سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :17

ڪاڪي متي

حفيظ ڪنڀار

چُنجهين اکين، چهٽل پَڏرن، ڪاري رنگ، بي ڊول بت واري ڪاڪي مَتي ۾ الائي ڪهڙي مِک هئي جو مائيءَ هوندي به پيو مڙس جو گمان ٿيندو هو. ڪم ڪهڙو به هجي، جل ڦٽاڪي ٿي جنبي پوندي هئي. جيسين ڪم نه کٽي تيسين ڪاڪي متي همٿ ڪونه ڪڍندي هئي. اڪيلي سر، مِٽي مٿي تي کڻي پنهنجن هٿن سان وڏي چؤنڪي، صفو، دالان، رڌڻو، پوئي کان وٺي ڀتئي اوٽي تائين گهر جوڙيو هئائين.

صبح جو رَيل ٻهارڻ لڳندي هئي ته پنهنجي گهر جي اڳ واري ٽڪري تي ٻهارو ڦيري پوءِ سڄي پاڙي جي هيٺال ميڙي کڻي چمڪائي ڇڏيندي هئي. مِٺان جيڪا سندس پاڻ جيڏي ڀاڻيجي هئي ۽ منهن مهانڊي ۾ به کانئس گهٽ ڪانه هئي سا ته کلي چوندي هئس، ”مَرين! تون ته ڪو اوڏ جو پَک آهئين.“ مِٺان پاڙي ۾ ’مِٺوڙي‘ سڏبي هئي. ڪاڪي متيءَ جا ڏند اڃا ڪجهه سريکا هوندا هئا، پر مٺان جا ڪٽ چڙهيل ڦڪا ڏند هيٺين ڪاري چپ کي سدائين لوهَ ڪريو بيٺا هوندا هئا. کلڻ لاءِ کيس رڳو راڦون ٽيڙڻيون پونديون هيون.

ڪو وقت مِٺان اڃا ڪنواري هئي ته لاڏان واري ڇوري شمن اوڌر سوڌر ڪري ڏٽن سٽن تي هڪڙي کٽل سيٺ سان ڀائيواري تي جيپ ورتي. شمن جيپ ڪونه ورتي جهڙي سڄي پاڙي ورتي. ڪارخاني ۾ مزدوري ڪندڙ، درزڪو ڪم ڪندڙ، رازڪو ڌنڌو ڪندڙ ۽ گهڻو ڪري ڌڪا کائيندڙ شمون يڪدم استاد شمن ٿي پيو. پوءِ وري استاد شمس ٿيو ۽ استاد شمس تي مٺان هرکجي وئي. پهريون ڏينهن جڏهن ڏاڙهيءَ جا کت وٺرائي، منهن کي تيل هڻي، اکين ۾ سوئيرو وجهي ڀاڙو کڻي ٻُٽن جي ڳوٺ ويو ته کن پل لاءِ ٻه ميل پريان گهاڙو منجهان جيپ ڊوڙائيندي اچي جلالاڻين جي ڳوٺان نڪتو، جتي مٿان وارا رهندا هئا. شام جو جيئن ئي ڪرو کڻي الهندي نئين مان گهرن ڏانهن آيو پئي ته ڪنهن ننڍڙي ٻار اڳ جهلي رومال ۾ ويڙهيل شئي ڏنس. ”ماما! هي اَديءَ مٺان ڏنو آهي-“ استاد شمن رومال جي ڳنڍ کولي ڏسي ته اندر جهُوڙي وارو اڳٺ، ڦوٽا، ٽڪيون ۽ ڇلو پيوهو. ائين استاد شمن جا چڪر وڌڻ لڳا جڏهن به انهيءَ پاسي وڃي ۽ مٺان وارن جي ڳوٺان چڪر هڻي نه وري، ته ڪر چؤڪ جو چنڊو ٿيو. پر قسمت جي ڦيري مان کٺارا جيپ به ڦرندي نڪري وئي. همراهه وري اچي شهر ۾ ڪو ڀاڄي جو گاڏو سنڀالي ويهي رهيو، ان کي به چار ڦيٿا هوندا هئا. مٺان جي پَلن ۾ وريل دل ڏينهن ۾ کڄي وئي.

