سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :12

سامي صاحب فقير لاءِ چئي ٿو:

ڪري فڪر فقير، فاروق ٿيا فڪر کون

سامي سپيرين جي، دل کي ڏيئي ڌير

مِس کي ڄاڻن مصري، چيٿراه پٽ چير

رهن منجهه سرير، اسرير آڪاس جان.

ٻئي هنڌ فقيرن لاءِ سامي چوي ٿو:

فقيرن فرمان، منيو محبوب جو

تن ڪوڙي ڪپي ڪڍيو، اندر مون اڀمان

گهڙي لڌائون گهر مون، انڀهءِ آتم گيان

ٿيڙا سي پِروانُ، اڳيون عجيبن جي.

درد وند: جيستائين دل درد کان خالي آهي، تيستائين انسان اڌورو آهي. جڏهين هو درد کان واقف ٿئي ٿو، تڏهن ئي کيس خدا ۽ مخلوق جو ادراڪ ٿئي ٿو. ساميءَ جي دل به درد کان خالي ڪانه هئي، ان ڪري ان ڪافي سلوڪ ان ڏس ۾ چيا آهن. نموني طور هڪ هيٺ ڏجي ٿو.

ڪهڙو ڪريان حال، درد وندن جي دل جو

جن کي مليو ستگرو، دينا ناٿ ديال

سدا رهي سامي چئي، کميا منجهه خوشحال

آڪاس ائون پاتال، ڀَوَن ڪين ڀلن جان.

اڌوت: جي معنى آهي سنياسي، جوڳي يا ويراڳي.

شريمد ڀاڳوت ۾ سري ڪرشن هڪ نوجوان گياني اڌوت جو ذڪر ڪيو آهي. (اسڪند يارهون اڌياءُ 3)، جنهن چوويهن گرن کان گيان حاصل ڪيو هيو. اهي گرو هئا 1- پرٿوي (زمين) 2- پَون (هوا) 3- آڪاش (آسمان- خلا) 4- جل (پاڻي) 5- اگني (باهه) 6- چندرما (چنڊ) 7- سوريه (سج) 8- ڪبوتر 9- اجگر 10- مهاساگر 11- پتنگ 12- هاٿي 13- ماکيءَ جي مک 14- ماکي ميڙيندڙ 15- هرڻ 16- مڇي 17- پنگلاوئشا 18- عقاب پکي 19- ٻالڪ 20- ڪماري 21- ٻاڻ ساز (تير ٺاهيندڙ) 22- سانپ 23- ڪوريئڙو 24- ڀرموڪيٽ نالي هڪ جيت، ان اڌوت وستار سان ٻڌايو آهي ته ان انهن مان هر هڪ کان ڇا ڇا سکيو آهي.

سامي اڌوت لاءِ چيو آهي:

ديوانو داناهه، ڪوڙن ۾ ڪو هڪڙو

ڏٺو جنهن اکن سان، پورڻ پاڪ الله

ڪنهن کي سلي ڪينڪي، انڀئه سُک اٿاهه

سدا بيپراهه، سامي رهي سڀاوَ ۾.

 

