سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :37

استاد بخاريءَ جي علالت

خبر- استاد بخاري ٻيهر اسپتال داخل

ڪراچي (هلال رپورٽ) سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب ۽ دانشور استاد بخاريءَ کي ڪلهه هتي وري جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. استاد جي پتي جو آپريشن گذريل مارچ ۾ ٿيو هو، جڏهن ته 1 آڪٽوبر تي ميڊيڪيئر ۾ ٻيو ڀيرو آپريشن ڪري ساڳي جاءِ تي پيدا ٿيل ٽيومر هٽايو ويو، جنهن کان پوءِ پيدا ٿيل نين پيچيدگين سبب پروفيسر ڊاڪٽر منظور زيدي ابتدائي چڪاسن کان پوءِ کيس اسپيشل وارڊ جي ڪمري 33 ۾ داخل ڪيو آهي. ياد رهي ته استاد جي بڪين جو به آپريشن ٿيڻو آهي. هوڏانهن سنڌي ادبي حلقن استاد جي صحت تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪري حڪومت کان علاج لاءِ تڪڙن اپائن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي.

(روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي 12-10-89ع)

اداريه - استاد خباري جو سرڪاري طرح علاج ڪرايو وڃي

سنڌ جي نامياري شاعر، اديب ۽ تعليمي ماهر سيد احمد شاهه ’استاد‘ بخاري کي علاج لاءِ جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. کيس پهرين آڪٽوبر تي دادوءَ کان ڪراچيءَ آندو ويو هو ۽ ميڊيڪيئر اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي سندس پتي جو آپريشن ڪري، رسوڙي ڪڍي ويئي هئي، پر ان کان پوءِ سندس طبيعت ۾ پيچيدگي پيدا ٿيڻ سبب کيس جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته هن جي بڪين جو به آپريشن ٿيڻو آهي. ’استاد بخاري‘ جي هن علالت سبب سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تعليمي حلقن ۾ تشويش ۽ ڳڻتي پيدا ٿيڻ هڪ فطري ڳالهه آهي. صوبي جي هنن سڀني حلقن طرفان اها گهر ڪئي پئي وڃي ته ’استاد‘ بخاري جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ۽ جيڪڏهن ضرورت هجي ته کيس ملڪ کان ٻاهر علاج لاءِ موڪليو وڃي.

استاد بخاري علم، ادب ۽ تعليمي ميدانن ۾ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، سي وسارڻ جهڙيون ناهن. هن غريب ۽ نادار اديب، شاعر ۽ تعليمي ماهر پنهنجي ساري ڄمار ان خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي ۽ سنڌ جو عوام هن جي انهن خدمتن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ان جي خواهش آهي ته هن قابل احترام شخصيت جي صحتيابيءَ لاءِ حڪومت کي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي، جيڪو ان جي وس ۾ آهي. حڪومت ههڙن موقعن تي هميشه فراخدليءَ ۽ حقيقت پسنديءَ جو مظاهرو ڪندي آئي آهي ۽ ان ڪيترن ئي اديبن، شاعرن، دانشورن مختلف شعبن ۾ مهارت رکندڙن ۽ فنڪارن وغيره جو سرڪاري خرچ تي علاج پئي ڪرايو آهي ۽ ڪيترن ماڻهن کي علاج لاءِ ٻاهر موڪليو آهي. جيڪڏهن استاد بخاريءَ لاءِ به حڪومت اهڙو قدم کنيو ته اها بلڪل حق بجانب ٿيندي ۽ استاد بخاري ان جو مستحق به آهي. اسان کي اميد آهي ته صوبائي حڪومت ترت هن معاملي تي همدرديءَ سان غور ڪري، صوبي جي عوام جي امنگن ۽ خواهشن جو احترام ڪندي، استاد بخاري جي علاج بابت عوام جي مطالبي کي مان ڏيندي ۽ استاد بخاريءَ جي جلد صحتيابيءَ لاءِ گڏيل قدم کڻندي.