استاد شمن ته واچوڙي ۾ گم ٿي ويو هو ۽ شمون کي مٺان ڇا ڪري؟ شمن جي پيادن چڪرن به مٺان کي ميڻ نه ڪيو. پاڙي سڄي کي توڙ تائين ڪَلَ ڪانه پئي، پر ڪانگ- اکيءَ ڪاڪي متي پهرين سٽ ۾ قصي جي وڃي پاڙ تائين پهتي.

ٻئي ڄڻيون شام ٽاڻي گهرن کان اڀرندي چونڪڙي ڏيڍ پنڌ تي وڏي واٽر تان پاڻي ڀرڻ پئي ويون. ڪاڪي متي پل جي ٻَني تي ڪوڙ پچاڻي ٿڙي ڪري پئي.

”پئي شل مُئي شموڙي تي.“

”ڇو ڙي؟ ڪار زباني! ان ويچاري تو جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟“

وڏن ڏندن واري مٺان کي سريلن ڏندن واري متيءَ جي پٽڻيءَ تي جهٻو آيو ۽ هوءَ اکين کي وڌيڪ چونچو ڪري کلڻ لڳي.

”توکي ڇو ٿو سيڪ لڳي؟“

”مرين! پرائي پُٽ کي پاراتا ڏيڻ چڱو آهي ڇا؟ تون به ٻچن واري آهئين.“

شڪي ڪاڪي متيءَ جي ڪنڌ ڌوڻ، ٿوري ٿوري مرڪ، شڪي لفظن، ”هائو، هائو.“ ”برابر، برابر“ مٺان کي سڀڪجهه اوڳاڇڻ تي مجبور ڪري وڌو ۽ ڪاڪي متيءَ کي پٽ جو سونهن کڻائي ماٺ ڪرايئن. تنهن ڏينهن کان وٺي ڪاڪي متي ماڻهن جي منهن تي استاد شمس کي ”شموڙو“ بدران، ”ادا شمس“ چوندي هئي.

پاڙي ۾ ڪاڪي متيءَ کي ڪار زباني ان ڪري چيو ويندو هو جو هو ڇتي ناظرو هوندي هئي. عَلو وارن جي ٽيهاڻ به ڪاڪي متيءَ نظر هڻي ماري هئي. مکڻان وارن جو گڏهه به هن جي نظر جي ور چڙهي ويو هو. حاجياڻيءَ جي گابي لاءِ رڳو چيائين، ”مَچي مَچي گڏهي ٿي آهي“، ته ڪاتي به ڪونه رسي.

ڪنهن ٻاڙ کي پيٽ ۾ سور پوي يا ڪا ٻڪري گوار وگهي آڦرجي، جهٽ ۾ کانئس لوڻ پڙهائي ڪارو سڳو وٽايو ويندو هو، پڙهيل لوڻ گهوري ٽانڊي ۾ وجهڻ کان پوءِ به ڪنهن کي فرحت ڪونه ٿيندي هئي ته قدرت جو لکيو ليکبو هو ۽ چڱڀلائي ٿيندي هئي ته مايون چونديون هيون، ”متي نظر واري آهي.“

جڏهن ننڍڙي هئي ۽ رڳو ماڻس سڄي نالي مَتل سان سڏيندي هئي ته اهڙي بدافعالي ٻالي ڀولي هوندي هئي جو وٽو هيٺان جهلي ڪنهن کي پاڻي کڻي ڏئي ته به ماڻهو نه پيئي. پيراڻو- جنهن جي زال اٺ سال اڳ ٽي بي ۾ مئي ئي، کيس ڏيج ۾ ڏنل ڪُڙڪون، بولي ۽ ساٽيون ٻن سالن ۾ وڪڻي ڪُرٽي ويو هو. پوءِ مرهياتي آسيت جي نالي ڪيل سڀ پهرو وڪڻي، کائي، ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙو دڪان ڪڍيو هئائين، تنهن به هڪڙي دفعي هيءَ، مٿي اگهاڙي جهنڊولن وارن ۾ مٽي پيل، گگون وهندڙ، زبان نڪتل، هٿ گپ سان ڀريل متي ڏٺي ۽ متيءَ جي پڪي، کهياتي، ڳوري، سامهون ويٺل ماءُ ڌياڻيءَ کي ڀوڳن مان چيو ”خدا جي قدرت! هيءَ به چري ڪنهن جي مٿي ۾ لڳندي.“ پيراڻو گهڻو ڪري ڌياڻيءَ سان ڀوڳ ڪندو رهندو هو.

