سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :30

علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون

قليچ ڏينهن 1989ع

شيخ اياز پنهنجي خطن جي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ لکيو آهي، ”مون کي فقط هڪڙي سنڌي اسڪالر لاءِ عزت آهي، اهو آهي قليچ بيگ.“ قليچ جي ڪارنامن جي اعتراف ۾ کيس ”شمس العلماءَ“ جو خطاب سندس جيئري ئي مليو هو. هونئن به قليچ سنڌي ساهت لاءِ ايترو ته گهڻو ڪم ڪيو آهي، جو کيس سنڌي ادب جو ”ابو“ ڪوٺيو وڃي ٿو. 3 جولاءِ هن مهان ليکڪ جي لاڏاڻي جو ڏينهن آهي، ان موقعي تي هن سال پڻ ”قليچ سنگت“ (رجسٽرڊ) حيدرآباد پاران ”قليچ ڏينهن 1989ع“ جي سري سان ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ هڪ پروگرام رٿيو ويو هو.

پروگرام جي شروعات سنڌي ساهت جي هن سج جي آخري آرامگاهه تي گلن جي چادرن چاڙهڻ سان ٿي. شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي قليچ سنگت جي ڪارڪنن جو قافلو قليچ جي مزار تي پهتو ته سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري محترم حبيب الله صديقي پنهنجن ساٿين سان موجود هو. قبله مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“ جن به پنهنجي پاران گلن جي چادر موڪلي هئي ته ادبي بورڊ پاران چادر آيل هئي. قليچ سنگت ۽ شاهه لطيف سوشل ويلفيئر سوسائٽي حيدرآبد پاران به گلن جون چادرون هيون، جيڪي هن ڏاهي جي مزار تي چاڙهيون ويون ۽ آخر ۾ دعا گهري ويئي. هاڻي هي سارو سٿ قليچ لئبرري پهتو، جتي مرزا صاحب جي لکيل ڪتابن جي مسودن کانسواءِ نوادرات جو ديدار ڪرايو. لئبرري ڏسڻ کان پوءِ مهمان ميڙ واري هنڌ پنڊال ڏانهن آيا. ايوان ۽ ان جو اسٽيج سهڻي نموني سجايل هو. مختلف هنڌن تي قليچ ۽ قليچ بابت لکيل شعرن جا بئنرس لڳل هئا.

قليچ سنگت جي باني ۽ موجوده صدر سائين نثار حسيني اسٽيج تي اچي پروگرام جي ڪمپيئرز انيس ٻرڙي کي ڪاروائي هلائڻ لاءِ چيو. انيس اسٽيج تي آئي ته ننڍڙي مهيوش فاطمه اچي کيس ڪمپيئرر جو بيج لڳائي. ڪمپيئرر لطيف سائينءَ جي بيت سان ڪاروائيءَ جي شروعات ڪئي ۽ ڏينهن جي مکيه مهمان سائين حبيب الله صديقي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، قليچ سنگت جي صدر نثار حسيني ۽ جنرل سيڪريٽري فرمان مرزا کي اسٽيج تي مٿي اچي ويهڻ لاءِ سڏيو ۽ ڪارڪنن کان بيج لڳرايا.

مرزا حبيب بيگ قرآن پاڪ مان آيت ۽ ان جو قليچ پاران ڪيل ترجمو ٻڌايو ۽ قادر بيگ قليچ جي منقبت پڙهي.

قليچ سنگت جي صدر جي حيثيت سان نثار حسيني ويچارن جي اپٽار ڪئي. هن سنگت جي ڪارڪردگي ۽ قليچ ڏينهن جي اهميت تي ڳالهايو ۽ گهر ڪئي ته سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ ”قليچ چيئرس“ قائم ڪيون وڃن. هن قليچ ڏينهن تي ساري سنڌ ۾ عام موڪل ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو. آخر ۾  نثار حسيني پنهنجي تقرير ۾ سنڌي قومي اخبارن ۽ ريڊيو حيدرآباد پاران قليچ ڏينهن جي موقعي تي ڀرپور سهڪار لاءِ سندن ٿورا مڃيا.

