سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :9

شاهه لطيف جي شاعري ۽ انساني قدر

حيدر علي لغاري

موجوده دور، اقدار جي گوناگون تضادن ۽ ٽڪرائن جو دور آهي. تضاد ۽ ٽڪراءَ اڳين ماضيءَ جي دورن ۽ زمانن جي ڀيٽ ۾ نرالا ۽ زياده پيچيدا آهن. رڳو سو ورهيه اڳ جي معاشرتي، عمراني، ثقافتي ۽ نظرياتي تضادن جو تصادم ايترو تيز رفتار ۽ زود اثر نه هو ۽ ان جا تعميري توڙي تخريبي نتيجا ايڏي وسيع تر دائري ۾ منتقل ٿي نه سگهندا هئا،  جيتري تيزي ۽ جيتري وڏي دائري کي اڄ اهي لپيٽ ۾ آڻڻ جي سگهه حاصل ڪري ويا آهن. انهيءَ لحاظ کان هي دور ٻين بحرانن سان گڏوگڏ رفتار جي بحران جو دور پڻ آهي. فضا توڙي خلا ۾ موجوده برقي ۽ مقناطيسي قوتن جي تسخير، مادي ۾ لڪل توانائين ۽ تابڪارين جو تجزيو ۽ انهن جو منفي توڙي مثبت استعمال، خلا ۾ هٿرادو سيارچن جو ڏينهون ڏينهن وڌندڙ تعداد ۽ انهن جي معرفت، مُلڪن ۽ معاشرن جا تهذيبي، تمدني، ثقافتي ۽ نظرياتي رابطا، انسانن جي ذهنن ۽ ضميرن ۾ عجيب و غريب ۽ پيچيده تر هيجان پيدا ڪري چڪا آهن. ماڻهو هڪ طرف پنهنجي قديم نظرين ۽ آدرشن ۽ ٻئي پاسي جديد ايجادن ذريعي فڪر و نظر ۾ ڌوڪي ايندڙ انقلابي تبديلين جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ اعتدال کي برقرار رکڻ کان بنهه عاجز ٿيندو ٿو وڃي. هنن بنهه تيز رفتار بلڪ برق رفتار حيرت انگيز تبديلين جي گهيري ۾ هن جون فيصلي جون قوتون شل ٿينديون نظر اچن ٿيون. هن کي سجهي نٿو اچي ته ڪهڙي وقت، ڪهڙي مرحلي تي، ڪهڙي صورتحال ۾، ڪهڙو انتخاب ڪري- ڇا کي قبول ڪري ۽ ڇا کي رد ڪري. ڪنهن جي پٺيان لڳي، ڪنهن جي اڳيان هلي. مطلب ته معاشري جو پورو ڪلُ، پوري وحدت، هر سطح تي، سياسي، سماجي، تمدني، تعليمي، اقتصادي ۽ معاشي- هر هڪ سطح تي هڪڙي متصادم ۽ بيرحم ڪثرت جي نظر ٿي پيئي آهي! هر محاذ تي پاره پاره، پاش پاش، ٽڪرا ٽڪرا، ذرا ذرا ٿي پيئي آهي. ايڏي وڏي ڪثرت جي عذاب جو، ايڏي بي حساب هجوم ۽ نفسانفسي جي اذيت جو انسان اڳي ڪڏهن به تاريخي تجربو ڪونه ڪيو آهي! هن وقت قوت انتخاب ۽ قوت اعتماد بنهه بيوس محسوس ٿين ٿيون. هو هڪڙي بي سمت/ بي طرف دائري ۾ هٿوراڙيون هڻي رهيو آهي. بنهه تيز ۽ بي انداز روشني به ٻاٽ اوندهه جي برابر هوندي آهي. ٻنهين حالتن ۾ ماڻهو کي ڪجهه نظر نه ايندو آهي ۽ هو سمت وڃائي ويهندو آهي، فيصلي ۽ انتخاب کان محروم ٿي ويندو آهي. اڄ جي آدمزاد سان به ساڳيو ويڌن آهي ۽ نتيجي طور هو چوڦير ٻٽي هيجان جو شڪار آهي، طبعي ۽ معروضي محاذ تي به ۽ ذهني موضوعي محاذ تي به!

اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ماڻهو جو حال مسلسل گهَرن ڳرن بحرانن ۾ جڪڙيل هجي ته ان جو هڪڙو لازمي امڪان اهو نڪرندو ته هن کان مستقبل جي آس غائب ٿي وڃي ۽ اهڙي وقت ۾ انسان پنهنجي ماضيءَ جي ڪن آدرشن ۽ نظرين ۾ پناهه وٺڻ جي خواهش ۽ ڪوشش ڪندو آهي. اڳي به تاريخ ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي، مگر هاڻ شايد انسان کي اڳي کان وڌيڪ ان جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي؛ مگر اتي هڪڙو ٻيو سنگين مرحلو به هن کي درپيش آهي. ماضي ڏي اها آسائتي نگاهه به ٻن صورتن ۽ طرزن جي آهي: هڪ محض تقليدي ۽ ٻي تحقيقي- محض تقليد ته موت برابر آهي، اهو موت فڪر جو به آهي ۽ تخليقي صلآهيت جو به. ٻي صورت ۾ تحقيق جي به، جيتوڻيڪ حوصلي افزا آهي، مگر تحقيق جي نالي ۾ به ماضيءَ جي آدرشن ۽ آدرشي قدرن جي حامل شخصيتن جا علمي، ادبي ۽ فني شاهڪار ڪن نادار ۽ نادان دوستن جي ور چڙهيو وڃن، جي پنهنجي زعم ۾ ته ائين سمجهو ويهو رهن ته تحقيقي ۽ تعميري ترجماني ۽ مثبت تعبير جو پيا حق ادا ڪيون، مگر هوندو ان جي برعڪس آهي؛ لطيف سائينءَ جو فن ۽ فڪر سچ پڇو ته ڪيترن ئي اهڙن دوستن جي نرغي ۾ آيو آهي ۽ هو هُن جي ملها مُلهه ڪلام ۽ پيغام سان هٿ چراند ۽ ڳڀرن واري راند ڪندا رهيا آهن. انهن جي خلوص ۾ ته شڪ کڻي نه ڪجي، مگر بصيرت ۽ شعور جي گهربل شرح جي لحاظ کان اهي حضرت قياس جوڳي حد تائين مفلس ۽ بيوس هوندا آهن، مگر سَندَ ۽ مَسند جي غلافن ۾ ڍڪيا پيا آهن ۽ اهو ستم ڪافي عرصي کان هلندو ٿو اچي. اسان جي سڄاڻ محققن کي ان سانحي ۽ ستم تي سنجيدگي سان سوچي ان جي تلافي لاءِ ڪي جوڳيون تدبيرون ترت اختيار ڪرڻ گهرجن.

ماضي کي حاصل جي حوالي سان تشڪيل نوَ، تعمير ۽ تعبير لاءِ تازي، توانا ۽ اعلى سطحي جاندار اجتهادي فڪر ۽ تخليقي شعور جي ضرورت هوندي آهي، ورنه ماضي ڪيڏو به باوقار ۽ شاندار هجي اهو فقط هڪڙي بيجان بت جي مانند تقليدي پرستش ۽ انڌي پوڄا جو مرڪز بنجي رهجي ويندو آهي. لطيف سان به اها ئي بيدرد ۽ بي حضور پرستش واڳي ويئي آهي، جنهن جو هو پاڻ منڪر ۽ سخت مخالف آهي.

پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾!

هن جي ڪلام ۾ روايت پرستي ۽ رسوماتي فرسودگي خلاف ڪيئي احتجاجي صدائون آهن.

”سا مون هٿان نه ٿئي، جيڪا رسم راڄ!

ڪيائون سوئي روپ، جئان لوڪ لڄ ٿئي!

