيندا سي ڇا“ پوڙهيءَ ستي ئي منهن تان رلهي پري ڪندي چيو هو ”اٽو ويو آهي کپي، اڌارو به ڪير ڪيترو ڏيندو. اڄ تون ٺيڪ به آهين ته پوءِ مجيد کي ڇڏ ته اٽي لپ پينهرائي آڻي ڏي.“

”تنهنجي هٿن مان به ڏينهون ڏينهن الائي ته ڪهڙي برڪت. تنهن ڏينهن ته اَٽو پيسجي آيو آ.“

”منهنجي وري ڪهڙي ماءُ ڀيڻ ويٺي آ، جنهن کي چوريءَ ڇپيءَ کڻي ٿي ڏئي اچان. اهو کائو پنهنجي پيٽ ۾ ٿا، مان کي ڇو ٿا سهايو.“

”امان، تهان اجايو ٿا ڳڻتي ڪيو، مان پاڻهي ٿو سڀ سان منهن ڏيان.“

ائين ئي هڪ جي هٽندي ٻئي جي منهن ڏيندي ڏيندي ڪيئي ورهيه لنگهي ويا، ڪيئي سال گذري ويا. زندگيءَ جي به ڪهڙي نه جاڙ چئبي، جنهن ڏني صرف بک، ڏک، چڙ، بخيلائپ ۽ ورتو ته سڀ ڪجهه ورتو. جواني، هستي مستي.

پوءِ ڪنهن جو نبيہ ڪنهن سان!؟ ڪنهن جو ساٿ ڪنهن سان؟ هر ڪو آيو به اڪيلو، ويندو به اڪيلو. رهندو وڃي هڪ نانءُ الله جو، فاني ڙي فاني دنيا هيءَ فاني.

آخر هڪ ڏينهن اهو به آيو، جڏهن ٻئي هڪ پراڻي هَڏ به ٽَڙڪو کاڌو. هڪ ٻئي جيؤ به هلڻ جا سانباها ڪيا ۽ وڃڻ وارا ويندا آهن، رهي رهندا ڪيترو.

اڄ پڻ وايون ڪن وڻجارا وڃڻ جو،

هلڻ هارا سُپرين رُئان تان نه رهن،

آءٌ جهلينديس ڪيترو آيل سامونڊين،

پڳهه ڇوڙي جن وڌا ٻيڙا ٻار ۾.

آخر هڪڙو ڏينهن اهو به آيو، جڏهن پوڙهيءَ پنهنجي ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جا سڙهه سنواريا. پوڙهيءَ چالاڻي کان ڪي کن اڳ شايد موت سان ڇتي ويڙهاند ۾ آخر هارائي بي ساهي جهيڻي آواز ۾ پاڻي گهريو هو. شايد اهو آخري جام سندس هن ڌرتيءَ تي رهيل هو، جنهن کي واپرائڻ لاءِ ترسيل هئي.

مجيد کيس ڀاڪر ۾ ڪري پاڻيءَ ڍڪ پياريو هو. تنهن بعد پوڙهيءَ وقفي وقفي سان هلڪي جهيڻي آواز ۾ ڀڻڪيو هو.

”ٻچڙا سَرئون سَرِ هوندين، وڌندين، وسندين... مان نڌڻڪيءَ سان... هيڏا ڳن ونجهه. مان سان ههڙا ڀال... اهي تنهنجا احسان ڏينهن قيام تائين... امڙ، تهان کي به لک شابسن جا...“ ڀر ۾ بيٺل ٽهل ٽڪور ڪندڙ ڪنهن پاڙي جي عورت سان مخاطب.