”ائين نه چئو منهنجي مومل کي- پيرو!“

”تنهنجو ته انگ ئي ڪونه اٿس منجهه.“ پيراڻي چيو.

”وئي ڦڦيس ڇڪي نه ته پڻس به مرهياتو اهڙو ڪارو ته ڪونه هوندو هو.“ ڌڃاڻيءَ چيو.

پوءِ وري لکئي جا ليک اهڙا ٿيا جو پيراڻي جي پوريل گهر کي اُپٽڻ لاءِ ڀيڻس پنهنجي سڌن جهڙي مارئي، ڌڃاڻي جي نڀاڳي پٽ کي ڏئي پيراڻي لاءِ اها متل ورتائين ۽ پيراڻي جيڏي ڌڃاڻي پيراڻي جي سس بنجي وئي ۽ ڪِڇري، پڇياڙي ننڍي نيٽي متل پيراڻي جي اڇن پيل مٿي ۾ لڳي وئي. وهانءُ کان پوءِ ته پيراڻي جا ڀرون، بنجهڻ به ٻُٽا ڏئي اڇا ٿيڻ لڳا ۽ همراهه ٻگلو ٿيڻ لڳو. ڪاڪي متيءَ جي اڳيان پيراڻو سندس سهري رحيم کان به وڏو پيو لڳندو هو. مرهياتيءَ آسيت بي اولاد جهان ڇڏيو ۽ ڪاڪي متي اها ڪسر پوري ڪري ڇڏي. هڪڙو، ٻيو، ٽيو، ائين انگ اچي ڏهن کان ٽپيو. ڪاڪي پيراڻي کي وري ٻار بند ڪرائڻ جو چئه ته کڻي ايوب بادشاهه جي زماني جو ذڪر شروع ڪندو- ”بابا، ماڻهن ڦٽ- ڦٽئي جو آواز ٻڌو ناهي ته ڪماندن ۾ لِڪا ناهن. هي سومار ههڙو ڌنڱ مڙس آهي. انهيءَ جيپ اوطاق تي بيٺل ڏٺي ته مڙس اهڙي لُوهه ڪري ڀڳو جو بان واري موري ئي ٽپي ويو. پوءِ ڪاڪو پيراڻو کوڙ سارا مثال ڏيندي چوندو هو –”چريا! رب جي جوڙ آهي، هو الائي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي آهي- اهڙو ڪو گناهه کڻبو ڇا؟“

ٻار به هڙئي ڪاڪي پيراڻي تي ويا. ڳورا، ڀورا، ٿلها، ٿنڀرا. ٻه ٽي ڇوڪرا ته سندس جهڙا شيرا به هوندا هئا ۽ ڏاڏي شڪر ڪندي هئي.

”امان الله ڪيو ناناڻن تي ڪونه ويا.“

ڪاڪي متي ٻار ڄڻڻ جي وري دلير! ڏاڏي اچي پيريءَ کي پهتي، سو ڪا اهڙي مائياڻي ڳالهه ڪرڻ مهل به هيڏانهن هوڏانهن لوڻو ڪونه هڻندي هئي.

”امان! الائي ڪيڏيءَ مهل مائيءَ کي سور ٿيا جو ماٺ ماٺ ڪري رڌڻي ۾ وڃي سمهي رهي. ڪنجهڪو ٿيو ته اٿيس، پر رات جو آءٌ رن انڌي، جيسين پوڙهي ويچاريءَ کي سڏ ڪري اچان، تيسين اچي ڏسان ٻارڙو پڌرو پيو آهي- منهنجي ويچاري ننُهن اهو چوٿون ٻار بنان دائيءَ جي ڄڻيو آهي.“

هن جي اک ڦرندڙ هوندي هئي. ڳوٺ جي هر مائيءَ جي الف کان ي تائين خبر هوندي هئس. هر ڪنهن تي سندس اک ٽِڪ ٻَڌيو بيٺي هوندي هئي.

عجت سان جڏهن سومار ننڍي پئي ڳالهايو ته پريان مَ ٺري متي بيٺي هئي.