يا

اک الٽي ڌار، وَنءِ الٽو عام سين

جي لهوارو لوڪ وهي تون اوچو وهه اوڀار

منجهان نوچ نهار، وان پٺيرو پرينءَ ڏي.

يا

ورد وظيفا وسريا نڪا رهي نماز

هينئڙو بحري باز، چوري ڪيو چنبن ۾!

هو فڪري جمود جو سختيءَ سان باغي ۽ متحرڪ قدرن جو داعي آهي.

آلڊس هڪسلي پنهنجي ڪتاب Heaven and hell ۾ هڪڙي ڏاڍي فڪر انگيز ڳالهه ڪئي آهي. چوي ٿو:

“The Past is not something fixed and unalterable. Its facts are rediscovered by every succeeding generation, its values reassessed, its meanings redefined in the context of present tastes and preoccupations out of the same documents and monument and works of art every epock invents its own middle ager…

CHATTO & WINDUS, LONDON.

Page 77, 1956.

”ماضي اٽل يا اڻ بدلجندڙ شيءِ ڪانه آهي. ان جون حقيقتون ۽ سچايون هر نئين دور ۾ مختلف انداز سان سامهون اينديون رهيون آهن ۽ ان جي قدرن کي هر نئين علم جي روشنيءَ ۾ پرکيو ويو آهي. ساڳين دستاويزن، تاريخي آثارن ۽ فني ماهه پارن کي هر نئين پيڙهي نئين معنوي ڪيفيت عطا ڪئي آهي ۽ حال جي سرگرمين ۽ دلچسپين جي روشني ۾ نئين انداز سان سڃاتو آهي.

تاريخ جي تجزيي اهو ثابت ڪيو آهي ته هر دور پنهنجو پاڻ هڪ نئين ترڪيبي هيئت جو درميانو دور پيدا ڪيو آهي.

تاريخ جي جدلياتي تبديلين جا اصول جي هيگل جي شعوري محور ۽ مارڪس جي مادي محرڪات ۽ معاشي محور جي تاويل ۽ تجربي جي صورت ۾ اسان جي آڏو آهن، انهن ٻنهين جي اختلاف پهلو کان پاسيرو ٿي، انهن ٻنهين ۾ جيڪو مشترڪ قدر آهي ان جي روءِ سان اها مڃيل حقيقت آهي ته ماضي جي پراڻن ۽ حال جي نون رجحانن ۽ قدرن جي مسلسل ٽڪراءَ ۽ جهيڙي کان پوءِ جا نئين فيصله ڪن تازي ترڪيب جڙي راس ٿئي ٿي، ان ۾ ماضي جا صالح ۽ جاندار عنصر به شامل هوندا آهن، وري وڃي جيستائين نئين ترڪيب مان سرجندڙ ۽ اسرندڙ تضاد پنهنجي مقرر ميعاد تي نمايان ٿي هڪ ٻئي سان نبرد آزما ٿين ۽ وري ان تاريخي جهيڙي جو منطقي ڇيهه اچي ۽ ٻي تازي ترڪيب جنم وٺي. اهڙي طرح ماضي به حال ۽ مستقبل ۾ سدا موجود هوندو ئي آهي. مگر روپ، رنگ ۽ آهنگ، ساخت ۽ هيئت Form بدلبا رهندا آهن ۽ انسان گڏوگڏ روح عصر Essence ۾ ڦهلاء، وسعت ۽ جدت پيدا ٿيندي رهندي آهي ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ اجتهاد جي روشن رخن سان ڪارفرما رهندي ايندي آهي ۽ ائين تحقيق ۽ تخليق جو عمل پنهنجي معروضي ۽ موضوعي تبديلين ۾ نمايان ٿيندو رهندو آهي. مگر هاڻ، حال جو، اسان وارين عصري تبديلين جي وارداتن جو تجربو جيئن مون اڳ عرض ڪيو ته اڳين مڙني وارداتن کان نرالو آهي. تيز رفتاري ۾، ۽ اثر انگيزيءَ ۾ به، دعوائن ۽ جوابي دعوائن جي ڪثرت ۾ به ۽ انهن جي تعبيرن، تاويلن، معنائن ۽ سمجهاڻين جي گوناگون اشاعتن ۾ به! ماڻهو ڇا ڪري.