”ناني، رب هَڙسَ جو ڏيندءِ، جُڙينءَ پنهنجي مَجڻ سان. خيرين صلين... اسان کان اڃا ته ڪاڪي جلال ۽ تنهنجيون مهربانيون ڪين وسريون آهن. اڃا ته اکين ۾ ديد آهي.“

”امڙ پيش پرينءَ... هن، هن منهنجي ٻچڙي جي پارت... هن کنگهندي کنگهندي وڏا وڏا ساهه کڻندي چيو هو ۽ پوءِ بي ساهيون اکڙيون ڦيرائيندي مجيد ڏانهن نهارڻ جي پوري ڪوشش ڪئي هئي، ائين ڄڻ کيس سڃاڻيندي هجي. مجيد ان وقت ڀڄي پيو هو. سندس اکين مان ٽم ٽم ڪري ڳوڙها ڳڙي سندس سيني تي ستل پوڙهيءَ جي پيشانيءَ کي پُسائيندا رهيا هئا ”نه روءُ ٻچڙا نه روءُ، مان ڪاڏي وئي آهان، اجهي توسان ته گڏ... پٽڙا مرڻ ڪو مهڻو ڪونهي، پير پيغمر به... پر، پر ٻچڙا هاڻي اچي... مانکي آخري ٽيم ۾ اجائي اهڙا سور ته نه ڏي... هاڻي اچي ڪُپڙيءَ مان ڪڻا داڻا کُٽا آهن، ڪهڙي خبر... ڪهڙي خبر ڪڏهن ٿو دم نڪري، موت جا مارون... موت جا مارون اچي مٿان بيٺا آهن، ها ها، الائي اڄ الائي... ڪهڙي خبر ڪهڙي خبر، هڪڙو سو اندر ۾ ارمان رهجي ويم... ارمان رهجي ويم، توکي گهوٽ ٿيندي ڪونه ڏٺم، توکي موڙ ٻڌندي، ميندي لائيندي، سهرا ڳائيندي...“ چوندي چوندي هن روئي ڏنو هو ”در تي هڪڙي ٽنگڙي بيٺي ٿي، ٻي جاءِ جي ٽِڪري... اها جاءِ ڪا قبر ڏي ڪانه.. ڪانه کڻي ويندس، جي ماءُ سمجهين ته اڄوڪا اکر ياد رکجانءِ هن پنهنجن ڪکڙن مان... هن غوطا کائيندي ڳالهايو هو ۽ پوءِ مجيد کيس سيني تان لاهڻ جي ڪوشش ۾ ڀنل اکڙين سان پوڙهيءَ جا ڳوڙها اگهندي چيو هو.

”امان، اڄ الائي ڪهڙيون ٿي ڳالهيون... ترس ته مان دوا جي اُڃر کڻي اچان.“

تڏهن پوڙهيءَ اکين ئي اکين ۾ التجا ڪندي ڳوڙها ڳاڙيندي چيو هو.

”نه نه، اهي ڪوڙيون دوائون، ڪونين جون گوريون کائي کائي اندر ئي رَجهي ويو آهي... هاڻي آخري وکت ايذاءَ نه ڏي، گهڻو سَٺو ٿمِ...هاڻي ته نٿي مران نٿي منجو ڇڏيان. بس بس، هاڻي، هاڻي تون، ماکي نه ڇڏي وڃ ٻچڙا، نه ڇڏي وڃ... ٻچڙا منهنجا آخري حرف دل تي رکجانءِ. هنن ڪکڙن مان نه نڪرجانءِ، مُئي مرهيات جي پيرانديءَ کان رکجانءِ... پرڻي جا ٻه ٽي ڳهه واليون ۽ نَصيبِن جو جوڙو حاجي راجل وٽ... امانتون ٽاري رکيا هئم ته جيئن ڪفن اڳڙي ته نصيب ٿئي. اهي، اهي ان کان.... وٺجانءِ. بس ڪلهي ڪانڌي. ڪلهي ڪانڌي ٿِجانءِ ته قبر ۾ سک ماڻينديس. چوندي چوندي هن ڍنڍڪران ڏئي رنو هو ۽ پوءِ مُني رات تائين سڏ نه واڪو، سکڻا گونگا ڳوڙها، اکين مان وهندڙ درياءَ پاڻيءَ جا ۽ وهندي وهندي صبح صادق ٿيڻ تائين اهي درياءَ به بند ٿي ويا هئا. انهن دريائن کي به ٻنڊا اچي ويا هئا، ائين ئي اندر جا ارمان اندر ۾، ساهه جا سور سيني ۾ دفن ٿي ويا هئا، تنهن بعد ماني منهه، جماڻا، چانڊاڻا، ختما کڙا، اوڙي پاڙي وارن جا دلاسا دلداريون ۽ ان ڏوجهري مان اڃان نڪتو ئي ڪين هو. ان ماتم مان اڃان پالهوئي ڪين ٿيو هو جو اهڙي نازڪ وقت ۾ اهڙي غم ۽ اندوهناڪ وقت رئيس جو نياپو آيو هو. نياپو، سو به سولن لفظن ۾ نه پر ڳجهارتي انداز اپنايل، نياپو ڇا هو، بس اهو ئي ته:

”رئيس چيئه سيگهه ۾ اچ. توسان ڪجهه ضروري ڳالهائڻو آهي، ها متان دير ڪرين. ڀوتار تنهنجي انتظار ۾ ويٺو آهي.“

هن پوءِ ڪافي وقت ان ضروري ۽ غير ضروري لفظن جي دُهراءَ تي سوچيو هو، هڪ خسيس ڊکڻ، جنهن جو ڪم ئي ڪاٺ ڪُٽڻ، جنهن جي گهر مان اڃان تڏو ئي نه کنيو هجي. ان سان ڳالهائڻ سو به ضروري. آخر اهو ڪهڙو مسئلو آهي جنهن تي رئيس ڳالهائڻ ٿو چاهي؟ اهو ڪهڙو سُٽ آهي جيڪو هن کانسواءِ کلي نٿو سگهي، ۽ اها ڪهڙي....!؟ تمام گهڻي سوچڻ جي باوجود ان نياپي ڏيندڙ جي لهجي ۽ نياپي وارن اکرن جي آڳي پيڇي تي سوچيندي، اهو سچ هو ته هن کي ان ضروري ڳالهائڻ وارو معاملو سمجهه ۾ نه آيو هو. تڏهن ٻيا سڀ ڌنڌا اڇلائي، اوزارن جي پيتيءَ کي ڪُلف ڪڙن ۾ بند ڪري پٺيان وڃي رئيس کي سلامي ٿيو هو. ان وقت رئيس پن جي ٻيڙيءَ مان وڏا وڏا سوٽا هڻندي مُڇن کي خضاب سان رنگ ڪري رهيو هو ۽ ٻيو ويٺو هو اهڙو ئي رئيس جهڙو، جي رئيس جهڙو نه ته ڪنهن پاڙي پنبي جو ئي لاٺِڙيو پريو مُڙس. مجيد اچڻ سان ئي سلام ڪري رئيس کي جهُڪي هٿ ڏنو هو. ائين بس ڪُتي پير نوسي وئي ۽ پوءِ هٿ ۾ جهليل آئيني ۾ ئي نهاريندي رئيس پڇيو هو.

”ميان، مجيد آهين ڪٿي، اسان آهيون جو سنڀالي سنڀالي...“

”بادشاهه جي سِرَ بخت ڏي خير!“ مجيد نيازمندي ڪندي پڇيو هو.

”ها، اچ، اهو موڙو سوري ويجهو اچ.“ پوءِ جڏهن مجيد ويٺو ئي مس هو ته رئيس ڳالهايو هو.

”مان توکي ان ڪري سڏايو جو، جاڪون جو ڪراڙي مئي آهي، تاڪون جو ڏسڻ ۾ ئي نه آيو آهين.“

”بس ڀوتار، هئس کَفِڙتال ۾، ڀلا بار جو اچي ويا سر تي پوءِ...“

”بيشڪ بيشڪ، ها يار هر ڪنهن کي هلڻو آهي، ڪي اڳي ڪي پوءِ، هرڪو ويندو پنهنجو وارو وڄائي.“ هن مڇن کي رنگ ڪندي چيو هو.

