سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :3

آثم ناٿن شاهي

ٽيڙو

(1)

(2)

نِيرَ ڇِني نڪتس،

اُڏري آيو هوس،

ٻُوسٽِ ٿي هِي سُونهن کي-

سُونهن سَڏيو مان سِجَ جِئن-

پوَن ٿي پهتس!

اُڀري آيو هوس!

(3)

(4)

هَٿّ نه ايندو سانءِ،

اَڻ جهَل جوڀَن- جوتِ-

سُونهن! مونکي سوگهو پَڪڙ-

اڄ تون چاهين جيتري-

گُم ٿي ويندوسانءِ!

مون ۾ اچي اوتِ

(5)

(6)

پيالي ۾ جيئن چاءِ،

مَهڪي منهنجو ماسُ

اڄ تون ائين، پاڻکي-

مون ۾ پيهِي رَههُ ائين:

مون ۾ اچي پاءِ.

ڦوٽن ۾ جيئن واسُ

نثار بزمي

عزل

تون منهنجي ڪهاڻيءَ جو آغاز آهين،

مان تنهنجي فساني جو عنوان آهيان،

تون منهنجي خيالن ۾ محفوظ آهين،

مان تنهنجي ارادن جو اعلان آهيان.

حقيقت نه مون کان سواءِ تون رکين ٿو،

مان تنهنجي جوانيءَ جو جولان آهيان،

مان طالب ۽ منهنجو تون مطلوب آهين،

اهو رابطو ڪو ٽُٽڻ جو نه آهي،

تون منهنجي امانت، مان تنهنجي امانت،

مان تنهنجيءَ نظر جو نگهبان آهيان.

بظاهر جدا صورتون پنهنجيون آهن،

مگر خون جو رنگ هڪجهڙو آهي،

ٽنگون ٻانهون توکي به مونکي به آهن،

تو وانگر ئي هڪڙو مان انسان آهيان.

مان تدبير آهيان، تون تقدير آهين،

تون سنگيت آهين ته مان گيت آهيان،

تون ’ڌيوت‘ مان پنچم، تون ٺمري، مان ٺيڪو،

مان تنهنجي خيالن جو خفقان آهيان.

تون بادل، مان بجلي، تون ساوڻ مان سارنگ،

تون ڪوئل جي لولي مان بلبل جو لاڏو،

تون مهراڻ مان تنهنجو پهراڻ آهيان،

تون دروازو مان ان جو دربان آهيان.

قبوليم ته مون لاءِ بيتاب آهين،

جدائيءَ جا لمحا ٿو روئي گذارين،

هيڏي مان به آرام ۾ ڪونه آهيان،

پرين! تو بنا مان پريشان آهيان.

ڀلا پيار تي آ ڇو ماڻهن جو پهرو؟

عداوت اها ”بزمي“ ڇا لاءِ آهي،

محبت کي ماڻهو گناه ڇو ٿا سمجهن،

انهيءَ ڳالهه تي مان ته حيران آهيان.

سوز هالائي

نيڻن ۾ سپنن جي خوشبوءِ،

سپنن ۾ ساجن جي خوشبوءِ.

ساهن منجهه سمايل آهي،

دلبر جي دردن جي خوشبوءِ

هن جي گهر کان ايندي ويندي،

ايندي آ درشن جي خوشبوءِ.

چندن واس کان اتر لهڻي،

مينديءَ رتن هٿڙن جي خوشبوءِ.

هر خوشبوءَ کان سرهي آهي،

نرمل جي نيڻن جي خوشبوءِ.

ماٺي مور نه ٿيڻي آهي،

پيار ڀريل جذبن جي خوشبوءِ.

ڪنهن ڪنهن نانءَ جي خوشبوءِ آڏو،

بي واس لڳي گلشن جي خوشبوءِ

نيٺ وڃي پرين کي پهتي،

’سوز‘ سندي شعرن جي خوشبوءِ.

غلام حسين رنگريز

گيت

چيٽ آيو چڙهي، تُون به آءُ لڙي،

کيت کيڙيون، مِڙي، پيار پوکيون پرين.

کاها پنهجا کڻو، لاها سارا ڪڍو،

ورنه ويندي سڄي سُونهن ساڻيهه سڙي،

چيٽ آيو چڙهي.

کيت ٻهڪي اُٿن، سنگ سونا ٿين،

هو هو هو جي ڪيون جهار ويندي ڦَڙي،

چيٽ آيو چڙهي.

نفرتن جو نگر، ڪُوڙ سارو ڪَلر،

سچ چئبو مگر، ڳالهه آهي ڪڙي،

چيٽ آيو چڙهي.