سنڌ جي قديم شهر نصرپور جو لاثاني هنر- ”کيس“

محمد يوسف شاڪر ابڙو

سنڌ دنيا جي قديم ۽ مشهور ملڪن مان هڪڙو ناميارو علائقو آهي. چار پنج هزار ورهيه، بلڪه انهيءَ کان به گهڻو آڳاٽا، ڪيئي مشهور شهر هينئر دڙن جي شڪل ۾ هنڌ هنڌ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. موهن/ ميهن (موئن) جو دڙو، ڪوٽ ڏيجي، آمري، ڪاهوءَ جو دڙو، برهمڻ آباد، اگهاماڻهو ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي دڙن سنڌ جو نالو ساري دنيا ۾ مشهور ڪري ڇڏيو آهي. نصرپور جو پراڻو شهر به سنڌ جي اهڙن ئي قديم شهرن مان هڪڙو آهي. هيءُ شهر پنهنجي اوج جي زماني ۾ نه رڳو عالمن، عارفن، قاضين ۽ صنعتڪارن کان مشهور هو، پر ان وقت آمدرفت جي سهولت به جهڙي هن شهر کي هئي، اهڙي سنڌ جي ٻين گهڻن شهرن کي ڪانه هئي. موجن متو مهراڻ شهر جي بلڪل لڳ وهندو هو، جنهن مان چار واهه ته شهر جي وچ مان وهندا هئا، جن مان شاهه واهه ۽ يارانڊو واهه جا نشان اڄ به ڪن جاين تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. درياءَ شاهه مان هڪ شاخ نڪري وپل پنڌ ڪري، وري به وڪڙ کائي، هڪ چڱو موچارو ٻيٽ يا ڪيٽي ٺاهي وري به وڃي ماءُ جي گود (درياءَ جي پيٽ) ۾ ملندي هئي؛  جنهن جا نشان اڃا تائين شهر جي ڏکڻ طرف ٻن اڍائي ميلن جي مفاصلي تي، ٻٻر ذات وارن ماڻهن جي گهرن وٽ ڏسي سگهجن ٿا. ٻٻرن جي انهن گهرن ۽ هندن جي ڦٽل مساڻن جي وچ ۾ واريءَ جي دڙن ۾ پراڻين ۽ ڪاشيءَ جي سرن جا ٽڪرا ۽ ٺڪراٺو تمام گهڻي انداز ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سکر بئراج جي شروعات ۾ به اٽڪل 1940ع ڌاري هن ايراضيءَ ۾ ڪچي مٽي (اوڏڪي مٽيءَ) مان ٺهيل هڪ شاهي ڀت ڏسڻ ۾ ايندي هئي، جا جتوئين جي موجوده ڳوٺ کان ٿيندي تاج پور نصرپور روڊ اسٽيشن جي رستي تي نئين شاخ جي موريءَ جي ڏاکڻين طرف هڪ دڙي تي وڃي ختم ٿيندي هئي. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته اهو ميان مرادياب ڪلهوڙي جو ڪوٽ هو. اهي ڀتيون، نشان، دڙا وغيره سڀ نون زميندارن جي آباديءَ هيٺ ڍڪجي ويا آهن. هيءُ شهر ڪيئن آباد ٿيو يا ڪنهن آباد ڪيو، ان بابت پراڻين تاريخن ۾ گهڻو ئي ذڪر ملي ٿو. هن کان اڳي به اخبارن ۽ رسالن ۾ ان بابت گهڻو ئي ڪجهه لکجي چڪو آهي، هتي هن پراڻي شهر ۾ فقط هڪ لاثاني هنر ”کيس“ بابت ڪجهه ذڪر ڪرڻو آهي:

’کيس‘ نج سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آهي. سندس اصل معنى ڇا آهي يا ان جو بڻ بنياد ڪهڙو آهي، تنهن بابت وڌيڪ معلومات اڃا تائين حاصل نه ٿي سگهي آهي؛ باقي ’کيس‘ اصل زماني کان ’ٻِٽي چادر‘ جي معنى ۾ ڪم ايندو رهيو آهي، جن مان هر هڪ چادر جا وري ٻه ٻه ٽڪر ٿيندا آهن، جن کي ”کِيالَ“ يا ”ڪَنڊڙي“ جي سيبي سان ڳنڍي پوري چادر بنائي ويندي آهي ۽ ڳنڍيون به اهڙيءَ طرح آهن، جيئن هڪ گُل ٻيءَ جي گل سان ملي بيهي. هر هڪ چادر کي هڪ ڊگهي پاسي تي ۽ ٻنهي پوڇڙن تي رنگين سُٽ، ريشم ۽ زريءَ سان سهڻا گل اڻيا ويندا آهن. کيس جو هنر قديم، لاثاني ۽ ناياب هنر آهي. نئين زماني جي فن ۽ هنر جا ماهر ملڪ، سڄو يورپ، جپان ۽ آمريڪا هن شيءَ جو نقل اڃا تائين تيار ڪري نه سگهيا آهن، جيئن هندستان جي ٻين پراڻن هنرن يا ڪپڙي جي قسمن: ململين، ڇيٽن، چيڪن، سوسين، تَسر ۽ لونگي وغيره جا نمونا پاڻ اصل کان به سٺا ٺاهي بزار ۾ آڻي چڪا آهن. جنڊي ۽ ڪاشيءَ جو ڪم بجليءَ جي زور تي هلندڙ اوزارن ذريعي نون رنگن ۽ نقشن تي ٺاهي رهيا آهن، پر ”کيس“ اها شيءِ آهي جا اڃا تائين مشين ۾ ٺهي ڪانه سگهي آهي.

