سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :31

- ڪوثر ٻرڙو

لفظن جا رانديڪا“ جو مهورت

سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر ذوالفقار سيال جي نئين ڪتاب ”لفظن جا رانديڪا“ جو مهورت، پريس ڪلب حيدرآباد ۾ 31 آگسٽ 1989ع تي وڏي آب و تاب سان ٿي گذري. ان محفل جي صدارت سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽري محترمـﮧ مهتاب اڪبر راشدي صاحبه ڪئي ۽ ڪتاب جي پڌرائي پڻ ڪئي. سنڌ جي صحت کاتي جو ائڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪامل راڄپر ان محفل ۾ مهمان خصوصي هو.

شام جو 5 بجه پريس ڪلب حيدرآباد جي سينگاريل ۽ سجايل صحن ۾ شهر جا اديب ۽ شاعر، صحافي ۽ شاگرد، علم ادب ذوق ۽ ادبي حلقن جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ جمع ٿيا. هي جسلو ناري سنگت حيدرآباد جي اهتمام سان منعقد ٿيو هو.

هن ميڙ جي ڪاروائي شنبم گل هلائي، جنهن کان پهريائين خاص مهمانن ۽ ليکڪ کي مٿي اسٽيج تي ويهڻ جي نينڍ ڏني. ان کان پوءِ تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪاروائيءَ جي شروعات ٿي، جنهن کان پوءِ بيج هڻڻ واري رسم شروع ڪئي ويئي. محترمـﮧ نذير ناز کي شمع کيبر بيج هنيو. محترمه ڊاڪٽر ڪامل راڄپر کي محترم ڊاڪٽر عبدالاحد ابڙي، محترمـﮧ مهتاب اڪبر راشدي کي محترمـﮧ سحرش ميمڻ بيج لڳايو. محترم ڊاڪٽر عبدالاحد ابڙي کي (جيڪو اعزازي مهمان هو) ذوالفقار سيال ۽ محترم ذوالفقار سيال کي محترم حبيب الله صديقي بيج هنيو.

بيج هڻڻ واري رسم کانپوءِ مس نسيم شيخ نعت پڙهي.

ان کانپوءِ ڪتاب ”لفظن جا رانديڪا“ جو مهورت ڪرايو ويو. ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، گُلن جي پَتين مان ڪتاب ڪڍيو ۽ ان کي هوا ۾ لهرايو، جنهن تي هال ۾ وجود سامعين ڪافي دير تائين تاڙيون وڄايون.

مقررين پنهنجن تقريرن ۾ ”لفظن جا رانديڪا“ کي ٻاراڻي ادب جو هڪ شاندار ۽ بهترين ڪتاب قرار ڏنو ۽ ڪتاب جي ليکڪ محترم ذوالفقار سيال کي مبارڪباد ڏني، جنهن مسلسل سنڌي نظم ۾ ٻارن لاءِ ڇهه ڪتاب لکيا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ نظم ۾ ايترا ڪتاب ٻئي ڪنهن جا به لکيل ڪونهن، ۽ واقعي اها ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي. اسان جا وڏا شاعر به ٻارن لاءِ ايترا ڪتاب ته وڏي ڳالهه آهي، ڏهه نظم به نه لکي سگهيا آهن. ان حوالي سان هيءَ شام انتهائي اهم هئي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ناميارا اديب ۽ شاعر شامل هئا، ۽ هڪ وڏي تعداد ۾ خواتين پڻ.

ڪتاب ”لفظن جا رانديڪا“ تي ڳالهائيندي، محترمـﮧ نسرين نوري چيو ته ”ذوالفقار سيال انڊلٺ رنگن ۽ رنگارنگ جذبن جو شاعر آهي. هن جي لکڻين ۾ مهراڻ جون موجون ۽ ڌرتيءَ جي خوشبوءِ آهي. سندس ڪتاب لفظن جا رانديڪا، ٻاراڻي ادب جو هڪ شاهڪار ۽ يادگار ڪتاب آهي.“

محترمـﮧ نذير ناز آيل مهمانن جو ٿورو مڃيو ۽ ناري سنگت جي ڪارڪردگي بيان ڪئي. نذير ناز چيو ته شروع ۾ ڪتاب جي مهورت جو جڏهن دعوت نامو ڇپيو ۽ مون جنهن کي به پئي ڏنو، تنهن حيراني پئي ڏيکاري، ته حيدرآباد ۾ اهڙو فنڪشن ٿيندو؟ حيدرآباد جي راتين کي مست ڪندڙ خوشبودار هوائن ۾ بارود جي بوءِ من کي منجهائي ڇڏيو آهي. اهڙي ماحول ۾ ڪتاب جي مهورت ڪرائڻ وڏي ڳالهه آهي.

