سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :20

ادب لطيف

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا

تون مون کي ڌڪارين ٿي، مگر مان ان جي عيوض توکي چاهيان ٿو.

تون منهنجي سپني جي دنيا ڊاهين ٿي، مان ور ور ڪري ان کي ٺاهيان ٿو. انهيءَ راند ۾ مون کي تولاءِ نفرت ٿورئي پيدا ٿي ٿئي؟

ديوتا! پوڄا جو لائق، هڪَ دَم ڌڪارَ جو حقدار ٿيو. اهو انعام کيس مليو. دوکو ته نه مون ڏنو. نه مون ڪو اصراري اقرار ڪيو هو. توسان، جنهن جي پوئواري نه ڪرڻ ڪري هي انعام مون کي مليو.

تون سمجهين ٿي ته مان تنهنجي حسن جو پوڄاري هوس، تون ڀليل آهين. تو وٽ حسن هو ڪٿي.

تون سمجهين ٿي ته مان تنهنجي ناز جو اياز هوس، تون مغرويءَ جي مگهه ۾ آهين.

تون سمجهين ٿي ته تون مون کان سيرت ۾ سرس هئين. تون اڀمان ۾ آهين، مان ته خبر نه آهي ڪهڙي منوهر تي موهت ٿيس، جنهن محبوبي مَڌَ پياري ڪلا جو ڪلاڪار بنايو.

ديوتا، ديوتا جي پوڄا ڇو ڪري؟ ديوتا پاڻ جڏهن حسد جي ضرورت ۾ رهي ٿو. تڏهن ٻين ديوتائن جو سهڪار ٿو وٺي! اهو سهڪار، اهو آڌارو مون ورتو، جڏهن ڪلا سان مون راند شروع ڪئي مس هئي. مون کي پنهنجي قلم ۽ ڪلاڪاري جي دنيا جو فخر هو، مون کي اهو ضرور هو ته حسن جي دنيا ۾ تون پوڄن يوڳ آهين! وقت گذريو، سال گذريا، مون سمجهيو ته تو ڌاران منهنجي دنيا بدلجي پوندي. نه ته رنگ ساري ويس کي لڳي ويو.

جِت ڪِٿ ويس به تون پوءِ به مان تنهنجي پويان ڦران.

تون مون وٽ پوءِ ڪيئن چوان تون ڌڪارين ٿي.

پيار جي اها وار آهي، اها ڌار آهي، جنهن تي جيو چڙهي ڦلواڙيءَ انت جو ديدار ڪري سگهي. ڪلا تنهنجي آهي يا ڪلاڪار جي. هيءَ رنِگت تنهنجي آهي ڪي منهنجي!

تنهنجي نينهن نظر مان نفرت جي اُڇل اچي ته آءٌ ڪو ائين وسهندس ڪيئن ته ان ۾ نينهن جو نشو نه هوندو؟

امبرت ڪو ڪڏهن وشُ جي واسَ ڏئي؟

تون مگهن ڪري مون کي هاڻ مون کي ان مستي لٽڻ ٿي گهرين ڪيئن؟ منهنجي ڦلواڙي ڦٽائي هاڻ سرهاڻ سائي زمين ۾ ڇٽڻ ٿي گهرين ڪيئن؟

وَس واري آهين. منهنجي نَس نَس ۾ هاڻ ويهي ويئي آهي وڻڪار تنهنجي ولايت جي؟

عتاب جي نه کڻي تنهنجي منهن ۾ اڇلايا. لڱ نه کڻي تو منهنجن ٽانڊن سان جلايا ته به مان ائين توکي چوندس ڇا ته تون ائين ڇو ٿي ڪرين.

اک کڻي تون منهنجي دل روشن ڪرڻ آئين، آگ کڻي تون واپس وڃڻ جي ٿي ڪرين.

مگر مون ته آگ تنهنجي مان بنايو آهي نقش تنهنجو، جنهن ۾ جلوو تنهنجو پي مان زندهه دل رهندو اچان؟

رند تنهنجي راڻي آءٌ سمجهان ئي ڪين ٿو. مون کي يقين هو ته تون جٽاءُ ڪندين. ڪڪر جي رودن جيان. آسمان جي سرودن جيان تون ساز سنڀاري سفر تي هلي ويندينءَ ڪين!

وسيهه هوم، اڀمان هيم!!

تون اوچي ڳاٽ هلندي هلينءَ، سڀني اڳيان منهنجو سر نيچو ڪري، تون سمجهندي رهين ته تو سورهيائي ڪئي.

حسن ناز لک ٿو ڪري، مگر مسڪين نياز ڀريون اکيون کڻي نهارڻ جي همت به نه ٿو رکي سگهي.

ڪڏهن ڪڏهن سو اکيون لڪي لڪي لياڪا پائينديون رهن، مگر چٽُ سندن ڪو جٽاوَ وارو ٿي ڇا؟

تينُ تلاتين جي تون هلائين، تنهن مان ته مون کي وسهڻ ۾ ائين ٿو اچي ته بهادر آهين.

بهادرن جو اهو وَڙ ته نه آهي جو غريبن کي گهائجي! پريم شڪار جو شوق نٿو رکي. پريم چڱو نٿو چکي، مگر آنند انهيءَ ۾ ٿو رهي ته سندس سرهاڻ مست ڪري رهي آهي، کيس ئي جو وسَ ۾ ٿو وسي! (1951ع ۾ لکيل)

 

ـــــــ

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com