همير جڏهن سَميءَ کي چوڙيون پئي ڏنيون، تڏهن به متي چونڪيءَ جي جاري مان ڏسي ورتو هو. ڪپهه چونڊيندڙ کَتوءَ وٽ جڏهن قاسو ڪاڙهي تتي جو ماڻهن کان اک بچائيندي لِڪي لِڪي ويو، تڏهن به متيءَ پنهنجي ٽوڙائي ويل گابيءَ کي وارڻ لاءِ ايڏانهن وئي ۽ نپٽي ٻنهي جي مٿان اچي ٻنيءَ تي ڪڙڪي هئي.

حسين مواليءَ کي ماڳهين ذري گهٽ مار ٿي ڪڍئين، پر ڇوري پيرن تي ڪري جان بخشي ڪرائي. ڇورو سوڍيءَ سان ملڻ لاءِ لوڙهو ٽپي اچي پُوئي ۾ بيهي رهيو. ڪاڪي مَتي به ڪاڙهي تتي جو ٻير چُونڊيندي پوئي ۾ ويهڻ ٿي وئي. حُسين موالي جو لونگهي مان ڪاڪي مَتيءَ کي هيڏانهن ايندي ڏٺو ته کڻي ڀت ٽپيو، پَر ڪاڪي مَتي لوه ڪري ڇوري جي مُرئي ۾ اهڙو ته هٿ وڌو جو سُڪ ٿي ويو. بي طاقتو چرسي ڦهه اچي هيٺ چڪ ۾ ڪِريو. ڪاڪي مَتي ڀونڊو گهروڙي کڻي منهن تي رکيس، واڌو ڪَچيون گاريون ڏئي سڀ سَچيون ڪرائي کڻي هٿ ڪڍيا. هيڏي ساري ڳالهه کي به هُن راڳو ڏئي ڇڏيو پر شام جو گهيڙ تي رڳو سوڍيءَ کي سڻائي ڏنائين: ”اَئي سوڍي! اٿئي ڪا تنهنجي سَتور جي خبر؟“

”ڇو اچي ککي تي هئين مرين!“

”آءٌ ککي تي گهوريس، پر تو واري موالي کي ته پُوئيءَ ۾ اهڙو سُڪ ڪيو هوم جو وڃي خبرون وٺينس.“ سوڍيءَ جا ٺپ ئي ٺري ويا. اهو ڏينهن دنگ، سوڍيءَ وٽ مَتيءَ لاءِ محبت کنڀڙاٽيون سوري اڏامي وئي. ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي ڄڻن جي وچ ۾ ڏند چڪ ٿيندي هئي پر مجال جو مَتي کيس پاڙي ۾ پَڌرو ڪري. سڀئي ساڻس وڙهنديون هُيون. مَتي سڀ گاريون جائز سمجهي مقابلو ڪندي هُئي، پر ڪنهن تان ڪڏهن به ڪپڙو ڪونه کنيائين. پاڻ وري پنهنجي مُڙس جون صبح کان شام تائين ٽي سو سٺ گاريون جهليندي هئي پر جهڙو کيس منهن ۾ زبان ئي ڪونه هئي.

مُڙس تيز ڏاڙهڻون. هُن کي گار، هِن کي ڀونڊو. ٻارن تي رعب دٻدٻو، ڀاڻيجيون ڀاڻيجا سڀ دڙڪي سان ڏڪيو وڃن. اهڙي وٺي رنڀ ڪندو جو اڳئين جي سُٿڻ پُسي وڃي. اهڙي مڙس کي جي زال جهڙي گگدام شئي ملي ته ڇا کپي؟ پر همراهه تڏهن به مٿس ڪڏهن چنبو اُڀو نه ڪيو ۽ نه ئي وري بي شرمي کانسواءِ ڳالهايائين. ڪاڪي مَتي، جنهن کي پاڙي وارن کان چڙ ٿي پوندي هئي، تنهن ۾ مڙس لاءِ ذري به ڪاوڙ ڪونه هوندي هُئي.

جي ڪير ويڙهه ۾ کانئس گوءِ کڻي ويندو هو ۽ پُڄي ڪونه سگهندي هئي ته وٺي قرآن جا وڏا وڏا قسم کڻندي. ٻُونداڙ ڪندي، ڇاتي ڪُٽي، مَٿو پٽي پار ڪڍي روئندي هُئي ۽ ٻه ڏينهن مانيءَ کي هٿ ڪونه لاهيندي هئي. لنگهڻ سمهي رهندي هئي.