ڪڏهن ڪڏهن ته رهبر ۽ رهزن، دانا ۽ نادان، مخلص ۽ غير مخلص جو فرق، امتياز ۽ فيصله ڪن انتخاب انتهائي مشڪل امر بنجيو وڃي! ماڻهو جو ايترن سارن مونجهارن ۽ پيچيدگين جي وچ ۾ منفي ۽ مثبت معيارن ۾ تميز جو فهم، نستو ۽ مرڻينگ ٿي ويو آهي، ۽ ان جو هڪ بنهه خطرناڪ ردِعمل ۽ نتيجو نااميدي ۽ نراسائي نڪرندو نظر اچي ٿو، ۽ اها ڪيفيت اسان جا سڀئي عمرانيات ۽ سماج شاسترن جا ماهر ۽ مصنف اتفاق راءِ سان مڃين ٿا ته تباهه ڪن آهي. اچو ته لطيف رح کان پڇون ته اهڙي صورتحال، نااميدي ۽ نراسائيءَ جي ڪُن مان نجات لاءِ هو اسان کي ڪهڙي املهه هدايت ٿو ڪري. ٻڌو، چوي ٿو:

متان ٿئين ملُور، ڪي آڳاهون آهيان،

ڏسڻ ۾ ڪر ڏُور، حد ٻنهين جي هيڪڙي.

ــــ

کاهوڙين کڻي ساجهُر ٻَڌا سندرا،

ڏوريندي ۾ ڏونگرين پاڻ ڪِيائون پَڻي،

ڏکن ڏيل هڻي، ڇيهه لڌائون ڇپرين.

عالمي امن جيڪڏهن هن دور جو اهم ترين مسئلو آهي ته ان کي عالمي عدل، بين السماجي، بين الاقوامي ميزان يا عالمي ضمير کان الڳ نٿو ڪري سگهجي، ۽ عالمي ضمير جي سرجڻ ۾ اڃا ڪا جوڳي مدت درڪار آهي ۽ محروم، مظلوم ۽ دکي انسانيت کي اڃا ان جو انتظار ڪرڻو آهي. تاريخ ۾ انسان پنهنجي ارتقا جي اهڙن خوفناڪ تضادن ۾ اڳي ڪڏهن به ايترو بريءَ طرح گرفتار ۽ گهربل نظر نٿو اچي. جيتوڻيڪ ان جا ڪيئي عمراني ۽ نفسياتي اسباب آهن، ماهر ۽ دانشور پنهنجي پنهنجي دائرن ۾ انهن جو ڇيد به ڪري رهيا آهن، پيشوائن جي انهن گروهن کي مطلع ۽ متنبهه ڪندا رهيا آهن، جن جي حصي ۾ ملڪن جي اقتدار ۽ اختيار جون واڳون آهن، مگر قوت ۽ اقتدار جو خمار لڳي ٿو ته ايامن کان اخلاقي ۽ آئيني ضابطن ۽ اعلى انساني قدرن جي تقاضائن کي ريٽيندو ۽ لتاڙيندو آيو آهي. تمام مختصر مثال آهن جڏهن اقتدار اعلى جي نمائندن ۽ مسند نشينن طرفان عدل ۽ ميزان جي قدرن کي مانُ مليو آهي، ورنه انسان جي خودسر ۽ اڻ گهڙي انا پنهنجي ذات، سنگت، ڪٽنب، قبيلي ۽ قوم جي جائز ناجائز مفادن ۾ تميز ۽ ترجيح جو سبق وري وري پئي وساريو آهي ۽ سندس ڏاهن، انساني برادري ۾ امن ۽ توازن جي خيرخواهن، کيس سماجي انصاف ۽ اعلى انساني قدرن جي پوئواري ۽ پاسباني جو درس وري وري پئي ڏنو آهي. اسان جو لطيف به انسان جي انهيءَ اڍنگي روش جو بخوبي شاهد آهي ۽ هن جي پاڪيزه شاعرانه حس ان کان ڏاڍي متاثر ٿي آهي ۽ ان تاثر کي هن سهسين خوبصورت پيراين ۽ سهڻن سٻاجهين ٻولن ۾ بيان ڪيو آهي. هن جي نگاهه پنهنجي دور جي ذات پات، اوچ نيچ ۽ غير برابري جي انساني هاڃي کي ڏاڍي دردمندانه، حڪيمانه ۽ عارفانه انداز سان ڏٺو ۽ سٺو آهي ۽ ردعمل طور ڏاڍي اعتماد ۽ اعتقاد سان چيو آهي:

