سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :36

علمي خط

لطيف جو ٽي سؤ ساله جشن ولادت

 

محترم ايڊيٽر صاحب ”مهراڻ“

هن وقت سڄي سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٽي سؤ ساله جشن ولادت (1689ع-1989ع) جو چوٻول هلي رهيو آهي. محترمـﮧ مهتاب اڪبر راشدي سيڪريٽري ڪلچر ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ جي سرواڻيءَ ۾ موقعي جي مناسبت سان پروگرام رٿيا ويا آهن، جا نهايت ئي خوشيءَ جي ڳالهه آهي. ان نسبت سان ڪي گذارشات عرض آهن:

(1) شاهه صاحب جي پيدائش 1102هه ۽ فوات 14 صفر 1165هه تي ٿي. ان ريت سندن طبي عمر 63 سال ٿئي ٿي.

(2) لطيف بابت ٺوس ڪم جو آغاز ٿيندي ئي، هجري سالن کي عيسوي ڪئلينڊر ۾ آندو ويو، ليڪن ان ڪوشش ڪندي شاهه صاحب جي ڄمار 63 سالن وارو حساب رکندي متبادل سال 1689ع ۽ 1652ع ڏنا ويا.

(3) هن مسئلي تي ايترو ته اختلاف آهي جو مرزا قليچ بيگ، جنهن لطيف بابت 1887ع ۾ ٻه ڪتاب لکيا، تنهن شاهه صاحب جي ڄم ۽ وفات جا عيسوي سال مختلف تجويز ڪيا آهن.

(4) مير عبدالحسين سانگي 1890ع ۾ ”لطائف لطيفي“ لکيو. ڪتاب جا فارسي ۽ سنڌي ايڊيشن ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڇپيا آهن. مير صاحب، لطيف جي ڄم جو سال 1690ع ۽ وفات جو سن 1751ع تجويز ڪيا آهن. بدقسمتيءَ سان پوءِ جي عالمن ان طرف بلڪل ڌيان نه ڏنو ۽ شاهه صاحب تي ڪم ڪندڙن هميشـﮧ 63 سالن وارو انگ سامهون رکي راءِ زني پئي ڪئي آهي.

(5) تازي دور ۾ مير سانگيءَ جي راءِ کي قبول ڪندي، مرحوم مولانا دين محمد وفائي ۽ پروفيسر گنڪوفسڪي (روس) پڻ مذڪوره سال ڏنا آهن.

(6) ان هوندي به موضوع جي افاديت کي ڏسي، راقم الحروف هڪ پيپر لکيو ۽ مسئلي جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪئي. هي مضمون (3/1985ع) ۾ ڇپجي چڪو آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب جي وفات جو درست مهينو ۽ تاريخ پڻ عيسوي ڪئلينڊ موجب ڪڍي وئي آهي. لطيف سائين 1690ع ۾ ڄائو ۽ سندن وفات 14 صفر 1165هه برابر 22 ڊسمبر 1751ع تي ٿي هئي.

(7) دهلي يونيورسٽي 1987ع ۾ ڊاڪٽر ايس. ايم. جهانگياڻيءَ جو ٿيسز ”شاهه عبداللطيف اينڊ هز ٽائيمس“ شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب ص 1 ۽ 18 تي منهنجي ڏنل سالن، تاريخ ۽ مهيني جي تصديق ڪئي آهي. پاڻ هي به وضاحت ڪئي اٿن ته عيسوي ڪئلينڊر ڏيندي، اسان جي عالمن کان ڪيئن سهو ٿي آهي. هن ڪتاب تي راقم جو تبصرو مهراڻ (3/1987ع) ۾ ڇپيل آهي.

(8) گذريل سال ڊاڪٽر درشهوار سيد صاحبه جو لطيف تي تحقيقي ڪتاب (انگريزي) ڇپيو آهي. ليڪن ان ۾ لطيف جي وفات جو سال 1167هه ڏنو ويو آهي. حقيقت ۾ هن سال ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙو فوت ٿيو هو.

(9) ٽي سؤ ساله جشن ولادت ملهائڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي. ليڪن ان ڏس ۾ پهريائين ضروري ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گهربي هئي. ان قسم جا مسئلا ٻين ملڪن ۾ ۽ پڻ اسان جي ملڪ ۾ به پيدا ٿيا آهن. ڪجهه سال اڳ قائداعظم ۽ علامه اقبال جي صد ساله جشن پيدائش ملهائيندي به ان قسم جا معاملا اٿيا هئا، جن کي عالمن جي گڏيل ويچار سان حل ڪيو ويو هو. ان لاءِ منهنجي نماڻي گذارش آهي ته سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ اڳ ۾ هن اهم مسئلي جي ڇنڊڇاڻ ڪري.

- غلام محمد لاکو

(نوٽ: شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي تاريخ ولادت ۽ وصال متعلق عالمن ۽ پڙهندڙن کان مزيد راءِ طلب ڪجي ٿي- ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com