نذير چيو ته ذوالفقار سيال جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي خوشبو آهي ۽ سندس ڪتاب سنڌي ادب جو بيش بها تحفو آهي. هن ڪتاب لفظن جا رانديڪا کي ٻاراڻي ادب جو هڪ حقيقي ۽ تاريخي ڪتاب چيو ۽ اهڙي ڪتاب تخليق ڪرڻ تي ذوالفقار سيال کي مبارڪ ڏني.

ڊاڪٽر نثار سولنگي چيو ته ”ذوالفقار سيال جي ٻولي انتهائي سادي آهي ۽ نج پڻ، جنهن کي هر ڪو ٻار سولائيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. ڪتاب لفظن جا رانديڪا ٻاراڻي ادب جو بهترين شاهڪار آهي. مان پنهنجي اديبن کي گذارش ڪندس ته هو ويهين صديءَ جي ضرورتن کي پورو ڪندي، اهڙا موضوع کڻن، جن سان سائنسي ادب جي ڄاڻ ۾ به واڌارو اچي.“

محترم عادل سخيراڻي ذوالفقار سيال کي ڀلوڙ شاعر، ڪتاب ”لفظن جا رانديڪا“ کي بهترين ڪتاب ڪوٺيو ۽ ان جي پذيرائي تي زور ڀريو.

محترمـﮧ خيرالنساءِ جعفري چيو ته ”ذوالفقار سيال ڊاڪٽر به آهي ۽ اديب به آهي ۽ هڪ حساس دل رکندڙ انسان به آهي. هن ٻارن لاءِ بهترين ڪتاب لکيو آهي. زرينه بلوچ ذوالفقار جي شاعريءَ کي ساراهيندي ان کي بهترين ڳائڻ وارو ۽ روح وارو سڏيو آهي. مان پنهنجي ڌيءَ صائمه کي اڄ ڏينهن تائين اهو ڪجهه نه سمجهائي سگهي آهيان، جيڪو ذوالفقار هڪڙي ننڍڙي نظم ”بيڊ لڪ“ ۾ کيس سمجهائي ڇڏيو آهي.“

محترمـﮧ سعيده بشير چيو ته ”ذوالفقار سيال اسان جو سڄاڻ ليکڪ آهي. هن جا شعر هڪ شعور جو وهڪرو آهن. ڊاڪٽر شريف ميمڻ چوندو آهي ته ذوالفقار سيال اصلي اديب ۽ کريل ڊاڪٽر آهي، جو ڊاڪٽر اديب نه ٿيندا آهن ۽ پئسن ڪمائڻ واري مشن هوندا آهن. ان شعبي ۾ حساس دل رکندڙ ماڻهو ذوالفقار سيال آهي. مان ذوالفقار جي شعور ۽ لکڻين کي باهمت چوندس ۽ ڪتاب ”لفظن جا رانديڪا“ کي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ خوبصورت ڪتاب چوان ٿي، جنهن ۾ ٻارن جي نفسيات سان گڏوگڏ انهن کي ڄاڻ به ڏني وئي آهي.

محترم نصير مرزا چيو ته ”اڄ اسان پنهنجي همعصر دوست ذوالفقار سيال جي ڪتاب جي ڪاڄ تي گڏ آهيون، جنهن ۾ انتهائي بااثر ماڻهو به شامل آهن. ميڊم مهتاب اڪبر راشدي به موجود آهي، جيڪا ٻارن لاءِ گهڻا ڪتاب ڇپائي سگهي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڪم به ٿئي پيو. گذريل سال ڀٽائيءَ جي ميلي تي اڳوڻي سيڪريٽري ثقافت ٻارن لاءِ 35 هزار روپين جو اعلان ڪيو هو. اها تقرير اسان وٽ ريڊيو تي محفوظ آهي، پر ان تي عمل ڪونه ٿيو ۽ خبر ناهي ته اهي پئسا ڪيڏانهن گم ٿي ويا!