ٻار گهڻا، سو هٿ جي اهڙي ڇُڙي ٿي پئي جو جنهن کي ايندو هو تنهن کي ٺڪاءُ ڪرائيندي هئي. هڪڙي دفعي ڇيلو رڌڻي ۾ گهڙيو. اٽي جي تس ۾ جيئن ئي منهن وڌائين ته لِڪي لِڪي ڏسندڙ ڪاڪي مَتي هٿ ۾ جهليل مُهرلي جا مغز ۾ اهڙا ته ڌڪ وهايائين، جو اُضحي تائين ڇيلي کي چڪر پيا ايندا هئا ۽ ڪِلي تي ڪِري پوندو هو.

ٻئي دفعي پَٺ اوٽي تي پيل گاهه ۾ منهن وڌو ته گرڻ کڻي پير ۾ اهڙي چٽيائين جو اتي جو اُتي پٺ منڊي ٿي پئي.

ڳوٺ جا ماڻهو ڪاڪي مَتيءَ کي گس تان ايندي ڏسندا هئا ته ٻه ايڪڙ ڇڊو ٿي لنگهندا هئا.

”ابا غيبات پئي اچنئان.“

”ڇورا! پيراڻي وارو جِن به گڏ اٿن، هٽو.“

”ڇورا! ڍرو ٿي، متان وجهنئي نه جاوءَ جيئن ڀَنجهُو مَٿيءَ ۾.“

جانو ڏندري جيڪو کُسرو به هو ۽ شيرو به، تنهن رکي هُئي عَلو مُڇر سان شرط.

”علَو ٻيلي ائين ٿا چئو، باقي مائي ۾ هُون به ڪي ڪينهي.“ جانوءَ ڏندري کلندي چيو.

”اڙي پوءِ توکي ڪنهن جهليو، پر گُلو کان پڇي پوءِ وڃجئين، ستن پُرين کان وٺي ٿي.“

”گلو ته آهي پال جو پڪل. جنهن کي آئين جِن ٿا چئو نه، تنهن کي ڪنهن مُڙس جا هٿ ڪينهن لڳا. زال ذات سنوت نه ڏئي مون کي ته ڳالهه انگ ئي ڪونه ٿي لڳي.“

”ٺهيو، اسين سڀ مَڄُو، تون مڙُس آهين نه، ته وڃي آزمائي ڏسينس. مهمان ٿئين ته مڙئي خير آهي.“

”ائين ڪو ڦوڙ ڪونهي کاڌي جو اَجائي پيا کوٽ ڦٽائي ڪريون. مائي پنهنجي ماءُ ٿئي، پر آزمائي ڏسڻي آهي سو شرط ته لڳي نه؟“ جانوءَ کلندي چيو.

”خير شرط ته هڻنداسين، به، پر چئون ٿا ان ڳالهه تان اڃان به لهي وڃ. مائي جُتي به ڪونه پائڻ ڏيندي- ٻُڌءَ.“

”تڏهن ته چوان ٿو، ڪارا ڪارآن واري ڳالهه سچي ٿئي. اسين مفت ۾ مٿو ڪچو ڪرائي وجهون پوءِ.“

نيٺ شرط لڳي. هاڻوڪي سائي سومار تي شرط کٽڻ جي صورت ۾ خرچ علو ڀريندو ۽ هارائڻ جي صورت ۾ جانو ڀريندو. ٻه ٽي صلاحي، هڪڙو اڌ امين. شام لٿي، جانو پار پتا بڇيا، خبر پئي مائي هار وير لاءِ پاڻي تلاءَ تان ڀري ٿي. باقي پيئڻ لاءِ وڏي واٽر تان ٻه ٽي چڪر ڏئي ٿي.

تلاءُ گهرن کان ڏکڻ پاسي ٿورڙي پنڌ تي هو ۽ اوطاق تلاءَ کان الهندي پاسي هئي. اوطاق تان واٽ نڪري اچي تلاءَ جي ڏاکڻين ڪپ کان ٿورو هٽي وڏي واٽر جي ڪپ تي وڃي دنگ ڪندي هئي. پيراڻي واري پاڙي سان واٽ نڪرندي اچي تلاءَ جي اترئين ڪپ تي کٽندي هئي.

