سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :32

-گل سنڌي

رائچند راٺوڙ جي ورسي

ٿر جي هاڪاري عالم ۽ مشهور ڪتاب ”تاريخ ريگستان“ جي مصنف، آنجهاني رائچند راٺوڙ جي 21 ورسي، سرڳواسيءَ جي ڳوٺ چيلهار (تعلقو ڇاڇرو) ۾ نهايت عقيدت ۽ اتساهه سان 7 سيپٽمبر 1989ع تي ملهائي ويئي، جنهن جو انتظام ٿر جي پڙهيل ڳڙهيل ۽ سماج سڌار نوجوانن جي تنظيم ”ٿر ڊولپمينٽ فائونڊيشن“ ڪيو هو.

چيلهار جهڙي ننڍي ڳوٺ ۾ ورسيءَ جي هن يادگار تقريب جو عمدو انتظام بَر ۾ بازار مثل هو، جنهن ۾ ڳوٺ راڄ جي عام ماڻهن، مقامي معززين، ٿر جي اديبن ۽ شاعرن، فنڪارن ۽ سگهڙن، آنجهاني جي شاگردن ۽ مداحن، فائونڊيشن جي مختلف برانچن جي ورڪرن ۽ ٿر جي دور دراز ڳوٺن مان آيل عقيدتمندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مٺيءَ مان ٿر ڊيولپمينٽ فائونڊيشن، مٺي ويلفيئر ائسوسيئيشن ۽ سنڌي ادبي سنگت برانچ جي عهديدارن ۽ پرجوش ڪارڪنن جلسن جي سمورن انتظامن ۾ وڏي جذبي سان حصو ورتو ۽ ان کي ڪامياب بنايو. ان ڏس ۾ فائونڊيشن جي سيڪريٽري جنرل ۽ تقريب جي ڪنوينر واسواڻي پرشوتم جي مخلصانه ۽ اڻٿڪ ڪاوشن کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي، جيڪي هن صاحب فائونڊيشن جي چيئرمن ڊاڪٽر الهورائي محمدي جي رهبري ۽ مشاورت سان ڪيون.

ورسيءَ جي افتتاحي اجلاس جي صدارت ڊاڪٽر الهورائي محمدي ڪئي ۽ اعزازي مهمان، ڏيپلي جو ادب پرور ۽ مخير بزرگ سيٺ احمد علي ميمڻ (چيلهاريو) هو. آنجهاني عالم جو فرزند جناب نفيس احمد ناشاد، محفل جو مکيه مهمان هو.

 تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ تقريب جي ڪاروائي شروع ڪندي، واسواڻي پرشوتم، استاد رائچند راٺوڙ جي علمي ۽ ادبي، تحقيقي ۽ تعليمي، سماجي ۽ ثقافتي خدمتن جو سير حاصل تذڪرو ڪيو ۽ فائونڊيشن جي ڪارڪردگي بيان ڪئي. هن صاحب چيلهار ۾ رائچند راٺوڙ پبلڪ لئبرريءَ جي قيام جو اظهار پڻ ڪيو. مسٽر پرتاب راٺوڙ آيل مهمانن جي آجيان ڪندي استقباليه تقرير ڪئي.

مولوي عبدالحميد مڱريو، حاجي محمد سومار، محمد عثمان اديب ڏيپلائي، الهورايو کوسو، منٺار نهڙيو، محمد جمن دربدر، پروفيسر ڊاڪٽر محمد سومار ميمڻ، ڊاڪٽر ڪرشن راجا، شنڪر ساگر سوٽهڙ، اوم پرڪاش، واسواڻي مڪيش، تاراچند ٿري، گوبند رام چيلاڻي ۽ ٻين مقامي ليکڪن پنهنجن مضمونن ۽ تقريرن ۾ سرڳواسي جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن ۽ ادبي خدمتن جي اپٽار ڪئي ۽ آنجهانيءَ کي ٿر جو مثالي محقق، قابل احترام استاد ۽ برک سماج سڌارڪ قرار ڏنو.

مقررين پنهنجي گفتگو ۾ چيو ته استاد رائچند راٺوڙ مارئيءَ جي مثالي ملڪ جي عظمتن جو صحيح معنى ۾ ترجمان هو، جنهن تي ٿر واسين کي هميشـﮧ فخر حاصل رهندو. سرڳواسي ”تاريخ ريگستان“ جهڙو تحقيقي شاهڪار لکي شاهه لطيف ۽ ٻين عظيم شاعرن جي دلپسند ”ٿر“ جي سڀيتا کي نثر ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي. رائچند، دڙن جي هن نماڻي ديس جي لوڪ ادب کي سهيڙي ۽ سميٽي دنيا آڏو اُجاگر ڪيو، ۽ اهڙيون ته بي لوث تعليمي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏنائين، جو اڄ ٿر جي نئين نسل لاءِ جاکوڙ جي هڪ روشن علامت آهن. محفل مشاعري ۾ شاعرن، استاد رائچند کي منظوم خراج عقيد پيش ڪيو. سيٺ احمد علي ميمڻ، ڊاڪٽر الهورائي محمدي ۽ نفيس احمد ناشاد پنهنجين تقريرن ۾ رائچند راٺوڙ جي حوالي سان، ٿر جي نوجوانن کي محنت ۽ خدمت جي ترغيب ڏني.

بعد ۾ راڳ رهاڻ جي محفل ۾ مصري ڏيپلائي، صادق فقير، ڪريم فقير، حسن فقير ۽ ٻين حصو ورتو. ٿر جي مقبول شاعر ۽ عوامي راڳي محمد جمن دربدر محفل کي موج ۾ آڻي خوب داد حاصل ڪيو.