گيت ”رنگريز“ جا، ڏَس ڏيندا ويا،

صبح ٿيندو وري، رات ويندي لَڙهي،

چيٽ آيو چڙهي.

 

اياز گل

غزل

کاتا ٿي رکين هيڏا، جي منهنجي خطائن جا،

دَرَ بند رکيا ٿي ڇو پوءِ جان، سزائن جا.

گهر ناهي جي مونکي ته، اَچرج ٿو ڪرين ڇا جو؟

گهرَ هوندا ڪٿي آهن، خوشبُو جا، هوائن جا!

سڀ ديپَ اُجهيل راهون، خاموشي ۽ چوڌاري،

سڏَ، پيرَ چُمي موٽيا، پنهنجن ئي صدائن جا.

ها دوست اسانجي ته، نالي سان ڳنڍيلَ آهن،

ڪجهه پيارَ ڪرڻ جا ۽ ڪجهه ڏوهه وفائن جا.

بارودَ، بُکون، باهيون، هي ظلم، جَبر، وحشت!

ڌرتيءَ تي سوين ٿورا، ڌرتيءَ جي خدائن جا.

ادل سومرو

غزل

جنهن کي سمجهي لوڪ تُنهنجي ڪمتري،

ڪر نه تون اختيار اهڙي عاجزي.

ويس گيڙوءَ ۾ هتي آهي غزل،

سنڌ ۾ سُونهين نه چوغو فارسي.

جنهن ۾ ناهي زندگيءَ جي جستجو،

ڪهڙي ڪم جي آهي اهڙي شاعري.

وئي وکيري وقت جي هلڪي هوا،

پيار تنهنجو ڀي هيو ڄڻ ڪاغذي.

تنهنجو ئي چهرو نظر مونکي اچي،

مان نهاريان ٿو جڏهن ڀي آرسي.

مان ٻُڍاپي ۾ به توکي چاهيندس،

ناهي توسان پيار منهنجو عارضي.

”ييس سر“ جو راڳ ٿو آلاپجي،

فائيلن ۾ ٿي فنا وئي زندگي.

بُک تي آهي سُتو جو آدمي،

زهر آ اُن جي اڱڻ تي چاندني.

ذوالفقار سيال

گيت

جيت به ناهي جيت اسان جي، هار به ناهي هار،

پٿر ماڻهو، شيشو شهر آ، ڪيئن ورهايون پيار.

نفرت ايڏا قلعا اڏيا، پيارا ماڻهو ٻيهر گڏيا،

دنيا جون ديوارون اوچيون، تن کان اُوچو پيار.

باهه ٻري بارود جي بوءِ آ، چهرن تي زخمن جي پوءِ آ،

ڳلي ڳلي ۾ ڳوليون ويٺا، سونهن ڀريو سنسار.

جيون ڄڻ ڪو قطرو آهي، ماڻهن جي ٻيو سمنڊ ۾ ڇاهي،

دنيا ڄڻ وشال آ صحرا، انت نه ڪوئي پار.

ويلا ورندا، ڦرندا رهندا، دک جا دريا وهندا رهندا،

هڪڙو جي گم ٿيو رستي ۾، ٿيندو پيدا ٻيو ذوالفقار.

مظهر لغاري

دعا

هُو شهر، جنهن تي چاندنيءَ جو نُور،

رات جو ٿو وسي ۽ مان اُن جو،

صرف سوچي سگهان ٿو، آهيان ڏوُر.

 

هُو شهر، جنهن جي خوشبوئن جو خمار،

اڄ به ساهن ۾ منهنجي آهي رچيل،

توڻي آهيان مان دوُر ڀي ۽ ڌار.

 

هُو شهر، جنهنجي رات، سوچيان ٿو:

ايڏي سُندر، جو ڪٿي ئي نه سگهي،

ڏوُر هِت منهنجي ڏات، سوچيان ٿو.

 

هُو شهر، جنهنجون هوائون ڄڻ ڪي،

نيڻ- ننڊاکڙين حسينن جي،

ساهه سرهي جون صدائون ڄڻ ڪي.

 

هُو شهر، جنهن ۾ منهنجي ’هُو‘ ٿي رهي،

ڀل ته هُو ڏوُر هجي مون کان، پر،

هر گهڙي منهنجي روبرو ٿي رهي.

 

سو شهر، شل پناهه منجهه رهي،

اُن شهر تي اچي نه وقت ڏکيو،

شانتي تنهن ۾ سنجهه صبح رهي

 

واجد

غزل

ور ويراڳ نه ڏي،

دل تي داڳ نه ڏي.

