سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :33

- عبدالحميد مڱريو

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو عرس

دنيا جي عظيم شاعر، سنڌ جي سدا حيات صوفي ۽ بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو 245 هون ساليانو عرس مبارڪ نهايت عقيدت ۽ احترام ۽ جوش جذبي سان ڀٽ شاهه ۾ ملهايو ويو. هن سال عرس جون ٻه خاص اهميتون هيون. هڪ ته جمهوريت جي بحاليءَ کانپوءِ عوامي حڪومت جي دور ۾ پهريون ڀيرو عرس ملهايو ويو، جنهن جو پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم افتتاح ڪيو هجي. ٻيو ته شاهه صاحب جي يوم ولادت جي حوالي سان ٽي سئو ساله (1689- 1989ع) جشن ولادت جون تقريبات باقائدي شروع ٿيون ان سلسلي ۾ سنڌ سرڪار جي ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان هلندڙ سال کي ايندڙ عرس تائين ”لطيف جو سال“ ڪري ملهايو پيو وڃي. هن سال به عرس جي پهرئين ڏينهن سڄي سنڌ ۾ عام موڪل هئي ۽ ٽپال کاتي طرفان ميلي جي موقعي تي شاندار ٽپال ٽڪلي جاري ڪئي ويئي هئي.

وزيراعظم پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ميڙي جي پهرئين ڏينهن (16 نومبر) تي ڀٽ شاهه پهتي. ساڻس گڏ وزيراعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه، وفاقي وزير مواصلات مخدوم محمد امين فهيم، وفاقي ۽ صوبائي وزير، محترمـﮧ مهتاب اڪبر راشدي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت سنڌ، قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر به اتي پهتا. هن پهرئين ڀٽ ڌڻيءَ جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهي فاتحا پڙهي، عرس تقريبات جو افتتاح ڪيو. درگاهه شريف تي کيس اوقاف کاتي طرفان قرآن شريف پيش ڪيو ويو. هن اتي غريب ۽ بيواهه عورتن ۾ وڳا پڻ ورهايا. بعد ۾ هُن ”شاهه جو باغ“ ۾ ٻوٽو پوکيو. کيس ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي طرفان ڪيل افتتاح جي تختي ۽ عجائب گهر ۽ آرٽ گئلري ڏيکاري ويئي.

وزيراعظم ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي آڊيٽوريم ۾ جيئن ئي داخل ٿي ته عوام سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. تقريب جي ڪاروائي سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽري محترمـﮧ مهتاب اڪبر راشدي هلائي. تلاوت ڪلام پاڪ مولوي عبدالقيوم پڙهي. بعد ۾ سياحت ۽ ثقافت بابت وزيراعلى جي صلاحڪار ارباب وزير احمد ميمڻ آجيان جو خطبو پڙهيو ۽ مسئلا بيان ڪيا. وزيراعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه پنهنجي تقرير ۾ چيو ته عوام حڪومت سنڌي ادب ۽ ثقافت سان محبت رکي ٿي ۽ شاعرن ۽ اديبن جي ڀلائيءَ ۽ علاج معالجي لاءِ اپاءُ اختيار ڪيا ويا آهن. هن چيو ته شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ پرامن جدوجهد جو درس ڏنو آهي. هن چيو ته شهيد ڀُٽي جي نياڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي عوام کي حق ضرور ملندا.

ان موقعي تي ارباب وزير احمد ميمڻ وزيراعظم کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ اوڍائي ۽ سنڌ ثقافت کاتي طرفان شايع ڪيل ڪتابن جو سيٽ پڻ پيش ڪيو. هن سنڌ جي وڏي وزير کي به اجرڪ اوڍائي. ان موقعي تي مواصلات واري وفاقي وزير مخدوم محمد امين فهيم وزيراعظم کي يادگار ٽڪليءَ جو فريم پيش ڪيو. وزيراعظم کي شهيد ڀُٽي جو ٺاهيل پورٽريٽ پڻ پيش ڪيو ويو. وزيراعلى جي اطلاعات بابت صلاحڪار اقبال حيدر به وزيراعظم کي اطلاعات کاتي پاران شايع ڪيل ”ڀٽائي“ ڪتاب جو تحفو پيش ڪيو.