ٻن ٽن مڙسن جون اکيون انهيءَ واٽ تي کُتل هيون. ڪاڪي مَتي جيئن ئي ٽي گهڙا کڻي گهٽيءَ کان ٻاهر نڪتي ته علو جانوءَ کي اک ڀڳي ”هل پُٽ! ڏينس وڃي ڏاڙهي هٿ ۾.“

نئين گوڏ مٿان ڦڪي ريشمي قميص پاتل جانو شڪي مُرڪ مُرڪيو ۽ ٽوال ڪلهي تي رکي وري وڏو ٽهڪ ڏنائين. سڀني مڙسن جي چپن تي مُرڪ ۽ ٽهڪ وري آيا.

”هاڻي وڃ ته پڳي خبرون آهن.“ لکو چيس.

”خير، علو ته پئسا ڪڍي رکي، ڇورا قيوم ۽ پرو شاهد ته ٿجو. جالوءَ علو کي ڏسندي چيو ۽ وڏي واٽر واري واٽ تي پيرن جا نشان چتڻ لڳو. ڪاڪي متي به اچي تلاءَ جي ويجهو پڳي. ڪپ تي ويهي هڪڙو گهڙو ٻوڙيائين ته جانوءَ به سامهون پهچي کڻي وک ڍري ڪئي ۽ کنگهڪار ڪري سائو هٿ کڻي نرڙ کنگهڻ لڳو. ڪاڪي متي اک ٽيٽ ڪري ڏٺو پر جانو ليکي اڃان کيس ڪونه ڏٺو اٿس. هُن جي وک ويتر ڍري ٿي ۽ وري ڪجهه زور سان کنگهڪار ڪري ساڳي هٿ سان ساڄي اک جو ڀرون کنهڻ لڳو. پر هي ڌڪ به ويو گسي. ڪاڪي متي ڪونه ڪُڇي. جانوءَ هلڪي آواز ۾ جهونگارڻ لڳو.

”واٽ ويندي اک کڻي مٺڙا نهارڻ کان به وئين، مهرباني ٻي ڇُٽي پر منهن ڏيکارڻ کان به وئين.“ ڪاڪي متي گهڙي مان اُتي ئي هٿ ڪڍيو ۽ اٿي بيهي رهي.

”وڃي ماڻهين کي منهن ڏيکار. بي شرمان، نراڙ تي ناسور ٿيو اٿئي ڇا؟“

”اَمان جيجان آءٌ ته پنڌ جو گس وٺيو پيو وڃان.“

”گس جا سَڪا، هي ته وٺ منهن تي پنج نما شام جو.“ ڪاڪي مَتي جي ڀونڊي ڏيڻ تي پريان اوطاق ۾ ويٺل مُڙسن ۾ کلڪڙو مچي ويو.

”اڙي ڪارا! پريان لقاءُ ته ڏسو.“ لکو ڪپهه توريندو مڙسن کي چيو. ڪاڪي متي جو آواز اوطاق تائين چٽو ٻڌڻ ۾ پئي آيو...

”لت ڏئي چيري چوڏهن ٽڪر ڪري لوڙهي تي نه سڪايم ته مون جو پيءُ ٿيو آهئين، مُئا ڏندرا.“

”مائي، مون کي سڃاڻين نه ٿي ڇا؟“ جانو تي اڃان اثر گهٽ پئي ٿيو.

”ها! ها آءٌ تنهنجي ماءُ ڪوئنريءَ کي به سڃاڻان ته جوڻهين مريءَ کي به. مُئا ڪو ڪارو نانگ کائينئي، ڪوڙهيو ٿئين. راڄ ۾ ڪنهن نياڻي سياڻي جو شرم حيا ٿئي ڪونه ٿو. لاهيو پاهيو پيا هَلو، هي ته جهَل تنهنجين ستن پُرين تي.“ ڪاڪي مَتي هن ڀيري ٻنهي هٿن سان ڀونڊا جانوءَ جي سامهون ڪيا ۽ اوطاق تان ڪا ٽوڪائتي هڪل ٿي.

”هڙئي بي شرما اچي هن ڳوٺ ۾ مُئا آهن. لخ... هجي“ ڪاڪي مَتي جي لعنت جي چُنگي علو، مَمون، قيوم، ڀرو ۽ ٻين تائين وڃي پهتي.