هن ذوالفقار سيال کي ٻارن لاءِ مسلسل لکندڙ ۽ وڏو شاعر چيو ۽ ڪتاب ”لفظن جا رانديڪا“ کي بهترين ڪتاب ڪوٺيو.

محترمـﮧ نورالهدى شاهه چيو ته ”اسان جڏهن ڳالهايون ٿا ته گهڻا جذباتي ٿي وڃون ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي احتجاج به ڪيون ٿا. اها هڪ سٺي ڳالهه آهي، ته ڪجهه نه ڪجهه ظاهر ٿئي ٿو. پر مسئلو اهو ناهي ته اسان سوال ڪيون يا اسان احتجاج ڪيون ٿا. اسان کي هر سوال جو جواب ۽ هر مسئلي جو حل ڳولهڻو پوندو. اسان جو ٻار ڪلاشنڪوف اڳيان بيٺل آهي. اسان جڏهن گهر مان نڪرون ٿا ته اهو سوچيون ٿا ته اسان جو ٻار اهڙو به هوندو يا نه، جيئن کيس ڇڏي آيا آهيون. ان سڄي صورتحال ۾ اسان وٽ سنڌي ٻار جي آئيندي لاءِ ڇا آهي؟

”مون ذوالفقار سيال جو ڪتاب پڙهيو آهي ۽ محسوس ڪيو آهي ته هن شاعر سماج ۾ ٻار جي معصوميت برقرار رکي آهي. ٻار پنهنجي عمر جي لحاظ کان ٻول ٻڌڻ ٿو چاهي ۽ ذوالفقار کيس سٺا ٻول ٻڌايا آهن. ذوالفقار سيال معصوم شاعري ڪئي آهي.

نورالهدى شاهه جي تقرير کان پوءِ برک سنڌي شاعر ڪرشن راهي، جيڪو هندستان مان آيل هو، هال ۾ د اخل ٿيو. ان کي اعزازي مهمان طور ويهاريو ويو. ڊاڪٽر نورمحمد ميمڻ ان کي بيج لڳايو ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي کيس اجرڪ اوڍايو. نذير ناز، ڪرشن راهيءَ کي ڪتابن جو تحفو ڏنو. ان موقعي تي پاڻ سنڌي ادب جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪيائين ۽ ٿورو مڃيائين. ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي کيس آڌرڀائي خطاب ۾ هتي اچڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ شروعات ڪيائين:

”منهنجا دوست ڪرشن راهي! اسان اڄ ڪتاب ”لفظن جا رانديڪا“ جو مهورت ڪري رهيا آهيون. اسان جو محبوب شاعر ذوالفقار سيال به موجود آهي. ڪرشن راهي! تون شاهد هوندين ته اسان ٻاراڻي ادب لاءِ پڻ جاکوڙ ڪئي آهي ۽ ڪتاب  ”چوٽ جو چنڊ“ جيڪو ٽئگور پروڊڪشن جو هو، ان تي به ڪم ڪيو. نارائڻ شيام جي ديهانت تي اسان توسان ڏک جو اظهار به ڪيون ٿا.“

محترمـﮧ مهتاب اڪبر راشدي، ڪتاب ”لفظن جا رانديڪا“ جي پڌرائي ڪري رهي آهي. مصنف ذوالفقار سيال ڀرسان بيٺل آهي.

پوءِ هڪ ڀيرو وري ڪتاب جي موضوع تي ٻين اديبن پنهنجا مقالا پڙهڻ شروع ڪيا.

محترم اڪبر جسڪاڻيءَ چيو ته ”ذوالفقار سيال جو هي ڪتاب ٻاراڻي ادب لاءِ هڪ تحفو آهي. محترمه نورالهدى شاهه، گلزار جو ذڪر ته ڪيو آهي، پر پاڻ ڪڏهن به ٻار لاءِ ڪا ڪهاڻي نه لکي اٿائين. ظفر حسن به پاڻ کي وڏو ڪميٽيڊ ٿو چوائي. مان ٻن سالن کان کيس لڳاتار چوان ٿو ته گل ڦل لاءِ لکي ڏيو، پر چوندو آهي ته ها، مون کي احساس به آهي، پر ڏنو ڪجهه به نه اٿائين! پر مان ذوالفقار سيال کي جس ڏيان ٿو، جيڪو مسلسل لکندو پيو اڇي، ۽ ڪتاب ڇپائيندو ٿو رهي. مون کي نظم ”منهنجو سائين“ سان اختلاف آهي، جنهن سان شاگرد کي استاد لاءِ ڪهڙي عزت پيدا ٿيندي؟