سامي کامي پرينءَ لئه ڪُسي ٿئا ڪباب،

نڪو ڏسن ڏوهه کي نڪو ڪن ثواب،

اوتين آرتي گاڏئون منجهان اکين آب،

سندو ذات جواب تون ڪيئن پڇين تن کي؟!

يا

نئون نياپو آئيو راڻي ملا رات

لڌيسون لطيف چئي ڪنا ڏاتر ڏات

ڪونه پڇي ذات جي آيا سي اگهيا.

دوستو! ويچار جوڳي ڳالهه آهي، ذات ۽ ڏات جو تضاد Worth & Birth جو امتياز لطيف جي انهيءَ خاطر خواهي ۽ خير خواهي، جنهن کي اڍائي صديون گذري ويئون، کان پوءِ به اسان وٽ حل ٿيندو نظر نٿو اچي. اسان وٽ ڏات جو تصور به ذات سان چهٽيل آهي: صلاحيت، لياقت ۽ قابليت کي اسان انسان ۾ نه، انسان جي محنت ۽ مشقت ۽ ديانتدارانه پورهيي ۾، پورهيي جي عظمت ۾ نه بلڪ، اڃا تائين به ورثن ۽ وارثن ۾، خانداني خولن ۾، قبيلائي صفتن، گهراڻن جي موروثي گڻن ۾، جيڪي مختلف نالن، نقابن، القابن، جبن، دستارن، پڳن جَڳن جي صورتن ۾ پشت به پشت ورهائبا اچن، منجهه ڳوليندا ۽ مڃيندا رهيا آهيون ۽ لطيف جي درس کي وساريندا رهيا آهيون، جيڪو سيد سڏائي، پير مرشد جي موروثي گاديءَ تي ويٺل هجي، خان خانان جو پٽ هجي، سلطان ابن سلطان جي قبيح جو مڪروهه مدي خارج روايت جو علمبردار هجي، رئيس، نواب، مير صاحب جو خانداني شجرو پاڻ سان چنبڙايو وتي، علماءَ ڪرام، شيخ المشائخ جي رياڪاري موروثي مسند ۽ نقلي جعلساز بزرگي جا نقاب اوڍيو، رات ڏينهن پرائي پورهيي تي مچي مواڙ ٿيندو وتي ۽ اهو ذات، قبيلي، فرقي جي مڪروهه ۽ موروثي وسيلن سان کٽيو کائڻ، مان لهڻ، اعزاز ۽ اعجاز ماڻڻ ڪهڙي نه بيحرم روايت آهي ۽ هوڏانهن ڏات جا ڌڻي، صلآهيت جا صاحب ۽ پورهيي جا پرستار اڪثر نڌڻڪا، لاوارث، انهن خانودان، خاندانن ۽ خانقاهن جي ڪنجيدارن ۽ انهن جي ڪمدارن ۽ گماشتن جا محتاج سرگردان ڦرندا پنهنجي عزت نفس کي داءَ تي لڳائڻ جي نوبت تي اچيو ٿا پهچن. ڏيهه ۾ لطيف جا وارث آخر ڪهڙي طرز جي غفلت جي ڪُن ۾ آهن، ڪيئن ٿا پاڻ کي لطيف جو حبدار ۽ سندس قدرن جو علمبردار چوائن. هو ته علي الاعلان چوي ٿو:

”ڪو نه پڇي ذات...“

يعني- جو وهي سو لهي، جو ايندو سو اگهامي ويندو، جو ڏوريندو سو ماڻيندو.