وئرٿ پنڌ اُهو،

 

جيڪو ماڳ نه ڏي.

ويرين کي واريو،

 

واريو واڳ نه ڏي.

گهر ۾ گُل رکي،

 

مونکي آڳ نه ڏي.

جهورين منجهه جهريل،

 

راڳي! راڳ نه ڏي

جنهن کي جاڙ چَوَن،

 

اهڙو ڀاڳ نه ڏي.

 

اسير ملاح

نظم

تماشو ٿيو آ هتي لوڪ ليڪن

اڃان رهزني تون ڪرين رنگ ڪهڙا

پراڻا پلاند ۽ اڳيون دشمنيون

وڏا وير ويڇا ۽ نفرت نهارون

سلامت نه سرڙو نه ڪو گهر غريبن

والي ولهن جو نه هيڻن جو همراهه

لڄالُٽ زوري، ڏمر ڏاڍ ڏهڪاءُ

کڄن روز ماڻهو يا پهرُو وڪامن

ڪُسي ٿا وڃن ڪي دونالين جي سامهون

زنجيرن ۾ سوگها ڪي کولين ۾ بند،

سهي گهاءَ گهرا ڪري رّت اُلٽيون،

تڙپي ۽ ڦٿڪي اُڦٽ ڪي مرن ٿا.

رستن تي لُٽجي تباهه ٿي وڃن ٿا

آخر ته ماڻهو هي پوءِ ڀي جيئن ٿا

آ انياءَ، هاڃو يا ناحق نسورو،

بارود ماريا ڪي گم لاش ٿيا،

سرڙا سنگينن تي ڦاهي چڙهيا ڪي

اڃان ڪيترن کي ٿي سوري سڏي

ڇڏي ڀونءِ ڀيڻيون ڪو ماڙيون اڏي

انڌيرن ۾ او ديس رهڻو نه آهي

اڙي روشني تون ڪٿي ٿي رهين

سهسين ستايا هي بيزار بُت کان

مُهاڏي لاءِ ماڻهو ڪرڙا ڀڃن ٿا

سنگهارن پنوهارن ڪنڌارن جي قوّت

اڙي رهبري تون ڪٿي ٿي رهين

تماشو ٿيو آ هتي لوڪ ليڪن

اڃا رهزني تون ڪرين رنگ ڪهڙا

اڙي روشني تون ڪٿي ٿي رهين

اڙي رهبري تون ڪٿي ٿي رهين.

ضمير ڦل

گيت

ڪنهن جي توکي تات،

او جيئڙا

 

ڪنهن جي توکي تات؟

برکا رُت ۾ وڏ ڦڙ جيئن،

اُٿليا آگم اکڙين ائين،

ڏُسڪي پيئي ڏات،

او جيئڙا!

رُوح اندر ۾ راڻو ڪانڍَي،

سِيني ۾ سَوَ سپنا سانڍي،

روَئي ويٺين رات،

او جيئڙا

ڀيڄ ڀِنيءَ رابيل رُنا ها،

ڳاڙها گُل گلاب ڀِنا ها،

جاڳيا ها جذبات،

او جيئڙا!

گؤري ولڀ

نئون سج

هي ماڻهو ايڏا مرن ڇو ٿا؟

خون ايڏو وهي ڇو ٿو؟

نفرتون ايڏيون وڌن ڇو ٿيون؟

هي پيار جي ايڏي گهٽتائي ڇو؟

هي سونهن ايڏي وڪامي ڇو ٿي؟

هي جوڌا ايڏا ڪِرن ڇو ٿا؟

آخر هن ظلم جي انتها ڪٿي آهي

۽ نئون سج ڪڏهن اڀرندو!

ڪڏهن اڀرندو!

جوهر بروهي

غزل

هي چنڊ جهڙي حياتي، منهنجي محبتن لئه نثار هوندي،

نه مون ٿي سوچيو، ستمگرن جي هٿان هي دل بيقرار هوندي.

نه آس منهنجي اڌوري آهي، نه سوچ منهنجي اُڌاري آهي،

جي ساٿ سينگاري آهي سولي، ته سر ڦرين جي قطار هوندي.

هو نقشا سهڻا، هو خاڪا وهوا، وري جو سرمو اکين ۾ پائي،

ته ڳوٺ جي هر گهٽيءَ ۾ ساٿي، نئين قيامت تيار هوندي.

مون ڳالهه دل جي ڪئي ته هو پڻ، اتي اچي دل ڦرائي ويٺو،

جي حال ڀائي رقيب بڻجي، ته بند هرڪا پچار هوندي.