وزيراعظم محترمـﮧ بينظير ڀٽو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سنڌ محبت جي سرزمين آهي. لطيف محبت جو پايو وجهندڙ آهي، جنهن ظلم خلاف جدوجهد جو درس ڏنو آهي ۽ اها ئي تلقين اسلام به ڪئي آهي. اسان کي اهڙو معاشرو قائم ڪرڻو آهي، جتي امن هوندو، ظلم جو خاتمو هوندو، ڪوڙن ۽ ڦاهين جو نظام نه هوندو. هن مارئيءَ جي ڪردار کي خراج عقيدت پيش ڪندي پاڻ کي لطيف جي پانڌياڻي ڪوٺيو ۽ چيو ته عوام جي ساٿ سان آئيندي به قهر جو ڪوٽ ڪيرايو ويندو. هن چيو ته لطيف جو پيغام رنگ ۽ نسل کان مٿي آهي. هن چيو ته لطيف جي پيغام کي عام ڪيو ويندو. وزيراعظم ڀٽ شاهه تي اوپن ايئر ٿيٽر لاءِ 25 لک رپيه ۽ تحقيقي ڪم لاءِ ڏهه لک رپيه عطيو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وفاقي وزير تعليم سيد غلام مصطفى شاهه ثقافتي سرگرمين لاءِ تعليم کاتي طرفان پنجاهه هزار رپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو. بعد ۾ موسيقيءَ جو پروگرام ٿيو، جنهن ۾ قربان علي ۽ ساٿين، ڍول فقير، موهن ڀڳت، محمد يوسف، سجاد يوسف، حسين بخش خادم، عبدالواحد فقير ۽ ساٿين، عابده پروين ۽ محمد جمن ۽ محمد شفيع، شاهه سائينءَ جو ڪلام ٻڌايو. ان موقعي تي وزيراعظم طرفان نامياري فنڪار محمد جمن جي اکين جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو.

شام جو ملاکڙي اسٽيڊيم تي سنڌ ملهه ائسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ روايتي ۽ شاندار ملاکڙو ٿيو، جنهن جو افتتاح وزيراعلى جي ثقافت ۽ سياحت واري صلاحڪار ارباب وزير احمد ميمڻ ڪيو. ائسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري غلام سرور جتوئي آجيان ڪندي ملهه جي فروغ جي ڏس ۾ مسئلن جو ذڪر ڪيو. صوبائي صلاحڪار چيو ته موجوده حڪومت سنڌ جي ٿقافت جي ترقيءَ لاءِ ڪوشان آهي ۽ ملهه جي فروغ لاءِ عملي اقدامات ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ جو ماڻهو تڏهن زندهه رهي سگهندو جڏهن لطيف جي ٻولي ۽ ثقافت زندهه رهندي. هن سنڌ سرڪار طرفان سنڌ ملهه ائسوسيئيشن لاءِ ڏهه هزار رپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ۽ چيو ته آئيندي هر سال ڀٽ جي ميڙي جي موقعي تي ملهن جي رهائش ۽ کاڌي خوراڪ جو انتظام ثقافت کاتو ڪندو. هن اهو به اعلان ڪيو ته ٽن پڙهيل ملهن کي سرڪاري ملازمتون مهيا ڪيون وينديون ۽ غلام سرور جتوئي لاءِ 16 گريڊ جي سرڪاري نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو. رات جو آڊيٽوريم ۾ موسيقيءَ جي محفل ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي فنڪارن شاهه سائينءَ کي خراج پيش ڪيو.