”بس ڙي سائين، جو گهڙو ٺهيو آ، سو هڪ نه هڪ ڏينهن نيٺ ته ڀڄي.“ ڀرسان ويٺل چلم ڇڪيندڙ پرئي مڙس افسوس ظاهر ڪندي چيو هو. ”ميان، توکي لک آفرين آ جو ويچارن نڌڻڪن جي سار سنڀال لڌءِ، نه ته اڄ ڪير ٿو ڪنهن جي ڪري.“ هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو هو.

”ڀوتار، چڱن کان چڱائي ئي پڄندي آهي. ويچارن اوهان سان به ڪو پوئيون پير ڪونه ڏنو. هرو ڀرو خدا سان ڪم پوندو. آنجهيءَ مانجهيءَ رڳو نياپي ڏيڻ جي ويرم.“

پوءِ اسان به ته مٿن ڪک ٻيو ڪونه سَٺو. ڏٺئي پاڻ، مينهن چورائجي وين ته ٻيڻي ٻانهن ڪري به مينهن موٽايم. ڏسڻ وارا دنگ رهجي ويا. لکن جي عزت مٿي ڪن ڀونگي جا ٻه، ٽي ڏوڪڙ ۽ ڇا انهن ڏوڪڙن ڏيندي اوستي جن سڃا ٿي ويا؟“

”نه ڀوتار، لکن جي عزت. ماڻهوءَ جو آهي ئي نانءُ نيڪي، پيسا، پيسا ٿي ويندا. پيسن کي اسان ٿا ڪمايون يا پيسا اسان کي.“

مجيد چپ ڪري ويٺي سڀ ڪجهه ٻڌو هو. پنهنجن جو ذڪر ٻڌندي ئي غمگين ٿي وقتي طور رئيس جي زهريلي نياپي کي به وساري ويٺو هو. نيٺ رکي رکي رئيس ڦاٽ کاڌو هو ”بس، ڙي يار، هر ڪو پنهنجو وارو وڄائي ويندو. هت رهندو وڃي رڳو نانءُ الله جو. جي ڳالهيون ڪبيون ته کٽنديون ئي ڪونه، ان ڪري وٺ ڪم جي ڳالهه کي. ابا مجيد پوءِ ڪڏهن ٿو خالي ڪرين جاءِ؟“

”هائو يار، سچ به ڀوتار کي ڏاڍي سوڙهه آهي. وڳُ مينهن جو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. برڪت پوندي پئي وڃيس، جهُڳڙي خلاسي آ، هٿئون پاڻ ڀُتيءَ گاهه مُٺ رکڻ جو به سک ٿي پوندس.“

رئيس ۽ پوءِ پرئي مڙس جا لفظ ٻڌي ڇرڪي ويو هو. هن جي چهري تي پيڙا سان گڏ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا پاڇولا اڀري آيا هئا. هن جي لاشعور ۾ ويٺل ڊپ ڀڙڪو ڏئي ظاهر ٿي پيو هو. هن جو قياس درست هو. هن جو انديشو سچو ثابت ٿيو هو، پر پوءِ به ڪڇيو ڪين هئائين. پرئي مڙس ٻيهر ڳالهيو.

”ابا ڳالهائين ڇو نٿو، ڀوتار توسان آهي.“

”مانکي ته ڪجهه سمجهه ۾ ئي نٿو اچي.“ هن پوءِ هلڪو ڪروڌ ظاهر ڪندي چيو هو ”جڳهه خالي ڪيان ۽ ڪهڙي حساب ۾، مان ئي سندن وارث....؟“

”ڪهڙي حساب ۾...؟ هههَ هَههَ ٻڌائينس، ٻڌائينس ميان هدايت الله.“ رئيس آئيني ۾ ئي ڏسندي ٺٺول ڪندي چيو هو ۽ پوءِ هدايت الله سمجهاڻي ڏيندي چيو هو.