جي قدر بدليا ته فڪر ناهي، مَٽيا جي ماڻهو ته ناهي ڀولو،

دڪان تي جي وفائون وڪجن، نظر نظر اشڪبار هوندي.

هي چنڊ تارا، هي ڀونءِ ڀائر، محبتن جا گواهه آهن،

مري وياسين ته يار جڳ ۾، اسان جي تازي تنوار هوندي.

کلياسين جڳ باهه بڻجي ڀڙڪيو، رُناسين جڳ لئه بڻياسي رونشو،

هي جڳ جا ماڻهو هٿن ۾ مصحف، بغل ۾ سانڍيل ترار هوندي.

ڪري محبت تي ٽوڪ چٿرون، وقار پنهنجو وڃائي ويٺا،

سندن مقدر ۾ هار هوندي، وڏي انهن تي ميار هوندي.

مري ويو جي بروهي ’جوهر‘، نه ڀونءِ ڌڏندي نه اُڀ ئي ڏرندو،

ٻه-چار ساٿي ڏکارا ٿيندا ۽ شاعري سوڳوار هوندي.

 

عزيز گوپانگ

غزل

هو ياد آئي ۽ بس،

مان تنهائي ۽ بس.

سوچون، لوچون خواب،

 

منهنجي ڪمائي ۽ بس

پل اَپل جو ساٿ،

 

پوءِ جدائي ۽ بس.

هن وٽ ڪوڙ خزانا،

 

مون وٽ سچائي ۽ بس.

هڪ دل هئي تنها،

 

سا به وڃائي ۽ بس.

ايترو ئي ياد آهي،

 

هوءَ شرمائي ۽ بس.

هاڻي ته ڄاتوسين،

 

زندگي اجائي ۽ بس.

 

متل جوڳي

گيت

مَن جي ڌرتي پياسي آهي،

ساجن کي تون چنڊ وڃي چَئه.

جيون رڻ پَٽ، سوچون ٿوهر،

دردن دونهان، آهون اوٿر،

جيوت رات اُماسي آهي،

ساجن کي تون چنڊ وڃي چَئه.

مٺڙا ماڻهو ياد اچي پيا،

نيڻن جا اڄ بند ڀڄي پيا،

ماضي سورن واسي آهي،

ساجن کي تون چنڊ وڃي چَئه.

منهنجي سيني ڪوتائن ۾،

سوچن، سپنن، ساڀيائن ۾،

ايڏي ڇالئه اُاداسي آهي،

ساجن کي تون چنڊ وڃي چَئه.

ڀون سنڌي

وائي

هر هنڌ ٿي هٻڪار الو ميان،

جاني آيو جوءِ ۾.

رات وني جو ويس ڪيا،

آئي رت بهار، الو ميان.

اُٿن جيئن سمنڊ ۾ ڇوليون،

هوا ۾ تنهنجا وار، الو ميان.

آڪاش جي پيا جهول ۾ جرڪن،

تنهنجا نيڻ ڪٽار، الو مان.

راتيون ڪاريون ڏينهن به ڪارا،

روشن منهنجو يار الو ميان.

تنهنجو جوڀن جلوو ڄڻ ته،

برسي مينگهه ملهار، الو ميان.

 

مير غلام الله خان ٽالپر

(مور جهنگو)

غزل

حسينن کان ڀلجي وفا ڪان ٿي آ،

اسان عاشقن کان جفا ڪان ٿي آ.

اڃان تڪ سِتمگر ڪئي دل آ سوگهي،

آهي قيد ۾ ۽ رها ڪان ٿي آ.

ڪئي شوق جنهن ۾ اسان دل فدا هُئي،

سا بخشش اسانکي عطا ڪان ٿي آ.

خبر ناهي سهڻن نظر ڇو مَٽائي،

اسانکان ته اهڙي خطا ڪان ٿي آ.

آهي طرف هڪ کان محبت ٿي جاري،

سندن دل اسان تي فدا ڪان ٿي آ.

عدالت سندس عمر قيدي بنايو،

ختم ان ڪري هي سزا ڪان ٿي آ.

اسان درد ۾ گر فغائون ڪيون جي،

ته شڪوو کڻي ٿيو، گلا ڪان ٿي آ.

ڪري هُو وفائون ته ويلو نه ويو آ،

نمازِ محبت قضا ڪان ٿي آ.

آهي شور محشر بپا دل تي يارو،

قيامت اسان کان جدا ڪان ٿي آ.

محبت کي سهڻو نٿو ”مير“ سمجهي،

سندس دل تي هي ڪربلا ڪانه ٿي آ.

 

نظام ”زائر“

وائي

سانول تنهنجي سار، آئي اڄ مون اوچتو.