پاڪستان ۾ لائلپور، ملتان وغيره شهرن جي ڪپڙي جي ملن ۾ نصرپور جي کيسن جي گلن ۽ نقش و نگار جهڙا کيس ٺاهي مارڪيٽ ۾ آندا ويا. جي نصرپور جي کيسن جي ڀيٽ ۾ تمام سستا وڪرو ڪيا پي ويا ۽ چمڪ ڌمڪ ۾ نصرپور جي کيسن کان به سرس پئي چمڪيا، پر اها چمڪ هئي تيستائين، جيستائين ڌوٻيءَ جي هٿ ڪونه چڙهيا هئا. نصرپور جو کيس جيئن ڌوٻي ڌوئي تيئن وڌيڪ جهَرڪي. پر هيءَ کيس رڳو هڪ دفعو ڌوتو ته پوءِ ڌڻي به ڪونه سڃاڻيندس. ”ڌوٻي ڌوئي، ڌڻي روئي،“ وانگر سموري چمڪ غائب ٿي ويندس. نصرپور جو کيس گهڻي محنت سان ٿو ٺهي. هن شيءِ تيار ٿيڻ ۾ هڪ ماڻهوءَ جي محنت ڪانه ٿي ڪم ڪري، پر ان کيس ٺاهڻ واري ڪاريگر جي سڄي گهر جي سمجهدار ڀاتين کان سواءِ وقت تي پاڙي وارن جي مدد جي ضرورت به ٿئي ٿي. اڳئين زماني ۾ جڏهن سڀڪو ڪم هٿ سان ٿيندو هو، تڏهن به کيس ٺهندا هئا. ان وقت سنڌي ڦٽيون ارٽيءَ تي ٽاڻي، ڪپهه جدا ڪري، هٿ سان ڪَتي سُٽ تيار ڪندا هئا، جنهن کي ڍيري يا ڪُنڊيءَ وارو سُٽ چيو ويندو هو. اهو سٽ نيروٽيءَ کان رڱائي ڪوري اڇو ۽ نيرو يا اڇو ۽ ڪارو سٽ گڏي، ٻين رنگن جي گلن وارو کيس تيار ڪيو ويندو هو. اهو کيس رنگ ۽ ڪپڙي جي مضبوطيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندو هو. هڪ ماڻهو ڪو کيس ٺهرائيندو هو ۽ پوءِ اهو کيس ڪيترن ئي نمونن ۾ استعمال ٿيندو هو: اٺ يا گهوڙي تي پاکڙي يا هني تي غاشيه (گاشي) طور ڪم ايندو هو. سردي ۾ پهريو ويندو هو. معزز ۽ محبت وارن مهمانن کي بسترن مٿان چادر وانگيان وڇائي ڏنو ويندو هو؛ ته به ڏاڏي جو ٺهرايل کيس پوٽن کي به ساڳيو ڪم ڏيندو هو. پراڻو ٿي کسڻ لڳندو هو ته رليءَ ۾ هيٺيان پٿڙ طور ڪم ڏيندو هو. سنڌي کيس گلن موجب هڪ ئي نموني ٺهندو هو ۽ ان کي اڇو ڪارو کيس چئبو هو. ان ۾ فقط ٻه رنگ اڇو ۽ ڪارو يا اڇو ۽ بلو هوندا هئا ۽ سندس گل به وڏا ٿيندا هئا. هن وقت اهڙي نموني جا کيس به ٺهن ٿا، پر انهن ۾ سٽ مشين ۾ ٺهيل چاليهو ريشم جهڙو نرم ۽ سنهو ڪم اچي ٿو. ڪن ٿورن کيسن ۾ ٿلهو سُٽ (ويهو) ڪم اچي ٿو.

استادن کيسن جي ڊيزائن خواه گلن، چٽن ۽ رنگن ۾ تمام گهڻي ڦير گهير ڪري کيس کي اڳين کان بهتر ۽ سهڻو بنايو آهي. نصرپور جو کيس گهڻي محنت سان ٿو ٺهي. کيس ٺاهڻ ۾ گهر جي سڀني سمجهدار ڀاتين کي پنهنجو پنهنجو ڪونه ڪو ڪم ڪرڻو ٿو پوي.