”ابا، چڱن مڙسن سان اهڙا سوال جباب نه ڪبا آهن. تون جوانڙو آهين، مڃان ٿو تنهنجي رت ۾ جوش آ پر... ۽ انهن سوالن جبابن ڪري ته رب سائينءَ شيطان ابليس کي ٿڏي جنت کان هڪالي ڪڍيو، جيڪو ڏينهن قيام تائين لعنتي ڪوٺيو ويندو.“

”پر چاچا، مانکي ته ڳالهه سمجهه ۾ ئي....“

”ميان ڳالهه سمجهائڻ جا ٻيا به طريقا آهن، تون متان ڀُلندو...“ رئيس معنى سان پُر لفظ ڳالهائيندي هڪ قسم جي ڌمڪي ڏني هئي، جنهن کان جيتوڻيڪ مجيد دٻجي ويو هو پر پوءِ به پاڻ روڪي ڪين سگهيو هو.

”پر سائين، هن ته مانکي پنهنجي اولاد کان ڪو گهٽ ڪونه گهريو.“

”ها ۽ تو به کين گهٽ ڪونه گهريو. ٻئي لئي ڪفن دفن... پر تو ان تي به ڪڏهن ويچاريو آهي ته تون سڱ ۾ سندن ڇا ٿئين؟ توسان سندن ڪهڙي مائٽي؟ تون ڪهڙو سندن پيڙهه بُڻياد؟ راڄ جو لٺ ڌنار ته ڀوتار ئي آهي، راڄ ڌڻي ته ڀوتار ئي آهي.“

”ها، جي مرهياتن کي پٺيان هجي ها ڪو ٻار ٻچو، پوءِ ته ٻي ڳالهه هئي. پر جي نه ته... تون ڌاريو ست ڊوهيءَ وارو تنهنجو ڪهڙو حق؟“ پرئي مڙس رئيس کان ٻه قدم اڳتي نڪرندي کيس سندس حيثيت ياد ڏياريندي چيو هو، تڏهن رئيس مرڪندي چيو هو.

”ير، تون ڪو سمجهائينس، باقي هن کي به قاعدن قانونن جي به پوري طرح خبر ناهي.“

”ها، ڳوٺ جو پڳدار رئيس، ڪن تون؟ هي ڳوٺ ته هنن جي ميراث آهن، جن تي ستن پيڙهين کان وٺي راڄ ڪندا اچن. هنن پڳدارن جي رضامنديءَ کان سواءِ ڪو به سندن ڳوٺ ۾ رهي نٿو سگهي. سڀڪو سندن رحم ڪرم جو محتاج. هي ته جنهن کي چاهين، جيارين، مارين يا جيئري ئي آڙاهه رسائن...“ ۽ نهايت پنهنجائپ واري انداز ۾ ”ڏس سياڻو ٿيءُ، اجايو فشري ڪا چڱي آهي؟ رهيو تنهنجو سوال، تون ڪٿي به ٻه پَڃَر رکي مٿي ڇانؤ ڪري سگهين ٿو. تون ڇڙوڇاند ڪلهي تي پاند، توکي ڪهڙي ويٺي آهي رن روڳڙي.“ تنهن بعد هن هڪ اکر به نه ٻوليو هو. بس خاموش ئي خاموش اوطاق مان نڪرڻ لڳو هو، پٺيان پرئي مڙس هڪلايو هو.

”تون فڪر نه ڪر، رئيس تنهنجي به ڳڻ ڪندو، نيٺ ته راڄ جو ابو اما آهي. پر ان جاءِ کي جيئن صبحوڪي سچ ۾ خالي ڪرين، ڀوتار کي ڏاڍي تڪليف آهي. باقي اها ڀوري مينهن سا شام ئي ڀوتار جا ماڻهو ڪاهڻ ايندءِ. پر متان ڪن لاٽار ڪرين ۽ پوءِ اجايو سجايو وجهين پاڻ کي جهَولَ ۾.“

اوطاق مان نڪتي کان پوءِ هن کي ائين ڀاسڻ لڳو هو، ڳوٺ جا گهٽيون، گهر ۽ وڻ ٽڻ ڄڻ هوا ۾ ڦرندا هجن، جن سان گڏ پاڻ به هوا ۾ ڦيريون پائيندو هجي. بس ڦيريون ئي پائيندو هجي! قلابازيون ئي ڏيندو هجي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com