تقريب ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن جناب مخدوم محمد زمان طالب المولى جو هن موقعي تي اماڻيل خاص پيغام، مسٽر ناشاد پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ چيل هو:

”اسان کي اهو معلوم ڪري خوشي ٿي آهي ته ٿر جي هاڪاري عالم سرڳواسي رائچند راٺوڙ جي تحقيقي، ادبي، تعليمي ۽ سماجي خدمتن جي پهه پچار ڪرڻ لاءِ، لائق اديب جي ڳوٺ چيلهار ۾ ورسي ملهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. اهڙي خوشگوار موقعي پيدا ڪرڻ لاءِ اسان ٿر ڊيولپمينٽ فائونڊيشن جي منتظمين ۽ ڳوٺ چيلهار جي رهواسين کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.

استاد رائچند، پسمانده علائقي ٿر ۾ رهي ڪري، پنهنجي جدوجهد سان، تاريخ ريگستان جهڙو بلند پايه تحقيقي ڪتاب تيار ڪيو، اها ڳالهه خاص طرح ٿر وارن لاءِ سدائين فخر جو باعث رهندي.

سنڌي ادبي بورڊ کي فخر حاصل آهي، جو ٿر بابت اهڙو قيمتي ۽ شاهڪار تحقيق ڪتاب، ٻن جلدن ۾ بورڊ، ئي شايع ڪيو ۽ بلاشبه هن ڪتاب کي بورڊ جي مکيه ڪتابن ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته هن ورسيءَ جي موقعي تي، سرڳواسي عالم جي ياد ۾ ”رائچند راٺوڙ پبلڪ لئبرري“ قائم ڪئي پئي وڃي. ٿر جي صحرا ۾ علم جا اهڙا گلشن ڪٿي! رائچند لئبرريءَ جي قيام تي اسان مسرت جو اظهار ڪندي، بورڊ جي طرفان چند چونڊ ڪتابن جي عطيي جو اعلان پڻ ڪريون ٿا.

اسان جي دعا آهي ته استاد رائچند جي ورسيءَ جي تقريب ڪامياب ٿيندي ٿر ۾ نوان نوان اديب ۽ شاعر پيدا ٿيندا، جي ٿر جي اٿاهه مايه ناز لوڪ ادب تي وڌيڪ تحقيق ڪندا ۽ ادبي لحاظ کان ٿر جو مان اڃان به مٿانهون ڪندا. نوان نوان سگهڙ ۽ فنڪار پيدا ٿيندا، جي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جي هن مٺڙي ملڪ جي عظيم انساني قدرن ۽ آدرشن، عوامي امنگن ۽ آرزوئن کي خوب ڳائيندا ۽ نشانبر ڪندا.“

(جناب مخدوم صاحب آنجهاني عالم جي مزار لاءِ گُلن جي چادر به موڪلي هئي، جا ورندڙ صبح جو، هڪ باوقار جلوس جي صورت ۾ تربت تي آڻي وڌي ويئي. ان موقعي تي فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر الهورائي محمدي ۽ ڪارڪنن پڻ گل پاشي ڪئي.)

تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جناب شفيق الرحمان پراچا جو اماڻيل اطلاع ٻڌايو ويو ته رائچند راٺوڙ جي ادبي خدمتن جي حوالي سان هُو صاحب سنڌي ادبي بورڊ مان تاريخ ريگستان جا هڪ سؤ سيٽ خريد ڪري، ٿر جي مختلف لئبررين ۽ تعليمي ادارن کي تحفي طور موڪليندو. مسٽر عبدالله ڀٽي، اسسٽنٽ ڪمشنر ڇاڇرو، سندس پاران اچي جلسي ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ ٿر ڊولپمينٽ فائونڊيشن طرفان ڳوٺ ۾ رائچند راٺوڙ پبلڪ لئبرري قائم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو، جنهن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن صاحب طرفان ڪتاب تحفي طور ڏيڻ جو اعلان ٻڌي سامعين خوشي ۽ شڪر گذاري جو اظهار ڪيو. حيدرآباد مان آيل بيگم نسرين شيخ، ان موقعي تي، ڊاڪٽر محمدي کي مجوزه لئبرريءَ لاءِ هڪ هزار رپين جو عطيو ڏنو ۽ مسٽر نفيس احمد شيخ، ٻه سؤ ڪتاب ڏيڻ جو اظهار ڪيو. جلسي ۾ ٻڌايو ويو ته مشهور اديب ۽ ڊئريڪٽر ڪاليجز سنڌ جناب حميد سنڌي، لئبرريءَ لاءِ پنج سؤ رپين جو عطيو ڏيڻو ڪيو آهي ۽ برک شاعر ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊئريڪٽر جناب عنايت بلوچ لئبرريءَ لاءِ پنجاهه ڪتاب ڏيڻا ڪيا آهن.

فائونڊيشن جي سيڪريٽري جنرل مسٽر پرشوتم واسواڻي ان موقعي تي سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن، ادارن ۽ مخير ماڻهن کي اپيل ڪئي ته رائچند پبلڪ لئبرريءَ لاءِ مدد ڪري، ٿر جهڙي صحرا ۾ علم ادب ۽ تعليم جا گلستان آباد ڪرڻ ۾ اسان سان هٿ ونڊائين.

تقريب جي پڄاڻيءَ تي ڳوٺ چيلهار جي مُکي، ڊاڪٽر شروڻ ڪمار آيل مهمانن جي شڪريه ادائي ڪئي ۽ فائونڊيشن جي برانچ قائم ڪرڻ ۽ لئبريءَ لاءِ ممڪن سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com