ڪاريگر کيس ٺاهڻ لاءِ سُٽُ خريد ڪري نيروٽي (رنگريز) کان رڱائي اچي گهر واريءَ جي حوالي ڪندو، جا ان مان کيس جي تاڃي تيار ڪندي. تاڃي ڪڍڻ لاءِ ڪاٺ جو فريم يا وڏو اٽڪل ساڍا 4X6 فوٽ هوندو آهي، جنهن جي ويڪر وارن پاسن تي مناسب وٿين تي (اٽڪل هڪ هڪ انچ يا ڏيڍ انچ تي) اٽڪل چار انچ ڊگهيون ڪِليون لڳل هونديون آهن. جن تي هڪ طرف ڪليءَ جي چوٽيءَ کان ٿورو هيٺڀرو هر هڪ ڪليءَ کي منڌيئڙي وانگر ٻي سنهي ڪاٺي لڳل هوندي آهي. (+وانگر) ٻيو پاسو لسو ٿيندو اٿس ان سنهيءَ ڪاٺيءَ سبب تاڃيءَ ۾ در ٿيندا آهن (تندون به ڀاڱا ٿينديون آهن جن ۾ ڪانا وجهبا آهن، تاڃي ڪڍڻ (تيار ڪرڻ) مهل مائي اهو فريم اڳيان رکي، پاڻ ڪنهن منجيءَ يا صندليءَ تي مٿڀرو ٿي وهندي آهي، پوءِ هڪ ڊگهي ڪاني (جو عام طرح سَر) جو پڪو ڪالو هوندو آهي) جنهن جي چوٽيءَ ۾ شيشي يا چينيءَ جو ننڍڙو گولو يا بٽڻ پيل هوندو آهي، جنهن منجهان سُٽ جي تند نڪري اڏي ۾ لڳل ڪِلين تي چڙهندي ويندي آهي، سٽ جو ڦورو (ڦارو) اوبڻي (ڪاٺ جي پنجن سنهين ڪاٺين سان ٺهيل) اوزار تي چڙهيل هوندو آهي. اوبڻو وري مُتي ۾ پيل هوندو آهي ۽ پيو ڦرندو آهي.

اوبڻو وري مُتي ۾ پيل هوندو آهي ۽ ڦرندو آهي.

اوبرو يا اوبڻو ڦرندو ويندو، مائيءَ جي سُٽ جي تند اڏي (فريم) تي چڙهندي ويندي، اهڙيءَ طرح ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ تاڃي تيار ٿي ويندي. تاڃي ٺاهڻ سان گڏ گهر ڌياڻيءَ کي گهر جو به سمورو ڪم ڪرڻو پوندو آهي، انهيءَ ڪري هڪڙي مائي روزانو هڪ تاڃي ڪڍي سگهندي آهي. پر ڪي ڦڙت ۽ هوشيار، تجربيڪار مايون روزانو ٻه تاڃيون به ٺاهي سگهنديون آهن.

تاڃي اڏي تان لاهڻ وقت ڊگهي رسي وانگر ٿيندي آهي، جا ڪاريگر کڻي کيس اڻڻ لاءِ تياريءَ ۾ لڳي ويندي آهي. تاڃيءَ کي دوڪان تي ويهي تُر تي چاڙهي اڻڻ کان اڳ به ٽن مرحلن مان اُڪرڻو پوي ٿو، جيڪي هي آهن:

(1) آرسڻ: ڪنهن وڏي ڪونڊيءَ ۾ مناسب پاڻي وجهي، ان ۾ اندازي سارو ڪُٽي سنهو ڪيل ميٽ وجهي ڳاري هٿ سان ملائي، پوءِ ڪجهه سوڍا کارُ (ڪپڙن ڌوئڻ واري) وجهي حل ڪري ان پاڻيءَ ۾ تاڃي، جيڪا رسي وانگر هوندي آهي، سا وجهي چڱيءَ طرح لائي سَٽي ڪُٽي ٿوري دير ڇڏي ڏبي، جيئن مصالحي وارو پاڻي سٽ ۾ جذب ٿي وڃي. پوءِ نپوڙي ڪونڊيءَ مان ڪڍي تاڃي ٻڌبي.

تاڃي ٻڌي رُڇ ۾ ڪانا وجهي هٿن جي آڱرين سان ڌاڳو ڌاڳو جدا ڪبو، مٿان ڪلهيري جو هٿ پيو ڦيرائبو، جيئن تندُ، تندُ جدا ٿي سُڪي وڃي، ائين ڪرڻ کر ورڇڻي چئبو آهي. ان کان پوءِ ٻيو مرحلو آهي ساڳي تاڃيءَ کي ڪلف يا پيڻ ڏيڻ.