”مائي اهڙي ته موچاري به ڪونه آهئين. مون ته ائين ئي ڪلام پئي ڳايو، نه ته تو لاءِ...“

”وڃي ڪلام ماڻهين کي ٻڌاءِ.“ جانو ڪنڌ هيٺ ڪري وڏي واٽر طرف هليو ويو، پر ڪاڪي مَتي پويان به سَت سُريون سڻائيندي رهيس.

”ڏٻي مينهن جي سڱن جيئن مُڇون لڙڪائي اچي بيهي رهيو آهي. راضي شاهه گهوٽ ڪو ڪنڌ ڀڃي. ڏاڙهي پَٽي گوڏ ۾ وجهنديسئين اهڙي، جو ماڻهين کي پيو سڏ ڪندين.“

هو هڪڙو گهڙو وساري هڪڙو ڪڇ ۾ وجهي هلندي بيهندي گاريون ڏيندي اچي اوٽي تي پُڳي.

شام جو گم ٿيل جانو رات جو دير سان کلندي سلام ورائيندي اچي ڪچهريءَ ۾ پهتو.

”ابا ڏي خبر! مٿو پڪو آهي يا نه؟“

”ڪيئن ڄُنڊا بچيا؟ خير پٽڪو لٿو عزت ته بچي نه.“ ڪچهريءَ ۾ کل ڇُڙي پئي.

”تو وارو تر ڪونهي جو مائِي ڪچي ڌاڳي ۾ پئي پويان اچي.“ هر ڪنهن جي پنهنجي ٽوڪ ۽ پنهنجي راءِ هُئي. جانو به ڪڇيو.

”ٻيلي وڃ! بابا مائي ته ڪنڊي جي ماکي آهي، خدائي سونهن، هڪڙو ڪوجهي ٻيو وات جي اهڙي اگلي ۽ ڇتي جو يا ڄمار زاد ڪبي. سچئين ههڙي ککر مائي ڪونه ڏٺي سون.“

”ڪيئن پُٽ! جهل دَٻَ.“

ڪاڪي مَتي بيماري سيماري جي به چيڙهي. تپ ۾ جُسو جهليو پيو هجي، پر نه ٽِڪي کائڻي آهي نه سُمهي ڦوڪارو کائڻو آهي، بسَ ڪرڻو آهي ته ڪم ڪرڻو آهي.

”ائي مَتي اِسپرو کائي ڊُٻَ ڪر ته تپ ڇڏينئه“ حنيفان چوندي هئس، جنهن کي هڪڙو ئي جواب ملندو هو ”پاڻهي ڇڏيندو“ ۽ هوءَ داٻڙي تي رکيل ڪپڙن کي وري ڌڪيون هڻڻ شروع ڪندي هئي. هڪ دفعو اڌ رنگ ٿيس، مائي جا چُوڻا هئا جو مرندي بچي وئي، پر تپ سندس پويان هٿ ڌوئي پيو هو. مڃڻ واري ڪاڪي مَتي ڪونه، ڇڏڻ واتو تپ ڪونه.

ڪاڙهو تتو پيو هجي. ڳيري جي پئي اک نڪري ته دِلا ۽ مَٽَ کڻي مٿي تي رکيائين. مٽن جو ٻيلهڙو ۽ ڪڇ ۾ جنڊي جو گهڙو کڻي اچي جيئن وري اوٽي تي پڳي ته عش ٿي ڪري پئي. پاڻي جا ڇنڊا هنيائون، ونجهڻي سان واءُ هڻندي ٻٻر هيٺ کٽ تي سمهاريئون. ڪو ڇوڪرو ڊوڙي هٽ تي ويو.

”ماما! او ماما! ماميءَ کي ڇا ٿيو آهي.“

”ڪهڙو ٿو وري موت اچيس،“ پيراڻي وکر توريندي چيو.

”او مٿان ٿي ڪري پئي آهي.“ ڇوڪري چيس.

”ها! ها! ان کي ته آهي مرڻو. بي شرمي کي پنجن ڇهن ڏينهن کان تپ آهي، پر ڪُهانس گوري ئي نٿي وٺي.“

هُو هٽ تي گراهڪ ويٺل ڇڏي تکو تکو گهر ڏانهن وريو. پيراڻي نوض تي هٿ رکيو. ڪاڪي متي غش هئي، نوض هلي پئي.