(روزنامه ”عبرت“، حيدرآباد. 13-10 89ع)

جمال ابڙي جي علاج بابت اديبن جو مطالبو

 

جمال ابڙي کي ترت علاج لاءِ ٻاهر موڪليو وڃي وڏي وزير ۽ ثقافت کاتي کي سنڌي ادبي سنگت جي اپيل

 

ڪراچي (هلال رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ هنگامي پريس بيان ذريعي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ثقافت کاتي جو ڌيان مشهور سنڌي ڪهاڻيڪار ۽ دانشور جناب جمال ابڙي جي ڳڻتي جوڳي صحت طرف ڇڪائي اپيل ڪئي آهي ته کيس علاج لاءِ بنا دير پرڏيهه اماڻيو وڃي. سنگت ڄاڻايو آهي ته دل جي تازي شديد دوري پوڻ کان پوءِ ماهر ڊاڪٽرن، جمال ابڙي کي فوري طور تي پرڏيهه ۾ علاج جي صلاح ڏني آهي. سنگت استاد بخاري، بدر قريشي ۽ صلاح جماليءَ جي صحت بابت به ڳڻتي ڏيکاري آهي. سنگت ڄاڻايو آهي ته اديبن جي صحت ۽ معاشي مسئلن طرف حڪومت جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ تڪڙن اپائن وٺڻ لاءِ جلد ئي دستخطي مهم هلائي ويندي. ڪراچي سنگت سنڌ سرڪار جي انهن قدمن کي ساراهيو آهي، جن هيٺ شيخ اياز ۽ خان محمد پنهور کي پرڏيهه اماڻيو ويو آهي. سنگت گهُر ڪئي ته جمهوريت دوست ۽ وطن دوست سنڌي اديبن جي حياتي بچائڻ لاءِ دير نه وڌي وڃي.

(روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي 22-10-1989ع)

 

مهربان لکندڙن کي خاص گذارش

مهراڻ جا بيشتر ڪرمفرما شاعر پنهنجو ڪلام ڪاغذ جي مختلف سائيزن تي، رف نموني سان لکي ٿا موڪلين ۽ اڪثر پنهنجي پوسٽل ائڊريس به نٿي ڄاڻائجي. هڪڙي ڪاغذ تي ٻه- ٽي ڪلام لکي موڪلڻ به معمول ۾ شامل آهي. مهربانن کي گذارش آهي ته ان قسم جي پهتل مواد سبب پڙهڻ، چونڊ، ترتيب ۾ شامل ڪرڻ ۽ پريس ڪاپي ٺاهڻ جي مرحلن ۾ ڪافي دشواري پيش اچي ٿي ۽ بعض اوقات سٺو ڪلام به درج ٿيڻ کان رهجي ٿو وڃي.

 

مهربان شاعرن کي خاص استدعا آهي ته پنهنجو ڪلام فل اسڪيپ شيٽ تي لکي موڪلين، ساڳي شيٽ تي هڪ کان وڌيڪ شعر لکڻ يا پُٺ تي لکڻ کان مڪمل پرهيز ڪجي؛ ۽ پنهنجي پوسٽل ائڊريس ڄاڻائڻ نه وسارجي.

ساڳيءَ طرح فوٽو اسٽيٽ مواد موڪلڻ کان پرهيز ڪرڻ جي گذارش ڪجي ٿي.

-                      اداره ”مهراڻ“

- مهراڻ ۾ شايع ٿيندڙ مواد، جيئن ته بنيادي طرح تحقيقي ۽ تخليقي موضوعن تي مشتمل آهي، ان ڪري اُن جي نفس مضمون جي ذميواري مهربان لکندڙن تي آهي. سندن راين کي سنڌي ادبي بورڊ جي راءِ نه سمجهڻ کپي.

- مهراڻ ۾ آيل مواد، سنڌي ادب ۽ زبان جي خدمت جي نيڪ مقصد سان ٻئي هنڌ بلاشڪ شايع ڪري سگهجي ٿو. مهراڻ جو حوالو ڏيڻ بهرحال وضعداريءَ جي تقاضا آهي.

مواد موڪلڻ جي ايڊريس:

ايڊيٽر مهراڻ

سنڌي ادبي بورڊ

ڄامشورو- پوسٽ ڪوڊ نمبر 76070

وايا حيدرآباد سنڌ. (فون نمبر 71276 ۽ 71565)

سنڌي ادبي بورڊ جي گورننگ باڊيءَ جو معزز ميمبر مخدوم جميل الزمان ”جميل“ صديقي سنڌ جي وڏي وزير جناب قائم علي شاهه جيلاني کي بورڊ جي رسالن ــــ مهراڻ ۽ گل ڦل ــــ جو سالانه خريدار بنائڻ کان پوءِ پرچن جون ڪاپيون ڏيئي رهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com