(2) ڪلف يا پيڻ ڏيڻ: اڇن چانورن جو اٽو گهربل انداز ۾ وٺي ڪنهن ديڳڙي ۾ پاڻي وجهي ان سان ملائي باهه تي رڌبو. جڏهن صفا رڌجي تيار ٿيندو، تڏهن چُلهه تان لاهي ٺرڻ لاءِ رکبو ٺرڻ کان پوءِ وري به ڪنهن ڪونڊيءَ يا ٿالهه ۾ پاڻي وجهي اُن ۾ رڌل اٽو ملائي آرسڻ واري تاڃي ان ۾ ڇڏي ڏبي. ڪانا ٿالهه يا ڪونڊيءَ جي مٿان رکبا، باقي سُٽ جون تندون ان رڌل اٽي واري پاڻيءَ ۾ (جنهن کي ڪوري پيڻ يا ڪلف چون) وجهي، پاڻي سموري سٽ کي کڻائبو. ان کي تاڃي جهٻڻ به چئبو آهي. تاڃي جهٻي وري به گهوڙين تي چاڙهي ڪلهيڙو هلائي سڪائبي. سڪڻ کان پوءِ ڍارُ کڻبو (ڪانو ڪانيءَ سان ملائي دَرَ وائکا ڪري)، ڪانا جي اندازاً... ٿيندا، آهن ڪڍبا وڃبا. باقي پڇاڙيءَ وارو ڪانو ڇڏبو، جنهن کي ڪوڙها چئبو آهي. پوءِ اها تاڃي ويڙهي، ويڙهو ٺاهي، اڳئين وڍيل تاڪئي جي پوڇڙن سان ورڇ موجب تند تند سان ميٽي اُميري (اڳينءَ تند کي نئينءَ تند سان خاص نموني ملائڻ کي اُميري چئبو آهي.) ڏيئي نئين تاڪئي اڻڻ جي تياري ڪندو.

ڀلاري ڀٽائيءَ به ڪورين جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي: مثلاً

”ڇِنن توءِ مَ ڇن،پاءِ اُميري اُن سين.“

يا ٻئي هنڌ

”هلو ته هلون ڪورئين، نازڪ جنين نيهن،

ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.“

ان نموني پراڻي تاڪئي جي پڇڙين سان نئون تاڪيو ڳنڍڻ کي ڳنڍڻي چئبو آهي. ڳنڍڻيءَ ڪرڻ وقت کيس جي ڊزائين موجب رنگن جي ورڇ ڪري ان مطابق رنگَ، رنگن سان ملائبا آهن. ڳنڍڻيءَ کان پوءِ وري به سڄي تاڃي هڪ ڀيرو گهوڙين تي چاڙهي، ڊگهي ڪري تندن جي سوءَ ڪري گهربل ماپ تي ڌاڳا ويڙهي ميٽَ ڏيئي ڇڏبي آهي، جن کي ڀينڊيون ٻڌڻ چئبو آهي.

اهڙيءَ طرح تاڃيءَ کي سوئي، ڀينڊيون ٻڌي وري به ويڙهو ٺاهي تيار ڪرڻ کي دُئار چئبو آهي. دُئار کان پوءِ هاڻي اها تاڃي ڪاريگر بِسم الله ڪري اچي دوڪان ۾ اُڻڻ لاءِ تُر تي ٻڌندو. هاڻي سڄو ڪم اتي ٿيندو.

هيءُ محنت وارو گهڻو ڪم اڳئين زماني ۾ سُٽ تي ٿيندو هو. هاڻي مِلن منجهان ئي اهڙو سُٽ ملي ٿو، جنهن کي ڪلف ۽ مصالحو اڳيئي لڳو پيو هوندو آهي، جنهنڪري ڪوري گهڻي محنت کان ڇٽي ويو آهي، پر ان جي عيوض سُٽ اڳئين زماني جي اگهه کان گهڻو مهانگو ٿو مليس ۽ ان جي ڀيٽ ۾ کيس جو مُلهه ايترو وڌيو ئي ڪونهي.

دوڪان= وهڻ جي جاءِ، جتي اڻڻ وارو ڪاريگر ويهي هيٺ زمين ۾ ٻه اڍائي فوٽ اونهي کڏ ۾ ڪاٺ جي پيرن تي پنهنجا پير رکي پيرن کي هيٺ مٿي ڪري کيس اڻندو آهي. کيس اڻڻ جو سڄو انتظام اتي ڪاريگر جي اڳيان هوندو آهي. هيءُ جوڙ جڪ اهڙو آهي جو ڪوبه غير واسطيدار ماڻهو ڪهڙو به تعليم يافته يا هوشيار ۽ ذهين سمجهي ڪين سگهندو. ان پهرين ماڻهوءَ، جنهن هيءَ سِٽا تيار ڪئي سو لک آفرين جو مستحق آهي. هن سائنس جي زماني کان اڳ رڳو ڪاٺ جي ٽڪرن ۽ سُٽ جي وٽيل نوڙين جي وسيلي ههڙي مشين تيار ڪري ڏيئي ويو آهي. هيٺ کڏ ۾ رکيل ڪاٺ جي 12 ٽڪرن (پيرن) مان هر هڪ تي واري تي پير رکي زور ڏيئي هيٺ ڪندو ته مٿي ڪاريگر جي اڳيان رڇ جو هڪ حصو به هيٺ ٿي خاني وانگر ٿي بيهندو، جنهن مان ڪاريگر اڳيان رکيل پنجن ڇهن رنگين نڙن مان گهربل رنگ وارو نڙو پرئين پاسي اڇلائي هٿئي سان ٺوڪ ڏيندو. کيس جو ابتو پاسو مٿي ۽ سبتو پاسو، جنهن ۾ گل ڦل، مداخليون، ٽِڪا ۽ ٽِڪيون ٺهندا آهن، سو هيٺ ٿيندو آهي. ڪاريگر بنا ڏسڻ جي گهربل پير هيٺ ڪري، گهربل رنگ وارو نڙو ٻئي پاسي اڇلائيندو ويندو آهي ۽ هٿئي سان ڌڪ هڻندو ويندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح کيس اڄندو ويندو آهي. سڄو کيس 11 وال (ميٽر) ٿيندو آهي، جنهن ۾ 4 ڏريون ٿين، جن کي وچان کيل يا ڪنڊڙو (سيبي جو نمونو) لڳائي ٻه چادرون بنائي استعمال ڪندا آهن. کيس اڻڻ لاءِ انهيءَ سادِي مشين ۾ ڪم آيل هر هڪ پرزي جو نالو جدا جدا آهي، جن مان ڪي هي آهن:

نڙو: ڪاٺ مان ٺهيل ٻيڙيءَ جي نموني (وچ ويڪرو ۽ پاسا سوڙها)، جنهن جي چوٽين تي لوهه جي ٽوپي لڳل، وچ تي ٽونگ. جنهن مان نڙانڊيءَ جو ڌاڳو ٻاهر نڪري کيس جي تاڃيءَ ۾ پيٽي طور اڄندو ويندو آهي. هيءُ ٻاهران تيار ٿي بازار ۾ اچي ٿو.

نڙانڊي: سڻيءَ جي سڪل ٽارين مان ڪاريگر خود تيار ڪندو آهي. ٻيٽي جو سُٽ ايٽ يا ارٽ تي چاڙهي نڙانڊيءَ تي زالون ڀري ڏين، جو پوءِ نڙي جي ڀيٽ ۾ سنهيءَ سيخ ۾ وجهي استعمال ڪيو وڃي ٿو.

تُر ۽ ترائي: سٺي ۽ مضبوط ڪاٺ جو اٽڪل پنج فوٽ ڊگهو ۽ 4 انچ هم چورس ويڪرو ٽڪرو، جنهن جا ٻئي پڇڙا چار آڱر ڊگها ۽ گول ٿيندا آهن، سي پاسن کان زمين ۾ کتل مضبوط ڪاٺ جي ٽڪرن ۾ فٽ ٿيندا آهن. سندس ساڄي پاسي اُڀا ۽ آرپار سوراخ ٿيندا آهن، جن ۾ لوهه جي اڌ انچ کن قطر واري ۽ ڏيڍ فوٽ کن ڊگهي سيخ پيل هوندي آهي. ان سيخ کي ترائي چئبو آهي. تر ۾ مناسب ماپ سان ٽن جاين تي سوراخ هوندا آهن، جن ۾ سٽ جا مضبوط ٽڪرا پيل هوندا آهن، جن کي جوٽا چئبو آهي، انهن سان دئار ۽ گهنڊڻيءَ وقت لوهه جي ٽي فٽ کن ڊگهي سيخ، جا نئين کيس ڳنڍڻ وقت ڌاڳن جي منڍ ۾ وجهبي آهي ۽ کيس گز چئبو آهي، تنهن سان مضبوط ٻڌبو آهي، پوءِ جيئن کيسُ اُڄندو ويندو تين تُر جي ڀريان ڪِلي ۾ ڀَڃڻيءَ کي ٻڌل رسي کي ڍرو ڪري تُرائيءَ جي مدد سان تُر کي ڦيرائي وڃبو ته اڻيل ٽڪر تُر تي ويڙهبو ويندو. اهڙي طرح سڄو کيس اڻي پورو ڪيو ويندو.