جاڳي پيئڙا جِيءَ ۾، تنهنجا درد هزار.

شمع تنهنجي پيار جي، ٻري پَئِي ٻِيهار.

لعلڻ ڌاران لوءِ ۾، ڪهڙا قلب قرار.

نيڻن هاريو نِيرُ ۽ وکريا آهن وار.

گهاري سگهندو ڪينڪي، ”زائر“ توکان ڌار.

وسيم سومرو

غزل

ڪتيون چنڊ تارا، حياتي اسان جي،

سوين سُرخ چارا، حياتي اسان جي.

ڪڏهن سَڏُ ٿيندي اڃا گُنگ آهي،

اِشارا- اشارا، حياتي اسان جي.

لکن جي اُمهايل، اُساٽيل- اُساٽيل،

نه سمجهيا اُڃارا، حياتي اسان جي.

سڄي سنڌ آ گُگهه- گهيرُ، اُنهيءَ ۾،

اُمارا- امارا، حياتي اسان جي.

ڇڄي وِيئين، نه پرکيئه نه سمجهيه سهارو،

اڙي بي سهارا، حياتي اسان جي.

پئي سِير ڇوليون، گهڙا گهاٽ ڳولي،

ڪِنارا- ڪِنارا، حياتي اسان جي.

لِکيل هئي، ڪٿي ورق هئي هِرخ ڪورا،

پڙهين هان پيارا، حياتي اسان جي.

مُنهن جو دڙو، سون مياڻي ۽ مڪلي،

دُکي سَوَ نظارا، حياتي اسان جي.

سِڪي صبح جي سوجهري لئه ’وسيم‘،

سِتارا- سِتارا، حياتي اسان جي.

بخشڻ مهراڻوي

منهنجي پريت آ پنڇيءَ جهڙي،

تنهنجي موٽ، شڪاريءَ وانگي.

اوسيئڙي ۾ نيڻ اڃايل،

ٿر جي پياسي واريءَ وانگي.

ويههُ گهڙي کن ويهه ته مون وٽ،

سالَ پو آئينءَ، ڏياريءَ وانگي.

ريت جي رات ۾ هر هڪ آشا،

ماري وئي آ، ڪاريءَ وانگي!

مون ۾ ڪير آکيرو جوڙي،

آءٌ ڪنهن ٽُٽَل ٽاريءَ وانگي.

جڳُ لڳي ٿو جُوا خانو،

آءٌ هارايل جواريءَ وانگي.

عزيز ڪنگراڻي

مون وٽ چاهه خزاني وانگيان،

مٽجي وئين تون زماني وانگيان.

ڪينجهر جهڙيون اکڙيون تنهنجون،

ڇُلڪن ٿيون پيماني وانگيان.

گلشن جي مان جهول ۾ ويهي،

گهاريان ٿو ويراني وانگيان.

موهن ٿيون معصوم ادائون،

مرندو هان مستاني وانگيان.

تنهنجي ديد ۾ ڪُڙهه ٻرن ٿا،

جلندو هان پرواني وانگيان.

تنهنجو وڇوڙو دل ۾ کُتل آ،

پُور ۾ جاني ٻياني وانگيان.

محب عزيز کي آهي ڌڪاريو،

اولڙ ٿيل ڪنهن ڪاني وانگيان.

 

خليل ”عارف“ سومرو

وائي

ڏُٻرا جَن جا چهرا، خالي تن جا جهول،

اکڙيُون ڄڻ ڪشڪول.

ڪيڏو ٻاڏائِن ٿا،

 

ڏس! لڙڪن جا ٻول.

دانا، ديوانا ٿيا،

 

بُک آ بُڇڙو ٽول.

گُوندر ۾ گهارن پيا،

 

ڍاٽي منهنجا ڍول.

مِسڪينن جي گهر ۾،

 

ٻارن جو ٻَڙڌول.

ڪهڙو جيئبو ”عارف“

 

گهُٽ ٻُوسٽ ماحول.

 

نانڪ

غزل

ڍنڍ تي مکڙو چمڪي ٿو،

جذبن دريا اُٿلي ٿو.

هوُ سوچي ٿو ۽ هٿ مان،

 

دونهن- سگريٽ اڏري ٿو.

سپنا سپنا جيون ته به،

 

ڪيڏو پيارو ڀاسي ٿو.

سالن کان پو اڄ ڇو هُو،

 

پاڻهي مون سان پرچي ٿو؟

مون ته چيو ٿي ائين ئي پر،

 

هر ڪو افواهه سمجهي ٿو.

”نانڪ“ جي لکڻين ۾ ڇا،

 

آهي جن کي پڙهجي ٿو!

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com