”واءُ ٻاءُ هڻو ته هونش ۾ اچي. جي آئي ته واهه نه ته اسانجي قسمت! پيراڻي سدا واري بخيلي مان چيو.

”اَي ادا! ڇوريءَ کي ته مهينن کان کنگهه کڻيو بيٺي هوندي هئي. مون ته ڏهه دفعا کيس کنگهه گهٽيندي ڏٺو هو.“ جَميءَ چيو.

”ها ها، هي پاڻ ته مرندي پر اسان جو سِر به وڃائيندي. هاڻي ڪهڙي خبر ته موت پويس جا ڦڦڙ لڳي ويا هجن ته؟“ هُن ڇوڪريءَ کي رکائيءَ مان چانهه ڪاڙهڻ لاءِ چيو.

انهيءَ رات دير تائين هوش ۾ آيل کٽ تي پيل ڪاڪي مَتي کي پيراڻو گاريون ڏيندو رهيو ۽ ٻئي ڏينهان گُرڙي ڊاڪٽر وٽ ويا. گرڙو ڊاڪٽر تر جو ڏاهو ڊاڪٽر ان ڪري هو جو مريض کي هڪڙي سُئي هڻي اٺ ڪور چڱو ڀلو ڪري ڇڏيندو هو.

ڊاڪٽر ٻڌايو ته مائيءَ جا ڦڦڙ لڳل آهن. ماڻهن کيس ڏس ڏنو ته ڀيمراج، گرڙي کان به وڏو ڊاڪٽر آهي. ڪاڪي مَتي کي ڊاڪٽر ڀيمراج وٽ به ڏيکاريو ويو، جنهن فوٽو ڪڍي ٻڌايو ته مائي کي بيماري گهڻو کائي وئي آهي. علاج ڊگهو هلندو. ڪِري سخت ڪرڻي پوندي. پهرين ڌڪ ۾ ڪاڪي مَتيءَ جي علاج ۽ دوائن جو مڙس کي ٽن سَون جو ڌڪ لڳو ۽ هُو سڄي واٽ کيس گاريون ڏيندي گهر وٺي آيو.

”بي شرمن جو ڪيڙ آهي نه.“

”توکي نانگ کاڌو هو، جي اڳ ۾ ڦاٽين ها ته مون کي موت ٿو اچي.“

”هاڻي ڀينگ ڪري پوءِ مرجئين، اسان کي سولو ٽڪر متان کائڻ ڏجئين.“

ڪاڪي مَتيءَ لاءِ اهڙي بيماري هوندي به منجو جهلڻ مهڻو هو. علاج ٿئي يا نه ڪم ته ڪرڻو آهي. اهي ٻيلهڙا، اهي مٽي جا دڙا، اهي راڳا ليپا، اُهي سانڃڻون، اکين مان اُلا پيا نڪرندا هئا ۽ ڳري ڳري ڪنڊا ٿيڻ لڳي. ٻرندڙ بت ڪڏهن ڪڏهن ڪِنجهائي ڇڏيندو هوس، علاج به گهٽجڻ لڳس. ڊاڪٽرن جون دانهون ته مائي دوا ڪونه ٿي کائي يا ڪِري ڪونه ٿي ڪري. سنڀاليو، نه ته اوچتو ٺڪاءُ ڏيندي. مَهانگي ڊاڪٽر کي ڇڏي وري سهانگي ڊاڪٽر گرڙي کان علاج شروع ڪيو ويو. جنهن ماڻا ساڻا ڪري ميارون ڏئي علاج شروع ڪيو.

اُن ڏينهن گاهه تي وئي. برسيم جي ڀري ٻڌي، ساران، حَلو ۽ بيگي کي سڏ ڪيائين. ٽنهي ڄڻن سَڄو زور لاهي ڀري مٿي تي رکائي. هوءَ ٻه پَل ٽپي اچي ٻير واري ٻني تي پُڳي. گهٽي تائين پهتي پر جيئن ڀري اچي گابي اڳيان اڇلايائين ته اُڇل سان اُبتي ٿي وڃي ڪِري.

ماسيءَ ڇتان ڊوڙ ڪئي. ڇاتيءَ تي ڪن رکي نوَض ڏٺائين. پُوريل اک جو پَڏر مٿي ڪري اوڇنگار ڏنائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com