ڀَڃڻي: دئار ڪرڻ وقت تاڃي کي مناسب ماپ تي جدا جدا جاين تي ڌاڳا ٻڌي نشان ڪبا آهن، پوءِ نئين کيس جي تاڃي جا پراڻن ڌاڳن سان ڳنڍيل هوندو آهي سا گز جي مدد سان تُر تي چاڙهي ڦڻي هٿيي ۾ فٽ ڪري اوزار يا رَڇ هٿيي جي ٻاهران بيهاري تاڃيءَ کي پڻڪون هڻي. سڌو ۽ مضبوط جهلي رڇ جي ٻاهران ٻه ڪانا تاڃيءَ جي تندن کي جدا جدا ڪرڻ لاءِ وجهي پوءِ اڍائي والن جي مفاصلي تي ڪاٺ جي اڍائي فوٽ ڊگهي ۽ انچ سوا قطر واري ٽڪر ۾ جوٽا(1) وجهي ٻڌي پٺئين پاسي مضبوط رسي سان ٻڌي اتي زمين ۾ کتل مضبوط مُنيءَ(2) کان ڦيرائي تُر جي ڀرسان ٻيءَ منيءَ ۾ اچي ڇاپڻ ڳنڍ سان ٻڌبي، پوءِ کيس جي چئن انچن کي اڻڻ تي اها ڳنڍ ڍري ڪري، تُرائي(3) جي زور تي تُر کي ڦيرائي وري به ڳنڍ مضبوط ڪري ڪوري پنهنجي ڪرت کي لڳي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح سگهو ۽ هوشيار ڦڙت ڪاريگر ٽن ڏينهن کن ۾ کيس اڻي ويندو. انهيءَ سڄي مزوري لاءِ کيس چار سئو کن رپيا ملندا، جنهن مان پنجاهي رپيا تاڃي ڪڍائي ۽ نڙا ڀراڻي به ڏيندو.

رنگ ۽ ڊزائينون: اڳئين زماني ۾، جيئن اڳ عرض ڪري آيو آهيان، ته فقط اڇو ڪارو يا اڇو بلو ٿيندو ۽ گل به وڏا ٿيندا هئس، پر پوءِ ڪاريگرن وقت بوقت کيس جي رنگن ۽ نمونن خواه جوڙجڪ ۾ گهڻي تبديلي ڪئي ۽ هن هنر کي ترقي وٺائي. هن وقت جيترا به رنگ آهن انهن مان ڪن به رنگن ۾ ڪيترين ئي ڊزائينن ۾ کيس ٺهن ٿا ۽ گل به سنها اڪ جي ڦلن جهڙا ٿين ٿا ۽ وري انهن سنهن ڦلن ۾ ٻن ٻن رنگن جي اک به پوي ٿي. مثلاً: سائو ڪارو کيس ۾ ڳاڙهي ۽ لياري اک يا ڳاڙهو ڪارو ۾ اڇي زردي اک وغيره.

رنگن ۽ ڊزائينن موجب به کيسن جا گهڻا نالا آهن. مثلاً: وڏي گل وارن جهوني زماني جي کيسن جا نالا ڳهاڻو، ٽنڊڻ، آرسيائون، جهرڻو، لَوَن، ٻليءَ ٻوٽو وغيره. نئين زماني وارن کيسن جا نالا اک طنائي، بلبل چشم، لهردار، ٽڪيءَ گل، وغيره.

کيسن جي ڪن مشهور ڪاريگرن جا نالا:

نصرپور شهر جي اتر- اوڀر طرف دائود پوٽن جا وڏا پاڙا آهن، مثلاَ: دونگهه، خليفا، درس ۽ ڪئي ٻيا. اهي سڀ کيس جا ماهر ڪاريگر هئا ۽ هن وقت انهن جو اولاد به ماهر آهي. حضرت شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني مرحوم جا چاچا حاجي محمد دائود، محمد ڪامل، محمد اسماعيل ۽ وڏو ڀاءُ محمد فاضل کيسن جا شاهه ڪاريگر هئا. محمد فاضل مرحوم ڪيترن شاگردن کي کيس اُڻڻ سيکاريو هو؛ جنهن ڪري کيس سڏيندا ئي ماستر هئا. عبدالڪريم درس، عمر دونگهه ۽ ٻيا ڪيترا، دائود پوٽن جي پاڙي ۾ رهي ميمڻ به کيس اُڻڻ سکي ويا هئا، جن مان حسين ميمڻ، عباس ۽ منٺار ميمڻ سٺا ڪاريگر هئا. پاڻ ته کيس اُڻندا هئا پر مزور (وانڍَ) رکي انهن کان کيسن جو ڪم وٺندا هئا. هر هڪ جي اوطاق 8-10 مزور ڪم ڪندا هئا. ساڳيءَ طرح درسن، خليفن ۽ عمر دونگهه جي اوطاقن مان به هر هڪ ۾ ڏاهاڪو ڪاريگر ڪم ڪندا هئا. انهن کان سواءِ اڪيلا به ڪيترا ماڻهو گهرن ۾ کيس اُڻندا هئا، جن مان محمد يعقوب، سندس ڀائر،عبدالرحمان درس، عبدالڪريم درس جا ٽي پٽ، استو دوس محمد دائود پوٽو ۽ ڪي ٻيا. اڳئين وقت ۾ واحد ڏنو گونگو ۽ حاجي داد محمد دائود پوٽو به کيسن جا سٺا ڪاريگر هئا. سڀ کان اڳ کيسن ۾ زريءَ جي تند حاجي داد محمد اُڻي ڏيکاري هئي. ويجهڙائيءَ جي زماني ۾ حاجي عبدالله لالا ۽ فدا حسين دائود پوٽو ماهر ٿي گذريا آهن، جيڪي احمد آباد جي ملين ۾ وڃي ڪپڙي اُڻڻ جو ڪم به ڏسي ۽ ڪجهه وقت رهي ڪم ڪري آيا هئا. فدا حسين حيدرآباد ۾ موٽي اچڻ تي پاورلومز کولي ٽوال، چادرون، کاڌي وغيره جو ڪم هلايو هو. انهن کان سواءِ حامد ۽ فقير محمد دائود پوٽه به نالي وارا ڪاريگر هئا، جن مان حامد گذاري ويو ۽ فقير محمد کي شايد ڪنهن جي نظر کائي ڇڏيو، جو ويچارو جيئرو ته آهي، پر دنيا جي ڪنهن به ڪم جو نه رهيو آهي.