سنڌي ادبي بورڊ جي معزز ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي، سنڌ جي بزرگ علمي، ادبي ۽ ثقافتي شخصيت ۽ چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ قبله سائين مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“ جو اهو پيغام پڙهي ٻڌايو، جو پاڻ خاص قليچ ڏينهن جي موقعي تي موڪليو هئائون. مخدوم صاحب پنهنجي پيغام ۾ قليچ سنگت کي مبارڪباد پيش ڪندي کين يقين ڏياريو ته هو مرزا صاحب جا اڻ ڇپيل ڪتاب ادبي بروڊ پاران ڇپرائڻ جو جوڳو بندوبست ڪندو.

محترم محمد قاسم ٻگهئي، مرزا قليچ بيگ جي فن ۽ شخصيت تي هڪ تفصيلي ليڪچر ڏنو. هن پنهنجي ليڪچر ۾ قليچ جي دور ۽ ان دور جي علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي حالتن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ قليچ جي مختلف پهلوئن تي ڀرپور روشني وڌي. ٻگهئي صاحب چيو ته مرزا صاحب تي ٿيل ان تقنيد ته هن پنهنجي لکڻين ۾ ان دور جي حڪومت جي مخالفت نه ڪرڻ جي پٺڀرائي ڪئي آهي، جو دليلن سان جواب ڏيندي چيو ته مرزا صاحب جهڙو سڄاڻ ۽ ڏاهو ماڻهو ائين هرگز ڪري نٿو سگهي. هو پنهنجي ملڪ جي آزاديءَ جو وڏو حامي هو. آخر ۾ ٻگهئي صاحب قليچ جي اهڙي قسم جي سڦل زندگيءَ کي مثالي زندگي سڏيندي ان تي عمل ڪرڻ تي زور ڀريو.

ليڪچر کان پوءِ ’قليچ ڪئز“ جو پروگرام رٿيل هو، جنهن ۾ اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن حصو ورتو. ڪئز پروگرام جي ميزبان انيس ٻرڙو هئي ۽ جج راقم الحروف. قليچ اصغر مرزا، غلام عباس ڀٽي ۽ وسيم احمد نمبروار پهريون، ٻيو ۽ ٽيون انعام کٽيو.

آخر ۾ هن ميڙ جي مکيه مهمان ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جناب حبيب الله صديقي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مرزا قليچ بيگ ننڍا وڏا ڪُل 457 ڪتاب لکيا آهن، جن مان هيل تائين مختلف موقعن تي فقط 141 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن مان 41 ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايا آهن. هن ٻڌايو ته بورڊ جي 90-1989ع واري شيڊول موجب مرزا صاحب جا ست اڳ ڇپيل ۽ ختم ٿي ويل ايڊيشن وارا ڪتاب ٻيهر ڇپرايا ويندا، جڏهن ته هڪ نئون ڪتاب به ڇپرايو ويندو. هن مرزا صاحب جي سموري اثاثي کي بورڊ پاران مائڪرو فلمنگ وسيلي محفوظ ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو مرزا صاحب جي پونيرن وٽ قليچ لئبرري ۾ موجود آهي. صديقي صاحب، مرزا صاحب جي شعري ڪتاب ’ديوان قليچ‘ جو نئون ڇاپو ڇپرائڻ جو به اعلان ڪيو ۽ چيو ته مرزا صاحب جي شاعريءَ جو انداز انتهائي منفرد آهي، جيڪو سماجي ۽ فاصحانه آهي ۽ بحر وزن تي پورو آهي. سندس شاعري ننڍن توڙي وڏن لاءِ هڪ هدايت نامو آهي.

صديقي صاحب چوٿين آڪٽوبر 1989ع تي مرزا صاحب جي جنم ڏينهن جي موقعي تي قليچ سنگت پاران وڏي پيماني تي ملهائيندڙ ’جشن قليچ‘ ۾ ادبي بورڊ پاران هر قسم جي سهڪار جو يقين ڏياريو.

قليچ ڏينهن جي آخري پروگرام ۾ ’راڳ جي رهاڻ‘ رٿيل هئي، جنهن ۾ ذوالفقار علي، مظهر علي ۽ فياض حسين پاڻ ملهايو ۽ پوءِ ساري سِٽا جي پڄاڻي ٿي.

ميڙ ۾ علمي ۽ ادبي شخصيتن کان سواءِ ڪافي ماڻهن شرڪت ڪئي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com