ميڙي جي ٻئي ڏينهن تي (17 سيپٽمبر) سنڌ جو وڏو وزير سائين قائم علي شاهه ڀٽ شاهه پهتو. اوقاف کاتي جي صوبائي صلاحڪار خواجه محمد، ثقافت ۽ سياحت جي صلاحڪار ارباب وزير احمد ميمڻ، محترمـﮧ مهتاب اڪبر راشدي، چيف ائڊمنسٽريٽر اوقاف سنڌ دريا خان ڪوريجو، چيئرمين ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاهه ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي. اطلاعات وارو صلاحڪار اقبال حيدر ۽ رٿابندي ۽ ترقيات وارو صلاحڪار جناب پي. ڪي. شاهاڻي به موجود هئا. وڏي وزير شاهه سائين جي مزار تي چادرون چاڙهيون ۽ فاتحا پڙهي. اوقاف کاتي طرفان وڏي وزير کي اجرڪ، سنڌي ٽوپي ۽ قرآن شريف جو تحفو پيش ڪيو ويو. وزيراعلى غريب عورتن ۾ اڻ سبيل وڳا پڻ ورهايا. بعد ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه،

.

لطيف رحه جي باغ ۾ ٻوٽو رکيو. هن آرٽ گئلري ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو اسٽال پڻ ڏٺو. اتان پوءِ وزيراعلى سنڌ آڊيٽوريم ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. ڪاروائي نامياري اديب حميد سنڌي هلائي. تلاوت ڪلام پاڪ کانپوءِ راڳائي فقيرن شاهه جو ڪلام پيش ڪيو. ارباب وزير احمد ميمڻ، وزيراعلى سنڌ ۽ نامياري محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪئي. سيڪريٽري ثقافت سنڌ محترمه مهتاب اڪبر راشدي آجيان ڪئي ۽ کاتي جي ڪم ڪار تي روشني وڌي. نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي خطاب ۾ اهل علم کي مطالعي تي زور ڏنو ۽ تفصيلي دليلن سان چيو ته شاهه صاحب دنيا جو وڏو شاعر آهي. هن زور ڏنو ته شاهه جي فڪر کي وڌائجي. مستند ۽ جامع رسالي جي اسڪيم هٿ هيٺ آهي. رسالي جو ترجمو پکيڙڻ لاءِ ڪوششون ڪجن ۽ ٻئي پاسي راڳ کي ترقي وٺرائجي. هن چيو ته شاهه جو راڳ 260 سالن کان هر هفتي بنا ڪنهن ناغي جي پيش ٿيندو اچي ٿو؛ جيڪو بين الاقوامي رڪارڊ آهي. هن ان موقعي تي وزيراعلى کي جامع رسالي جو نسخو به پيش ڪيو. ارباب وزير احمد ميمڻ به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ ثقافت کاتي پاران ڇپايل پنجن ڪتابن جو سيٽ پيش ڪيو. بعد ۾ جناب آغا سليم، جناب سراج الحق ميمڻ ۽ جناب محمد ابراهيم جويو پنهنجا مقالا پڙهيا. وزيراعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه پنهنجي تقرير ۾ چيو ته شاهه لطيف دنيا جو عظيم مفڪر ۽ شاعر آهي. سندس ڪلام نه رڳو سنڌ لاءِ بلڪ دنيا لاءِ آهي، جيڪو نه رڳو اڄ لاءِ آهي، بلڪ آئيندي لاءِ به آهي. شاهه صاحب امن جو به پيغام ڏنو آهي. هن اعلان ڪيو ته سنڌي لئنگويج اٿارٽي قائم ڪئي ويندي. هن چيو ته رسالي واري اسڪيم کي مڪمل ڪيو ويندو. هن اعلان ڪيو ته سنڌي اڪيڊمي آف ليٽرز قائم ڪئي ويندي، جنهن هيٺ اديبن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون.

بعد ۾ ڊاڪٽر درشهوار سيد، علي احمد بروهي، فهميده حسين، ڊاڪٽر تنوير عباسي، مراد علي مرزا، شيخ محمد اسماعيل، انور پيرزادو، ف. م لاشاري، معمور يوسفاڻي ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مقالا پڙهيا.