کيسن جي ڪم جي گهٽجي وڃڻ جا سبب:

منهنجي خيال ۾ مکيه سبب آهي ڪاريگرن جو ٻئي کي ۽ اولاد کي هنر نه ڏيڻ ۽ نه سيکارڻ. ڪاريگر کي پنهنجي پٽ، ڀائٽي، ڀاءُ يا ٻئي ويجهي عزيز کان سواءِ ٻئي کي کيس جو هنر ڪونه ڏيندا آهن، انهيءَ ڪري هنر وڃي گهٽبو ۽ هينئر وري نوجوان طبقي کي سرڪاري نوڪريءَ جو اهڙو شوق آهي جو ڀلي پنج ڇهه سو رپيا ماهانا پگهار واري نوڪري ڳوٺ کان ڪيترو به پري ملي، پر گهر جو گهر ۾ پنج ڇهه سو رپيا ماهوار ڪمائڻ وارو هنر جو ڪم ڪين ڪندا، انهيءَ ڪري به گهرو هنر ناس ٿيندا وڃن. هن وقت گورنمينٽ ڪاريگرن کي لکين رپيا مدد ڏيئي همتائي رهي آهي، پر جيستائين نوان ڪاريگر پيدا نه ٿيندا تيستائين هنر يا ڪم ڪيئن هلندو.

کيس جي هنر کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪي رٿون:

قدرت جيڪا به شيءِ دنيا ۾ موڪلي آهي، ان جي زندگي مقرر ٿي پيئي آهي. جڏهن اهو وقت اچي ٿو تڏهن اها شيءِ ڪهڙي به مضبوط هوندي پر ختم ٿي ويندي. ڪاريگر خواه گورنمينٽ ”کيس“ جيارڻ لاءِ گهڻائي وس ڪري رهيا آهن، پر اڃا ته اِهو هُنر جيئن پوءِ تيئن پيو پوئتي وڃي، تڏهن به ڪوشش ڪرڻ، ۽ حيلا هلائڻ سٺي ڳالهه آهي. سڀ کان اول آهي نون ڪاريگرن جو پيدا ڪرڻ. ٻيو آهي تيار ٿيل مال لاءِ مارڪيٽ پيدا ڪرڻ. هن جنس لاءِ آمريڪا، جپان ۽ اتر افريڪا خواه سڀني عرب ملڪن ۾ چاهه آهي. جيڪڏهن وڏي پيماني تي ڪم هلائي مال گهڻي انداز ۾ تيار ڪري ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ ڪو ڊيپو کولايو وڃي ته هيءُ بين الاقوامي شهر آهي، هتي جيڪر ڪافي کاپو ٿئي. ان کان سواءِ مال گهڻي انداز ۾ به وڪرو ٿي سگهي ٿو.


(1) ڏيڍ فوٽ کن جون ٻه وچولي ٿولهه واريون ڪانيون، جن جي هڪ پاسي جي پڇڙي تي سنها ڪوڪا لڳل هوندا آهن ۽ ٻئي پاسي ڌاڳن سان مضبوط ٻڏل هونديون آهن، کين سوڙهويا ويڪرو ڪري سگهبو آهي. ڪاريگر پاڻ ٺاهين.

(2) وٽيل ڌاڳا، جي ٻڌڻ ۾ ڪم اچن.

(3) ڪاٺ جو اڍائي يا ٽي فوٽ ٿلهو ۽ ٽي انچ قطر وارو ٽڪرو، زمين ۾ مضبوط کوڙي ڇڏبو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com