پڇن سي پسن جڏهن تڏهن پرينءَ کي،

ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا.

انسان کي انسان ڪري ساريون به ته سهي! هن جون محروميون ماپيون ته سهي، هن کي ميسر موقعن جو ليکو ڪري ڏسون ته سهي، انسان جي بطور انسان جي آجيان ڪري هن کي آزمايون ته سهي، پوءِ ڏسون ته هن جي ڏات ڪيئن نٿي جرڪي. هر نعمت جا غاصب اهي نقلي وارث ۽ ماڻهن جي اٻوجهاين ۽ سادگين جا سوداگر ڏسو ته ڪيئن نه پنهنجي جُبن ۽ لباسن جي ڊيگهه ۽ ويڪر جي باوجود ننگا ٿا ٿين ۽ هنن جي انهيءَ نقلي رياڪارانه تماشي جي اصليت ڪيئن نٿي ظاهر ٿئي ۽ ان جو آخرڪار انت اچي؟

سائين! ريا جو لفظ اچي ويو ته هڪ وڏي سماجي ڪوڙهه جو تصور حقيقت بنجي اچي آڏو بيهي رهيو آهي. اهو ٻيو چوڦير ڏڦير آهي، جو اسان جي معاشري جي شجر جي هر شاخ جي هر ريشي ۾ سرايت ڪري ويو آهي.

تقريباً سڀ فرقا، گروهه، جماعتون. رياڪار، مڪار نمائشي ۽ اشتهاري بنيا پيا آهن. مداري جو کيل به ڪڏهن ڪڏهن سنجيدو لڳندو آهي، مگر اسان جي اڪثر عبادتگاهن، زيارتگاهن، درسگاهن، خانقاهن ۽ ابلاغ جي ذريعن ۾ پروپيگنڊا ۽ سکڻي واويلا جي صفت ئي باقي وڃي بچي آهي. ڳالهه، بيان ۽ عبارت جي پوئتان هڪڙو جوڳو خلوص ۽ خير سگالي جو جذبو ئي هجي ته برداشت ڪري وڃجي. ڳالهه ٽڪي جي ڪانه هوندي، سَنوڻ ۽ صفتون لکن جون بيان ٿينديون. بعضي ته پاڙ هيٺان ٺڪري به نٿا رکن، نِسورو طلسم بنايو ماڻهن جي قوتِ اعتماد ۽ صفت اعتبار سان بنهه گهٽيا مذاق ٿا ڪن. اخبارون، ريڊيا، دور درشن، منبر ۽ مسندون ڏسو، تپاسيو، لطيف جي ديس جا واسيو. اوهان کي سچ جي، حق جي، حقيقي شناسيءَ جي، فهم ۽ فڪر جي، ڪٿي ڪا ڪمزور وائي به ٻڌڻ ۾ اچي ته اها گهڙي سدوري سمجهو، نه ته لطيف جو ساٿ ڏيو.

اگهيو ڪائو ڪچ ماڻڪن موٽ ٿي

پلئه پايو سچ آڇيندي لڄ مران.

اها سچ ۽ سچائي سان صفائي واري پراڻي عادت ۽ روايت به ماڻهو نٿو مٽي! لطيف ته پنهنجي دور جي عبادتگاهن ۾ نام نهاد عابدن ۽ زاهدن جي سکڻي ۽ مڪريلي ڪنڌ ڌوڻ ۽ ڦند ڦوڪون ڏسي رڙ ڪئي هئي.

سر نوايو سجدا ڪرين تن واضح نه تو،

هو جو مڻڪو من جو سَهجا سارين نه سو،

ڪوڙا ٿيندءِ نه ڪو ڌوڻي ڦوڪي فائدو.