محترمـﮧ زيب نظاماڻي ذوالفقار سيال جي ڪتاب ”لفظن جا رانديڪا“ کي بهترين موضوع ڪوٺيو ۽ ليکڪ جي ساراهه ڪئي ته هو مسلسل ٻارن لاءِ ڪتاب لکي ٿو ۽ ذوالفقار سيال کي ڪتاب ”لفظن جا رانديڪا“ لکڻ تي هن مبارڪباد ڏني.

خاص مهمان ڊاڪٽر ڪامل راڄپر، عوامي حڪومت جي جمهوري پاليسين تي ڳالهايو. هن چيو ته ليکڪن کي جيتري هينئر آزادي آهي، اڳ اهڙي آزادي ڪونه هئي ۽ هينئر کين بنا ڊپ جي پنهنجا جذبا ۽ ماڻهن جا مسئلا بيان ڪرڻ گهرجن. ڊاڪٽر ڪامل راڄپر چيو ته مان ذوالفقار سيال کي ڪافي عرصي کان سڃاڻان. هو ادب لکندڙ هڪ باشعور انسان آهي. توهان ان جي برائي ڪريو يا تعريف، هو ان عادت کان مجبور آهي، ۽ بنان ڪنهن صلي جي لکندو رهيو آهي، ۽ لکندو رهندو. هن تجويز پيش ڪئي ته سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ الاجي، ثقافت کاتو، ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻيا ادارا ٻاراڻا ڪتاب ڇپائين ۽ خريد پڻ ڪن. هن چيو ته پرائمري اسڪولن جي حالت خراب آهي. اتي بهترين تعليم جي بندوبست کان سواءِ لائبريريون قائم ڪيون وڃن، جيئن ٻارن ۾ درسي ڪتابن کان سواءِ علمي ۽ ادبي ڪتابن لاءِ به چاهه وڌي.

هن ڪتاب جون ٻه سئو ڪاپيون خريد ڪري، پنهنجي ڳوٺ جي اسڪولن ۾ مفت ورهائڻ جو اعلان ڪيو، ۽ ٻين کي صلاح ڏني ته هو به ڳوٺن جي اسڪولن ۾ اهڙا ڪتاب پهچائين.

محترمه مهتاب اڪبر راشدي چيو ته سنڌ جو ثقافت ۽ سياحت کاتو تمام جلد ٻارن لاءِ چاليهه ڪتاب ڇپائي سنڌ وارن کي هڪ تحفو ڏيندو. ڪتاب ”لفظن جا رانديڪا“ ٻاراڻي ادب جو هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ ٻارن لاءِ وندر سان گڏوگڏ، سائنس، علمي ۽ ادبي ڳالهيون، خوبصورت پيرايي ۾ بيان ڪيل آهن، جن کي پڙهڻ گهرجي. هن ذوالفقار سيال کي سنڌي ادب جو اهم شاعر ڪوٺيو، جيڪو ٻارن لاءِ مسلسل لکندو پيو اچي، ۽ سنڌي ادب جو انتهائي وڏو شاعر آهي، جيڪو ٻارن لاءِ لکي ٿو. هن ذوالفقار سيال جي شاعريءَ جي واکاڻ ڪندي، ان کي سنڌي ٻوليءَ جو مجموعي طور ۽ ٻاراڻي ادب جو خاص طور ناميارو ۽ ذميدار شاعر ڪوٺيو، اڄوڪي تقريب انتهائي سنجيده آهي، جنهن ۾ سڀئي حاضرين ڀرپور طرح سان شامل آهن.

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سڀني جا ٿورا مڃيا، ۽ محفل پوري ٿي.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي ادب جي مختلف دورن تي پڻ ڳالهايو. ڪرشن راهي سنڌ جي دوستن کي ڏسي خوسيءَ جو اظهار ڪيو ۽ مختصر تقرير ۾ شڪريه ادائي ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com