ميڙي جي ٽئي ڏينهن تي (18 سيپٽمبر) سنڌ جو گورنر جناب جسٽس (رٽائرڊ) فخرالدين. جي. ابراهيم ڀٽ شاهه پهتو. ثقافت ۽ سياحت واري صلاحڪار ارباب وزير احمد ميمڻ، چيف ائڊمنسٽريٽر اوقاف سنڌ ۽ ٻين سندن آجيان ڪئي. رٿابندي ۽ ترقيات وارو صلاحڪار جناب پي. ڪي. شاهاڻي ساڻس گڏ هو. سنڌ جي گورنر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحا پڙهي.

چيف ائڊمنسٽريٽر اوقاف گورنر کي روايتي اجرڪ ۽ ٽوپي جي سوکڙي پيش ڪئي. بعد ۾ گورنر آرٽ گئلريءَ جو معائنو ڪيو. اتان پوءِ سنڌ جو گورنر انعامن ورهائڻ لاءِ آڊيٽوريم ۾ پهتو.

تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ ارباب وزير احمد ميمڻ گورنر کي اجرڪ ۽ ڪتابن جو تحفو پيش ڪيو. بعد ۾ محترمه مهتاب اڪبر راشديءَ سپاسنامو پڙهيو. صوبائي صلاحڪار ارباب وزير احمد ميمڻ گورنر صاحب جا ٿورا مڃيا. ان کان پوءِ سنڌ جي گورنر انعام ورهايا، گورنر سنڌ ادبي ايوارڊ ۽ ڏهه هزار رپيا سنڌ جي مايه ناز عالم ۽ محقق جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لاءِ ڏنا ويا. (اهو انعام سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جناب حبيب الله صديقي وصول ڪيو.) منفرد ۽ مشهور لوڪ فنڪار موهن ڀڳت کي لطيف ايوارڊ ۽ سنڌ جي گورنر طرفان ڏهه هزار رپيا، مٺا خان زرداري گهڙي واري کي لطيف ايوارڊ ۽ دادا ڀائي گروپ طرفان ڏهه هزار رپيا، جناب ظفر ڪاظميءَ کي لطيف ايوارڊ ۽ هاشواڻي گروپ طرفان ڏهه هزار رپيا ڏنا ويا. ان موقعي تي وزيراعظم طرفان اعلان ڪيل پنجاهه هزار رپين جي انعام مان عابده پروين، محمد جمن، شفيع محمد، محمد يوسف، سجاد يوسف، موهن ڀڳت، علڻ فقير، قربان فقير ۽ ساٿي، حسين بخش خادم، ڍول فقير ۽ فيروز گل کي ڏنا ويا. زرعي ۽ صنعتي نمائش ۾ صنعت جو پهريون انعام محمد نواز بلوچ ڊئريڪٽر اينيمل هسبنڊري سنڌ، ٻيو انعام ٻيلي کاتي کي، ٽيون انعام زرعي انجنيئرنگ ۽ همٿ افزائي جو انعام سنڌ جي ننڍين صنعتن واري ڪارپوريشنن کي ڏنو ويو.

جانورن جي نماءَ جا به انعام ورهايا ويا.

سنڌ جي گورنر پنهنجي خطبي ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ايندڙ سال هو سنڌيءَ ۾ تقرير ڪندو.

آخر ۾ ڪشمنر حيدرآباد ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي چيئرمين جناب سالڪ نظير احمد شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻڌايو ته مرڪز طرفان هڪ اسڪيم تيار ڪئي ويئي آهي، جيڪا منظوري لاءِ حڪومت کي پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته شاهه صاحب جي ٽي سئو ساله ولادت جو جشن ملهائڻ لاءِ ڪيترائي پروگرام جوڙيا ويا آهن. بعد ۾ موهن ڀڳت، علڻ فقير، الهه بچايو کوسو،

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com