هن ته انسان جي اهڙن ڳڻن جي پچار ڪئي آهي، اهڙن ملهن جي جستجو جي جوت ٻاري آهي جا هر دور ۾ انان جي اعلى آدرشن جو ساٿ ڏيندي. انسان کي دردمندي ۽ فڪرمنديءَ جا ڏس ڏيندي. سندس پيغام/ شاعري جي فني، لساني، غنائي ۽ جمالياتي نفاست ۽ مقناطيسيت ۽ اڻ مَئي آهي. انهن خوبصورت فني پيڪرن ۽ پيراين ۾ هن جنهن انساني صفت ۽ آدرشي مقصديت کي سلهاڙيو آهي ۽ ان جي اهميت جي احساس جاڳائڻ لاءِ جي جذبا ۽ ڪيفيتون اسان ڏانهن منتقل ڪرڻ چاهيون آهن، اهي اسان سنڌ واسين لاءِ آب حيات کان گهٽ ڪين آهن. ڀلي اوهين دنيا جي پراچين توڙي عهدِ وسطى جا ۽ هاڻوڪا به فلسفا ۽ ڏاهن جا درس پڙهي ۽ پرجهي ڏسو. مگر جڏهن لطيف ڏانهن موٽ کائيندؤ ته هو اوهان کي نااميد ڪونه ڪندو، مگر هڪ محبوب ڪش سان اوهان کي سليس ۽ سٻاجهي ٻوليءَ ۾ هڪڙي آسائتي مهميز ميسر ڪري ڏيندو ۽ اوهان جي اڃايل احساس کي سرشار ڪندو ۽ اها سرشاري اوهان جي لاشعور جي ڪنهن ڏوراهين گوشي کي روشن به ڪندي ۽ ڪنهن تڪڙي عملي وک کڻڻ لاءِ اوهان کي آماده به ڪري وٺندي. ڏسو ڇا ٿو چئي:

ويٺو پڇين پَر، ڪر هينئر ئي هلڻ جي

اڄ آديسي مَر، سڀان مرندو سَڀڪو.

ــــ

جئن جئن تپي ڏينهن تئن تئن تاڻي پنڌ ۾

ڪو آڳانجهو نينهن ٻانڀڻ ٻروچن سين.

ــــ

جئن جئن ڀِڄي رات تئن تئن تاڻي پنڌ ۾،

ڀوريءَ ٻي نه تات، جيڪا سا جتن جِي.

ـــ

گوندر ڪيو غرق ماءُ منهنجو جندڙو

ڏکوين مَرَڪ مٿي سڳر پنڌڙا.

پيارا ساٿيو! لطيف بي پناهه حوصلي، اٿاهه عزم، اڏول ارادي، پاڪيزه جذبي ۽ جدوجهد جو شاعر آهي.

هن جي ”شعور جي آفاقيت“ هڪ الڳ ۽ انوکو موضوع آهي. اهڙيءَ طرح هن ”سماجي شعور“ هڪ ڀرپور انسان دوستي ۽ عالمي خيرسگاليءَ جي جذبي تي مبني گهڻ رخو مضمون آهي. سندس ”شعريت ۽ فني مهارت“ جا اڪيچار گوشا آهن، انهن نسبتن ۽ حوالن سان اسان کي اڃا لطيف جي ڳجهاندر سان اورڻو آهي. نباهڻو آهي.

هن جي سور ۾ به صحت ۽ سوز به معنائن جي ديرپا ڳنڀيرتا آهي.

سُور جنين کي سرئو سَري تن صحت

مِٺي مصيبت آهي عاشقن لئي.

اهو مصيبت ۾ مِٺاڻ ۽ سور چڱڀلائي جو اُڃاڻ لطيف کان سواءِ ايڏي خوبصورت پيرايي ۾ اسان کي ٻيو ڪٿان ملندو؟

جا جئاري جوڳين، سا ماڻهن مصيبت

ساجن سور، صحت، جي پوربيا پروڙئين.

 (سنڌ زرعي يونيورسٽي طرفان ملهايل يوم لطيف جي موقعي (سال 1988ع) تي پڙهيو ويو، جنهن جي صدارت جناب ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪئي).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com